Home / افيئر / اسرائيل طرفان ياسر عرفات جي نائب ابوجهاد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف
above article banner

اسرائيل طرفان ياسر عرفات جي نائب ابوجهاد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف

اسرائيل اعتراف ڪري ورتو آهي ته سندس ڪمانڊوز 1988ع ۾ فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي نائب خليل الوزيه عرف ابوجهاد کي تيونس ۾ هڪ حملي دوران قتل ڪري ڇڏيو هو. هن ڪارروائي ۾ ملوث اسرائيل جا اعليٰ فوجي عملدار اڄڪلهه اهم سياسي عهدن تي فائز آهن. هڪ دفاع جو  وزير ابيهوديبراڪ ۽ ٻيو نائب وزير اعظم موسيٰ يالون آهي. هن ڪارروائي وقت البهود براڪ فوج جو نائب سربراهه هو، شهيد ابوجهاد جي پٽ ۽ فلسطين جي مرڪزي بئنڪ جي هاڻوڪي سربراهه ابوجهاد الوزير مذڪوره رپورٽ تي ڪوبه تبصرو ناهي ڪيو، باقي پي ايل او ۾ بالادستي رکندڙ فتح تحريڪ جي ليڊر عباس ذڪي شهرين ۽ فلسطين تي زور ڏنو آهي ته اسرائيل جي طرفان پنهنجي اهڙي گناهه جي اعتراف کانپوءِ اهي ان خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي لاءِ قدم کڻن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو