Home / افيئر / گهوٽڪي : صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن سان ٻه اکيائي
above article banner

گهوٽڪي : صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن سان ٻه اکيائي

گهوٽڪي جيڪو سنڌ جو پنجاب سان لڳندڙ آخري ضلعو آهي. گهوٽڪي ڪراچي کانپوءِ سنڌ جو ٻيو وڏو صنعتي زون آهي. گهوٽڪي پنجن تعلقن گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، خانڳڙهه ۽ اوٻاوڙو تعلقن تي ٻڌل ضلعو آهي، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر ميرپور ماٿيلو آهي ۽ ان جي پکيڙ 6 هزار 975 چورس ڪلوميٽر آهي. اوڀر کان اولهه گهوٽڪي جي پکيڙ 50 جڏهن ته ويڪر 60 ميل آهي. گهوٽڪي ۾ قومي اسيمبلي جون 2 ۽ صوبائي اسيمبلي جون 5 جنرل سيٽون ۽ 2 مخصوص سيٽون آهن.

گهوٽڪي ۾ ننڍيون وڏيون تمام گهڻيون صنعتي فيڪٽريون آهن. هتي ٻه عدد ڀاڻ جون تمام وڏيون فيڪٽريون، فوجي فرٽيلائيزر (FFC) ميرپور ماٿيلو ۽ اينگرو ڪيميڪل ڏهرڪي ۾ واقع آهن، جيڪا ايشيا ۾ وڏي ۾ وڏي ڀاڻ پيدا ڪندڙ فيڪٽرين مان هڪ آهي. انهن ۾ ننڍا وڏا ڪيئي ڀاڻ جا پلانٽ آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ ڀاڻ ٺاهڻ ۾ مصروفڪار آهن. ان کان علاوه قادرپور گئس فيلڊ جيڪا سُئي کانپوءِ پاڪستان ۾ گئس جو ٻيو وڏو ذخيرو آهي. قادرپور گئس فيلڊ جا به ننڍا وڏا ٻيا ڪيترائي سب پلانٽس (Sub Plants)آهن.

ان کانسواءِ ڏهرڪي تعلقي ۾ ماڙي گئس فيلڊ نالي هڪ تمام وڏي فئڪٽري موجود آهي، جنهن جي گئس تمام گهڻي قيمتي آهي ۽ ٻين صنعتي ادارن کي وڪرو ڪجي ٿي. ماڙي گئس سان ئي سلهاڙيل ڪامريڊ مانڌل شر جي ڳوٺ کروهي تائين ڦهليل انهيءَ ناياب گئس جا خزانا موجود آهن، جنهن کي لوڪل لهجي ۾ کوهه يا کوها گئس سڏجي ٿو. گئس جا ننڍا وڏا کوهه پائيپن ذريعي 7 نمبر، داد لغاري ڳوٺ، چاندڻ لڳ گڏ ٿي ماڙي گئس جا پائيپ ڏهرڪي تائين پهچن ٿا. ان کان علاوه اينگرو انرجي سيور (Engro Energy Sever)درجنن جي تعداد ۾ فلور ۽ شگر ملون ۽ سَوَن جي تعداد ۾ ڪاٽن ۽ رائيس ملون گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ واقع آهن.

تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي جو هن ضلعي ۾ ايترا صنعتي ادارا موجود آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هنن هيتري صنعتي ادارن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار کان محروم رکيو ويو آهي. هيڏين وڏين ڀاڻ فيڪٽرين ۾ اتان جي رهاڪن جي روزگار ۽ شموليت تي تالا لڳل آهن. هنن فيڪٽرين جي پيداوار روزاني جي حساب سان ملينس ۽ ٽرلينس ٽن ۾ آهي، پر مقامي بهبود ۽ مقامي ڀلائي جي ڪمن ڪارن جو گراف اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونهي.

سون اوڳاڇيندڙ گهوٽڪي جي صنعتي ادارن ۾ هتان جي نوجوانن جيڪي سٺا انجنيئرز آهن ۽ ملڪ جي بهترين يونيورسٽيز مان تعليم يافته آهن، کين روزگار جي حق کان محروم رکيو ويو آهي. هنن صنعتي ادارن خاص طور ڀاڻ ۽ گئس فيڪٽرين جو عالم هي آهي ته هتي پٽيوالي کان چوڪيدار ۽ خاڪروب کان مسجد جا مولوي صاحبان به حسن ابدال، پنڊي، خوشاب ۽ اسلام آباد کان گهرايل آهن. وڏن وڏن عهدن ايم ڊي ڊائريڪٽرز فورمين تي رٽائرڊ فوجي مقرر ٿيل آهن.

هتان جو ڪوبه ماڻهو هنن ڀاڻ ۽ گئس فيڪٽرين ۾ ڪنهن به وڏي عهدي تي اوهان کي نه ملندو. حالت اها آهي جو معمولي هيلپري وٺڻ لاءِ ايڏا وڏا جيڪ ۽ سفارشون کپن جو غريب ماڻهو جو پنڌ ڪندي ڪندي تيل ئي نڪري ٿو وڃي!

گهوٽڪي جي هنن ڪروڙين روپيه ڪمائيندڙ صنعتي ادارن ۾ رهائش لاءِ خوبصورت ڪالونيون جوڙايل آهن. ميرپور ماٿيلو جي F.F.C جي ريفريڊنشل ڪالوني ۽ (Town Ship) اينگرو ڪيميڪل جي رهائشي ڪالوني ڏسي توهان جا دماغ چڪرائجي ويندا. ڇاڪاڻ ته اهڙيون سهولتون، ههڙا گهر، باغ باغيچا، راندين جا ميدان، ڪميونٽي سينٽرز، مسجدون، اسڪول، ڪاليج ۽ اسپتالون ڏسي توهان کي ڪنهن پرڏيهه ملڪ ۾ هجڻ جو احساس ٿيندو. توهان صرف هنن ڪالونين جي سوئمنگ پولز ۽ گولف گرائونڊن کي ڏسندؤ ته توهان کي ڏندين آڱريون اچي وينديون ته هي سنگاپور آهي يا سنڌ! سوئيزرلينڊ يا گهوٽڪي؟

پر افسوس صد افسوس! هنن خوبصورت خوابيده آسائشن جا مزا ماڻيندڙ هتان جا مڪاني ماڻهو نه آهن، پر هتي ڪالونين ۾ رهائش اختيار ڪندڙ سڀئي ماڻهو ٻين صوبن سان تعلق رکن ٿا.

حالت اها آهي جو هنن رهائشي ڪالونين ۾ جيڪي اسڪول يا ڪاليج جو اسٽاف آهي انهن ۾ به گهڻائي انهن جي آهي جيڪي راولپنڊي يا حسن ابدال مان خاص طور گهرايا ويا آهن. وري جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ سنڌي ماڻهو هتي ٽيچر طور ڀرتي ٿي وڃي ٿو ته سندس پگهار ۽ پنجاب جو ڊوميسائيل رکندڙ ٽيچر جي پگهار ۾ زمين آسمان جو فرق هجي ٿو. پنڊي يا اسلام آباد مان ايندڙ ماڻهن کي هتي پڪو ڪري رکيو وڃي ٿو، جڏهن ته هتان جي لوڪل ماڻهن کي نفسياتي ٽارچر ڏئي ان کي ڪچو ڪري رکيو وڃي ٿو. ههڙي ليول جو انياءُ ۽ تفاوت (Discrimination) ڪنهن به مڪاني ڌرتي ڌڻي لاءِ حيرت جو باعث نٿو بڻجي؟

هر صنعتي اداري تي اهو مقرر هوندو آهي ته اهو سماجي ڀلائي ۽ مڪاني سطح تي ماڻهن جي سهائتا لاءِ تعليم ۽ علاج معالجي لاءِ ڪي اپاءَ وٺي، پر هتي جيڪو هڪ اڌ پبلڪ اسڪول ۽ ويلفيئر اسپتال جوڙائي وئي آهي، ان جون به عجيب ڪهاڻيون آهن. اسڪول ۾ داخلا لاءِ هر ٻاهرين ماڻهو کان ڊپازٽ في ۽ ماهوار 3 کان 6 هزار روپيه ٽيوشن في جي صورت ۾ چارج ڪجن ٿا. اسپتال ۾ به مٿان کان چورائڻ کانسواءِ داخلا تي پابندي آهي.

وري کِل جوڳي ڳالهه اها آهي ته مڪاني ماڻهن جي ٻارڙن جي اسڪالر شپ جي نالي ۾ جيڪا خيراتي في ڏين ٿا، اها اوهان پاڻ ڏسي وٺو ته اڄڪلهه جي هيڏي مهانگي دور ۾ ڪهڙو ٻار آهي جيڪو 500 يا 1000 ماهوار في تي يونيورسٽي ۾ پڙهي سگهي؟ پليٽ فارم ميرپور ماٿيلو تي لڳل هڪ بئنچ جنهن تي فئڪٽري طرفان ڊونيٽيڊ جو وڏو ٽيگ لڳل آهي باقي ڪل خير.

گهوٽڪي جي مڪاني ماڻهن هتان جي رهاڪن ڪيترن ئي موقعن تي فيڪٽرين مان خارج ٿيندڙ خطرناڪ امونيا گئس ۽ فيڪٽرين جي گدلاڻ سبب جيڪي موتمار بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، انهن جي روڪٿام لاءِ احتجاج ڪيا آهن، پر ڪجهه به ڪين وريو آهي.

گهوٽڪي جي رهاڪن خاص طور انهن فيڪٽرين جي آبي گدلاڻ ۽ 24 ڪلاڪ زهريلي آوازن جي اذيت ۾ رهندڙ ماڻهن ڪيئي دفعا پڪاريو آهي پر سندن دانهن ڪوڪ ڪنهن به ڪونه ورنائي آهي.

گهوٽڪي جي صنعتي ادارن ۾ مڪاني ماڻهن جي ننڌڻڪائپ جي حوالي سان هتان جي نوجوانن هڪ تنظيم گيگا جي نالي سان جوڙي آهي، جنهن ۾ سڀئي نوجوان گريجوئيٽس آهن ۽ انهن وقتن فوقتن هنن ڀاڻ ۽ گئس فيڪٽرين ۾ روزگار نه ڏيڻ جي حوالي سان ڪيترائي احتجاج، ڌرڻا، بک هڙتالون پڻ پئي ڪيون آهن، پر اڃا تائين ڪو کڙتيل نه نڪتو آهي.

گيگا تنظيم جي اڳواڻي ڪندڙ موسيٰ کوسو جيڪو مهراڻ يونيورسٽي مان گريجوئيٽ آهي جو چوڻ آهي ته سندن جدوجهد جاري آهي ۽ جيستائين هي فيڪٽريون مڪاني ماڻهن کي روزگار خاص طور نوجوان پڙهيل لکيل ڪواليفائيڊ ماڻهن کي پنهنجو نه ڪنديون تيستائين سندن جدوجهد جاري رهندي.

گهوٽڪي ضلعي ۾ سياسي حوالي سان لنڊ، بوزدار، مهر ۽ پتافي برادرين جا سردار وڏو اثر رسوخ رکن ٿا. انهن کي گهرجي ته گهوٽڪي جي هنن صنعتي خزاني مان مڪاني ماڻهن کي روزگار ڏيڻ لاءِ هنن فيڪٽرين جي مالڪن ۽ ايم ڊيز کي آماده ڪن ۽ انهن تي مڪاني ماڻهن جي ڀرتي لاءِ زور ڀرين ته جيئن گهوٽڪي جي رهاڪن جي زندگي ۾ به روزگار جي سهائي ٿي سگهي.

shoukat_lohar@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو