Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي ڪيس بينظير سرڪار جا گرفتار دهشتگرد پ پ دور ۾ آزاد
above article banner

ڪراچي ڪيس بينظير سرڪار جا گرفتار دهشتگرد پ پ دور ۾ آزاد

هي اڃا انهن ڏهاڙن جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي گهرو وزارت جو عروج هو ۽ ڊاڪٽر مرزا سنڌ ۾ وڏي وزير جا اختيار استعمال ڪندو هو، سندس ايوان صدر سان سڌو رابطو هو ، اوچتو سنڌ سرڪار جي اهم اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي اعتراض شروع ٿيا ۽ وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ ذريعي صدر آصف زرداري تائين اها ڳالهه پهچائي وئي ته ڊاڪٽر مرزا کي نه روڪيو ويو ته پوءِ حڪومت جي حمايت واپس وٺنداسين. اها خبر گهڻي دير سان پئي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ٻه اهڙا ڪم ڪيا هئا جنهن تي ايم ڪيو ايم کي اعتراض هو، هڪ اهو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پيرول تي آزاد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي انهن ڪارڪنن جا تفصيل گهرائي ورتا هئا، جن تي ڪيترائي ڪيس هئا، تڏهن گهرو کاتي پيرول تي آزاد ٿيندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر ان فيصلي تي عمل ڪونه ٿيو هو، پيرول تي آزاد ڪو به خطرناڪ دهشتگرد گرفتار نه ٿي سگهيو هو. ڊاڪٽر مرزا ٻيو قدم اهو کنيو هو جو ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيد خطرناڪ ملزمن کي مشرف دور ۾ مليل سهولتون ختم ڪري ڇڏيون هيون. خاص ڪري حڪيم سعيد قتل ڪيس ۽ شاهد حامد ڪيس ۾ سزا يافته صولت مرزا جون سهولتون ختم ڪري ڇڏيون هيون.جيل کاتي جي تڏهوڪي رپورٽ موجب صولت مرزا جيل ۾ موبائيل فون، ليپ ٽاپ، وڊيو ڪئميرا وغيره استعمال ڪندو هو ۽ سندس نه رڳو ملڪ اندر پر ملڪ کان ٻاهر به رابطا هئا . سنڌ جي گهرو وزير 2010 ۾ صولت مرز کي ڪراچي کان ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. البته صولت مرزا سميت ايم ڪيو ايم جي ويهارو کن ڪارڪنن کي جيل ۾ سختي ضرور ٿي هئي. اتان کان ڪهاڻي شروع ٿي هئي ۽ ان جي پڄاڻي 2011 ۾ ڪيئن ٿي ؟ ان جي تفصيل ۾ نه ٿا وڃون. ڊاڪٽر مرزا پيرول تي آزاد جن 35 ماڻهن کي ٻيهر گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، انهن جا تفصيل تازو سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي دهشتگردي ڪيس ۾ سنڌ جي گهرو کاتي ۽ جيل کاتي پيش ڪيا آهن،

 

پيرول تي آگسٽ 2003 کان وٺي ڊسمبر 2003 تائين آزاد ٿيندڙ 35 خطرناڪ ڏوهارين ۽ سنگين قسم جي ڪيسن ۾ گرفتار ملزمن جي سياسي وابستگي لڪائي وئي آهي. خود عدالت به اهو نه پڇيو ته آخر اهي 35 دهشتگرد ڪير هئا ۽ پيرول تي آزاد ڪرڻ وقت سندن ضمانت ڪنهن ڏني هئي؟ پر سپريم ڪورٽ ۾ اها ڳالهه ضرور رڪارڊ تي اچي وئي آهي ته 2003 ۾ تڏهوڪي وڏي وزير علي محمد مهر جي اجازت سان سنڌ جي گهرو کاتي 35 اهڙن ڏوهارين کي پيرول تي آزاد ڪيو هو جن تي قتل، اغوا، ڌاڙي، دهشتگرد ي ۽ ٻيا خطرناڪ الزام هئا. گهرو کاتي ٻن ٻن سالن لاءِ انهن ملزمن کي پيرول تي آزاد ڪيو. 2005 ڌاري پيرول جي مدي ۾ وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي منظوري سان  واڌارو ڪيو ويو. 2008 ۾ چونڊجي آيل پيپلز پارٽي سرڪار جي سنڌ ۾ سگهارو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به پيرول تي آزاد ٿيندڙ انهن خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار نه ڪري سگهيو، کيس ايوان صدر اهڙي قدم کان روڪي ڇڏيو هو. جيڪي خطرناڪ دهشتگرد 2003 ۾ پيرول تي آزاد ٿيا اهي 1996ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي وزارت عظميٰ دوران ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ  آپريشن دوران گرفتار ٿيا هئا. شهيد بينظيرسرڪار طرفان گرفتار ڪيل دهشتگر مشرف دور ۾ پيرول تي آزاد ٿيا ۽ آصف زرداري دور ۾ به انهن جو پيرول ختم نه ٿي سگهيو ۽ اهي اڄ تائين آزاد آهن.اطلاع آهن ته گهڻو ڪري سڀ ملڪ کان ٻاهر آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي دهشگردي ڪيس دوران حڪم ڏنو آهي ته انهن 35 خطرناڪ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو وڃي. ان تي آءِ جي سنڌ جو چوڻ آهي ته سنڌ جو گهرو کاتو حڪم ڪندو ته پوليس گرفتارين لاءِ تيار آهي پر حقيقت ۾ ايئن نه ٿي سگهندو. پ پ حڪومت ۾ گهڻين سٺائين سان گڏ گهڻيون خرابيون پيدا ٿيون جن جو وڏو ڪارڻ جنرل مشرف دور جي ٿيل فيصلن کي زنده رکڻ آهي. جنهن ۾ هڪ فيصلو پيرول جو به آهي، ٻيا کوڙ فيصلا آهن  سپريم ڪورٽ ۾ وري حيرت جوڳي ڳالهه هي  ٿي آهي جو 2003ع ۾  پيرول تي آزاد ٿيندڙن جو  نوٽيس ورتو ويو پر جيڪا هلندڙ سرڪار آهي ان دوران جيڪي ڪارناما ٿيا ۽ اڄ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو اهي ان جي باري ۾ عدالت پنهنجي مختصر فيصلي ۾ ڪجهه به نه ٻڌايو، ڇو ته اڄ جيڪو ٿيو ان بابت جواب ڏيڻ لاءِ موجوده سرڪار موجود آهي. اپريل 2008 کان وٺي 2012تائين ٿيندڙ دهشتگري جي واقعن بابت سپريم ڪورٽ به خاموش آهي. ذوالفقار مرزا جي گهرو وزارت دوران ڪيترائي دهشتگرد گرفتار ٿيل آهن جن مان به ڪيترائي آزاد ٿي چڪا آهن. سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ان جو ڪوبه ذڪر ناهي. رڪارڊ تي آيل دهشتگرد اجمل پهاڙي بابت پڻ ڪيترائي اطلاع گردش ۾ آهن. ”افيئر“  کي هڪ اهم سياسي اڳواڻ ۽ سينيٽر ٻڌايوته “ اجمل پهاڙي” آزاد ٿي ويو آهي. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته عدالت ۾ ٺوس ثبوت نه هجڻ سبب اجمل پهاڙي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ، اجمل پهاڙي جي وڊيو رڪارڊنگ انٽرنيٽ تي پيل آهي. سندس باري ۾ “ جوائنٽ انويسٽي گيشن ٽيم” ( جي آءِ ٽي ) جي رپورٽ موجود آهي. جي آءِ ٽي ۾ فوج، رينجرز، آءِ ايس آءِ ، پوليس، ايف آءِ  اي، سي آءِ  ڊي ۽ ٻين ادارن جي گڏيل تحقيقات شامل آهي. ان کان وڌيڪ ٺوس ثبوت ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. پر حقيقت اها آهي ته  مختلف حڪومتن ۾ جيترا به خطرناڪ ڏوهاري آزاد ٿيندا رهيا آهن  اهي هڪ ٺاهه يا  هڪ اڻ لکيل معاهدي تحت ٿيندا رهيا آهن. مشرف دور کان اڳ لساني ڌر جا ڪيترائي اڳواڻ پيرول تي هئا. بعد ۾ اهي وزير بڻجي ويا.  تڏهن به پيرول تي هئا. سپريم ڪورٽ ۾ پيش رپورٽ موجب ساڍا ٽي هزار ماڻهو پيرول تي آزاد ٿيا هئا، جن ۾ فوجي ڀاڳوڙا، ڌاڙيل، جن جي سزائن ۾ ڇهه ڇهه مهينا رهيل هئا جيڪي بيمار هئا  يا ڪنهن جي مٽ مائٽ جو لاڏاڻو ٿيو، ايئن ڪل ساڍا ٽي هزار ماڻهو آزاد ٿيا پر اصل ۾ 35 اهي هئا جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پيرول جي قانون تي پورا ڪونه پئي لٿا پر پوءِ به آزاد ٿي ويا. پيرول جو قانون عارضي آزادي هوندي آهي يا ڪنهن شخص کي پيرول ملي سگهندو آهي. عارضي آزادي وڌ ۾ وڌ 15 ڏهاڙا هوندي آهي. گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ  پر پاڪستان دنيا جو  انوکو ملڪ آهي جنهن ۾ ڇهه ڇهه ايف آءِ آرز ۾ گرفتار دهشتگرد گذريل 9 سالن کان پيرول تي آزاد آهن. ڪراچي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ غير قانوني پرڏيهين جي حوالي سان به اهم فيصلو ڏنو آهي ته کين ٻاهر ڪڍيو وڃي. سنڌ پوليس ۽ گهرو کاتي جي رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 20 لک کان وڌيڪ افغاني، بنگالي، برمي ۽ بيا غير قانوني پرڏيهي رهن ٿا، جن سبب ڏوهن ۽ دهشتگرديءَ تي ڪنٽرول ڪونه پيو ٿئي. جيتوڻيڪ حقيقت ۾ ڪراچي اندر غير قانوني پرڏيهن جو انگ 30 لک کان به وڌيڪ آهي پر جيڪڏهن ڪراچي مان 20 لک ماڻهو به ڪڍيا وڃن ته وڏو ڪارنامو هوندو.  ڇو ته هتان ڪوبه غير قانوني پرڏيهي نڪرڻ لاءِ تيار ناهي، گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ڪميشن ( ايم اين سي ايڇ آر) ٻه سال اڳ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته “ ڪميشن ڪراچي مان افغان پناهگيرن جي سوين ڪٽنبن کي واپس افغانستان موڪليو پر انهن مان ڪجهه ماڻهو ٻيهر ڪراچي ۾ واپس آيا آهن.” ان کان اهم ڳالهه ته جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪراچي ڪيس جو مختصر فيصلو ڏنو، ان ئي ڏينهن (ڇنڇر 3 نومبر ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ٻه اڍائي هزار بنگالين جو جلوس پهتو، هي جلوس ايم ڪيو ايم حامي بنگالي ايڪشن ڪميٽي جو هو، جنهن جي اڳواڻي ارونگي ٽائون جو اڳوڻو ٽائون ناظم شيخ فيروز ڪري رهيو هو. ( پيرول تي آزاد ٿيندڙ 35 دهشتگردن مان پڻ گهڻي انگ اورنگي ۽ مومن آباد سان آهي جيڪي بنگالين جا علائقا آهن.) هن جلوس جو مقصد سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي اثر انداز ٿين  هو. ان جو ڪنهن نوٽيس ئي نه ورتو . ميڊيا واقعي کي صحيح رپورٽ ڪيو. پريس ڪلب آڏو مظاهري ۾ تقرير ڪندڙ اڳواڻ ڇڙڏياريندڙ ڳالهيون ڪري رهيا هئا.

 

شيخ فيروز بنگالي پنهنجي تقرير ۾ چتاءُ ڏنو ته بنگالين کي غير قانوني پرڏيهي ۽ غيرقانوني پناهگير سڏيندڙ پنهنجو قبلو درست ڪن. ٻي صورت ۾ سڄي ڪراچي کي جام ڪنداسين. هن چيو ته اسان جو اڳواڻ الطاف حسين آهي، اسانجي جماعت ايم ڪيو ايم آهي، ڪنهن ۾ همت آهي ته اسان کي ڪراچي کان ٻاهر ڪڍي ڏيکاري” ان مان اندازو ڪريو، ان صورتحال کي ڏسي اسين چئي سگهون ٿا ته ڪراچي ۾ رهندڙ مقامي سنڌي ۽ بلوچ ممڪن آهي ته ايندڙ صدي تائين هتي “ ريڊ انڊين” بڻجي وڃن. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته هي غير قانوني طور ايندڙ ماڻهو ٻه چار سئو خرچ ڪري هتي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي مقامي بڻجي ٿا وڃن.غيرقانوني پرڏيهين جو مامرو پيرول تي آزاد ٿيڻ کان وڏو آهي. ڪراچي ۾ “ برما” مان آيندڙ مسلمانن جو سلسلو جاري آهي، گذريل ٻن مهينن دوران ٽيهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو هن شهر ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ غير قانوني پرڏيهين کي پڪڙڻ لاءِ ٺهيل ادارو نارا (نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي ) هڪ مشڪري بڻيل آهي جيڪو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي.

پيرول تي آزاد ٿيل 35 دهشتگرد ڪير آهن ؟

سنڌ جي گهرو کاتي جا آرڊر نمبر/H D/9-28/2003 S O C ( P R S-11) ذريعي جن قيدين کي هلندڙ ڪيسن دوران پيرول تي آزاد ڪيو ويو تن ۾ 34 جو تعلق ڪراچي ۽ هڪ جو ميرپور خاص سان آهي. انهن ڏوهارين جي گرفتاري ، آزادي  ۽ سزائن جا تفصيل هن ريت آهن. هنن ڏوهارين کي جڏهن پيرول ڏنو ويو تڏهن سنڌ جو وڏو وزير علي محمد مهر هو.

ملزمن جا تفصيل

1 نور محمد عرف عام ولد ڪالي خان ، 26 فيبروري 1996ع تي گرفتار ٿيو، ڪورنگي ٿاڻي تي ايف آءِ آر نمبر 96/63 داخل، قلم 302، 109، 114، 115،35 ڪيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ايسٽ وٽ هلندڙ، پيرول جي تاريخ 7 آگسٽ 2003، توسيع 29 ڊسمبر 2005ٻي ايف آءِ آر63/96

2 محمد امين ڪاليا ولد احمد حسين، 11 ڊسمبر 1998ع تي گرفتار ٿيو. اورنگي ٽاوئون ۽ مومن آباد ٿاڻن ۾ ٽي آيف آءِ آرز داخل 201/98,287/98,169/95، ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل جج ون اسيٽ جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ، 7 آگسٽ 2003 تي آزاد ٿيو. 29 دسمبر 2005 تي پيرول ۾ واڌارو ٿيو. (مٿس 2003 ۾آزاد ٿيڻ کان پوءِ  قتل ڪيا. مٿس قتل جون ٻه آيف آءِ آرز 2008ع ۾ داخل ٿيون، جنهن کانپوءِ اڃا تائين آزاد آهي.

3 انيس عرف انو ڪاليا ولد محمد ايوب 20 ڊسمبر 1998ع تي ارونگي ايڪٽيشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿي. آيف آءِ آر نمبر 128/98 قلم 324،302 ڪيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ون سيسٽ وٽ هلندڙ  7 آگسٽ 2003ع  تي پيرول تي آزاد ٿيو. 19 ڊسمبر تي پيرول ۾ واڌارو ٿيو. اڃا تائين آزاد.

4 غلام محي الدين ولد غلام نبي 10 فيبروي 1999ع تي بلديه ٽائون ٿاڻي گرفتار ڪيو. ٻه ايف آءِ آرز 97/72 ۽ 210/98 ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل جج ون ۽ ٽو وٽ ڪيس هلندڙ. هڪ ۾ ضمانت تي آزاد، 7 آگسٽ 2003 تي پيرول ڏنو ويو، 29 ڊسمبر 2005ع تي پيرول ۾ واڌارو  اڃا آزاد..

5 فيصل نديم ولد محمد جميل 12 جنوري 1999ع تي گرفتار ٿيو. ڪورنگي ٿاڻي تي قتل جي ايف آءِ آر 9179/98 قلم 34/302 ايڊيشنل جج ايسٽ وٽ ڪيس هلندڙ 7 آگسٽ 2003 تي پيرول تي آزاد ٿيو. 29 دسمبر تي پيرول ۾ واڌارو ٿيو.

6 عبدالصبور ولد فجر علي. 8 اپريل 1999ع تي گرفتار ٿيو. گارڊن ٿاڻي تي ايف آءِ آرز نمبر 66/99 قلم 13 ڊي غيرقانوني هٿيار جوڊيشنل مئجسٽريٽ i x جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ، ساڳي تاريخ تي پيرول مليو.

7 محمد اڪرم عرف لمبا ولد رحمت علي 4 نومبر 1999ع تي گرفتار ٿيو. سعيدآباد ٿاڻي تي ٻه ايف آءِ آرز 11/95 ۽ 111/95 قلم 147,148,149,385,302/17 ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ويسٽ هڪ ۽ ٻه جي عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ .

8 ذوالفقار احمد ولد فضل الدين 24 آگسٽ 1999ع تي گرفتار ٿيو ڪورنگي ٿاڻي تي 6 ايف آءِ آرز داخل، ايف آءِ آرز نمبر 228/99,243/99,269/89,270/99,68/98,179/98 هي 1989 کان وٺي قتل ، ڌاڙي، دهشتگردي ، غيرقانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهن ۾ ملوث رهيو. پنجن ڪيسن ۾ کيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ جج ايسٽ وٽ پاران ضمانت ڏنل آهي هڪ ڪيس هلندڙ آهي کيس پڻ ساڳي تاريخ 7 آگسٽ 2003 تي پيرول ڏنو ويو.

9 فياض احمد ولد عبدالغفار، 23 جنوري 2002 تي شريف آباد ٿاڻي گرفتار ڪيو. قتل جي ايف آءِ آر نمبر 279/98 ۾ گرفتار ٿيو. ايڊيشنل جج 5 جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ، کيس ساڳي تاريخ تي پيرول مليو.

10 محمد سليم خان ولد محمد برار خان، 22 مارچ 1999ع ۾ گرفتار ٿيو مومن آباد ۽ سعيد آباد ٿاڻن تي ٻه ايف آءِ آرز داخل 99/6 ۽ 98/46 ۾ قتل، دهشتگردي 144 جي ڀڃڪڙي جا ڪيس ڊسٽرڪٽ جج ويسٽ عدالت ۾ هلندڙ، کيس پيرول ميلو.

11 سيد جمال الدين ولد سيد فيصل مُبين ، 4 نومبر 1998ع تي گرفتار ٿيو، ڪورنگي ٿاڻي تي قتل جي ايف آءِ آر نمبر 1/99 داخل ، ڪيس هلندڙ.

12 عبدالفتاح عرف جوا ولد محمد مرتضيٰ، 12 جون 2001 تي گرفتار ٿيو، ڪورنگي ٿاڻي تي 1997ع ۾ ايف آءِ آر نمبر 97/252 قتل جو ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

13 محمد يونس عرف پپو ولد سليم 5 جنوري 2001 تي 1992 جي آيف آءِ آر تي گرفتار ٿيو ٿاڻي ۾ داخل ايف آءِ آر نمبر 92/278 ۾ دهشتگردي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي جا قلم ،ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

14 شير محمد عرف شيرو ولد غلام حسين ، گارڊن ٿاڻي تي 1996ع جي ايف آءِ آر نمبر 96/14 قتل ڪيس، هلندڙ پيرول تي آزاد.

15 دل محمد ولد عبدالڪريم 14 فيبروري 2001 تي گرفتار ٿيو. ابراهيم حيدري ٿاڻي تي قتل جي ايف آءِ آر نمبر 96/78 داخل، ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

16 نعيم عرف چيما 17 مئي تي ڪورنگي ٿاڻي گرفتار ڪيو. قتل جي ايف آءِ آر نمبر 46 ۽ ٻي ايف آءِ آر 98/122، ڪيس هلندڙ.

17 محمد ساجد عرف گوجا ولد محمد عثمان غني اورنگي، لانڍي ۽ اورنگي ايڪسٽينشن ٿاڻي تي 3 ايف آءِ آرز الڳ الڳ قتل، ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

18 سهراب عالم ولد زبير عالم 28 آگسٽ 1999ع تي گرفتار ٿيو. مومن آباد ۽ اورنگي ٽائون ٿاڻن تي قتل جون داخل ٻه ايف آءِ آرز نمبر 98/224 ۽ 96/214 ڪيس هلندڙ،پيرول تي آزاد.

19 محمد راجو عرف نديم ولد عبدالمجيد 18 جنوري 2002 تي اورنگي ايڪسٽنيشن ٿاڻي گرفتار ڪيو. ايف آءِ آر نمبر 02/12 قلم 392/397 324,353, ڪيس هلندڙ پيرول تي آزاد.

20 عمران عرف بُڍا ولد فهيم احمد 6 فيبروري 2001 تي گرفتار ٿيو. اورنگي ايڪسٽينشن ٿاڻي تي قتل جي ايف آءِ آر 1/23 ڪيس هلندڙ.

21 سعيد خان ولد شوڪت حيات 6 جنوري 2001 تي گرفتار ٿيو. بلوچ ڪالوني ٿاڻي ۾ قتل جي ايف آءِ آر نمبر 1/83 ڪيس ايڊيشنل جج سائوٿ 2 جي عدالت ۾ هلندڙ پيرول تي آزاد.

22 محمد جاويد ولد شمس الدين 6 مارچ 2000ع تي قائدآباد ٿاڻي گرفتار ڪيو، ايف آءِ آر نمبر 54 قلم 34/395 ايڊيشنل جج هڪ ملير جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

23 محمد وحيد ولد اصغر علي 3 نومبر 2001 تي گرفتار ٿيو، 1996 جي ايف آءِ آر داخل، روپوش هيو، اورنگي ٽائون ڪيس هندڙ،پيرول تي آزاد.

24 آصف عرف دُمبا ولد عبدالعزيز 12 جنوري 1999 تي گرفتار ٿيو، ڪورنگي ٿاڻي تي قتل جي ايف آءِ آر نمبر 98/179، ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

25 محمد يونس عرف ٿيلها والا ولد محمد ابراهيم 1998ع ۾  قتل جي ايف آءِ آر نمبر 96/206 ٿاڻو مومن آباد ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

26 ابوبڪر صديقي عرف ڪاليا ولد ڪالي ميان 26 ڊسمبر 2001 تي گرفتار ٿيو، ڪورنگي ٿاڻي تي 1998 جي ايف آءِ آر نمبر 98/70 قتل جو الزام ، ڪيس هلندڙ، پيرول تي آزاد.

27 حبيب عرف ڪاڻا ولد رفيع احمد عرف لنڊن 2 سيپٽمبر 2002 تي گرفتار ٿيو، مومن آباد ۽ اورنگي ٽائون ٿاڻن تي ٻه ايف آءِ آرز نمبر 1/307/99/87  قتل ، اغوا، دهشتگردي، جا الزام، ڪيس هلندڙ پيرول تي آزاد.

28 محمد علي ولد ربيع ارشد ميرپور خاص ٿاڻي گرفتار ڪيو، ٻه ايف آءِ آر نمبرز 1/176  ۽ 99/9 ميرپورخاص قتل ۽ قتل جو ارادو، ڪيس ڊسٽرڪٽ جج ميرپور خاص جي عدالت ۾ هلندڙ، پيرول تي آزاد ٿي ويو.

29 رياض عرف چاچا ولد سراج الدين 17 مارچ 1999ع گرفتار ٿيو، مٿس اورنگي ۽ مومن آباد ٿاڻن تي  5 ايف آءِ آرز داخل، 1997 تائين ايف آءِ آرز داخل ٿينديون رهيون. پنج تي ايف آءِ آرز قتل جون آهن، کيس مختلف عدالتن ۾ هلندڙ، 17 سيپٽمبر 2003ع تي پيرول تي آزاد ٿيو.

30 عبدالسلام عرف عرفان ولد عبدالله غازي مومن آباد ٿاڻي تي قتل جون 4 ايف آءِ آرز 1998 کان وٺي 2000 تي روپوش، ايف آءِ آر داخل ٿينديو رهيون مختلف عدالت ۾ ڪيس هلندڙ،پيرول تي 20 نومبر 2003 تي آزاد ٿيو.

31 عبدالطيف ڪامران عرف پانڊا ولد عبدالله غازي، مومن آباد ۽ اورنگي ٿاڻن تي 6 ايف آءِ آرز داخل ( هي عبدالسلام جو ڀاءُ آهي) 1995ع کان وٺي 1999ع تي ايف آءِ آرز داخل ٿينديون رهيون، هي روپوش رهيو، سمورا ڪيس عدالت ۾ هلندڙ پيرول تي آزاد ٿي ويو.

32 محمد رضوان ولد مطلوب 1997ع ۾ قتل جون الڳ الڳ ايف آءِ آرز ڪيس هلندڙ پيرول تي آزاد.

33 سعيد عرف ڪالا ولد محمد شريف مومن آباد ٿاڻي تي 17 مئي 1999ع گرفتار ڪيو،ايف آءِ آر نمبر 98/201 قتل ڪيس هلندڙ پيرول تي آزاد.

34 علي نقوي ولد الطاف حسين 14 ڊسمبر 1998ع تي گرفتار ٿيو، پيرآباد، مومن آباد ۽ اورنگي ٿاڻن تي 1998ع  جون قتل، دهشتگردي ۽ هٿيار رکڻ جون الڳ الڳ ايف آءِ آرز داخل ڪيس هلندڙ، پيرول تي  آزاد ٿي ويو.

35  محمد جهانگير ولد قمرالدين 30 مئي 1996ع تي گرفتار ٿيو، ڪورنگي ٿاڻي تي قتل جون الڳ الڳ 3 ايف آءِ آرز جيڪي 1995ع تي داخل ٿيو، ڪيس هلندڙ، هي به 20 نومبر 2003ع تي پيرول تي آزاد ٿي ويو، ڊسمبر 2005ع تي ارباب غلام رحيم سندس پيرول ۾ توسيع ڪئي.

موجوده سرڪار  به کيس گرفتار نه ڪيو. ڄاڻايل سمورن خطرناڪ دهشتگردن مان موجوده حڪومت ڪنهن کي به گرفتار نه ڪيو. اهڙي ريت شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪراچي ۾ 1994ع کان جيڪو آپريشن شروع ڪيو، هنن مان گهڻا تڏهن کان گهربل هئا. ڪيترائي 1995 کان وٺي 1998 تائين گرفتار ٿيا،  ڪجهه نواز شريف ۽ ڪجهه بعد ۾ مشرف دور ۾ به گرفتار ٿيا جن سڀني کي مشرف دور ۾ پيرول تي آزاد ٿيندڙ ساڍا 3 هزار ماڻهن جي لسٽ ڏني وئي، تن ۾ مٿي ڄاڻايل 35 ڄڻا خطرناڪ ڏوهاري هئا. اطلاع آهن ته ڄاڻايل سڀ ڏوهاري ڪنهن حد تائين هينئر به  روپوش آهن. عدالت پاران کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ان لاءِ نوان گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا.

سنڌ پوليس گرفتاري لاءِ تيار

سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر جنرل فياض لغاري  ٻڌايو ته سنڌ جو گهرو کاتو پيرول تي آزاد دهشتگردن جو پيرول ختم ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڪري ته پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. “افيئر” سان فون تي ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ چيو ته اسان سڌي ريت انهن خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار نه ٿا ڪري سگهون ، اسان وٽ اٿارٽي ناهي ڇو ته سرڪار انهن کي پيرول ڏنو آهي، سرڪار پيرول ختم ڪري ته پوءِ اسان کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار هوندو.فياض لغاري ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ پيرول تي آزادي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. هن گهرو کاتي ۽ جيل کاتي کان تفصيل ورتا هئا،هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 20 لک کان وڌيڪ افغاني ، بنگلاديشي رهن ٿا، انهن لاءِ نارا ۽ نادرا کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ غيرقانوني پرڏيهين  جو وڏو هٿ آهي. آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ طالبان بابت سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو پر هتي طالبان جو نالو ٽارگيٽ ڪلنگز ۽ ڀتي لاءِ استعمال ٿئي ٿو ڪجهه اهڙا گروپ آهن جيڪي “ تحريڪ طالبان پاڪستان ” جو نالو استعمال ڪندا ٿا ۽ ڪجهه گروپ جو واقعي طالبان سان رابطو به آهي، پوليس جي ٻنهي تي نظر آهي.

( عين جيم )

aajizjmalijmali@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو