Home / افيئر / ڪهاڻي ۽ نسيم کرل
above article banner

ڪهاڻي ۽ نسيم کرل

سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪشن ۽ خاص طور تي ڪهاڻيءَ جي تاريخ گهڻي پراڻي ناهي. اصلوڪو يا اوريجنل ادب ته پوئين پنجاهه سٺ ورهين جي وارتا چئجي. پڪي ڳالهه نه پر اشارا آهن ته شيڪسپيئر اردو کان اڳ سنڌيءَ ۾ آيو. بنهه بگڙيل شڪل ۾، البت. مانواري مرزا قليچ بيگ  جا ڏورڻا قدر لائق. چڱو ٿئي ها ته اسين هيمليٽ ۽ ميڪ بيٿ کي هُوبهُو پڙهون ها. اهي ناٽڪ پاڻ تائين صفا نج حالت ۾ رسيل هجن ها ۽ سوبه سئو سال پهريائين ته سنڌي افسانوي نثر جي هاڻوڪي لوڏ ڏسڻ وٽان هجي ها. 80ع ڌاري ڊرامي جي صدي پوري ٿيڻ تي پورو سال ملهايو ويو. لکڻيون ۽ تقريبون لڳاتار پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ مليون . سچ اهو ته جنهن ناٽڪ تي اسين ڪُڏي رهيا هئاسين اهو گهڻي ڀاڱي اُڌارو ورتل هئو ۽ هتان جي ماحول سان ٺهڪائي پيش ڪيو ويو. اصلوڪي جو ذائقو باقي نه رهيو، ڪٿي انگريزي ته ڪٿي وري بنگالي تحريرن جي سنڌي ڪاري ڪئي وئي. شاعريءَ جو معاملو جُدا آهي. اها اسان جي پنهنجي آهي ۽ رهندي. تفاوت اهو ته صوفي اثر نظم کي مختلف رخ ۾ وٺي ويو. خالص انساني جذبا هڪ خاص پسمنظر ۾ ڏيک ڏيڻ لڳا. خلق انهن کي ايئن ڏسڻ جي علت ۾ رهي. لارڊ بائرن جي انداز واري ڪويتا،هتي جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ورلي لڀندي. مجموعي طور تي انساني اُڌمن جي چٽڪاري ۽ انهن جي وسيلي پئدا ٿيندڙ واردات جي بيان بازي لٽريچرکي بقا بخشين ٿيون.

پنج ڇهه ڏهاڪا ٿيا هوندا جو سنڌي نثر ڪنڌ کنيو آهي. لکاري پئدا ٿيا جن ڪهاڻيون ۽ ناول ڇپايا. ڏٻريءَ تي مڇر گهڻو. اسان جي ٻوليءَ تان فارسيءَ جو پاڇو لهڻ لڳو ته انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڦاسي پياسين. ٻين زبانن جا ڏانوڻ نه فقط اهو ته اوهان کي هلڻ، اڳتي وڌڻ نه ڏيندا پر پنهنجي ٻوليءَ جي منطق موجب ويچارڻ جي صلاحيت ماري سنڍ ڪرڻ ۾ به دير نه ڪندا. لفظ  ڪيفيتون، لقاءَ آهن. گڏجي نظارا، وارتائون جوڙين ٿا. ڌرتيءَ مان ڦٽن ٿا ۽ هر جُوءِ جي مزاج جي نمائندگي ڪندڙ پڻ. انگريزي ۽ اردو ۾ سوچڻ جو مطلب مختلف اهڃاڻن جي پوئواري ڪرڻ آهي.زمين جي جنهن ڪُنڊ ۾ جنم  ٿيو آهي تنهن کان پرڀرو بيهڻ آهي. سنڌ جو ماڻهو ان احساس کي چڱيءَ ريت ڄاڻيندو هوندو. اسان جي نثر ۾ تنهن طرح جا اجايا تجربا ڪيا ويا. اڄ به فئشني نموني ڪهاڻيون ۽ناول سِرجن پيا. اهي باقي لوڪ جي حياتين تي پنهنجا اثر ڇڏڻ جي اهل ڪين آهن. غير افسانوي لکڻين ۾ پڻ ڪاريءَ وارا ڪک آهن. فني لحاظ کان ڪيترا مضمون معياري ڪوٺبا ؟ شايد الاهي گهٽ. اصلوڪو ادب، گهاڙيٽي ۽ مقصد جي لحاظ کان، اٽي ۾ لوڻ برابر ملندو.


ادب جي سماجي ڪارج بابت بحث ته باقي ڪم لاهي ڇڏيا. اسين طبقاتي ۽ قومي جي ٻيگهي ۾ ڦاٿل رهياسين. نه قومي سوال حل ٿيو ۽ نه وري طبقاتي تضاد. سنڌ مٿان پنجوڙ آهن. الاهي وقت گذري چُڪو آهي. آجپي جي باک ڦٽڻ جا انتظاري پاڻ ٻي ڪرت ڇڏي مهاڏي ۾ آهيون. رياست ۾ پوندڙ هر ڏار تي خوش ٿيون ٿا. پنهنجي منزل البت ڏور سُجهي ٿي. سياسي طور تي جيستائين اها صورتحال رهندي هتي تخليق ٿيندڙ ڪلا کي به ويڙهه جي ميدان ۾ بيهڻو پوندو. لاچارن کان آجو ٿي فن ۽ ادب جي اوسر ممڪن نه آهي. اُڀار جيئن ته قومي سوال کي آهي، آرٽ لاءِ پڻ وقت جي گهرجن موجب موٽ ڏيڻ لازم هوندو. گڏيل طور اسان جي معاشرتي اڏاوت ترقي ڪري، هڪ وڏي جنگاڻ بعد، ان مامري مان پاند آزاد ڏسي، انصاف تي مبني سماجي سرشتي جو قيام اهو سَنڌو آهي جنهن کان پوءِ موپاسان ۽ چيخوف وانگر آکاڻيون تحرير ٿينديون . انساني زندگيءَ تي جَي ٽپڻي ته هونديون قومي جَوٽَ جو هٿيار نه. ڪوئي ڪهڙو به دليل کڻي اچي لکاريءَ لاءِ حدبنديون، پابنديون چڱا نتيجا ڏيندڙ نه آهن. سنڌ جو قومي سوال اها ڳنڍ آهي جنهن کان اڳتي چُرڻ اسان جي وس ۾ ئي ناهي. پنهنجو سمورو جُهد اتي اچي بيهي ٿو رهي. پاڻ کي هرحال ۾ سَو وڪڙ کولڻو آهي. هاڻ وري ٻيا انديشا ساڻيهه کي ٽوٽا ٽڪرا ڪرڻ جي دشمن جي خواهش پڌري ٿيڻ بعد اُڀريا آهن.افسانوي ساهت ۾ فني اوچايون پائڻ جي خواهش هڪ پاسي، وطن بچائڻ جي چنتا ٻئي طرف.

مٿيون تفصيل لکڻ جي ضرورت تڏهن پيش آئي جڏهن نسيم کرل جي ڪهاڻين جو مطالعو ڪندي مٿس ڪجهه تنقيد آڏو آئي. ٻيو وڏو ليکڪ نجم عباسي سندس لاءِ اعتراض واري ٿو. هن جي خيال ۾ کرل جي افسانن ۾ مٿئين طبقي جي مسئلن ۽ مونجهارن جو ذڪر ته آهي، هيٺئين ڪلاس جي ماڻهن،هاري، ناري، مزدور جي اهنجن جي ڳالهه ئي ڪانهي. مطلب ته طبقاتي تضاد نسيم جو موضوع نه ٿو سُجهي. ايئن تنهن زماني ۾ منير احمد ماڻڪ کي ڏوراپو ڏنو ويو ته وٽس سنڌ جو قومي اُڀار جاءِ نه ٿو وٺي. ماڻڪ بنيادي طرح سماجواد فڪر جو مڃيندڙ هئو ۽ سندس ڪهاڻيون ان سوچ جي پوئواري ڪندي ڏسڻ ۾ آيون. وري ٿو لکجي ته پاڻ وٽ فڪشن جي ڄمار ڏهاڪن ۾ آهي. اڌ کان سرس عرصو ته بحث مباحثي ۾ ويو هليو. ڪهڙو ادب سرجڻ کپي ۽ ڪهڙو نه. ڪجهه نراجيت پسند پڻ گهڙي آيا. لکاريءَ لاءِ ڄڻ ته لازم ٿي پيو. مجبور هئو ته پهريائين ڪنهن آئڊيالاجي جي چونڊ ڪري. خواهش جي نظريي جي ڇَانَوَ ۾ پوءِ، ادب تخليق ڪري، پبلڪ سامهون آڻي.

هتي تنقيد جي شعبي جي باقائدي اوسر ٿئي ها ته گهڻا اُلجهاءَ ختم ٿي وڃن ها. ليکڪ جي تخليقي حقن بابت آوز اٿارڻ تنقيد نگارن جو ڪم هجي ٿو. سي ئي هوندا آهن جيڪي فني آزادين جو بچاءُ ڪندا آهن. سياست وارن کي ٻڌائيندا آهن ته سماج ۾ جاري ڀونچال خاطروڙهڻ کان کين ڪوئي روڪي نه ٿو سگهي. اهي پنهنجي جاکوڙ ۾ جنبيل هجن. سَندي ڪوتاهين کي درست ڪن. نه  ڪي لکارين کي ڏوراپا ڏيندا وتن ته اهي لوڪ کي ٺيڪ راهه ڏسڻ ۾ ناڪام ويا آهن. سياسي معاملا سدائين تڪرارن ۾ ويڙهيل هجن ٿا. اديب کي ڇوٽڪارو هجي ته هُو ڪنهن ڌُر جو پاسو وٺي تڪراري ٿيڻ چاهي يا نه. شاندار لکڻيون ننڍن ننڍن ڦڏن جي گپ ۾ ڦاسي پنهنجو اثر وڃائي ويهنديون آهن. سياسي سماجي جدوجهدن جو هر اول دستو سياسي ڪارڪن ئي هوندا آهن ساهت وارا نه. تڏهن پڻ سنڌ جي بحرانن ڀريل ويجهي تاريخ ۾ لکارين جو ڀرپور ڪردار رهيو آهي.گهڻي قدر مثبت ۽ ڌرتي ڏانهن ذميواري وارو. اعتراض اٿيا آهن پر قومي تحريڪ جي سرواڻن لاءِ. ويساهه گهاتيون ڳڻبيون ته اديبن جو کاتو ايترو تار نه هوندو جيترو سنڌ جي نالي ۾ پيٽ پاليندڙ همراهن جو.

“چوٽيهون در” ۽ “ پهرين مراد”- نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ پهرين ۽ ٻئي نمبر تي رکجن ته بهتر ٿيندو. اهي ۽ ڪجهه ٻيون آکاڻيون سائين نجم عباسيءَ جي ان راءِ جي نفي ٿيون ڪن ته نسيم مٿئين ڪلاس جي باري ۾ لکندڙ ڪهاڻيڪار آهي.

عباسي صاحب جو تبصرو زيادتيءَ تي ٻڌل ٿو لڳي جڏهن پاڻ “ ڊمي” ۽ “ مِڪسڊگِرل” پڙهئون ٿا. برابر اهي افسانا امير ماڻهن، هُوند وارن متعلق لکيل آهن پر تنهن ڪلاس جي کوکلي حياتي ۽ بُڇڙاين جي اُپٽار تي زور اٿن. نسيم کرل ڪنهن به ريت سندن حمايتي نه آهي، هُو ٻُڌائي ٿو ته جن وٽ سهنجاين جا انبار آهن سي اخلاقيات جي لحاظ کان ڪيتري ڇَسي ۽ بي هُودي زندگي گذاري رهيا آهن. موپاسان ۽ چيخوف به ته ساڳيءَ ريت لکن ٿا، سندن ڪهاڻيون پڻ ايئن ئي آهن. رهي ڳالهه قومي سوال جي ته راوي اوهان کي کرل جو افسانو “ آٿت” پڙهڻ لاءِ چوندو. وَن يونٽ جي زماني ۾ ساريون پوکڻ جي موڪل وٺڻ لاءِ لاهور پهتل سنڌي وڏيري سان ڇا وَهي واپري ٿو- پاڻ ڏسي وٺندا.

اڄوڪي زماني ۾ سنڌي ڪهاڻي لکندڙ ۽ پڙهندڙ صاحبن کي گذارش ته هڪ ڀيرو نسيم کرل جي آکاڻين جو مطالعو ضرور ڪن. خاص طور تي موپاسان ۽ چيخوف سان گڏ .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو