Home / افيئر / بال ٺاڪري: ڪارٽونسٽ کان قيادت تائين
above article banner

بال ٺاڪري: ڪارٽونسٽ کان قيادت تائين

لڳ ڀڳ 46 ورهين جي عوامي زندگيءَ ۾ شيو سينا جي سربراهه بال ٺاڪري نه ڪڏهن چونڊ وڙهي ۽ نه ئي سياسي عهدو قبول ڪيو. ايستائين جو کيس ڪڏهن شيو سينا جو باقاعده صدر به نه چونڊيو ويو. پر اُنهن سڀني ڳالهين جي باوجود هُو ڀارتي رياست مهاراشٽر جي سياست ۾ تمام گهڻو اثر رکندو هو. سندس سياسي سفر انتهائي منفرد آهي، هُو هڪ پيشيور ڪارٽونسٽ هو ۽ هُو ممبئي جي هڪ اخبارفري پريس جرنل ۾ ڪم ڪندو هو. بعد ۾ هُن نوڪري ڇڏي ڏني ۽ ماراٺي ڳالهائڻ وارن مقامي ماڻهن کي نوڪرين ۾ اوليت ڏيڻ جي مطالبي جي بنياد تي تحريڪ شروع ڪيائين.

بال ٺاڪري ممبئي (تنهن وقت بمبئي) جي ڪمپنين کي نشانو بنائڻ شروع ڪيو پر اصل ۾ سندس اها مهم ممبئي ۾ رهندڙ ڏاکڻي ڀارت جي ماڻهن جي خلاف هُئي ڇوته شيو سينا موجب، جيڪو ڪم ماراٺين جو هو ان تي ڏکڻ هندستان جي ماڻهن جو قبضو هو. ڏکڻ ڀارت سان واسطو رکندڙ ماڻهن، سندن ڪاروبار ۽ ملڪيتن کي نشانو بڻايو ويو ۽ آهستي آهستي ماراٺي نوجوان شيو سينا ۾ شامل ٿيڻ لڳا. بال ٺاڪري پنهنجي پارٽي جو نالو شيو سينا 17هين صديءَ جي هڪ ڄاتل سڃاتل ماراٺي راجا شيواجي جي نالي تي رکيو هو، جيڪو مغلن خلاف وڙهيو هو. بال ٺاڪري زميني سطح تي پنهنجي پارٽي بڻائڻ لاءِ تشدد جو سهارو وٺڻ شروع ڪيو ۽ ۽ماراٺي جذباتن جي سهاري بال ٺاڪري سياست جي ڏاڪڻ جون ڏاڪڻيون چڙهڻ لڳو.

سياسي ڪارڪنن، ٻين ملڪن کان ڪهي ايندڙ ماڻهن ۽ ايستائين جو ميڊيا تي شيو سينا جي ڪارڪنن جا حملا عام ڳالهه ٿي وئي. آهستي آهستي ممبئي جي هر علائقي ۾ ”دبنگ“ نوجوان شيو سينا ۾ شامل ٿيڻ لڳا ۽ اُنهن جي جهيڙن جا فيصلا بال ٺاڪري ڪرڻ لڳو. ماڻهن کي نوڪريون ڏيارڻ لڳو ۽ هن حڪم ڏنو ته هر معاملي ۾ سندس راءِ ورتي وڃي، ايستائين جو فلمن جي نمائش ۾ سندس هڪ هٽي هلڻ لڳي. آهستي آهستي بال ٺاڪري جي زندگيءَ سان سلهاڙيل ڪيتريون ئي ڪهاڻيون عام ٿيڻ لڳيون. هڪ ميگزين لکيو هو ته بال ٺاڪري کُليل نموني هٽلر کي پنهنجو سياسي پيشوا مڃيندو هو ۽ سندن چوڻ هو ته،  ”جرمني جي فاشسٽ اڳواڻ بابت ماڻهو کڻي ڇا به چون پر هُن جيڪو ڪُجهه به ڪيو جرمنيءَ جي حق ۾ ڪيو.“ پر بال ٺاڪري نه ڪڏهن اُن جي تصديق ڪئي ۽ نه ي وري ترديد.

آهستي آهستي ممبئي جي مڪاني نظام جي چونڊن ۾ شيو سينا جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ لڳي پر اڃا بال ٺاڪري جي پارٽي کي ڪا وڏي ڪاميابي نه ملي هُئي. شيو سينا جو اثر ممبئي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن تائين محدود آهي ۽ رياست جي ٻين علائقن ۾ پارٽي جو ڪو خاص اثر ناهي. سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته شروعاتي دور ۾ حڪمران ڪانگريس شيو سينا کي ياته نظر انداز ڪيو يا وري ڪيترن ئي معاملن ۾ ڪميونسٽن جهڙن پنهنجن سياسي مخالفن کي ختم ڪرڻ لاءِ شيو سينا کي هٿي وٺرائي. پر 80 جي ڏهاڪي دوران شيو سينا هڪ وڏي سياسي قوت بڻجي وئي هُئي جيڪا رياست ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جون دعوائون به ڪندي هُئي پر عام طور تي شيو سينا جو اثر مهاراشٽر تائين ئي محدود آهي.

1992ع ۾ اُتر پرديش جي شهر ايوڌيه ۾ بابري مسجد کي ٽوڙڻ کانپوءِ ممبئي ۾ هندو ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فرقيواراڻا فساد ٿيا جيڪي ڪيترائي هفتا جاري رهيا. انهن وڳوڙ دوران ۾ شيو سينا جا ڪارڪن به شامل هُئا ۽ وڳوڙڻ 900 ماڻهو ماريا ويا هُئا، سوين ماڻهو وڳوڙن جي ڪري ممبئي کي الوداع چئي هليا ويا ۽ وري ڪڏهن نه موٽيا. رڳو ٽن سالن بعد شيو سينا ۽ بي جي پي گڏجي رياست ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. بال ٺاڪري پنهنجي هڪ ويجهي ساٿي کي وزير اعليٰ بڻائي ڇڏيو ۽ اقتدار جون ڪنجيون پاڻ وٽ رکيائين. گذريل ڏهاڪي ۾ شيو سينا جي مهم جو رُخ ڀارت کان ممبئي ايندڙ وطن تياڳيندڙن ۽ مذهبي اقليتن جي خلاف ٿي ويو.

بال ٺاڪري هڪ سٺو مقرر به هو ۽ پنهنجي رنگين ۽ دلچسپ ڳالهين سان ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ مهارت رکندو هو. ممبئي جي شيواجي پارڪ ۾ دسهڙي جي موقعي تي هر سال ٿيندڙ تقريب ۾ سندس بيان جو مداحن کي تمام گهڻو انتظار هوندو هو. هيل هُو خراب طبعيت جي ڪري شيواجي پارڪ ته وڃي نه سگهيو پر پنهنجي حامين لاءِ هن وڊيو ميسيج موڪليو جنهن ۾ هن پنهنجي چاهيندڙن کي اپيل ڪئي هُئي ته هُو سندس پُٽ ۽ شيو سينا جي ايگزيڪيوٽو صدر اُوڌو ٺاڪري کي اوترو ئي پيار ۽ عزت ڏين جيترو هُنن بال ٺاڪري کي ڏنو آهي. هڪ ڪارٽونسٽ جي حيثيت ۾ بال ٺاڪري برطانوي ڪارٽونسٽ ڊيوڊ لو کي پسند ڪندو هو. ٻي مهاڀاري لڙائي تي ڊيوڊ لو جا ڪارٽون تمام گهڻا مشهور ٿيا هُئا. ڏسندي ئي ڏسندي بال ٺاڪري مهاراشٽر ۾ سياست جي علامت بڻجي ويو. مرڻ گهڙي تائين بال ٺاڪري پنهنجي ماراٺي هفتيوار اخبار مارمڪ لاءِ ڪارٽون ٺاهيندو هو.

ايڏو طاقتور ليڊر هُجڻ باوجود بال ٺاڪري پنهنجي ساٿين کي گڏ نه رکي سگهيو ۽ سندس ڪيترائي ويجها ساٿي کيس ڇڏي هليا ويا. ايستائين جو بال ٺاڪري جي ڀائيٽي راج ٺاڪري به پارٽي ڇڏي ڏني ڇوته بال ٺاڪري پنهنجي پُٽ اُڌو ٺاڪري کي پنهنجو وارث مقرر ڪري ڇڏيو هو. اڄڪلهه ٺاڪري برادران جي ويجهو اچڻ جون ڳالهيون گردش ڪري رهيون آهن ۽ اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُڌو ٺاڪري ۽ راج ٺاڪري ۾ چونڊ مفاهمت به ٿي سگهي ٿي پر راج ٺاڪري پنهنجي پارٽي کي نقصان نه رسائيندو.

بال ٺاڪري جي سڀ کان وڏي وراثت هوندي ماراٺي جذبات کي پارٽي سان جوڙڻ ۽ اُن کي ووٽ ۾ تبديل ڪرڻ پر سياسي فائدي لاءِ تشدد جو استعمال ڪرڻ جي بال ٺاڪري جي طور طريقن جي ان تصوير کي ختم ڪرڻ سندس پارٽي لاءِ وڏو چيلنج هوندو. هُن ڪڏهن به اُن تي معافي نه ورتي پر اُن جي تعريف ڪئي. پر سندس پُٽ اُوڌو ٺاڪري پنهنجي پيءُ جي ڀيٽ ۾ پنهنجن پرڪارن ۾ ڪُجهه نرمي ڏيکاري آهي. پر سڀني کان وڏو سوال اهو آهي ته بال ٺاڪري جو اصل سياسي وارث ڪير بڻجندو ۽ ماراٺي ڳالهائڻ وارن جي حمايت ڪنهن کي ملندي؟

بال ٺاڪري جي موت سان گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪٽر مخالفن کي گڏجڻ تي سوچڻ تي مجبور ضرور ڪري ڇڏيو آهي. شيو سينا جي حلقن ۾ بال ٺاڪري جي ڀائيٽي راج ٺاڪري کي سندس فطري جانشين سمجهيو ويندو آهي، راج ٺاڪري پنهنجي اُٿ ويهه ۽ ايستائين جو تقرير جو انداز به سندس چاچي تي ويو آهي. بال ٺاڪري جي پُٽ اوڌو ٺاڪري کي به پارٽي ۾ اهم مقام حاصل آهي پر مقبوليت ۾ هُو پنهنجي سئوٽ راج ٺاڪري کان پوئتي آهي. پر جڏهن بال ٺاڪري جي اڳيان ٻنهيءَ ۾ ڪنهن هڪ کي جانشين چونڊڻ جي ڳالهه آئي ته هُن پنهنجي پُٽ اوڌو کي اوليت ڏني.

راج ٺاڪري اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگهيو ۽ هُن پنهنجي ڌار پارٽي مهاراشٽر نونرمن سينا جوڙي ورتي. گذريل اسيمبلي چونڊن ۾ جتي شيو سينا کي 44 سيٽون مليون هُيون، راج ٺاڪري جا ميمبر 14 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هُئا ۽ ايئن راج ٺاڪري ۽ اوڌو ٺاڪري ۾ اختلاف وڌي هليا هُئا. پر گذريل ڪجهه ڏينهن دوران جڏهن اوڌو ٺاڪري کي دل جي بيماري ٿي ته راج ٺاڪري نه رڳو کيس ڏسڻ ويو پر کيس پنهنجي ڪار ۾ ويهاري ماتوشري واپس کڻي آيو.  ٻڌايو وڃي ٿو ته اُن قدم جي پُٺيان به بال ٺاڪري جو هٿ هو. راج ٺاڪري اها ڳالهه لڪائي به ڪونه ۽ هُن اعتراف ڪيو ته هُو ڪار ذريعي ممبئي کان ٻاهر وڃي رهيو هو ته ان وقت کيس بال ٺاڪري جو فون آيو ته اوڌو کي سندس ضرورت آهي. هن فوري طور تي پنهنجي ڪار واپس موٽائي ۽ اوڌو کي ڏسڻ اسپتال پهتو. راج ٺاڪري جي ان اڳرائي تي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون پر ٻنهي ڪيمپن مان اهو ردعمل سامهون آيو ته ان جو سياسي مطلب نه ڪڍيو وڃي. پر جيڪڏهن راج ٺاڪري جي ان قدم کي غور سان ڏٺو وڃي ته ان ۾ اونهي سياست ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

بي جي پي، شيو سينا ۽ مهاراشٽر نو نرمان سينا جو اتحاد گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ چونڊن ۾ ڪانگريس اين سي پي اتحاد کي شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بال ٺاڪري جيئن ته سياسي طور تي چوڪس انسان هو اُن لاءِ هُن موقعي جي نزاڪت کي سمجهندي اُن جو سياسي فائدو وٺڻ سندس لاءِ ڏائي هٿ جو کيل آهي.

بال ٺاڪري هاڻي ناهي رهيو، هُو پنهنجي اننگز کيڏي چُڪو آهي، سندس اعلانيل جانشين اوڌو کي هڪ مهيني اندر دل جا ٻه آپريشن ڪرائڻا پيا آهن. آخري لمحن ۾ بال ٺاڪري جو پنهنجي ڪاوڙيل ڀائيٽي سان رابطو، ٻنهي سئوٽن اوڌو ۽ راج ٺاڪري جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪرڻ، هڪ سياسي فهم ڀريو قدم سمجهي سگهجي ٿو.

ذريعن موجب بال ٺاڪري جو فارمولا هو ته ايندڙ چونڊن ۾ راج ٺاڪري کي شيو سينا جو پارلياماني ليڊر بڻايو وڃي ۽ اوڌو کي پارٽي قيادت جي ڪمان ڏني وڃي. پر ان سلسلي ۾ اوڌو ٺاڪري اڃا سائي جهنڊي نه ڏيکاري آهي. شايد اهو بال ٺاڪري جي سياسي قد جو ڪمال آهي جو اُن ناممڪن ڳالهه تي لڪل نموني ئي صحيح، خيال ته پيش ڪيو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته بال ٺاڪري جي مرڻ پُڄاڻان ٻئي سئوٽ پاڻ ٺهي هلن ٿا يا نه؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو