Home / ويندي ويندي / تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا
above article banner

تو جا ڀانئي اڇ، تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا

بلي! ڇا ته جوش، جذبي، همت ۽ پيار سان سنڌين تير تي ٺپا هڻي ووٽ رستي شهيد بيبي جو پلاند ڪيو.سڄي سنڌ پ پ اميدوارن لاءِ لس پٽ هئي. سنڌين جو اکيون ڳاڙهيون ڏسي لياقت جتوئي جهڙا کوڙ اميدوار چونڊن کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ئي منجي اونڌي ڪري اوطاق ۾ سمهي پيا. جنهن شان سان سنڌ ۾ پ پ کٽيو، سو ڏسڻ وٽان هيو.پر پوءِ جيڪو ٿيو سو به راڄن ڏٺو. سنڌ ٽي چار ڪروڙ انسانن جو وطن آهي، ڪا ڍونڍ ناهي، پر هٻڇين سنڌ کي اهڙو اچي ورتو جو چم، ماس ته ٺهيو، سنڌ جا هڏا به نه ڇڏيائون. سنڌ جو ترقياتي ساليانو بجيٽ الائي ڪيترو آهي، پر جيترو به آهي سو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. وزيرن، مشيرن، ڪامورن، انجنيئرن، ٺيڪيدارن ۽ انهن جي پخالين اهڙي منظم نموني سان ڪم ڪيو جو نه ڪا عمارت، نه روڊ، نه نالي، نه ڪا اسڪيم جڙي سگهي. رٿا ڪاغذن ۾ تيار ٿي، بجيٽ رليز ٿي، بل ٺهيا، ڪميشن طئي ٿي ۽ هر شئي هٿ جي مير ٿي وئي. ڪرپشن جا ڪنسورشم يا گينگز ٺهي ويون آهن. هي جيڪي ڏوڪڙ پيسا اوهان روڊن تي ٿلهين ٽائرن وارين گاڏين جي شڪل ۾ ڏسو ٿا سي نه ئي وڏيرن جي فصلن جو پيسو آهي نه ئي ڪامون جي پگهار جو. اهو سنڌ جي ترقياتي رٿائن جو پيسو آ. پيرن،ميرن ، وساڻن، درانين، ۽ شاهن اربين رپيا ٺاهيا آهن جن مان ملائيشيا، آسٽريليا، ڪئنيڊا ۽ عرب امارتن ۾ سيڙپ ڪاري ٿي آهي. کين اسلام آباد ۾ ويٺل مرشد هدايت ڪئي هئي ته هاڻي ڀوتارڪي زور ۽ زر تي اليڪشن کٽبي. ان ڪري وڃو ۽ ڏوڪڙ ٺاهيو.

پر، ڏنڊي ۽ ڏوڪڙ جي طاقت تي يقين رکندڙ ايوان صدر اندر ويٺل مرشد کي سنڌين جي مزاج جي خبر ئي نه هئي.اگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي ئي موٽ.

تازو P S 21 تي ننڍيون چونڊون ان ڳالهه ڏي اشارو ڪن ٿيون ته سنڌين جي ڪل ٿڙي وئي آهي. اها سيٽ پ پ جي اميدوار خالي ڪئي هئي ۽ جي ووٽ ڀٽي جو آ ته پوءِ پ پ کي اها سيٽ وري ماڻڻ لاءِ ڊي ايس پي لانگاهه، ۽ سڄي سنڌ مان گڏ ڪيل لٺ سردارن جو سهارو نه وٺڻ کپي ها. پ پ اميدوار 32 هزار ووٽ ۽ مخالف هڪ اميدوار 27 ۽ ٻئي نو هزار ووٽ کنيا آهن. ڇا ايئن نه آهي ته ننڍي چونڊ همشه حڪمران ڌر لاءِ مکڻ مان وار ڪڍڻ مثل هوندي آ؟

 

۽ هو ڏانهن پنجاب ۾ جيڪو ٿيو سو به اوهان ڏٺو. پ پ ۽ قاف ليگ کي ن ليگ ڪٿي سٽيو، سو اوهان کي خبر آهي. جي ايندڙ عام چونڊن ۾ اهو ووٽ ٽرينڊ جاري رهيو ته ن ليگ سوڀاري ۽ PP جي طاقت گهٽ ٿيندي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ پ پ ذوالفقار آباد رٿا کان پوءِ مڪاني نظام آڻي سنڌ جي متحرڪ سياسي ڪلاس جون همدرديون وڃائي ويٺي آهي. خبر ناهي ڳڙهي خدابخش جي شهر خاموشان ۾ ستل روح ڇا سوچيندا هوندا، اسان ته ائين سوچيو هو ته پ پ جي شڪل ۾ سنڌ کي سنڌ پرست نه سهي پر هڪ جمهوري ۽ بهتري وفاقي پارٽي ملي جيڪا سنڌ جي ووٽ جو لڄ رکندي سنڌين کي ڏيندي نه ته ڏکائيندي به نه . اسان کي اميد هئي ته هي اسان کي ماريندا به ته ڇانو تي اڇلائيندا. پنهنجا جو ٿيا. پر ڏاهپ بجاءِ طاقت تي ڀروسو رکندڙ پ پ قيادت جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي آهي. جنهن شان ۽ مان سان هي پارٽي اقتدار ۾ آئي، شل ان جي صفا ابتڙ اقتدار مان نه نڪري باقي ايندڙ چونڊن کان پوءِ پ پ ڪهڙي شڪل ۾ ٿي قائم رهي، سو اڃا ڏسڻ باقي آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو