Home / ڪرنٽ افيئر / اقتداري ٽه ڪنڊي جا لڏندر برج
above article banner

اقتداري ٽه ڪنڊي جا لڏندر برج

 

گذريل پندرهن ڏينهن ۾ جيڪي واقعا ٿيا آهن، تن مان عام تاثر اهو ملي ٿو ته اقتداري ٽڪنڊي جا ٻه چيف پاڻ ۾ اٽڪي پيا آهن. ڀلي کڻي حقيقت ان جي ابتڙ هجي پر هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ ڪيترن ئي واقعن اهڙو تاثر ضرور ڏنو آهي. انهن واقعن جومختصرليکو ڪجهه هن ريت بيهي ٿو: ملڪ ۾ چوٽيءَ وارين ڪورٽن حاضر توڙي ريٽائرڊ جرنيلن جا ڪيس ٻيهر کڻڻ ۽ کولڻ شروع ڪيا آهن. جيڪي ڪيس تازو ئي ٻڌا ويا آهن تن ۾ بلوچستان ۾ ماڻهنکي گم ڪرڻ جي ڪيس کان ويندي اليڪشنون چورائڻ، اين ايل سي، پاڪستان ريلويز ۽ فوجي فائونڊيشن ۾ بدانتظامين ۽ ڪرپشن تائين نموني نموني جا ڪيس شامل آهن.هنن ئي ڏينهن ۾ چيف جسٽس پنهنجي Rejoinder(”وٺ جواب!“)۾ چيو ته ”رڳو ٽينڪون ۽ ميزائيل ئي پاڪستان کي محفوظن ٿا رکي سگهن.“ چيف صاحب هڪ ٻئي خطاب ۾ آئين جي پاسداري ۽ احتساب جي فائدن ۽ برڪتن تي تفصيل سان روشني وجهي پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪئي. ان کان پوءِ ڪورٽ سڳوري ڪجهه عرصي کان پينڊنگ پيل ان پٽيشن کي به ڪاز لسٽ تي آندو جنهن ۾ ٻئي چيف صاحب جي نوڪريءَ جي مدي ۾ امڪاني واڌ تي اعتراض اٿاريا ويا آهن. راولپنڊي بار ايسوسي ايشن پنهنجي قبيلي جي چيف صاحب جي حمايت ۾ ٺهراءُ منظور ڪري ٻئي چيف صاحب خلاف هڪ وڻ وڄائي ڇڏيندڙ بيان جاري ڪيو. جنهن چيف صاحب خلاف اهو بيان جاري ٿيو تنهن وري سڀني ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ جي ”تلقين“ ڪئي. اهي سڀ واقعا هڪ ٻئي پٺيان ٿيا ۽ انهن جي پڄاڻي وڃي ان واقعي تي ٿي جنهن ۾ ڪجهه اڻ ڄاتل ماڻهن چيف صاحب جي نوڪريءَ جي مدي ۾ امڪاني واڌ کي چيلينج ڪندڙ درخواست گذار کي ڪنهن جاءِ تي وڃي سوڙهو ڪيو ۽ کيس ماري ماري رتو رت ڪري هليا ويا.

 

اليڪشن چورائيندڙ جرنيل جي عدالت کي ڏنل ان بيان تي ميڊيا ۾ دلچسپ ۽ دل ڏاريندڙ تبصرا جاري آهن ته جيئن ته هن انڊين آرمي ايڪٽ تحت حلف کنيو هو نڪي پاڪستاني آئين تحت، تنهنڪري هن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 جي ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي. ڪنهن چيو ته هاڻي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اسان جي جرنيلن ملڪي آئين کي ٽوڙڻ ۾ ڪڏهن به ڪا جهجهڪ ڇو نه محسوس ڪئي. ڊان اخبار جي ايڊيٽر کي لکيل هڪ خط ۾ ڪنهن پڙهندڙ لکيو ته ”ان مان خبر پئجي وڃي ٿي ته پراڻي قانون تحت حلف کڻندڙ جرنيل پاڪستان جي بقا لاءِ ٿيندڙ جنگيون ڇو نه کٽي سگهيا!“

اهو سڀ هڪ طرف آهي، ۽ ٻئي طرف قانوني، تحقيقاتي ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي لحاظ کان کاڌل هڪ نهايت اهم بولاٽي آهي جنهن کان اسان جي سنڌي پڙهندڙن کي آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. نائنٽي ڊگريءَ جي هي بولاٽي ممبئي حملي جي ڪيس جي تحقيقات ۽ ٽرائيل جي ڏس ۾ کاڌي وئي آهي جيڪا ڌر ڌڻين جي پاليسيءَ ۽ نيتن ۾ هڪ اهم تبديليءَ ڏانهن اشارو ڪري ٿي. ان جا تفصيل هن ريت آهن:

تازو ئي ملڪ جي پنج مختلف علائقن ۾ سي آءِ ڊي کاتي جي انچارچ انسپيڪٽرناينٽي ٽيررازم ڪورٽ جي جج چوڌري حبيب الرحمان اڳيان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا آهن. هنن بيانن ۾ ثبوتن آڌار چيو ويو آهي ته 26 نومبر 2008ع تي جن دهشت گردن ممبئي شهر تي حملو ڪيو هو سي لشڪر طيبه (جنهن جو نالو هاڻي جماعت الدعوه آهي) سان لاڳاپيل هئا جن مانسهري، مظفر آباد، خيرپور، ٺٽي، ميرپور ساڪري ۽ ڪراچيءَ جي گڏاپ ٽائون ۾ قائم ٽريننگ ڪيمپن ۾ تربيت حاصل ڪئي هئي. ياد رهي ته ممبئي حملي دوران زندهه بچي ويل اڪيلي جوابدار اجمل ڪساب تي ڀارت ۾ ۽ جماعت الدعوه جي ڪمانڊر ضياءُ الرحمان لکوي تي پاڪستان ۾ ڪيس هلي رهيو آهي. لکويءَ کي ممبئي قتل عام جو ماسٽر مائنڊ سمجهيو وڃي ٿو.

هي ڪيس ته ڪافي ورهين کان عدالت آڏو پيل هو ۽ دنيا ڇا جو ڇا چئي رهي هئي پر هي ان حوالي سان پنهنجي نوعيت جو پهريون سرڪاري انڪشاف يا اعتراف آهي. هن کان اڳ اهي ڳالهيون انٽرنيشنل ميڊيا ڪندي هئي ته هتي انهن کي پروپيگنڊا سڏي رد ڪيو ويندو هو. هاڻي هرڪنهن جي ذهن ۾ اهو اڻٽر سوال پيدا ٿي رهيو آهي ته آخر پاڪستان جي سويلين جاسوس ادارن ايف آءِ اي ۽ سي آءِ ڊي چئن ورهين کان پوءِ اوچتو ان ڳالهه جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي ته جيڪي ثبوت هنن وٽ ڪافي وقت کان موجود هئا سي هن مرحلي تي ڪورٽ اڳيان پيش ڪيا وڃن ته ڪير ڪير ملوث هو ۽ ڪٿي ٽريننگ ڏني وئي وغيره.

 

باخبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته تازو ئي ساڳئي ڏوهه جي هڪ ٻئي ڪردار جماعت الدعوه جي ڪمانڊر ابو جندال (جيڪو سعودي عرب ۾ روپوشيءَ دوران پڪڙجي پيو هو) کي سعودي سرڪار ڀارت ڏانهن بي دخل ڪيو آهي. ابوجندال ڀارتي تحقيقاتي ادارن اڳيان سڄي ڳالهه کولي بيان ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ هاڻي هتان وارن ادارن وٽ سواءِ ان جي ٻي ڪا واهه ئي ڪانهي ته هو به پاڻ وٽ موجود ثابتيون ڪورٽ اڳيان پيش ڪري اهو ٻڌائين ته سندن هٿ صاف آهن ۽ هو ڪجهه به لڪائين ڪونه پيا. جن ماڻهن نيشنل جاگرافڪ تي ممبئي حملي جي ڊاڪيومينٽري ڏٺي آهي تن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته حملو ڪندڙ جنهن شخص سان فون تي ڳالهائي رهيا هئا سو ابو جندال هو. ابوجندال جي ڀارت حوالي ٿيڻ کان پوءِ هاڻي ڀارتي اختيارين کي هن ڪيس جا ٻه ملزم هٿ اچي ويا آهن.

ضياءُالدين عرف ابوجندال جي باري ۾ اطلاع آهن ته هو ڀارتي ڪشمير جو رهواسي آهي جيڪو ممبئيءَ تي حملي کانپوءِ پاڪستاني پاسپورٽ تي سفر ڪندي سعودي عرب هليو ويو هو. سعودي سرڪار هٿان گرفتار ٿيڻ ۽ ڀارت حوالي ٿيڻ کانپوءِ اتي هن جيڪا سربستي ڪهاڻي ٻڌائي آهي تنهن هتي وارن لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. مثال طور ميڊيا جي اطلاعن مطابق ابوجندال اهو به ٻڌايو ته راولپنڊيءَ جي اڊيالا جيل ۾ پوريل ضياءُ الرحمان لکوي قيدي نه پر سرڪاري مهمان وانگر رهي ٿو. کيس سندس زالن مان سڀ کان ننڍي گهر واريءَ سان پرائيويسيءَ واريون ملاقاتون ڪرايون وينديون آهن. اهڙين ئي ملاقاتن جي نتيجي ۾ لکوي پنجن سالن جي قيد دوران هڪ ٻار جو پيءُ ٿي ويو آهي ۽سندس ان ٻار جي عمر هن وقت 2 سال آهي. ابوجندال جو چوڻ هو ته اها خوشيءَ جي خبر کيس لکويءَ پاڻ ٽيليفون تي ٻڌائي.ٻئي پاسي، اجمل ڪساب ڪافي وقت اڳ ڏنل پنهنجي بيان ۾ چئي چڪو هو ته ڪراچيءَ ۾ ٿيندڙ ٽريننگ ۽ مختلف ميٽنگن دوران ابوجندال موجود هوندو هو.

ممبئي حملي کان گهڻو اڳ جولاءِ 2005ع ۾ هيرالڊ ميگزين اسٽوري ڏني هئي ته جماعت الدعوه جي ويڙهاڪن کي ٽريننگ ڏيڻ لاءِ مانسهري ۾ هڪ ڪيمپ قائم آهي ۽ اتي القاعده جا ماڻهوٽرينر طور رهائش پذير آهن. ان وقت ان اسٽوريءَ کي بي بنياد قرار ڏنو ويو هو پر اڳتي هلي اها ڳالهه پڌري ٿي ته اسامه بن لادن جو خيال هو ته جيئن ته اتي هن جا پنهنجا ماڻهو موجود آهن تنهن ڪري هو مانسهري ۾ رهائش پذير ٿئي، پر ڪن سببن جي ڪري هن ايبٽ آباد کي ترجيج ڏني جيڪو بهرحال مانسهري کان اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي آهي.

اسامه بن لادن جي گهر مان هٿ آيل ثبوتن مان آمريڪا کي خبر پئي ته جماعت الدعوه جو سربراهه حافظ سعيد ۽ اسامه بن لادن مسلسل رابطي ۾ هئا. اهڙي ثابتي ملڻ کان پوءِ 2012ع ۾ آمريڪا حافظ سعيد تي هڪ ڪروڙ ڊالرن جو انعام رکي ڇڏيو.

هي هيڏي ساري ڪلٽي کائڻ جو هڪڙو سبب ته اهو آهي ته هاڻي جڏهن سڄي ڪهاڻي کلي وئي آهي ته همراهن وٽ سواءِ ان جي ٻيوڪو چارو ڪونه بچيو آهي ته لکويءَ واري ڪيس ۾ سڀ ثابتيون پيش ڪري صاف سٿرو مقدمو هلرائي دنيا کي ٻڌائين ته هنن ڪابه شيءَ لڪائي ڪانهي.

پرنورچشم حافظ سعيد جي مٿي تان ورهين کان رکيل دست شفقت اوچتو هٽائڻ جو ڪو ٻيو سبب به ضرور هوندو. خبر ناهي ته اهو ڪيترو صحيح آهي، پر چيو پيو وڃي ته هڪ سبب اهو به آهي ته اسلام آباد هاڻي پاڙيسري ملڪ سان ويجها ۽ واپاري لاڳاپا رکڻ ۾ سيريئس ٿيو آهي. هڪ ٻيو سبب امڪاني طور اهو به ٿي سگهي ٿو ته حافظ سعيد ويجهڙ ۾ راولپنڊيءَ وارن تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي ته هو ”بزرگن“ جي زماني جون پاليسيون تبديل ڪري سڄي ڪئي ڪمائي غارت ڪري رهيا آهن. شايد اهڙي تنقيد پنڊيءَ ۾ هن جون مارڪون ڪٽرائي ڇڏيون آهن. مٿان واري اسامي سان هن جي ويجهي مائٽيءَ جا پڪا ثبوت پڌرا ٿيڻ کان پوءِ هن همراهه سان هاڻي وڌيڪ ويجهڙائي رکڻ همراهن کي جوکم وارو ڪم نظر اچي ٿو. انهن ۽ اهڙن ٻين سببن آڌار ”وڏن“ حافظ سعيد کان پرڀرو رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هاڻي اچون ٿا معاملي جي آخري پاسي تي:هن ڪيس ۾ خيرپور، ميرپور ساڪري، ٺٽي ۽ گڏاپ ۾ دهشت گردن جي ٽريننگ ڪيمپن جو ذڪر آيو آهي جنهن مان ظاهر آهي ته دهشت گرد گروهه ۽ انهن جا سرپرست کين سنڌ ۾ محفوظ پناهه گاهون ڏيندا رهيا آهن. مانسهري جي ڪيمپ جي خبر ته انگريزي ميڊيا وارن 2005ع ۾ ”ڦاڙي“ ڇڏي هئي، پر اسان جي “widely circulated” اخبارن هڪڙي سنگل ڪالم جو ”سرٻاٽ“ به ڪونه ڇاپيو ته انهن ضلعن ۾ ڪي مشڪوڪ ڪم ٿي رهيا آهن. باقي سنڌ واسين کي بي خبر رکڻ جي ڊيوٽي تي لڳل اهي اخبارون پريمي جوڙن کان ويندي ”ڊيوٽيءَ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ ڊاڪٽرن“ تائين انهن ضلعن ۾ چُرندڙ پن پن جي خبر لهڻ ۾ملڪ جي جاچوس کاتن کان به تيز آهن.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو