Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچيءَ جو مُنجهيل سُٽ ڪير سلجهائيندو
above article banner

ڪراچيءَ جو مُنجهيل سُٽ ڪير سلجهائيندو

2011ع جي گرمين ۾ ڪراچي جي گهٽين ۽ رستن تي سوين بيگناهه انسانن کي قتل ڪيو ويو. 22 آگسٽ تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪراچي جي حالتن جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، سپريم ڪورٽ جي ڪراچي رجسٽري ۾ سماجي، سياسي،

مذهبي ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي نمائندن انهي بينچ جي اڳيان نانصافين جا دفتر کولي ڇڏيا. مختلف ذريعن کان ڪراچي جي حالتن کي جاچڻ کان پوءِ هڪ درجن کان مٿي تجويزون ڏيندڙ حڪومت کي سختي سان هدايت ڪئي ته انهي تي عمل ڪرايو وڃي ۽ ڪراچي ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻايو وڃي . هڪ سال 17 ڏينهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان انهن تجويزن تي عملدراآمد لاءِ 23 آڪٽوبر تي عوامي نوڪرن ۽ خدمتگارن کي لائن ۾ بيهاري ڇڏيو. هڪ سال ۾ حالتون بدستور خراب رهيون،جيڪڏهن چئجي ته ويتر بدترين رهيون ته ڪوڌاءُ نه ٿيندو. رت جي راند بدستور هلندڙ آهي .

موجوده ٻڌڻي دوران حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پت وائکي ٿي چڪي آهي ته ڪيئن نه عوام تي حڪمراني ڪندڙ ڪيترا نه ايماندار ديانتدار ۽ قابل آهن. پوليس، رينجرز، ٽريفڪ ۽ ڪسٽم آفيسرز، روينو آفيسرز ۽ چونڊيل نمائندا ڪنهن به طرح مطمئن ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي چڪا آهن. ڪو هڪ به ادارو يا آفيسر اها اخلاقي ذميواري کڻڻ کان به قاصر آهي ته ڪو هو پنهنجي فرضن جي ادائگي ۾ ناڪامي تي معافي وٺندي مستعفي ٿئي .

 

سپريم ڪورٽ جون 16 آڪٽوبر 2011ع جون سفارشون

 

 

حڪومت کي سختي سان هدايت ڪندي اها سفارش ڪئي وئي ته ڪراچي جي خراب حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ قانوني حل تلاش ڪيا وڃن ته جيئن ڪو به معاملو قانون جي دائري ۾ رهندي حل ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته هن انهي ڏس ۾ سڀ مسودا تيار ڪري ورتا آهن. جن کي جلد پاس به ڪرايو ويندو. معنيٰ ته ٻن هفتن ۾ مڪاني نظام ٺهي ۽ پاس به ٿي سگهي ٿو پر ايتري وڏي سنجيده مسئلي لاءِ اسيمبلي کي اڃا وقت لڳندو ! ٻي اهم سفارش اها ڪئي وئي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي ۽ انهي جي قابليت ۾ اضافي لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا قدم کنيا وڃن. پوليس ۾ سياسي مداخلت جا ٻه قسم آهن . هڪ جنهن لاءِ متحده رڙيون ڪندي ٿي رهي ته ميرٽ جي لتاڙ ڪندي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ڀرتيون ڪيون آهن جڏهن ته سڀ کان اهم مسئلي تي ڪابه ڌر لفظ به نٿي ڪڇي، اها آهي من پسند آفيسرن جي بدلي ! حڪومت هڪ ڪميٽي ٺاهي ۽ انهي اها رپورٽ ڏني ته “ ٿي سگهي ٿو ته سياسي ڀرتيون ٿيون هجن پر انهي جو ڪو ثبوت ناهي مليو” مرزا جون ڀرتيون ٿيل آهن سو ثبوت ڪير ڳولي ! سپريم ڪورٽ سياسي جماعتن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن صفن مان ڏوهارين کي تڙي ٻاهرڪڍن. نه صرف ڪراچي ۾ پر سڄي مُلڪ ۾ ڏوهارين کان سواءِ سياسي جماعتون ڇا پنهنجو وجود برقرار رکي سگهن ٿيون ۽ جڏهن ڳالهه ڪراچي جي هجي ته اهو ممڪن ئي ناهي ! متحده، عوامي نيشنل پارٽي ۽ پيپلز پارٽي سميت هر ڌر اها دعويٰ ٿي ڪري ته انهن ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ ڇڏي ڏني آهي، پر هر روز پوليس، يا ڳجهن ادارن طرفان جيڪي به گرفتاريون ٿين  ٿيون اهي ڏوهي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي سان ضرور تعلق رکن ٿا. ٻي اهم سفارش اها ڪئي وئي ته ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي.اهڙا ڪي به اُپاءَ ناهن ورتا ويا جنهن سان ايئن لڳي ته حڪومت واقعي به انهيءَ معاملي تي سنجيده آهي. سپريم ڪورٽ جي سفارشن ۾ هڪ ٻي به اهم سفارش هئي ته قانون سازي ڪئي وڃي ۽ قبضا مافيا جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. قانون پاس ٿي ويو پر انهي تي عمل ڪرائڻ گهٽ ۾ گهٽ هن مفاهمتي حڪومت جي وس جي ڳالهه نٿي لڳي. نو گو ايريا ختم ڪيا وڃن ۽ واپارين کي تحفظ ڏنو وڃي وغيره جهڙيون ڪجهه ٻيون به سفارشون هيون. جيڪي هيل تائين عمل هيٺ اچي ناهن سگهيون.انهن سڀني ناڪامين جي باوجود حڪومت بضد آهي ته هن امن لاءِ انتهائي سنجيده قدم کنيا آهن پر هر ڀيري ساڳيو ئي راڳ آلاپيو ويندو آهي ته فسادين کي بخش نه ڪيو ويندو. ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا بيان به منظر عام تي ايندا آهن ته ڪراچي جي حالتن پٺيان “ٽيون هٿ” آهي. انهي جو اشارو يا ته طالبان طرف هوندو آهي يا غير ملڪي سازش طرف. جيڪڏهن طالبان اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي پويان آهن ته پوءِ انهن جو گهيرو تنگ ڪندي کين نابود ڇو نٿو ڪيو وڃي ؟ جيڪڏهن غيرملڪي سازش آهي ته حُڪمران هئڻ جي ناتي توهان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته ڪجهه فرد توهان کي ناڪام ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ۽ مُلڪ جا سڀ ادارا به بُري طرح ناڪام ٿي چُڪا آهن.

ڪراچي ۾ نين تڪ بندين لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 3 ڏينهن جي مهلت

موجوده ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ مختلف اعليٰ عملدارن جي اعليٰ ڪارڪردگي ڏسڻ کان پوءِ وري ڪجهه سفارشون / هدايون جاري ڪيون آهن. جيڪي ڪجهه وضاحتن سان هيٺ بيان ڪجن ٿيون.

قانون لاڳو ڪندڙا ادارا

رينجرز جي ڊائريڪٽر جنرل هن سڄي عرصي  ۾ خانه پوري لاءِ روايتي رپورٽون ڏيندو رهيو آهي. جڏهن ته آءِ جي سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته بجاءِ سياسي مداخلت جي ڪري سپريم ڪورٽ حڪم لاڳو ناهن ٿي سگهيا جيڪڏهن هڪ صوبي جو پوليس چيف ايئن بيوسي ظاهر ڪري ته انهي ڳالهه جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو پاڻ به ڪيترو اهل آهي. هڪ باڪردار، ايماندار ۽ قابل پوليس آفيسر جو اهو هرگز جواب نٿو ٿي سگهي. پهرين نومبر تي سپريم ڪورٽ جي ججن رينجرز جي ڪارڪردگي ۽ کين مليل اختيارن جي باري ۾ ايڊيشنل هوم سيڪريٽري وسيم احمد کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ هدايت ڪئي ته پوليس کي مضبوط ڪيو وڃي ۽ رينجرز کي واپس بارڊر تي موڪليو وڃي.

رينجرز گذريل 18 سالن کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ويٺي آهي. مختلف شهرن ۾ ۽ ڪراچي ۾ به ڪيترن ئي جاين تي ناجائز قبضا ڪري ويهي رهي آهي. 12 مئي 2007 کان 21 سيپٽمبر 2012ع تائين ڪراچي ۾ جيڪي به خوني واقعا ٿيا آهن انهن تي رينجرزجو مشڪوڪ آهي. عين وقت تي رينجرز جا اٽالا يا ته پرڀرا ٿي ويندا آهن يا گم ٿي ويندا آهن. يوم عاشورا جي لائيٽ هائوس واري ڌماڪي کان پوءِ جيڪي اربين روپين جو نقصان ڪيو ويو انهي وقت رينجرز جا ڪيترائي اٽالا پاڪستان چوڪ، ڊينسو هال ۽ ميري ويدر ٽاور تائين موجود هئا پر صرف خاموش تماشاين جيان. 21 سيپٽمبر 2012 تي به هو سڄي شهر ۾ نظر آيا پر ڪيائون ڪجهه به نه. رينجرز گذريل اٺ مهينن کان شهر جي مختلف هنڌن تي رات جو ڪڙو چاڙهي “ ٽارگيٽ آپريشن” ڪندي ٿي اچي پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هميشه انهن علائقي جي خاص ماڻهن ۽ ميڊيا کي انهي آپريشن جو اڳواٽ اطلاع ملي ويندو آهي.انه صرف شيراز شاهه ڪيس پر انيڪ اهڙا واقعا هوندا جن ۾ هنن جوانن ناجائز اختيار استعمال ڪيا آهن. ڪافي جاين تي ته ماڻهن کان روڪڙا ۽ موبائيل به ڦريا ويا آهن.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا عملدار چون ٿا ته شهر ۾ ڪٿي به ڪوبه نو گو ايريا ناهي. اهو نه صرف ڪورٽ سان پر ڪراچي جي عام ماڻهو سان به سنجيده مذاق آهي. شهر ۾ انيڪ اهڙا علائقا آهن جتي رات ته ٺهيو پر ڏينهن جو به وڃڻ مُشڪل آهي. پوليس اهلڪارن کان وڌيڪ پگهارون کڻندڙ رينجرز اهلڪار ڪراچي کان ڪشمور تائين ڪابه خاطرخواهه ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي جج صاحبان حڪومت سنڌ تي زور ڀريو ته پوليس وارن  جون پگهارون وڌائين ته جيئن هو مثبت نتيجا ڏئي سگهن . جسٽس خلجي عارف حسين جي انهن رمارڪس سان ڪراچي جو هر فرد ( عورت، مرد ۽ ٻار) سوسيڪڙو متفق آهي ته ” هتي 90 سيڪڙو ماڻهو خراب حالتن ڪري نفسياتي مريض بڻجي چڪا آهن.

غير رجسٽرڊ ۽ ان فٽ گاڏيون

ڪراچي ۾ هزارين گاڏيون فٽس سرٽيفڪيٽس کان بغير هلن پيون، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي صورتحال ته ويتر خرب آهي. سوين گاڏيون رجسٽرڊ ئي ناهن، لکن جي تعداد ۾ گاڏيون هلائيندڙن کي ٽريفڪ جي الف- ب جي به خبر ناهي. ٽريفڪ پوليس صرف “ ڌنڌي” ۾ مشغول نظر ايندي آهي، پهرين نومبر تي سپريم ڪورٽ ٽريفڪ آءِ جي کي حڪم ڏنو ته هر مهيني 3000 گاڏين جي فٽنس چيڪ ڪئي وڃي. ٽريفڪ جي آفيسر خرم گلزار ڪورٽ کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 25 لک کان وڌيڪ گاڏيون آهن جن مان وڏو تعداد ۾ موٽر سائيڪلن جو آهي 200،3 ٽريفڪ عملدار آهن جيڪي ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪن ٿا. هن اهو به ٻڌايو ته ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي واري هن شهر لاءِ 5000 وڌيڪ اهلڪارن جي ضرورت آهي. ڪسٽم جو اعليٰ عملدار اها ڳالهه مڃڻ جي لاءِ تيار نه هو ته بغير ڊيوٽي جي هڪ به گاڏي پورٽ تان ناهي نڪتي . وسيم احمد کان خرم گلزار تائين حڪومت تي الزام مڙهيا ته هو هنن ضرورتن کي پورو نٿي ڪري . ڪورٽ پوليس آفيسرز کي حڪم ڪيو ته بسن جي جهنگلن کي فوري طور تي هٺايو وڃي پر هيل تائين انهي ڏس ۾ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا. ڪراچي ۾ وارداتن ۾ جيڪي گاڏيون استعمال ٿين ٿيون انهن مان گهڻي ڀاڱي چوري ٿيل هجن ٿيون يا اهي رجسٽرڊ ئي ناهن هونديون . ٽريفڪ ۽ ٽرانسپور جي بهتر نظام سان هن شهر جا ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا جن ۾ حادثا ۽ ڏوهن ۾ گهٽتائي سرفهرست آهن.

سرڪاري زمين ۽ قبضا مافيا

ڪراچي ۾ زمين سون ۽ چاندي کان وڌيڪ اهميت واي آهي. ڪنهن زمين جي ٽڪر تي قبضو ڪيو ، عملدارن کي حصو پتي ڏيو ۽  ڪجهه عرصي کان پوءِ ڀڳڙن مُٺ تي کپايو ته توهان ڪروڙ پتي بڻجي ويندو. 2005 ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي 93 ديهن ۾ سرڪاري زمين جي سروي لاءِ حڪم ڏنو هو پر ان ڏس ۾ ٽڪي جو به ڪم نه ٿيو. “ ماضي ۾ ملڪ بولاخان وٽ سپر هاءِ وي تي صرف 100 ايڪڙ زمين جي مالڪي هئي باقي سڄي زمين سرڪاري هئي پر هاڻي سوين مالڪ بڻجي پيا آهن” جسٽس امير هاني مسلم چيو . نه صرف ڪراچي شهر ۽ انهي جي آس پاس بلڪه سچي صوبي ۾ تپيدار کان ريونيو جي اعليٰ عملدارن تائين قبضن ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح ملوث رهيا آهن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري راجا محمد عباس ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته کيس هڪ سال جو وقت ڏنو وڃي ته جيئن هو تفصيلي سروي رپورٽ پيش ڪري سگهي.ڪورٽ سنڌ حڪومت کي فقط ٽن مهينن جو وقت ڏنو آهي ۽ اها بh صلاح ڏني آهي ته Googleجي مدد وٺو، جيڪڏهن واقعي راجا صاحب ڪي جوڳا اپاءَ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته اطلاع اهي آهن ته کيس اها سڻڀي ڪرسي ڇڏڻي پوندي ڇو ته قبضا مافيا اهڙن آفيسرن کان گهڻي طاقتور آهي. سرڪاري زمين ته ڇڏيو ڪراچي  ۾ ته گندن نالن جي مٿان به بااثر قبضن کان پوءِ وڏيون وڏيون عمارتون ٺاهي وڪڻي چڪا آهن جنهن ڪري انهن رهائش پذير ماڻهن کي اٿارڻ ايترو سولو ڪم ناهي . ٻيو ته جن زمينن قبضا ٿيا هئا هاڻ اهي سرڪاري کاتن ۾ سرڪار جون ناهن رهيون. قبضي جي هن جنگ ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي خون ٿي چڪا آهن، هتي رستن، گهٽين ۽ بلندين (آسمان ) تي به قبضا ٿيل آهن. قانوني قدم ڪنهن جي خلاف کنيا ويندا ؟ هن شهر ۾ هرڪو ڪنهن نه ڪنهن سياسي يا مذهبي جماعت جي ڏڍ تي ڏاڍو مڙس بڻيل آهي.

طالبان ۽ غير ملڪي

سپريم ڪورٽ جي بينچ کي هڪ شڪايت ملي ته هن وقت شهر ۾ ست کان اٺ هزار طالبان موجود آهن. آءِ جي  پوليس فياض لغاري ۽ ايڊيشنل هوم سيڪريٽري کي ڏندين آڱريون اچي ويون جڏهن اها شڪايت بينچ انهن کي ٻڌائي. ڪافي عرصي کان متحده اهو رينگٽ ڪندي رهي آهي ته هن شهر ۾ طالبان وڏي تعداد ۾ پهچي چڪا آهن. سپريم ڪورٽ جي اهڙي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ متحده چيف الطاف حسين سڄي ملڪ ۾ ريفرنڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي ته “ طالبان جو پاڪستان گهرجي يا قائداغظم جو ؟” اعليٰ اختيارين کي اها به ڄاڻ ڏني وئي آهي ته انهن طالبانن وٽ جديد هٿيار به موجود  آهن. ڪورٽ پوليس سميت قاون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي انهي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺن. جڏهن ته   عوامي نيشنل پارٽي جي سنڌ جي صدر شاهي سيد جو چوڻ آهي ته طالبان جي آڙ ۾ پٺاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن جو چوڻ آهي ته ڪرائي جي قاتلن کي استعمال ڪندي شهر جون حالتون خراب ڪيون پيون وڃن ۽ الزام طالبان تي مڙهيو پيو وڃي . تازو ئي عالمي صحت جي اداري سان واڳيل آفيسرن کي نشانو بڻايو ويو۽ پوليو جي مهم کي ڪافي علائقن ۾ هلڻ نه ڏنو ويو. متحده صحت جي هن عالمي اداري کي يقين ڏياريو آهي ته متحده کين مدد فراهم ڪندي. هي ڊبل گيم آهي. عالمي سطح تي طالبان خلاف هر ڌر کي سٺي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو جيڪڏهن واقعي به هن شهر ۾ هيڏي وڏي تعداد ۾ طالبا موجود آهن ته ڪو وڏو واقعو هيستائين ڇو ناهي ٿيو؟ هيڏو وڏو تعداد ته هفتن ۾ شهر جو حليو ئي بگاڙي ڇڏيا ها. ڪورٽ سڳوري حڪومتي ڪامورن کي اها پڻ هدايت ڪئي آهي ته غير ملڪين جي حوالي سان جوڳا اپاءَ ورتا وڃن.

پيرول تي ويل قيدي

قانوني ماهرن موجب پيرول تي هڪ قيدي کي ڇڏڻ جون صرف ٻه صورتون آهن هڪ : سزادوران سٺو ڪردار يا ڪو سٺو ڪم يا ڪو هنر سکيو هجي يا جيل ۾ قيد دوران تعليم حاصل ڪئي هجي. انهي جي باوجود هن اڌ کان وڌيڪ سزا جا ڏينهن جيل ۾ گذاريا هجن، اها به انهي صورت ۾ جڏهن ڪورٽ هن کي سزا ٻڌائي چڪي هجي. ٻيو: انساني بنيادن تي يعني خاندان ۾ ڪا فوتگي يا شادي ۾ شرڪت وغيره اهو مخصوص قيدي پڻ صرف 24 يا 72 ڪلاڪن تائين وڃي سگهي ٿو. بشرط انهي سان گڏ هڪ عدد سپاهي هوندو پراهتي ته معاملو ئي ڪجهه ٻيو سامهون آيو آهي ته انڊر ٽرائيل 35 قيدي جيڪي انتهائي سنگين ڏوهن ۾ پڪڙيا ويا هئا اهي ڇڏيا ويا. اهي خاص قيدي 2003 کان لاپتا آهن. جيل انتظاميا وٽ انهن جو ڪو رڪارڊ به موجود ناهي.ڇو ته اهي قيدي صاحبان ايئن گم ٿيا جيئن گڏهه جا سڱ ! انهي کان سواءِ 193 سزا يافته قيدي پڻ سنڌ حڪومت پيرول تي “ آزاد” ڪري ڇڏيا. جيڪڏهن اهڙي روڊ تي ڪورٽ ناراض نه ٿئي ته ٻيو ڇاڪري ؟ هڪ ڏوهي کي پڪڙڻ کان وٺي ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين وڏو عرصو لڳي ٿو ۽ هڪ آرڊر تي جيڪڏهن سياسي مصلحتن تحت ايتري تعداد ۾ دهشتگردن کي آزاد ڪيو وڃي ته پوليس ڪهڙا ڪارناما ڏيکاري سگهي ٿي ؟ ۽ ڪورٽون وري سزا کي منطقي انجام تائين ڪيئن پهچائي سگهن ٿيون ؟ قانون جي بالادستي تڏهن ئي ممڪن بڻجي سگهي ٿي جڏهن سخت سزائن تي عمل ڪندي سنگين ڏوهن ۾ ملوث مجرمن کي انهي جو مزو به چکرايو وڃي ته جيئن اهي عبرت وٺن. قانون کان مٿي سياستدان آهن. اهڙين حالتن ۾ اهو ئي ممڪن آهي ته اهي پيرول تي ويل احسان جو بدلو ڏيندي ونگارون وهندا هجن ۽ اعتماد سان قتل ڪندا وتن ڇو جو پوليس کين حراست ۾ وٺندي ڪورٽ سزا ڏيندي پر هو ته وري پيرول تي آزاد ٿي وڪم جاري رکندا !

سپريم ڪورٽ جي اهڙن حڪمن کان پوءِ هڪ طرف سنڌ جي سڌسماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته “ حڪومت ته اڳ ئي اهڙن حڪمن تي عمل پيرا  آهي” جڏهن ته وفاقي گهرو وير رحمان ملڪ جو چوڻ هو ته “ سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪيو ويندو ” ڪراچي شهر جسماني  ۽ نفسياتي طور تي بيمار شهر بڻايو ويو آهي. هن شهر جي حالتن کي هٿ سان خراب ڪيو پيو وڃي. درد ڏيندڙ به پاڻ آهن ۽ اهي پاڻ طبيب آهن ! هڪ بلين 29 ملين هن سال جي بجيٽ ۾ ڳجهين ايجنسين تي ايندڙ خرچ انهي کان کانسواءِآهي ان جي باوجود ڪو ڏينهن خالي ناهي جڏهن ڪجهه ڏوهارين سڄي شهر ۾ خوف نه ڦهلايو هجي. رينجرز جي ڊي جي ميجر جنرل رضوان اختر سينيٽ جي اسٽيڊنگ ڪميٽي کي ٻي نومبر تي دعويٰ ڪندي ٻڌايو ته رينجرز ۽ پوليس اٺ هزار ٽارگيٽ ڪلرز پڪڙيا پر هڪ کي به سزا نه اچي سگهي آهي ! هن دعويٰ ڪندي الزام هنيو ته سياسي پارٽين ۾ موجود عسڪري ونگون ۽ غير ملڪي خراب حالتن جا ذميوار آهن. پوءِڇو نه شهر کي انهن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي،جڏهن ادارن جا سربراهه اهڙي بيوسي جو اظهار ڪن ! ڪراچي جو منجهيل سٽ سپريم ڪورٽ جي ٻه ڀيرا سنواين سان سلجهي نٿو سگهي…

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو