Home / افيئر / آمريڪا جي مهربانيءَ سان جنس جو جهنم بڻيل بغداد
above article banner

آمريڪا جي مهربانيءَ سان جنس جو جهنم بڻيل بغداد

”جيڪڏهن صدام حسين پنهنجي ڪوڙي مڳي ۽ انا واري هوڏ تي ضد ٻڌي نه بيهي ها ته اڄ عراق جي عزت هيئن ملڪان ملڪ ويڪُو وکر وانگر بازار جو سينگار نه بڻجي ها. اڄ مان پنهنجي عراقي مڙس ۽ ان مان ٿيندڙ ٻارن سان پنهنجي گهر ۾ عزت سان ويٺي هجان ها، هيئن دمشق شهر جي گهٽين ۾ مانيءَ جي ويلي لاءِ عزت وڪرو ڪندي نه وتان ها، آمريڪا، عراق جي نسلن کي عزت، گهر ۽ وطن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.”

طاهره السعيد شام جي شهر دمشق جي سوق الحميديه ( مارڪيٽ) وارين گهٽين ۾ شام کان اڌ رات تائين رلندي رهي ٿي، هن جو اصل لاڳاپو عراق جي شهر بصره سان آهي پر آمريڪا پاران عراق تي حملي کانپوءِ لکين ٻين هم وطنن وانگر طاهره جو خاندان به پنهنجي ملڪ مان عزت ۽ جان بچائي سرحد پار ڪري شام ملڪ ۾ اچي رهيو آهي، پر هاڻي هتي به حالتون عراق کان وڌيڪ سٺيون نه رهيون آهن، خاص طور تي عراقي پناهگيرن لاءِ شام، ايران ا ڪنهن به ٻئي ملڪ ۾ عزت واري روزي روزگار جو ڪو بندوبست ناهي، جيڪا عزت اهي ماڻهو عراق مان بچائي نڪتا هئا، اها پرديس ۾ مانيءَ ڳڀي لاءِ ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا وڪرو ڪرڻي پوي ٿي. طاهره السعيد جهڙيون لکين عراقي ڇوڪريون عرب ملڪن ۾ عياشيءَ جو سامان بڻجي ويون آهن. هنن ملڪن ۾ اهي غير ملڪي ڇوڪريون مڪاني ماڻهن لاءِ زبردست تفريح بڻجي پيون آهن، انهن لاءِ سرڪاري يا پرائيويٽ دفترن ۾ روزگار جا دروازا ته بند آهن، باقي نائٽ ڪلبن، ڊانس بارز ۽ هوٽلن ۾ کين هٿو هٿ ورتو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته لوڪل عياش ماڻهوءَ لاءِ غير ملڪي تفريح جو سامان سدائين پرڪشش هوندو آهي.

طاهره السعيد جهڙين عراقي پناهگير ڇوڪرين ۽ سندن ڪٽنبن کي گڏيل قومن پاران امدادي چيڪ به ملندا آهن پر اهي پئسا ايترا ٿورا هوندا آهن، جن مان ٻه ويلا ماني نه ٿي کائي سگهجي.

“يو اين جو چيڪ هاڻي هفتي هفتي ٿو ملي، ٽي ڊالرفي ماڻهو چيڪ جي رقم مان منهنجي ننڍڙي ڀاءُ حماد لاءِ کير جو دٻو به نه ٿو اچي، جڏهن کان شام ۾ حالتون خراب ٿيون آهن، هتي ماڻهو مار مهانگائي ٿي وئي آهي. اڳي ٻن ڊالرن ۾ جيڪو بريڊ وٺي گهر ويندي هيس ته سڀئي ڀاتي ان مان گذارو ڪري ويندا هئا. هاڻي اهو ساڳيو بريڊ ساڍا چار ڊالر ۾ ٿو ملي ۽ اهو به ڊگهي قطار ۾ بيهڻ کان پوءِ. جيڪڏهن مان مُنو ڏينهن لائن ۾ بيهي سودو وٺان ته پوءِ “ ڪم” ڪيڏي مهل ڪيان ؟ منهنجو “ڪم” اهڙو آهي جو مون کي روزانو ڪلاڪ ڏيڍ ميڪ اپ ۽ ٻي تياري ۾ لڳي ٿو. ان کان پوءِ سائيڪو ڪيس بڻجي ويل ماءُ کي مڃائڻ ۾ به ڪلاڪ اڌ لڳائڻو پوي ٿو، جيڪا منهنجي هن ذليل ڌنڌي تي روز ڪِرڪِر ڪندي آ ۽ مان جيئن تيار ٿيندي هان، تيئن هو ٻاهريون در جهلي بيهي رهندي آ ته يا تون انهيءَ ڌنڌي تي نه وڃ… پر جي وڃين ٿي ته مونکي به وٺي هل ته ٻيڻا ڏوڪڙ ڪمائي اچون !. هن ويچاريءَ کي ڪير سمجهائي ته بازار ۾ جيڪا جنس وڪرو ٿئي ٿي، اها رڳو عورت هجڻ ڪافي ناهي، پر اصل وکر جوان هجڻ آهي، صورت شڪل چڱي ۽ فريش هجڻ تي ئي اگهه چڱو ملي ٿو، ايئن ڪندي ڪندي منهنجو ٽائيم ڏاڍو خراب ٿيندو آ— لڙي رات جڏهن دمشق جي گهٽين جي رونق ختم ٿئي، تڏهن مان به ٿڙندي ٿاٻڙندي گهر موٽندي هان. گهر جي گهٽيءَ ۾ انهيءَ ٽائيم به اسان جا هم وطن عراقي مرد ويٺا تاس ۽ چيس کيڏندا آهن، جيڪي مون جهڙين ڇوڪرين کي ڏسي واهيات جملا ڳالهائيندا آهن ۽ تاس جي پتن ڀرسان رکيل سڪا کڻي مون کي آڇيندا ته هي پئسا وٺ، اسان کي به ته حق آ ته تفريح ڪيون. اسان ته تنهنجا پنهنجا آهيون” اهي لفظ ڪهڙي ڇوڪري برداشت ڪري سگهندي ؟— ڀلي اها مون جهڙي ذلت ڀري زندگي ئي گذاريندي هجي پر ڪنهن کي ڪهڙو حق آ ته ان کي طعنا هڻن؟”

طاهره السعيد لاءِ زندگي عراق ۾ به گلڙن جي سيج نه هئي پر اتي هوءَ عزت سان رهندي هئي، هن ڪرد نوجوان سان لوَ ميريج ڪئي

طاهره السعيد لاءِ زندگي عراق ۾ به گلڙن جي سيج نه هئي پر اتي هوءَ عزت سان رهندي هئي، هن ڪرد نوجوان سان لوَ ميريج ڪئي هئي، جنهن ڪري پنهنجي برادري جي ڏمر جو شڪار ٿي هئي، ان سان گڏ سندس ساهرن به کيس پنهنجو نه ڪيو هو، ظلم وري اهو جو سندس مڙس به شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي طاهره کي ڪٽڪو ڏيڻ معمول بڻائي ڇڏيو هو،ا ن ڪري هوءَ اتي به ڏاڍي بيزار هئي ته ڪنهن ريت انهي ظلم مان نڪري. جڏهن 2006ع ۾ عراق ۾ نسلي ويڙهه شروع ٿي ته سندس مڙس کي عراقين آمريڪي جاسوس قرار ڏئي ڌمڪايو ته هو بغداد مان ڀڄي وڃي نه ته کيس زال سميت قتل ڪيو ويندو، اڻين طاهره پنهنجي ڪرد مڙس سان بغداد مان نڪري دمشق اچي پهتي پر هتي اڃا وڏي بدقسمتي سندس انتظار ۾ هئي. سال به نه گذريو ته سندس مڙس گم ٿي ويو ۽ هن نئين ملڪ ۾ هوءَ اڪيلي رهجي وئي. حالتون هتي به خراب ٿيڻ لڳيون ۽ هوءَ ماني ڳڀي لاءِ محتاج ٿي پئي.

هن مڪتب الخميني اداري سان رابطو به ڪيو جيڪو انهن بيواهن جي امداد ڪندو آهي جيڪي جنگ ۾ رنڙ ٿيو هجن،انهن کيس مُتا (عارضي شادي) ڪرڻ جي صلاح ڏني، هن اهو ڦاهو کائي ڇڏيو ۽ ڦاسي وئي. عراق ۽ ايران ۾ ته انهيءَ شادي کي قانوني يا سماجي طور برو نه ٿو سمجيو وڃي پر شام ۾ ايئن ناهي، هن کي نيٺ عارضي مڙس مان جان ڇڏائڻي پئي ۽ ان کانپوءِ کيس روزانو ڏهاڙي لڳائڻ لاءِ نئين ڳولا ڪرڻي پوي ٿي. ان وچ ۾ سندس والدين به عراق مان جان بچائي دمشق اچي پهتا ۽ هاڻي کيس پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ماءُ پيءُ کي به پالڻو پيو، ايئن کيس دمشق جي گهٽين ۾ مني رات تائين پاڻ وڪرو ڪرڻو ٿو پوي.

بغداد مان عزت وڃائي پر جان بچائي بيروت پهچندڙ نورا جو نصيب به طاهره کان بهتر ناهي، فرق ايترو آهي ته هن پنهنجي عزت عراق ۾ ئي پنهنجي هم وطنن هٿان وڃائي ۽ هاڻي لبنان ملڪ جي شهر بيروت ۾ واٽ جو وکر بڻجي وئي آهي.

“مون کي جڏهن اغوا ڪيو پئي ويو ته منهنجي مڙس بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو پر هو پنج ڇهه ڄڻا هئا ۽ هٿيار بند به هئا سو انهن منهنجي مڙس کي پنهنجي پر ۾ ماري مونکي گاڏي ۾ اڇلايو، زندگي هئي جو مون وارو مڙس بچي ويو، جنهن کي پاڙي وارن اسپتال ۾ داخ ڪرايو هو، مون کي اهي جانور کڻي هڪڙي گودام ۾ آيا اتي اڳي ئي ڏهه ٻارهن ٻيا به موجود هئا، هفتو کن مون تي زندگي عذاب بڻيل رهي ۽ پوءِ آمريڪي ۽ اتحادي فوجين ان گوادام کي گهيري ورتو ته انهن ظالمن مان ڪي ڀڄي نڪتا ۽ ڪي پڪڙجي پيا، مون کي آمريڪي فوجين ڪپڙا ۽ ماني ٽڪي ئي ڪڍي ڇڏيو ته مون مڙس جي ڳولا ڪئي ۽ اسان ٻئي ٻارن کي ساڻ ڪري عراق کان نڪري بيروت آياسين، مان هتي عراقين سان ڪو لڳ لاڳاپو نه رکندي هان،… مون هاسيڪار فقط لبنانين سان ئي واسطا وڌايا آهن، هتي پهچي منهنجي مڙس کي غيرت جاڳي ته مان سڄو هفتو عراقي لٽيرن سان سُتي هان، ان ڪري هو مون کي ڇڏي هليو ويو. تنهن کان پوءِ پنهنجو ۽ ٻارن جو پيٽ پالڻ لاءِ مون ڏاڍو لوڙيو آ. گهرن ۾ ٿانو ٻهاري ڪرڻ جا ڪم ڪيم ته اتي به لبناني مرد پويان پئجي ٿي ويا ۽ انهن جون عورتون مون کي مار ڏئي گهران ڪڍي ڇڏينديون هيون ته تنهنجي ڪري اسان جو گهر ٿو ڦپٽي”

طاهره ۽ نورا جهڙين بدنصيب عراقي عورتن بابت عراقي صحافي احمد علي ڪافي کوجنا ڪري رهيو آهي جيڪو پاڻ به آمريڪين جا ظلم سهڻ کانپوءِ بغداد مان ڀڄي شام پهتو آهي، هو چو ي ٿو:

“ عراق تي آمريڪي قبضي کانپوءِ اسان جي عراقي عورتن ۽ ڇوڪرين سان وڏا ڪلور ڪيا ويا آهن. افسوس اهو آهي ته بي ڏوهه عراقي ڇوڪريون ڌارين کان وڌيڪ پنهنجي عراقي مردن هٿان ستايون ويون آهن، لکين ريپ ڪيس اهڙا رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ عراقي مرد ملوث آهن، آمريڪي يا اتحادي فوجي به فرشتا ناهن پر اهي ايترن گهڻن واقعن جا ذميوار ناهن. مون انهن واقعن کي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي آهي، پر عراقي ڪميونٽي مان ڪو به ماڻهو ان موضوع تي کلي ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، ايتري قدر جو متاثرڇوڪريون به نٿيون ٻڌائن، جيڪي اهڙن ظلمن مان گذري هاڻي ٽڪي ٽڪي تي پاڻ کي کپائينديون ٿيون وتن يا ڊانس بارز ۾ ننگا ناچ ڪري پيٽ پالين ٿيون. جنگ ڏاڍي بڇڙي بلا آهي، جڏهن صدام آمريڪا خلاف ڊاڙون هڻندو هو ۽ عراقي ڇوڪرين جا هٿياربند ٻين جٿا هوا ۾ رائفلون لهرائي آمريڪا کي سبق سيکارڻ جا عزم ڪندا هئا ۽ اهڙا ڦوٽو اسان اخبارن جي فرنٽ پيجز تي شايع ڪندا هئاسين ته ڏاڍا جذباتي هوندا هئاسين پر جڏهن عراق تي بمباري ٿي ته مون کي اهڙي ڪا مسلم ڇوڪري نظر نه آئي، جيڪا ملڪ جي بچاءَ لاءِ هٿيار کڻي نڪتي هجي، ڪجهه ڇوڪرين کي مسلم باغي ڌڙن خودڪش حملي آورن طور ضرور استعمال ڪيو پر ڪا وڏي تحريڪ اهڙي نه اٿي، جهڙي ڊاڙ لڳندي هئي. هاڻي ماضي جون اهي گوريلا گرلز مختلف ملڪن ۾ سيڪس ورڪر طور گذارو ڪري رهيون آهن،اسان لاءِ ان کان وڏي ذلت ٻي ڪهڙي هوندي ؟” گڏيل قومن جي رپورٽ موجب هن وقت 20 لک عراقي پناهگير مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا، جن مان اڪثر شام، اردن ۽ لبنان ۾ آهن. شام ۾ صورتحال بگڙڻ تي اتان به ڌڪجي اهي ٻين ملڪن ڏانهن نڪري رهيا آهن، هاڻي به هر مهيني هزارين عراقي ڪٽنب عراق مان ڀڄي نڪرن ٿا. عراق اندر ئي 18 لک ماڻهو بي گهر ٿي رلندا ٿا وتن ۽ آهن ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ ٻارڙن جو آهي.

هيومن رائٽس واچ جي 2003ع جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنسي طور متاثر ڪيل عراقي ڇوڪرين ۽ عورتن جا ڪي به انگ اکر ٻڌائي نه ٿا سگهجن. ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪا به ڇوڪري يا مائي پاڻ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، باقي اهي سروي موجود آهن ته عراقي پناهه گير عورتن جو اٽڪل 60 سيڪڙو غير اخلاقي ڌنڌن ذريعي پيٽ پالي رهيو آهي.عراق کان ٻاهرين ملڪن ۾ هن وقت ڏهن لکن کان وڌيڪ عراقي عورتون پناهگيرطور رهن پيون. ان حساب سان اهڙين عورتن جو تعداد ڇهه لک کن ٿئي ٿو. اهو تمام وڏو تعداد آهي، ان ذريعي عراق جي هڪ نسل کي اخلاقي طور تباهه ڪيو ويوآهي.

انٽر نيشنل ريسڪيو ڪاميٽي، اهڙي تنظيم آهي جيڪا جنگ کان متاثر علائقن ۾ عورتن تي جنسي تشدد خلاف ڪم ڪري ٿي ۽ متاثر ٿيل عورتن جي بحالي لاءِ اپاءَ به وٺي ٿي. آ ءِ آ سيءَ جي سينيئر ايڊوائيزر هيدي ليمن چوي ٿي:

“وار زونز ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف ٿيندڙ ڏوهن ۾ حيرتناڪ هڪجهڙائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي.جنسي ڏوهه ٻين ڏوهن کان تمام گهڻا ٿين ٿا، ايئن ٿو لڳي ته جنگ جي ماحول ۾ مرد جنسي جنوني ٿي وڃن ٿا. حملي آور فوجي ۽ ٻيا ماڻهو ته مڪاني عورتن تي عذاب بڻجي ڪڙڪن ٿا پر انهن کان وڌيڪ لوڪل مرد جانور ٿي وپون ٿا، انهن کي ڪنهن به عورت خلاف اڳتي وڌڻ لاءِ بس ڪنهن ننڍڙي بهاني جي ضرورت هوندي آهي.

عراق تي آمريڪي حملي کانپوءِ شيعه سني بنياد تي جنسي ڏوه تمام گهڻا ٿي رهيا آهن هڪ عراقي عورت سڊين الجزيره ٽي وي تي پنهنجو درد ڀريو داستان ٻڌائي ماڻهن کي روئاري ڇڏيو هو، هن جو چوڻ هو ته کيس ٽن شيعه پوليس وارن انهي ڪري اغوا ڪري ريپ ڪيو جو هوءَ سني هئي، پوليس وار کيس لاڳيتو هفتو کن نشانو بڻائيندا رهيا هئا.

“جڏهن به منهنجي سيل فون تي ڪو انٽرنيشنل ٽيڪسٽ ميسيج “بِلنڪ” ڪري ٿو، مان دهلجي ٿي وڃان ته وري منهنجي مائٽن ڌمڪي اُماڻي هوندي، جنگ ايڏي بڇڙي بلا آهي جو رت جي رشتن مان به غيرت ۽ حياءُ هليو ٿو وڃي. منهنجا سڳا ڀائر منهنجا ۽ منهنجي ڌيئرن جا دشمن ٿي بيٺا آهن ۽ اهي ڏوڪڙن لاءِ پنهنجي ڀيڻ ۽ ان جي معصوم ڌيئرن کي سيڪس ٽريڊ ۾ آڻڻ چاهين ٿا”

اُ مِ علي به ٻين پناهگير عورتن وانگر پنهنجو ڌيئر ساڻ ڪري بصره کان ڀڄي شام ۾ اچي پناهه ورتي، بصري ۾ سندس سڳا ڀائر بيروز گار ۽ نشئي ٿي چڪا هئا. اهي پنهنجي جوان ٿيندڙ ڀاڻيجن کي وڪرو ڪري پنهنجو خرچ پکو پورو ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا، جن کان ڊڄي اُمَ علي اتان نڪري آئي. هن جو مڙس آمريڪين جا مختلف ڪم ڪري گذارو ڪندو هو، جنهنڪري عام عراقي به سندن دشمن ٿي چڪا هئا.

عراقي ماهر نفسيات ماري سمان ڪٽنبن يا ويجهن رشتن جي اهڙن روين بابت چوي ٿي.

“ عراقي جوان عوتون جيڪي ملڪ ڇڏي پرديس نڪري ٿيون وچن، انهن کي اُتي پهريون مسئلو پيٽ جو ۽ ٻيو عزت جو پيش اچي ٿو. ايستائين جو ڪافي متاثر عورتن اهو اعتراف ڪيو آهي ته کين پهريون ڀيرو پنهنجي ئي ڪنهن مائٽ سيڪسيوئل هراسمينٽ جو شڪار بڻايو هو ۽ پوءِ اهو ئي ظلم کين بازاري وکر بڻائڻ تي ضد ٻڌي بيٺو ته اهي ملڪ ڇڏي آيون پر مسئلو اهو آهي ته ٻئي ملڪ ۾ به انهن لاءِ ماني پڪي نه پئي هوندي آ—شام هجي يا لبنان، پناهگير عورت کي پيٽ پالڻ لاءِ ڪٺن زندگي گذارڻي پوي ٿي.جيڪڏهن اها جوان ۽ سهڻي به آهي ته پوءِ کيس زوريءَ سيڪس ٽريڊ ۾ ڌڪيڪو وڃي ٿو، ايستان جو ان معاملي ۾ ويجها مائٽ به دشمني ڪن ٿا. اُمَ علي جهڙيون هزارين عورتون آهن، جيڪي اهڙي ڏاڍ کان بڄي نڪتوين اهن ۽ هاڻ يمائٽن کان ڪي لڪي رهن ٿيو، جيڪي کين هٿ ڪرڻ لاءِ لاڳاتار پيڇو ڪندا رهن ٿا. آمريڪي جگن ۾ سڀ کان گهڻو عراقي عورتون ڀوڳي رهيون آهن”

“دنيا ڏاڍي ننڍڙي آهي… ڪيستائين لڪندي رهندينءَ ؟”

اُمَ علي جي شادي 12 سالن جي عمر ۾ ٿي ۽ ان کانپوءِ سندس مڙس لڳاتار کيس ڪٽيندو رهيو آهي. عراق ڇڏي اچڻ کانپوءِ هن ٽنهي ٽين ايجر ڌيئرن کي به مارڻ شروع ڪيو ته اهي ڪمائين ڇو نه ٿيون، اُمَ علي انهيءَ مطالبي آڏو ديوار بڻجي بيٺي ته ڇوڪريون ننڍيون آهن، اهي روزگار لاءِ نڪتيون ته خراب ٿي وينديون، هونئن به عراق پناهگير ڇوڪريون شامي، لبناني ۽ اردني مردن لاءِ آسان شڪار ثابت ٿين ٿيون. اُمَ علي عراق ۾ ڇوڪرين کي پنهنجي ڀائرن يعني ڇوڪرن جي مامن کان بچايو جيڪي اڃا به کين ڳوليندا ٿا وتن ته جيئن هٿ اچن، تيئن کين کپائي هزارين ڊالر حاصل ڪن ۽ پنهنجي زندگي ٺاهين، هاڻي ڇوڪرين جو پيءُ سندن دشمن ٿي بيٺو آهي، اُمَ علي کي اهو به شڪ آهي ته سدس وڏي ڌيءَ ماه لقا ڳجهي نموني شامي ڇوڪرن جي ڪنهن ٽولي سان رابطي ۾ اچي چڪي آهي، جيڪي کيس بليڪ ميل ڪن ٿا پر ماه لقا اها ڳالهه مڃڻ ۽ مسئلو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي. هن لاءِ اهو مسئلو به آهي ته ڪيئن عراقي مريدن سندن پويان آهن، جيڪي نه رڳو هن جو پر ٽنهي ڇوڪرين جو سڱ به گهرندا رهندا آهن. اُمَ علي کي شڪ آهي ته انهن مان گهڻا مرد آمريڪا ۽ يورپ ۾ عراقي عورتن، خاط طور ننڍين ڇوڪرين کي نوڪريءَ جي لالچ ئي وٺي وڃي ڳاڙهين بازان (Brothels) ۾ وڪرو ڪن ٿا.

هن مجبور ٿي مڙس کان خُلع گهري آهي، جنهن تي هوءَ گهر ڇڏي ڇڙهن جي هڪ اوطاق تي وڃي رهي آهي ۽ طلاق ڏيڻ کان انڪار ڪيو اٿس، هوڏانهن گهر جو ڪِرايو نه ملڻ تي گهر مالڪياڻي، اُمَ عليءَ کي ڌمڪي ڏني آهي ته يا هو چئن مهينن جو رهيل ڪرايو هفتي کن ۾ ادا ڪري يا وري پنهنجي وڏي ڌيءَ جي شادي سندس رنڙ ڀاءُ سان ڪرائي—پوءِ ڀلي بنا ڪرائي جي سندس گهر ۾ رهي پئي هجي !

جيڪڏهن هو ڪرايو ڀري ٿي ته گڏيل قومن جي امداد مان هن وٽ فقط ايترا پئسا بچن ٿا جو هوءَ ڏيڍ ڊالر ڏهاڙي گذارو ڪري، ايتري گهٽ رقم ۾ هوءَ پنهنجي ٽن ڌيئرن ۽ ننڍڙي پٽ جو گذارو ڪٿان ڪري ؟

اهو سوال هن کي مجبور پيو ڪري ته هوءَ به هزارين عراقي عورتن وانگر پيٽ گذاري لاءِ عزت تان هٿ کڻي!

ڀائرن جي ڌمڪين، مڙس جي بي رخي ۽ ڌارين ماڻهن پاران تنگ ڪرڻ تي اُمَ علي اڌڌچري ٿي چڪي آهي.

( هلندڙ)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو