Home / پروفائيل / انقلابي صوفيءَ کي ڀيٽا حسين بن منصور حلاج:عاشقن جو امام
above article banner

انقلابي صوفيءَ کي ڀيٽا حسين بن منصور حلاج:عاشقن جو امام

زندگي حُسن ۽ عشق جي سهڻي۽ نفيس شڪل آهي، جنهن جي ازلي ۽ اصلي ترجماني قرباني سان ئي ٿي سگهي ٿي. انساني تاريخ جاورق اٿلائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هميشه عاشقن پاران جان جي قرباني ڏئي سونهن جي صور تگيري ڪئي ويئي آهي.

اڄ کان ٻارنهن سئو سال کن اڳ ايران جي تاريخي شهر شيراز ڀرسان 858ع ۾ طلِ بيضا ۾ جنم وٺندڙ ابوالمغيث حسين بن منصور حلاج( جيڪو پوءِ منصور جي نالي سان مشهور ٿيو) جو والد مجوسي ( باهه جو پوڄاري) هو، جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو.

ننڍڙو حسين پنهنجي والد سان گڏ ايران ڇڏي عراق ۾ اچي ترسيو، جتان ئي سندس شروعاتي تعليم ۽ تربيت جو سلسلو شروع ٿيو.هن غير معمولي ٻار جو ننڍپڻ انوکن واقعن سان ڀريل آهي. پهريان مشهور عالم ۽ فقهي سَهَل تُستري جي مدرسي ۾ تَستَر شهر ۾ حسين کي داخل ڪيو ويو پر ستت ئي ڪن ڳالهين ( شرعي ۽ فقهي) تي اختلافن سبب سهل جي مدرسي کي ڇڏي ان دور جي وڏي عالم ۽ صوفي عمروبن عثمان مڪي جي مدرسي ۾ حسين علم ۽ معرفت جا سبق پڙهڻ شروع ڪيا، پر هت به سندن جولاني طبعيت ۽ سوال پڇڻ جي عادت کين ايترو ته بيچين ڪيو جو سندن استاد عمروبن عثمان مڪي حسين سان شديد بيزاري جو اظهار ڪندي مٿس وڏا ڇوهه ڇنڊيا .“ حسين، اهي راز وارا سبق جيڪي عام سان سلڻ جا نه هئا سي نروار ڪري ڏوهاري بڻيو آهي” ايئن استاد ۽ شاگرد وچ۾ وٿي پئجي وئي ۽ عمروبن عثمان مڪيءَ جي مريد ايوب اقطع جي نياڻي زينب سان حسين جي شادي ڪري ڇڏڻ تي سندن تعلقات ويتر خراب ٿيا ۽ پوءِ نيٺ حسين تُستر ڇڏي بغداد ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي.

جنيد بغدادي جي مڪتب ۾ :

علم ۽ حق جي ڳولا ۾ سر گردان حسين کي سندس تلاش، بغداد جي وڏي عالم جنيد بغدادي وٽ وٺي ويئي. تذڪره اولياءَ ۾ فريدالدين عطار، جنيد بغدادي جي حوالي سان لکيو آهي ته “ قدر ۽ قضا ۽ حق جي ماهيت جي باري ۾ حسين جا سوال راز سان هٿ چراند آهن ” نيٺ حسين جنيد بغدادي جي مڪتبه نظاميه کي به خيرباد چيو.ڊاڪٽر علي حسن عبدالقادر جيڪو جامه ازهر مصر جو پروفيسر ٿي گذريو آهي تنهن پنهنجي ڪتاب “ جنيد بغداد” ۾ لکيو آهي ته “ جڏهن بغداد جا صوفي عتاب هيٺ آيا ته ابن الڪربني چتيون لڳل ڪپڙا پهري، عجيب غريب شڪل ٺاهيندو ، ڪنڌ کي هيڏي هوڏي لوڏيندو بغداد جي بازار مان گذريو جيئن ماڻهو سمجهن ڪو ديوانو آهي ياد رهي ته ذڪرڪيل بزرگ جنيد بغدادي جو سنگتي هو. تاريخ تصوف ۾ يوسف سليم چشتي لکيو “ جنيد سڄي عمر ڪنڊن واري سياست کان پنهنجو دامن بچائي رکيو ان ڪري ته ڪٿي ارباب حڪومت کي هن مٿي اعتراض نه ٿئي” اڳتي لکيائين ته جڏهن بغداد جا صوفي زير عتاب آيا ته جنيد عدالت ۾ حاضر ٿي بيان ڏنو ته “ مان هڪ فقيهه آهيان ۽ عوام تي رڳو تزڪيئه نفس جي اهميت واضح ڪندو آهيان.”

مدرسن ۾ تدريس وقت حسين اڪثر ڪري پنهنجي استادن جون چُڪون ڪڍندو هو ۽ هن جي سوالن جا جواب سندس استاد به اڪثر ڪونه ڏئي سگهندا هئا ۽ پاڻ ٻين شاگردن جي ڌيان جو مرڪز رهيو ۽ پوءِ ايئن به ٿيو ته هڪ ڀيري هڪ استاد درس هلندي باهه مان ٻرندڙ اماڙي کڻي حسين جي نراڙ کي ڏنڀي وڌو هو جنهن زخم ڀرجڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويا هئا ۽ حسين چوندو هو ته هي داغ دلربائي آهي.

 

جنيد بغدادي جي مڪتب مان نڪرڻ کانپوءِ حسين جي هاڪ ملڪان ملڪ وڌندي وئي ايتري قدر جو اقتداري ايوانن ۾ پڻ حسين جو چوٻول ٿيڻ لڳو، سندس بيچين طبعيت روايتي صوفين کان رنجيده رهي جيڪي عوام کان دور ۽ عمل کان ٻاهر هئا. اهي صوفي نه قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هئا نه ئي منجهن سچ چوڻ جي جرئت هئي، علي هجويري پنهنجي ڪتاب ڪشف المحجوب ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته هڪ بادشاهه ڪنهن فقير کي چيو ته گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي، تنهن تي فقير وراڻيو مان پنهنجي غلامن جي غلام کان ڇا گهران ؟ بادشاهه حيران ۽ غضبناڪ ٿي پڇيو ڇا چيئي ؟ فقير وري وندي ڏني بادشاهه ! تون حرص ۽ اميد جو غلام آهين جيڪي ٻئي منهنجا غلام آهن. سو صوفي اصل ۾ ايڏو بي ڊپو ۽ بي باڪ ٿئي ٿو.

خليفي معتضد باالله جي حڪومت ۾ ڪجهه وقت حسين دربار خلافت ۾ مناسب عهدي تي به رهيو پر عربي گهوڙن،فوجن، جاهه وجلال، زرق برق لباسن ۽ خلافت جي اثر رسوخ ۾ به سندس دل بيچين رهي. بغاوتن ۽ اقتداري سازشن کان تنگ ٿي نيٺ حسين درٻار کي ٿڏي ڇڏيو ۽ مريدن جي جماعت ساڻ ڪري حج بيت الله لاءِ روانا ٿيا. پورا ٻه سال نٽهڻ اُس توڙي سخت سيءَ ۾ باب رحمت ۽ ٻين جڳهن تي عبادتن ۾ مصروف رهندڙ حسين پاڻي جي ڍڪ ۽ ماني جي ٽڪر تي رمضان جا روزا رکيا، هن عرصي ۾ عباسي خليفن جي خاص ڪارندن مڪي ۾ حسين جي چرپر ۽ سرگرمي تي نظر رکي جو حسين جو دين جي تبليخ ۽ شين ڏانهن رويو مروج طريقي کان مختف هو. عرفات جي ميدان ۾ حاجين جي ميڙ کي سندس ڪيل خطاب کي سلطنت جي معاملات ۾ مداخلت ڪو ٺيو ويو

عالمي تحريڪ لاءِ سفر ۽ رابطا :

حُسين حج کان واپس بغداد اچي ويو ۽ خاص عوامي ۽ فقيراڻي روي پرچار ۽ حق جي برملا اظهار کين عوام ۾خاص مقام عطا ڪيو پر سندن انقلابي خيالن، تبليغ ۽ مذهبي رواداري سبب درٻار جي حضورين کيس پاڻ کان الڳ سمجهيو ۽ درٻاري عالمن سندس انقلابي خيالن جي مخالفت ڪئي، جنهن ڪري ستت ئي پاڻ بغداد مان بصري پهتا، جتان هندستان اچي ڳچ عرصو ڪاٺياواڙ ۾ رهائش اختيار ڪئي. هتي جي مختلف مذهبي عالمن سان ميل جول ۾ رهيا ۽ تلاش جو سفر جاري رکيائون. سنڌ ۾ جهمپير، منصوره ۽ بکر( سکر) جي قلعي ۾ ترسيا ۽ درس جو سلسلو جاري ڪري ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪيائون. سنڌ ۾ حسين بن منصور جا ڪيترائي مريد ۽ پوئلڳ پيدا ٿيا جن ۾ هر طبقي ۽ مذهب جا ماڻهو جهڙوڪ: مسلم ، هندو، ٻُڌ، ميگهواڙ ۽ جين مت جا مڃيندڙ شامل هئا.هندن ۽ جين مت وارن ته کيس ڀڳوان جو اوتار مڃيندي منجهس روحاني طاقت جي ساک ڏني.

سنڌ ۾ تبليغ کان پوءِ ملتان روانا ٿيا جتي انهن ڏينهن ۾ قرامطه تحريڪ زورن تي هئي ۽ اسماعيلي شيعا فرقو پڻ مروج هو. پاڻ ٻنهي تحريڪن سان ملتان ۾ ڳانڍاپو قائم ڪري ورتائون جو هنن تحريڪن ان دور جي عباسي حڪمرانن خلاف نظرياتي ۽ سياسي تحريڪ جاري رکي هئي. جيئن ته حسين پاڻ عباسين جي جبر استبداد خلاف پرچار ڪندڙ هو.ملتان کان واپس وري خراسان ۽ ايران پهتو ۽ ماوره النهر ۾ تبليغي / تحريڪي مرڪز قائم ڪري چين ۽ ترڪمانستان ڏانهن نڪري ويو.

هاڻ سندن مريد ۽ تحريڪي ڪارڪن لکن جي انگ ۾ وڃي پهتا، جن سان باقاعده خطن ۽ قاصدن معرفت حسين جو رابطو رهندو آيو. ذڪر ڪيل مختلف ملڪن جي دورن جي نتيجي ۾ اتان جي مقامي عالمن، اڳواڻن، سرگرم ڪارڪنن ۽ ترقي پسند مزاحمتي تحريڪن ۽ ظلم جي شڪار پيڙهيل ماڻهن سان ويجهو رهي انهن ۾ رابطو قائم ڪري بيداري آڻي ڄڻ عالمي تحريڪ جو نيٽ ورڪ مڪمل ڪري ورتو هو. هاڻي وقت اچي ويو هو ته بغداد ۾ موٽي وڃي تحريڪ جي شروعات ڪجي، ان ڪري حسين هاڻ بغداد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ ورتي ۽ شاعري پڻ شروع ڪيائين جنهن ۾ وڏيون حجتون هيون گڏوگڏ عوام جي مسئلن تي پڻ کليو اظهار هيو.

بغداد ۾ بغاوت :

بغداد ۾ واپس اچڻ تي سندس سرگرمين ۽ سڄي دنيا ۾سندس ٿيندڙ حمايت تي عباسي اقتداري ايوان ۾ هلچل مچي وئي ۽ عباسين حسين ۽ سندس تحريڪ کي اقتدار لاءِ خطرو سمجهي ورتو. هوڏانهن حسين غريب ۽ ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ڏڍ بڻيو ۽ عوام جي مسئلن جو ذميوار عباسي خليفن جي حڪومت ۽ اقتدار جي ويجهو رهندڙ يهودي سرمائيدارن ۽ واپارين کي قرار ڏئي انهن خلاف تقريرون ڪرڻ شروع ڪيائين. نتيجي ۾ زنجي تحريڪ ۽ حنبلي انقلابي پڻ حسين بن منصور جا ساٿاري بڻجي سندس اڳواڻي ۾ تحريڪ ۾ شامل ٿي پيا ۽ بغداد ۾ بغاوت شروع ٿي وئي ، جنهن ۾ سندن ڪيترائي حمايتي ماريا ويا ۽ گهڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ بغداد ۽ ڀرپاسي فوجن وڏي تباهي مچائي، بغاوت کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ڪئي.

حسين بن منصور جي روپوشي ۽ گرفتاري :

اهڙي صورتحال ۾ حسين بچيل ساٿين کي گرفتارين کان بچائڻ لاءِ ۽ ٻيهر طاقت گڏ ڪرڻ خاطر روپوش ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ بغداد ڇڏي اهواز ۾ نڪتو جتان پڻ نيشاپور هليو ويو، هت پڻ ڳچ عرصو قيام نه ڪيائين ۽ طوس شهر ۾ وڃي مخفي طرح سان تحريڪ جو ڪم جاري رکيائين، سندن اهڙي روش مان عباسين کي ڪنهن وڏي خطري جي بوءِ آئي ۽ فوجون سندس تلاش ۾ رهيون، نيٺ جاسوسي ڪري طوس شهر جي تهخاني مان حسين کي گرفتار ڪيو ويو.وزير عيسيٰ جڙتو ڪيس هيٺ بغداد ۾ حسين کي اٺ سال اٺ مهينا قيد ۾ رکيو، محلاتي سازشن جي نتيجي ۾ وزير عيسيٰ کي هٽايو ويو ۽ حامد بن عباس کي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن حسين جي گرفتاري ۾ ڪردار ادا ڪيو هو، هن وزير ڪيسن جي ٻيهر تحقيقات جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٻيهر گرفتار ڪري قاضي ابوعمر جي سربراهي ۾ قائم عدالت ۾حسين کي پيش ڪيو ويو. هن عدالت تڪڙو ڪيس هلائي 84 شاهدن جو شاهديون ورتيون ، جن ۾ گهڻو انگ درٻاري عالمن ۽ جاهل مولوين جو هو، جيڪي نه ته مذهب جي حقيقي تعليم کان واقف هئا نه ئي حسين جي رمزن جا ڄاڻو هئا.

نيٺ قاضي عمر مٿس ڪفر جي فتويٰ ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ سخت ترين سزا ٽڪرا ڪري قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو !!

تاريخ جي مطالعي ۽ گهري ويچار کان پوءِ اها ڳالهه سامهون کلي ٿي بيهي ته حسين جو قتل ( شهادت ) اصل ۾ ڪنهن مذهبي سبب يا اناالحق جي نعري سبب نه هو پر چٽو پڌرو سياسي قتل هو. پروفيسر نڪلسن 1914ع ۾ لنڊن مان ڇپرايل ڪتاب ۾ لکيو“ حسين کي 922ع ۾ بغداد ۾ وحشياڻي طريقي سان قتل ڪيو ويو، سندس قتل سياسي هو” سيد سليمان ندوي پڻ حسين کي قتيل سياست قرار ڏنو آهي. نه ته 46 ڪتابن جي ليکڪ ۽ ڪيميائي ماهر حسين بن منصور کان اڳ ٻين صوفين اهڙيون حجتون به ڪيون جيڪي دين ۽ شرع هيٺ پڇاڻي ۽ سزا جا حقدار ٿي پئي سگهيا پر هنن عالمن ۽ صوفين جو ڪوسياسي مقصد ڪونه هيو ۽ هو رياست ۽ ان جي اقتدار اعليٰ لاءِ مسئلو پيدا ڪندڙ نه هيا، تنهن ڪري سزا کان بچي نڪتا، انهن صوفين ۾ معروف ڪرفي جو نالو ڄاڻائي سگهجي ٿو جنهن پنهنجي ڀاڻيجي کي چيو “ يعقوب! جڏهن تون خدا کان ڪجهه گهرين ته منهنجو نالو وٺي دعا ڪجانءِ” حوالو: حديه اولياءُ صفحو 364 جلد8. ٻئي پاسي جنيد بغدادي پڻ هڪ ڀيري ابو ڪلاب سان مخاطب هيو ته ابوڪلاب چيو هن جملي جي تشريح ڪريو، تنهن تي جنيد ٻيو جملو ڳالهايو وري ابوڪلاب هن ٻئي جملي جي وضاحت گهري تنهن تي جنيد چيو “ جيڪڏهن هي سڀ منهنجي زبان جو ڪلام هجي ها ته قلمبند ڪريان ها” مطلب ڇا ٿيو، ڪو ٻيو آهي جيڪو ٿو ٻولي!؟ ان کانسواءِ خليفي متوڪل عباسي جي ڏينهن ۾ ذوالعنون مصري 829ع/245 هه تي پڻ حسين کان اڳ ڪفر جو الزام لڳو ۽ کيس گرفتار به ڪيو ويو پر ڪنهن وڏي سزا کان بچي ويو. نه رڳو ايترو پر سبحاني مااعظم شاني” چوندڙ بايزيد بسطامي پڻ بچي نڪتو پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر حسين کي ڇو ايئن بي دردي سان قتل ڪيو ويو؟ معلوم هئڻ گهرجي ته حسين جي تحريڪ جڏهن سون مان هزارن ۽ لکن ماڻهن تائين پهتي ۽ سندس تعلق عالمي تحريڪن سان جڙي چڪو تڏهن عباسي اقتدار کي هن مقبوليت کان بغاوت ۽ انقلاب جو خطرو محسوس ٿيو، ايئن ئي پاڻ وٽ سرمد شهيد جو قتل پڻ وڌيل مقبوليت ۽ دارا شڪوه جو ساٿ ڏيڻ سبب ئي ٿئي ٿو.

ساڳيو رويو، اسان کي ڪوڙ تي بيٺل رياست، عوام جي رت جي گاري سان ٺاهيل اقتداري محلات جو نظرآيو جن ويجهڙ ۾ 23 مارچ 12 تي ماڻهن جي بي خوف سمنڊ کي ڪراچي ۾ نروار ڏٺو تڏهن ضروري ٿي ويو ته اڄ جي منصور کي لڪل طريقي سان سقراط وانگر زهر پياريو وڃي !

حسين ۽ بغداد جو مقتل گاهه:

بغداد (عراق) ۾ باب خراسان لڳ جڏهن حسين بن منصور کي قتل ڪرڻ لاءِ وڏي ميدان تي هزارين ماڻهن سامهون وٺي آيا تڏهن هٿن پيرن ۾ جڪڙيل زنجيرن کي ڇيرين وانگر ڇمڪائيندي ، رقص ڪندي حسين ميڙ تي هڪ نگاهه ڦيرائي جڏهن صليب ۽ ان جي ميخن تي نظر ڪئي ته خوشي وچان کليو ۽ ميڙ ۾ ابوبڪر شبلي کان پڇيائين تو وٽ وڇاڻو (مصلو) آهي ته وڇاءِ پوءِ مقتل ۾ ٻه رڪعت نماز پڙهي حسين سورت فاتحه کان پوءِ هي آيت زور سان پڙهي ترجمو: اسان ضرور ڪنهن قدر خوف، بک، مال ۽ جان جي نقصان سان توهان جو امتحان وٺندا سون ” اها 24 َذيقد 309هه 922ع جو سن هيو جڏهن 64/65 سالن جي هن بزرگ کي چيچلائي قتل ڪيو ويو. ڊاڪٽر گربخشاڻي “ شاهه جو رسالو” جي مقدمي ۾ لکيو “ جڏهن حسين جا هٿ ڪپيا ويا ته مرڪي چيائين “ هن بانديءَ جا هٿ وڍڻ آسان آهي، پر جن مون کي حق سان ٻڌي ڇڏيو آهي اهي بند ڪپڻ مشڪل آهي.” ايئن پوءِ سندس ٻئي پير ڪپيا ويا، تڏهن به کلندي چيائين “ هنن پيرن سان آئون دنيا جون مسافريون ڪندوهوس پر مون وٽ ٻيا به پير آهن جن سان ٻنهي جهانن جو سير ڪري سگهان ٿو.” عجيب منظر هو بغداد ۾ ڪن کيس پٿر ٿي هنيا ته ڪي زاروقطار روئي رهيا هئا ته ڪي حسين جا پوئلڳ ماتم ڪري رهيا هئا. ماڻهن کانئن سوال به ڪيا پئي ته ڪن سان حسين ڳالهايو به پئي. بلڪل بي خوف، ايئن تڏهن حضرت پنهنجي رت سان رڱيل ڪراين سان پنهنجو منهن مبارڪ ۽ ٻانهون ڳاڙهيون ڪيون، انبوهه مان ڪنهن پڇيس اي حسين! هي ڇا ؟ ورندي ڏني حسين “ گهڻو رت ڇڏيو اٿم، چهري جي زردائي مان متان ماڻهو سمجهن ته ڊپ اٿم ” ۽ ٻانهون انهي لاءِ ڳاڙهيون ڪيم جو عشق جو وضو ته رت سان ئي ڪرڻ جڳائي” نيٺ سندس اکيون پڻ ڪڍي ڇڏيائون، سندس زبان ڪپڻ تي هئا ته جلاد کي روڪي چيائين ڪجهه چوڻو اٿم ترسو، فرمايائون : “ ياخدا! هنن عقوبتن عيوض هنن ماڻهن تي رحم ڪر،ڏس ڪيئن نه آئون سوريءَ تي تنهنجو مشاهدو پيو ماڻيان” جنهن کان پوءِ سندس زبان ڪپي وئي. نماشام جو وقت ! ۽ حسين جو سِر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو !!

عباسين کي حسين بن منصور جي قتل کانپوءِ به چين نه آيو ۽ عوام ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ قتل جي ٻئي ڏينهن تي حسين جي ٽڪرا ٿيل عضون ۽ ڌڙ کي گڏي باهه ۾ ساڙيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن سندس خاڪ کي دجله ۾ وهايو ويو ته جيئن ڪو به سندس نشان باقي نه رهي. ڪا مزار هڏن جي به نه هجي جتان وري تحريڪ دکي پوي.

دنيا جي معلوم تاريخ ۾ ڪنهن به قدآور شخصيت کي ايئن بي رحمي سان قتل نه ڪيو ويو هوندو ۽ پوءِ کيس باهه ۾ ساڙيو ويوهوندو. موت کي اکين سان ڏسندي، عضوا الڳ ٿيندي به حسين خوفزده نه ٿيو. آخري دم تائين حق جي نعري تي قائم رهيو ۽ ماڻهن کي تصوف سمجهائيندو ۽ تلقين ڪندو رهيو. مليل سزا تي رنج جو اظهار نه ڪيائون، روايتي مولوين سندس مخالفت ڪئي ۽ کيس اسلام جي دائري کان ٻاهر ڪوٺيو پر سندس خلق جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ جي سوچ، ذڪر ، فڪر ۽ عمل جي واٽ ڪيترين ئي زنگ لڳل دلين تان ڪٽ لاهي حق جي روشني سان منور ڪيو.

فرانس جي محقق لوئي ماسينون (LOIS MASSIGNON) ئي صحيح معنيٰ ۾ حسين تي تحقيق ڪري 1958ع ۾ هڪ پرمغز ڪتاب ڇپرايو. فرانسيسي ٻولي کان پوءِ هن ڪتاب جو دنيا جي اڪثر ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. پاڻ وٽ علام اقبال، خواجه غلام فريد، شاهه حسين، قلندر شهباز، مولانا رومي، مرزا غالب ۽ ٻين شاعرن سندس ذڪر سندس پنهنجي شاعري ۾ ڪيو ۽ حسين بن منصور کي اعليٰ مقام تي فائز ڄاڻايو آهي.ڀڳت ڪبير چيو:

هنس هنس ڪُنت نه پايا، جن پايا تن روئي !
هانسي کيلي پيا ملي ڪونه سهاگن هوءِ !
هونئن ته حسين جي حوالي سان ڪيتريون ئي يقين ۾ نه ايندڙ ڳالهيون به بيان ٿيل آهن، جهڙوڪ رت جي ڦڙن مان اناالحق جو لکجي وڃڻ، سندس قتل کانپوءِ مقتل مان سڄي رات اناالحق جون صدائون اڀرڻ، حامدبن عباس جي محل ۾ اناالحق جا پڙلاءَ يا پوءِ دجله ۾ خاڪ حسين وجهڻ سان دجله ۾ ٻوڏ اچي وڃڻ. انهن سڀني ڳالهين کي ڪو ڀلي نه مڃي ۽ ڏند ڪٿائون ۽ وڌاءُ چوي پر هڪ ڳالهه جيڪا مقتل ۾ حسين چئي: عشق جو وضورت سان ئي ڪرڻ جڳائي“ حق جي واٽ تي هلندڙن لاءِ آخري ۽ آفاقي پيغام جي حيثيت ٿي رکي.

سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان، ڌڙ لهان سرُ ناهه! لطيف

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو