Home / ڪور افيئر / ۽ جڏهن سنڌ بڻي فلسطين
above article banner

۽ جڏهن سنڌ بڻي فلسطين

هنن جڏهن “انتفاده” جو اعلان ڪيو ته سندن ٻارن جي غُليل انقلابي هٿيار جي حيثيت اختيار ڪري وئي، سندن عورتن جون ڍنڍڪرون رحم جي صدا نه پر بغاوت جو پڙاڏو ٿي ٻُريون ۽ سندن نوجوانن جا ٽينڪن آڏو ڳايل آزاديءَ جا گيت سندن شهادتن جا لمحا بحث لاءِ ڇڏي ويا، فلسطينين جي جدوجهد ڪنهن سياسي مسئلي جي عارضي حل لاءِ نه هئي. سندن آزادي اڃا اڌوري آهي پر گروهي اختلافن ۽ نظرياتي ويڇن باوجود هنن دشمن جو مقابلو هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪيو ۽ عام شهري هوندي به هڪ منظم لشڪر جيان ويڙهه وڙهندا رهيا. آئرلينڊ جي صديون پراڻي غلامي پرامن پارلياماني انداز سان پوري ٿيڻ واري آهي،پر آئرش ريپبلڪن آرميءَ جي ويڙهاند به ڪا ننڍي وِٿ ناهي جنهن کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ۽ اسان ان مان ڪو سبق نه سکي سگهئون. سندن سياسي انداز، گوريلا ويڙهه ۽ پنهنجي ماڻهن کي آزاديءَ جي صبح تائين جدوجهد ۾ جاڳيل رکڻ هڪ ڏکيو ڪم هو جيڪو هنن جي سياسي قيادت هڪ طويل وقت تائين سرانجام ڏنو. ايرانين پاران آندل انقلاب کڻي مذهبي نظرئي ۾ ويڙهيل هو پر ان جي اثر کان دنيا ڏاڍو ڊِني هئي. ايرانين رضا شاهه پهلويءَ جي بادشاهت جي پنجوڙ کي پرزو پرزو ڪرڻ لاءِ پنهنجي سياسي سمجهه ۽ عوامي طاقت جو جنهن ڍنگ سان استعمال ڪيو اهو هن خطي ۾ اڄ تائين ڪنهن ٻي قوم وٽ نظر ناهي آيو. اهڙي ماحول ۾ سري لنڪا جي تاملن جي ناڪام آزاديءَ واري ويڙهه ته هاڻي مايوس ڪري ڇڏيو آهي، سرد جنگ جي زماني ۾ آمريتون ۽ جمهوريتون ڏيندڙ ٻئي ملڪ سوويت يونين ۽ آمريڪا هڪ ٻئي سان دشمنيءَ ۾ آزاديون به ڏياريندا هئا ته غلامين جي وَرِ به چاڙهيندا هئا، هاڻي سڀ چين جي سگهاري ٿيڻ کانپوءِ معيشت کي سگهاري ڪرڻ جي سفارتي سفارشن واري جنگ ۾ اڙجي چڪا آهن. اهڙي دنيا ۾ جتي هاڻي ڪو سفيد هاٿي يا ڪو هٿوڙي هاڻو سُرخو ڪنهن انقلاب جي مٿي تي هٿ نه ٿو رکي، سنڌ جي ماڻهن جو سياسي شعور ته هميشه جيان ئي وکريل رهندو !

 

جڏهن اڃا ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيج تان بيهي عوامي سياست جي تصوير ۾ ارڏائپ جي فيشن جا نوان رنگ ڀريندو هيو تڏهن به سنڌ ۾ اهو بحث هلندڙ هو ته سنڌ جي متبادل قيادت ڪهڙي آهي؟ سائين جي ايم سيد، رئيس عبدالحميد جتوئي، فاضل راهو، قاضي فيض محمد ۽ ٻيا سنڌي ماڻهوءَ کي ڪنهن فيصلائتي تحريڪ لاءِ تيار نه ڪري سگهيا. سنڌي ماڻهو اڄ تائين نوڪري وٺڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ جي در تي وڃي ڌِڪا کائيندو آهي ۽ اڌورو احتجاج جيئي سنڌ وارن سان گڏجي ڪندو آهي. “جيئي سنڌ جيئي، سنڌ وارا جيئن” گاني تي اجرڪ ۽ ٽوپي پائي ڌمال هڻندڙ سنڌي ووٽ وڃي تير کي ڏئي ايندو آهي جنهن ڪري قائم علي شاهه کي چوڻو ٿو پوي ته “سنڌ ديس نه پر هڪ ڪارڊ آهي جيڪو، رئيس آصف علي خان زرداريءَ جي کيسي ۾ پيو آهي”. اڄ به سنڌ جو بحث ساڳيو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سائين جي ايم سيد سنڌ جي نبض ڏسڻ کان گهڻو پري هليا ويا، بشير قريشيءَ کان اڳ ئي مرتضيٰ ڀٽو کي هن رياست جي اصل مالڪن ڪنهن “پلاند” تحت پوليس هٿان مارايو، شايد ان ڪري اهو بحث وڌيڪ وزنائتو ٿيندو پيو وڃي ته جيئي سنڌ ۽ جيئي ڀٽو جي نعرن پٺيان ڪڏهن لاڙڪاڻي ته ڪڏهن سن وچ ۾ ڊوڙون پائيندڙ سنڌيءَ جي قيادت ڪير ڪندو؟ متبادل قيادت ڪير آهي؟ ڪير ايندو جيڪو اسان کي منظم ڪندو ۽ شهري ٿيڻ ۽ شهري ٿي رهڻ جي جنگ ويڙهائيندو! سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جي منظوريءَ کانپوءِ شروع ٿيل احتجاج ۾ قومپرست ڪارڪنن پاران وهايل رت کي شامل ڪرڻ بعد جيڪڏهن هاڻوڪي حڪومت ۽ سنڌ جي حڪمران پارٽين خلاف سنڌي عوام جي ڪاوڙ ۽ نفرت کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته احتجاج ۾ شامل پارٽين جي گهڻائي، سندن نظرياتي ۽ سياسي اختلافن جي ڪري احتجاج جي طاقت منظم ۽ مضبوط نه هجڻ ڪري اها گهربل نتيجا ڏيڻ کان الاهي پري نظر اچي ٿي. “افيئر” پاران اهو سوال کڻي جڏهن سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين سان رابطو ڪيو ويو ته ڊاڪٽر قادر مگسيءَ مايوسيءَ وارين ڳالهين کي رد ڪندي چيو ته “سنڌي ماڻهن مڪاني آرڊيننس خلاف پنهنجو احتجاج ڀرپور انداز سان دنيا سامهون ظاهر ڪيو آهي، اسان ان آواز کي وڌيڪ سگهه ڏينداسين. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چيو ته هي احتجاج نتيجا خيز ثابت ٿيندو ۽ حڪمرانن کي اهو آرڊيننس واپس وٺڻو پوندو نه ته سنڌ مان سندن سياسي مينڊيٽ جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي”. ڊاڪٽر قادرمگسيءَ هڪ سوال جي جواب ۾ ان حقيقت کان انڪار نه ڪري سگهيو ته “اسان سنڌي اگر سياسي طور تي گهڻا طاقتور رهيا هجئون ها ته اڄ اسٽيبلشمينٽ سنڌ ورهائڻ جهڙا قانون آڻڻ کان اڳ سوچي ضرور ها. اسان بحيثيت قوم ڪمزور آهيون، جنهن ڪري اسان کان سنڌ قدم به قدم کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهو سلسلو کين صرف هڪ ڀرپور ضرب هڻڻ سان ئي نه رڪجندو يا ڪجهه ماڻهو مارائڻ سان سنڌ جا مسئلا حل نه ٿيندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ مستقل مزاجيءَ سان اڳتي وڌندا رهون”.

مڪاني نظام جي آڙ ۾ سنڌ جي مکيه حصي ڪراچيءَ کي هڪ لساني ڌر جي حوالي ڪري ڇڏڻ کانپوءِ سنڌي ماڻهن جو اهو گروهه جيڪو سياسي شعور رکي ٿو، اهو هڪ دفعو ٻيهر مايوسيءَ جي نئين شاڪ جو شڪار ٿي ويو آهي، اهو طبقو احتجاج کان لاتعلق به آهي ۽ ٻنهي ڌرين جي موقف وچ ۾ ايئن ئي ورهايل جيئن سڄي سنڌ جيئي ڀٽو ۽ جيئي سنڌ جهڙن نعرن جو وچ وارو فرق نه طئي ڪري سگهي آهي نه ئي انهن نعرن جي تضاد کي سمجهي سگهي آهي. قومپرست پارٽين جي تحريڪن توڙي جهيڙن ۾ سندن ڪارڪنن جيتريون شهادتون ماڻيون آهن، اهي آزاديءَ جي للڪار کڻي ويڙهه ڪندڙ فلسطينين کان ٿوريون ئي گهٽ آهن ۽ آئرلينڊ جي آزاديءَ لاءِ ويجهي ماضيءَ ۾ هليل تحريڪ ۾ مارجي ويل متوالن کان گهڻيون وڌيڪ آهن، پر نتيجن جو فرق سنڌ کي وڌيڪ مايوس ڪري وجهي ٿو. ننڍين ننڍين سماجي رنجشن تان شروع ٿيندڙ قبيلائي جهيڙن ۾ مرندڙ سنڌيءَ جو خون ته رائيگان نه ٿو ٿئي پر قومپرست ڪارڪن جي ته ڪا خون بها به نه آهي. ڇا اهو سياسي پارٽين جي قيادت جي بي حسيءَ جو نتيجو آهي يا طاقت جي توازن جو فرق چئجي، جو وڏيري جي سهاري قبيلائي جهيڙو ڪندڙ خون بها به وٺي ٿو، وڏيري جي چوڻ تي ووٽ ڏئي نوڪري به وٺي ٿو ته جيل مان آزاد ٿي پاڻ تي داخل ڪيس به ختم ڪرائي ٿو. پر قومي ڪارڪن تحريڪن جو ٻارڻ بڻجڻ باوجود پنهنجي قوم کي روشن مستقبل ناهي ڏئي سگهيو.

وڏيرو سنڌ جي مضبوط سياسي قيادت آهي، ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي اها ڳالهه هڪ حد تائين سچ آهي. ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي قومپرست قيادت کان ايترو ڊپ ناهي جيترو ووٽ کڻندڙ وڏيري کان، جيڪو ايم ڪيو ايم کي پنهنجي تَر ۾ ڦهلجڻ کان روڪي به سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته ايم ڪيو ايم اڃا به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پنهنجون آفيسون ناهي کولي سگهي. سکر جي هڪ عام دڪاندار هندو سنڌيءَ، جنهن جو سياسي شعور اڃا معصوم آهي، تنهن ايم ڪيو ايم جي هڪ ڪارڪن کي سمجهايو پئي “قومپرست صرف اهي ناهن جيڪي جيئي سنڌ جو جهنڊو کڻي احتجاج پيا ڪن، مان سندن احتجاج ۾ نه ٿو وڃان ته ان جو مطلب ناهي ته مان قومپرست ناهيان، مان پنهنجي گهر ۾ پنهنجي دڪان تي ۽ پنهنجي سوچ ۾ قومپرست آهيان”. ان ئي هندو دڪاندار بعد ۾ قومپرستن خلاف پنهنجي دل ۾ سانڍيل شڪايتن جي ٻوريءَ جو منهن کوليو ته مون کانئس پڇيو ته هن ڪڏهن ڪنهن قومپرست پارٽيءَ کي چندو ڏنو آهي؟ هندو دڪاندار پاران نهڪار ۾ ڏنل جواب بعد مون اهو سوال ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ کان پڇيو ته “منظم سياسي تحريڪن لاءِ مالي وسيلا گهربل هوندا آهن، ڇا قومپرست پارٽين وٽ احتجاجن جو خرچ ڪڍڻ جي ڪا رٿابندي آهي، سنڌي ڳالهائيندڙن کان چندو ڇو نه ٿو ورتو وڃي؟”. جسقم جي اڳوڻي وقتي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جو چوڻ هو ته اسان جي احتجاج ۾ ماڻهو پاڻ ئي هڙان وڙان خرچ ڪري اچن ٿا، اسان وٽ ايم پي ايز، اين ايز يا وڏيرا ته آهن ڪو نه جيڪي چندا ڏين ته پارٽيءَ جي تحريڪن تي وڏا خرچ ڪجن. عام ماڻهو مدد ڪن ٿا، پر چندو ڪڏهن ان ڪري ناهي ورتو ويو ڇو ته بعد ۾ ڀتي گيريءَ جو الزام لڳي پوندو”. اهو ساڳيو ئي سوال ڊاڪٽر قادرمگسيءَ کان پڇڻ بعد هن پاران ٿورو تفصيلي جواب مليو. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين جو موقف آهي ته “اسان جڏهن پنهنجي ڀيٽ سنڌ جي شهرن ۾ سياست ڪندڙ هڪ پارٽيءَ يا ٻين منظم مذهبي پارٽين سان ڪيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي پارٽيءَ ۽ هنن وچ ۾ هڪ وڏو فرق نظر اچي ٿو. مثال طور ايم ڪيو ايم شهرن ۾ ڪم ڪري ٿي، جڏهن ته اسان جا ماڻهو ٻهراڙين ۾ وڌيڪ آهن ۽ شهرن ۾ رهندڙ گهڻين پارٽين جي مينڊيٽ ۾ ورهايل آهن. ايم ڪيو ايم جڏهن ماڻهو گڏ ڪرڻ چاهيندي آهي ته 5 منٽن اندر هڪ پاڙي مان پنج سئو ماڻهو گڏ ڪري سگهن ٿا اسان کي پنج سئو ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ ٽيڻ تي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ايم ڪيو ايم جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو ڏهاڙي بنيادن تي مزدوري ڪري پيسا ڪمائن ٿا، ويلڊنگ جو ڪم ڪندڙ سندن حامي روزانو ٻه هزار به ڪمائي ٿو، ان لاءِ هفتي ۾ ٻه سو روپيا ڏيڻ به آسان آهي. اسان جو سنڌي ٻهراڙيءَ ۾ زراعت جي ان ڪِرت سان لاڳاپيل آهي جنهن جو اجورو 6 مهينن کانپوءِ ملي ٿو. اهو فرق آهي جنهن ڪري سنڌي ڳالهائيندڙن جي پارٽين وٽ مالي وسيلا ناهن، ماڻهو مدد ڪن ٿا پر اها ايتري ناهي جنهن جي زور تي تحريڪن کي منظم ڪري سگهجي” ڊاڪٽر قادرمگسيءَ ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه دوران اهو به قبول ڪيو ته “سنڌ جي قومپرست پارٽين جو پنهنجي ماڻهن سان رابطو گهٽ آهي اهو وڌائڻو پوندو جنهن بعد ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو چندو به ڏين ۽ سياسي تحريڪن ۾ سندن شموليت به وڌي”.

پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڳٺ جوڙ ۾ ڪراچيءَ کي مڪاني ادارن لاءِ آندل هڪ نظام معرفت هڪ لساني ڌر وٽ يرغمال ڪرڻ سبب سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ نفرت جي لهر ڦهليل آهي. ان غصي ۽ نفرت جي گهرائيءَ کي ان مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته پوليس اسڪواڊ ۾ حيدرآباد جلسي لاءِ ويندڙ پيپلزپارٽيءَ جي سينيئر وزير پير مظهر کي جوتا ڏيکاريا ويا، سندن قافلي تي بيدا ۽ ٽماٽر اڇلايا ويا ۽ اهو احتجاج ڪرڻ وارن ۾ عورتون ٻين کان اڳريون هيون. حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽيءَ جي 50 کان وڌيڪ ايم پي ايز، 20 کان وڌيڪ ايم اين ايز، سينيٽرن ۽ اڻ ڳڻين وڏيرن، سردارن ۽ پارٽي اڳواڻن جي طاقت سان جيترا ماڻهو گڏ ڪيا ويا اهي مڪاني آرڊيننس خلاف بدين، حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ سنڌ بچايو ڪميٽيءَ پاران اڌورن انتظامن تحت ڪيل مطاهرن جي ڀيٽ ڪرڻ کانپوءِ انتهائي ٿورا لڳن ٿا. پيپلزپارٽيءَ جي قيادت اشتهارن، گاڏين، مانيءَ تي ته ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا پر جلسي ۾ آندل ماڻهن کي به لکين روپيا ادا ڪيا. اها ئي سندن ان ناڪاميءَ جي شروعات آهي جيڪا کين مڪاني نظام جو نئون قانون آڻڻ کانپوءِ جي سزا طور شايد ملندي رهندي! قومپرست پارٽين جا ڪيترائي ڪارڪن پوليس تشدد ۾ مارجي چڪا آهن.

پي پي اڳواڻن جي گهرن تي تَوا ٽنگي، کين چوڙيون اماڻي جوتا ڏيکاري ۽ سندن جلسي جو بائيڪاٽ ڪري سنڌي ماڻهن پيپلزپارٽي قيادت جي مفاهمت واري پاليسيءَ تحت سنڌين جي حقن کي نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي، سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽس تي سندن ڪارٽون ٺاهي ساڻن نفرت جو اظهار ڪيو آهي ۽ مسلم ليگ (فنڪشنل) توڙي ايس يو پي، سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ ۽ عوامي تحريڪ جي ساراهه ڪري پ پ جو متبادل ڳولهڻ وارو بحث به شروع ڪري ڇڏيو آهي پر اڃا به ڪيترائي سينيئر سياسي اڳواڻ آهن جيڪي سمجهن ٿا ته حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ جو احتجاج سگهارو ناهي ۽ احتجاج جي مهنداري اهي پيا ڪن جيڪي پاڻ ماضيءَ ۾ خراب نطامن جا حامي ۽ حصو رهيا آهن. ماضيءَ جي سرگرم ڪميونسٽ ڪارڪن ۽ وڪيل اڳواڻ ڪامريڊ شبير شر ايڊووڪيٽ “افيئر” پاران رابطو ڪرڻ تي پنهنجي راءِ جو آغاز تنقيد سان ڪندي چيو ته “مڪاني نظام خلاف احتجاج ڪرڻ وارن جي موقف ۾ جان نه آهي، نئون مڪاني نظام به اهڙو ئي آهي جهڙو جنرل پرويز مشرف لاڳو ڪيو هو ۽ ان نظام کي هن نظام جي مخالفت ڪندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر وارن قبول ڪيو هو ۽ ناظم به ٿيا هئا، ان نظام کي ته ڊاڪٽر قادرمگسيءَ ۽ سيد جلال شاهه  جي پارٽينَ به قبول ڪيو هو ڇو ته سندن پارٽين جا اڳواڻ ناظم مقرر ٿيا هئا. هن حڪومت پراڻي نظام کي ٿورو ماڊرنائيز ڪيو آهي. هي نظام ته اڳ واري نطام کان ڪجهه بهتر آهي هن ۾ پوليس ميئر جي ڪنٽرول ۾ ناهي. بس اسانجي قومپرست پارٽين پاران ان کي اشو ٺاهيو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ مقبوليت حاصل ڪري سگهن”. ڪامريڊ شبير شر مڪاني نظام خلاف سنڌ جي احتجاج جي عمر متعلق چيو ته “اهو احتجاج مختصر ثابت ٿيندو، سنڌ جي ماڻهن ۾ طويل احتجاج ڪرڻ جو سياسي رجحان ناهي. منظم احتجاج لاءِ سياسي پارٽيون ٺوس پروگرام ڏينديون آهن، اسان جي پارٽين وٽ ته جديد انقلابي پروگرام ئي ناهي. جنهن جي وسيلي اسان سنڌ جي اشوز کي اڀاري سگهئون ۽ سنڌين سان ٿيندڙ ظلم کي مستقل طور تي ختم ڪري سگهئون”. ڪامريڊ شبير شر هڪ سوال جي جواب ۾ واضح ڪيو ته “سنڌ جو ماڻهو پاڪستان ٽوڻن جي حق ۾ ناهي ان ڪري جيئي سنڌ جي ڌڙن وٽ احتجاج لاءِ نه ٿو وڃي، باقي پارٽين جي ڪارڪنن جي نه ته ڪا نظرياتي تعليم آهي نه تنظيمي تربيت جنهن ڪري اهي به ڪو نتيجو نه پيا ڏئي سگهن”. سنڌين جي موجوده هلچل جي حياتي ڪيتري هوندي، نئين مڪاني نظام جو مخالف هجڻ باوجود مون پنهنجي صحافتي حيثيت کي هڪ طرف رکي عام سنڌيءَ طور سنڌين جي احتجاج ڪرڻ واري سگهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي نتيجو اطمينان ڪندڙ نظر نه آيو، پر منهنجو هڪ انجنيئر سياسي ڪارڪن دوست انتهائي پراميد آهي ته سنڌ جي ماڻهوءَ جي شعور ۾ هر ڏينهن واڌارو اچي پيو ۽ سنڌ جي مڊل ڪلاس جا اڻ ڳڻيا ماڻهو هر روز سنڌ جي حقن جي سياست ڏانهن مائل ٿين پيا. پر منهنجي دوست سميع ڪنڌر کي به اهو فڪر ضرور آهي “اسان جي سياسي قيادت متحد ناهي ۽ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻ جو ٺاهه ڪرڻ باوجود سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي جي ڪردار ڪُشي ڪن ٿا. جنهن ڪري اهو تاثر وڌيڪ هٿي وٺي ٿو ته قومپرست قيادت متحد ناهي ۽ هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ جي جستجوءَ ۾ آهي. اهو رجحان ختم ٿيندو ته سنڌ متحد ٿي سگهي ٿي ۽ حقن جي حاصلات لاءِ هڪ طويل جدوجهد به ڪري سگهي ٿي”. انجنيئر سميع ڪنڌر کي سنڌين ۽ فلسطينين جي ڀيٽ ڪرڻ پسند ناهي هن جو خيال آهي ته قومن کي محض ڪنهن نقطي تي گڏ بيهاري سندن ڀيٽ ناهي ڪري سگهبي، هر قوم جو ورثو، تاريخ ۽ سماجي رهڻي ڪهڻيءَ جا اثر سندن سياسي مزاج تي پوندا آهن سندس موقف آهي ته “اگر سنڌين جي ڪنهن تحريڪ هن مهل تائين ڪا وڏي ڪاميابي ناهي ماڻي ته ان جي ڪري مايوس نه ٿيڻ گهرجي ۽ اميد ڪرڻ گهرجي ته نئين مڪاني نظام خلاف ئي اسان کي ڀرپور تحريڪ هلائڻ لاءِ تياري ڪرڻ گهرجي”.

ڊاڪٽر قادر مگسي چوي ٿو

تڪراري مڪاني نظام جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين

سنڌ اسميبليءَ پاران تازو ئي منظور ڪيل سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 بعد سنڌ جي سياسي صورتحال متعلق “افيئر” پاران سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر قادرمگسيءَ جي ٽيليفون وسيلي مختصر انٽرويو ڪيو ويو. ان انٽرويوءَ دوران ڊاڪٽر قادرمگسيءَ سنڌي ڳالهائيندڙ جي موجوده جدوجهد مان انتهائي مطمئن محسوس ٿيو پر ساڳئي وقت ڪجهه معاملن متعلق سندس راءِ موجب صورتحال گهڻي سٺي ناهي. ڊاڪٽر قادرمگسيءَ چيو ته بحيثيت سنڌي قوم اسان ڪمزور آهيون، جنهن ڪري اسٽيبلشمينٽ قدم به قدم اسان کان سنڌ ۽ بحيثيت سنڌي اسان کان اسان جا حق کسي رهي آهي. هن چيو ته جنهن رياست ۾ اسين رهي رهيا آهيون ان جو مزاج جمهوري ناهي ۽ اهي مستقبل طور تي اسان مٿان آمريتي انداز وارا فيصلا مڙهي رهيا آهن. اسان انهن فيصلن کي ناهي مڃيو ۽ پنهنجي طرفان جدوجهد ڪئي آهي ته حق وٺجن، پر حقن وٺڻ جي جدوجهد جي صرف هڪ چوٽ تي ئي اسٽيبلشمينٽ آڻ نه مڃيندي ۽ ڪجهه ماڻهو مارائڻ سان ڪو مسئلن جو دائمي حل نه نڪرندو. اسانکي ڊپريشن ۽ مايوسيءَ مان نڪري مستقل مزاجيءَ سان سياسي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادرمگسيءَ چيو ته اسان جون اڪثر تحريڪون بي مقصد رهيون آهن، اسان جي تحريڪن ۽ مطالبن ۾ تسلسل ناهي رهيو گهڻن موقعن تي اسانجو شعور رکندڙ ماڻهو شاڪ ۾ هليو وڃي ٿو، نئين مڪاني نظام تي به اسانجو شعور وارو سنڌي بس شاڪ ۾ هليو ويو آهي. پر اسان جي ماڻهن ۾ جيئن ئي جذبو جاڳي پوندو ته پوءِ اهو ڊپريشن ۽ شاڪ به ختم ٿي پوندو .اسان دراصل پنهنجي ماڻهن کي ڊپريشن مان ڪڍڻ جي به جدوجهد ڪري رهيا آهيون ته مايوس نه ٿجي. ڊاڪٽر قادر مگسيءَ چيو ته سنڌين جي وڏي اڪثريت وڏيرن جي نوگو ايرياز وارين ٻهراڙين ۾ رهي ٿي ان ڪري اتان جي ماڻهن کي ڪڍي روڊن تي يا شهرن ۾ آڻي احتجاج ڪرڻ ڏکيو آهي. پيپلزپارٽيءَ وٽ رياستي ادارن جي سگهه ۽ وسيلا آهن انهن کي استعمال ڪرڻ باوجود به هو حيدرآباد ۾ گهڻا ماڻهو گڏ نه ڪري سگهيا سندن ڀيٽ ۾ اسانجا احتجاج ته گهٽ منظم هجڻ باوجود ڪامياب رهيا آهن. ڊاڪٽر قادرمگسيءَ چيو ته اسان هڙتال ڪرايون ٿا، رود بند ڪيون ٿا، احتجاجي مظاهرا ڪيون ٿا ماڻهن کي ميڊيا يا ڪنهن ٻي وسيلي سان خبر پوي ٿي ته احتجاج ٿئي پيو، ڪهڙي مسئلي تي ٿئي پيو ۽ ڇو ٿئي پيو. ماڻهن کي خبر پوي ٿي پر اهو ضرور آهي ته ماڻهن سان انفرادي سطح تي اسان جو رابطو گهٽ آهي اسان کي ڳوٺ ڳوٺ وڃڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر قادرمگسيءَ چيو ته ميڊيا اگر اشتهارن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اچي ته اها به سنڌ جي حقن لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي ۽ ڪيترن موقعن تي ميڊيا ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. داڪٽر قادرمگسيءَ چيو ته مان مجموعي طور تي سنڌين جي حقن لاءِ ٿيندڙ احتجاج مان مايوس ناهيان.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چوي ٿو

عيد کانپوءِ ڪاري مڪاني نظام خلاف فيصلائتي جدوجهد ڪنداسين

سنڌ پيپلزلوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 جي منظوريءَ کانپوءِ واري صورتحال تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ “افيئر” سان ٽيليفون تي مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نئون مڪاني قانون منظور ٿيڻ کانپوءِ احتجاج جو جيڪو سڏ ڏنو ويو ان بعد سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ نئون قومي شعور جاڳيو آهي. جڏهن ته سنڌي عوام بي خوف ٿي پنهنجي ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار کهڙو هجي يا پير مظهر مڪمل پروٽوڪول ۽ پوليس تحفظ هجڻ باوجود سنڌي عوام سندن آڏو پنهنجي احتجاج جو اظهار ڪيو ۽ سنڌين جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڏوهه ۾ کين جوتا ڏيکاريا. ڊاڪٽر نياز چيو ته اسان جو عوام سان ۽ اڳواڻن جو هڪ ٻئي سان رابطو آهي مڪاني نظام خلاف جدوجهد تيستائين هلندي رهندي جيتائين اهو قانون واپس نه ٿو ورتو وڃي. هن چيو ته سنڌي ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت اڪثر ڪري ٿوري وقت کانپوءِ اسان جي سڏ ڏانهن متوجهه ٿيندي آهي اهو ان ڪري ٿئي ٿو ته رابطي ۽ ڳالهه پهچائڻ واري ڏس ۾ ڪجهه وقت لڳي وڃي ٿو. پر اسان هاڻي ان ڪم کي به تيز ڪيو آهي ته ڳوٺ ڳوٺ وڃي عوام سان رابطو ڪجي ۽ عيد کانپوءِ اسان مڪاني نظام خلاف فيصله ڪُن احتجاجي تحريڪ هلائينداسين.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو