Home / افيئر / جيئو ۽ جياريو
above article banner

جيئو ۽ جياريو

اسان جي ملڪ کي آزاد ٿئي 65 سال ٿي ويا آهن. اسان جو سياسي ۽ معاشي ڍانچو ان تيزي سان ترقي نه ڪري سگهيو آهي. ڪجهه حوالن سان اسان اڃا به پٺتي ويا آهيون، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن، انهن مان سڀ کان وڏو سبب آئي ڏينهن جي ڀڃ ڊاهه پڻ آهي، ڪنهن به سياسي عمل کي يڪسوئي سان هلڻ نه ڏنو ويو آهي. جمهوريت جو نه هجڻ، آئي ڏينهن جون مارشلائون ۽ پاڪستان ٺهڻ جي شروع وارن سالن ۾ محلاتي سازشون، سڀني گڏجي ملڪ کي هرلحاظ کان پوئتي رکيو آهي، صحت جي بجيٽ وڌڻ بجاءِ ويتر گهٽي آهي ۽ دنيا ميڊيڪل سائنس ۾ هاڻ خراب عضوا ٻيهر جيارڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. اسان اڃا مليريا، پوليو، ٽائفائيڊ، دست، هيپاٽائٽس ۽ ٽي بي مان جان ڪونه ڇڏائي سگهيا آهيون. دنيا ان خواهش جو اظهار ٿي ڪيو ته انسان کي پوڙهو ٿيڻ ئي نه ڏبو ، خراب بُڪي جي جڳهه تي نئين بُڪي ليبارٽري ۾ پئدا ڪري انسان ۾ لڳائي ويندي. مٺن پيشابن جي مريض جي خراب لبلبي کي ٻيهر زندگي بخشبي ته جيئن مٺن پيشابن جي مريضن جي دوائن ۽ پرهيز مان جند آزاد ٿئي، مرداڻي ٻج ۽ عورتاڻي انڊي کي ميلاپ ڪرائي ماءُ جي ٻچيداڻي ۾ واپس موٽائي انهن جي زندگي ۾ خوشيون آڻبيون. دنيا اهو سڀ ڪجهه ڪري پئي، ان طرف وڃي پئي. سائنس ته اهو به چوي پئي ته اڳتي هلي پوڙهائپ کي روڪي سگهبو يا ٻڍڙا ٿيندڙ گهرڙا (Cells) وري جوان ڪبا.ان جي ابتڙ اسان وٽ ڇا ٿو ٿئي؟ اچو ته ان جو جائزو وٺون. اسان وٽ ماڻهو علاج ۽ دوائن کان محروم آهن. مون هڪ 70 سالن جي بزرگ کي غدود جي وڏي ٿي وڃڻ جو علاج لکي ڏنو، جڏهن هو ڪجهه وقت کان پوءِ موٽي آيو ته چيائين ته دوائون ڪڏهن کاوان ٿو ته ڪڏهن نه. پڇيم اهو ڇا لاءِ ؟ موٽ ۾ چيائين ته هاڻ ٻارن جي “ ماتحت” آهيان ڪڏهن دوائون وٺي ٿا اچن ته ڪڏهن نه. اسين پنهنجي اداري ۾ سراسري طور هر سال چار پنج مريض اهڙا ڏسندا آهيون جيڪي ڪُتر مشين، ٿريشر ۽ اٽي جي چڪي جهڙين مشينن ۾ پنهنجا مرداڻا عضوا ڪٽرائي پهچندا آهن. انهن کي ڪو اهو ٻڌائڻ وارو ڪونهي ته انهن مشينن تي ڪم ڪرڻ وقت گوڏ يا کليل ڪپڙا نه پائجن، اها هڪ ميڊيڪل ايمرجنسي آهي پر ان جي علاج لاءِ سوين ميل سفر ڪري انهن کي ڪراچي اچڻو پوندو آهي. جڏهن ته لاڙڪاڻي، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيون آهن، سکر ۾ ميڊيڪل ڪاليج آهي، انهن ادارن جي هوندي ڪنهن به مريض کي ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوڻ گهرجي. ٻيو ته ٺهيو گردي جي مريض لاءِ ڊائلاسز جهڙو اهم علاج ميسر ڪونهي، دماغ جي ڌڪ جو علاج مهيا ناهي، ان طرف ڪير سوچيندو ؟ آهي ڪو مرد مجاهد، انسان دوست جيڪو ان طرف سوچي. ٿرپاڪر ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ميڊيڪل يونيورسٽي هجڻ گهرجي، اها ڪونهي.

وڌندڙ آبادي به هڪ وڏو مسئلو آهي، سراسري طور هر جوڙي کي اٺ ٻار آهن، گهٽ ۾ گهٽ 5 ۽ وڌ ۾ وڌ 11 ٻار. تيزي سان وڌندڙ آبادي اسان کي خبر ناهي ته ڪٿي پهچائيندي. عورتن جي نٻل ۽ ڪمزور هجڻ جو هڪ سبب گهڻا ٻار به آهي.انهن ۾ رت ته بنهه ڪونهي، غربت، گهڻا ٻار ۽ محنت مزدوري، عورت کي بيمار بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جي ڳوٺاڻي عورت انهن مسئلن جو وڌيڪ شڪار آهي. اسين اهي بنيادي مسئلا به حل ڪونه ڪري سگهيا آهيون.

دنيا اسٽيم سيل واري سائنس تي پئي ڪم ڪري جنهن ۾ مئل گهرڙن کي جياريو ويندو. صحت واري شعبي کي ته ڇڏيو اڄڪلهه سکر هر هفتي خيبر ميل ۾ اچڻ وڃڻ ٿئي پيو، رهڙي اسٽيشن کان شروع ڪجي ۽ سکر شهر کي ڏسجي، شيون پوئتي ويون آهن. روهڙي اسٽيشن تي مسافرن جي انتظار جو ڪو جوڳو بندوبست ڪونهي، ڪنهن زماني ۾ انتظار گهر پليٽ فارم تي کليل هوندا هئا، انهن ۾ ويهڻ جي سهولت کان وٺي تڙڪرڻ جي آساني تائين موجود هونديون هيون، هاڻ ٽٽل بينچون اهي به ڪاٺ جون ملنديون، انهن تي اوهان ته 15 منٽ به ويهي نه ٿا سگهو. کاڌي جا اسٽال خراب حال ۾ آهن. معياري کاڌو نه ملندو. سکر شهر جا روڊ رستا ڀڳل ٽٽل آهن، مٽي ۽ ڪچري جا ڍير جڳهه جڳهه تي ملندا مٿان وري قبضا خورن رڻ ٻاري ڇڏيو آهي.

سڄي دنيا ۾ ريل ترقي ڪئي آهي اسان وٽ اها تنزلي جو شڪار آهي، ڪنهن زماني ۾ ريل ڪارگو مان ڪمائيندي هئي، ڪارگو واري آمدني ڪنهن نه ڪنهن طرح ختم ڪرائي وئي. اسٽيشن تي ڏسو ته رش لڳي پئي آهي پر ريل خساري ۾ آهي. هڪ ريلوي جي عملدار جيڪو پاڻ معائني واري سٿ ۾ شامل آهي. ٻڌايو ته انهن هڪ دفعي ڇاپو هڻي 35 ماڻهو بغير ٽڪيٽ جي پڪڙيا ٿوري دير ۾ ڪنهن وڏي ماڻهو جو فون آيو ته انهن کي ڇڏي ڏيو ۽ انهن کي ڇڏڻو پيو. هڪ ٻئي عملدار ٻڌايو ته هن کي ته ڏنڊ جا پئسا به پنهنجي کيسي مان ڏيڻا پيا. چون ٿا ته انڊين ريل هيشه فائدي ۾ ويندي آهي، ان جو هڪ سبب اهو به ٻڌايو وڃي ٿو ته اتي ريل کان سواءِ ڪنهن ٻي سواري کي ڪارگو کڻڻ جي اجازت ڪونهي، ريل هميشه ڪارگو مان ڪمائيندي آهي. اسان جي ريل ڪارگو کڻڻ ئي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪو ادارو ترقي ڪيئن ڪندو جيڪڏهن ان جو سربراهه پاڻ قبول ڪري ته اداري کي هلائي ڪونه ٿو سگهجي يا وري ان کي مورڳو بند ڪرڻ جي صلاح ڏئي.

ڳوٺاڻي سنڌ ۾ ٻارن ۾ مثاني جي پٿري تمام گهڻي آهي. مثاني جي پٿري جو ٻارن ۾ هجڻ جو مقصد آهي اڻپوري غذا. اڻپوري ۽ غير معياري غذا ظاهر ڪري ٿي غربت کي. اسان جي ڳوٺن ۾ ڏاڍي غربت آهي، ماڻهو ڏاڍا ڏکيا آهن، سکر ۾ علاج لاءِ ايندڙ سو مان نوي ماڻهو اهو ٿا چون ته اسان وٽ علاج لاءِ ڏوڪڙ ڪونهن، هڪ بيلدار جي گهر واري علاج لاءِ آئي کيس 13 ٻار هئا، ان به اهو ئي چيو ته ڇا ڪريون خاندان وڏو آهي گذارو ڪونه ٿو ٿئي. “ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سُڃا” هڪ نوجوان ناسور ڳڙ سان آيو، مون چيومانس ته اسين ته گردي جا ڊاڪٽر آهيون ان جو علاج ڪو جنرل سرجن ڪندو. چيائين غريب آهيون تنهن ڪري اوهان وٽ آيا آهيو، ٻڌوسين ته توهان وٽ مفت علاج ٿو ٿئي. مون چيو ته سکر جي سول اسپتال ۾مفت علاج ٿيندو ، اتي وڃ، چيائين ته اتي به پئسا ٿا لڳن.

طبي سائنس مطابق امير ملڪن ۾ گردي جي پٿري عام هوندي آهي ۽ غريب ملڪن ۾ مثاني جي پٿري. تحقيق اهو ٿي ٻڌائي ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ مثاني جي پٿري گهر اڏي وئي آهي، جيئن جيئن ترقي ٿيندي، مثاني جي پٿري گهٽ ٿيندي ويندي. سکر ۾ هر او پي ڊي ۾ 5 کان 6 ٻار مثاني جي پٿري واري مرض جا اچن ٿا. اتي اڄ تائين مثاني واري پٿري جو علاج چيري سان ئي ڪيو وڃي ٿو پر ميڊيڪل سائنس جي ترقي ڪري مثاني جي پٿري بغير چيري جي به ڪڍي سگهجي ٿي. پٿري کي اوزار سان ٽوڙي چُورو ڪري مثاني کي ڌوئي ڪڍي سگهجي ٿو پر ان ۾ به پٿري جي جسامت اهم عنصر آهي. جيڪڏهن پٿري وڏي هوندي ته پوءِ بغير چيري وارو علاج ممڪن نه هوندو، تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته بيماري جي شروعات ۾ ئي ڊاڪٽر وٽ وڃجي. سرڪاري اسپتالن ۾ اهو علاج مفت مهيا ٿيڻ گهرجي.هاڻ جي سرڪاري اسپتال ۾ به پئسا لڳن ته پوءِ ماڻهن جو علاج ڪيئن ٿيندو ؟ خاص ڪري انهن ماڻهن جو جيڪي نجي اسپتالن جا خرچ ڪونه ٿا ڀري سگهن. ڊاڪٽر گهڻو تڻو نجي اسپتالن ۾ ويهڻ پسند ٿا ڪن. اڄڪلهه ڊاڪثر فيس به وٺن ٿا ته دوائن جي اسٽور، ليبارٽري ۽ ايڪسري وارن کان ڪميشن به وٺن ٿا، دوائن جي ڪمپنين کان الڳ ٿو ملي. ان ناانصافي جو بار به مريض تي ٿو پوي. دوائن جي ڪمپنين طبي عملي کي پاڻ سان ملائي دوائن جا اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن. هڪ مريض هڙتال واري ڏينهن ڪنهن ڊاڪٽر کان الٽراسائونڊ ڪرايو ، الٽراسائونڊ وارو پنو رنگين هيو جيتوڻيڪ ان مان ڪا عضوي متعلق خاص معلومات ڪونه پئي ملي پر ڊاڪٽر ان کان 800 ورپيا ورتا هئا، مريض ٻڌايو ته عام حالتن ۾ 600 روپيا وٺندا آهن پر جيئن ته ان ڏينهن هڙتال هئي تنهن ڪري ڊاڪٽر 200 روپيا وڌيڪ ورتا. مريض کي چيائين ته اڄ هڙتال آهي تنهن هوندي به مون دڪان کوليو آهي، 200 روپيا وڌيڪ لڳندا. مون کي هڪ واقعو ياد آيو، هڪ ڏينهن مان رات جو اسپتال مان گهرپئي ويس، اهو ڏينهن به ڦيٿاروڪ هڙتال جو هيو، رڪشا واري مون کان 120 روپيا وٺڻ بجاءِ 300 روپيا گهريا، مون چيو مانس ته ايترا گهڻا پئسا ؟! چيائين اڄ ڦيٿاروڪ هڙتال آهي مون رڪشا ڪڍيو آهي تنهن ڪري پئسا وڌيڪ لڳندا، وڻئي ته سواري ڪرنه ته ڏي پيرن تي زور. مون سوچيو ته ڊاڪٽر ۽ رڪشا واري ۾ ڪجهه ته فرق هجڻ گهرجي، منهنجي هڪ دوست ڪجهه وقت لاءِ نجي اسپتال هلائي، ماهر ڊاڪٽر آهي چيائين ته دوائن جون ڪمپنيون اڄڪلهه ڊاڪٽر کي ڪمپني جي دوا هلائڻ جي بدلي ۾ هونڊا سوڪ ڪار به ڏين ٿيون ۽ چون ٿيون ته هيترا هزار فلاڻي انجيڪشن جا لک، هونڊا سوڪ تنهنجي.گاڏي ڊاڪٽر جي نالي ته ٿيندي قسطون ڪمپني ڏيندي، جنهن ڏينهن ڊاڪٽر دوا لکڻ بند ڪئي ان ڏينهن ڪمپني قسطون ڏيڻ بند ڪندي. ڪراچي کان روهڙي ويندي خيبر ميل جو وقت ڪجهه بهتر ٿيو آهي پر روهڙي کان ڪراچي ايندي گاڏي ليٽ ٿي وڃي ٿي. گاڏي جي ليٽ ٿيڻ ۾ غلطي جي ڪوتاهي به شامل آهي. گاڏي ڌوئڻ کان ويندي، انجڻ، ڊرائيور ۽ ٻيو عملو سڀ هڪ جيترا ذميوا آهن.

سکر شٻلاڻي سينٽر ۾ هڪ ڏينهن ۾ 600 کان 700 مريض ايندا آهن، تقريبن سمورن شهرن مان مريض اچن ٿا. لاڙڪاڻو، نوابشاهه، جيڪب آباد، غوثپور، ڪرمپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، گهوٽڪي، پنوعاقل، ميرپور ماٿيلو، شڪارپور، سکر، دادو، رحيم يارخان، ڪوئيٽا ۽ سبي وغيره. سکر وارو S I U T سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مريضن کي علاج مهيا ٿو ڪري. S I U T جي روح روان اديب الحسن رضوي جو خيال آهي ته ڪراچي وانگر سکر ۾ به گڙدي جي علاج جو وڏو ادارو قائم ڪجي، ان لاءِ جڳهه ته اسان وٽ آهي پر پئسي جي کوٽ آهي سرندي وارا جيڪڏهن اڳتي اچن ۽ مدد ڪن ته هڪ ست ماڙ عمارت ٺاهجي. ڀلي ڪو سرندي وارو يا سرندي وارا گڏجي اها عمارت ٺاهي ڏين. سکر جي هندو سيٺين سان به ملاقات ڪئي آهي، سکر جي هندو پئنچائت سان به رابطو ڪيو آهي۽ ڇهارا مارڪيٽ جي واپارين سان به ذڪر ڪيو آهي، ڏسجي ته اهي ڇا ٿاڪن. هي ادارو سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي مريضن کي علاج جون مفت سهولتون پهچائي سگهي ٿو. تنهن ڪري سنڌ جا سمورا سرندي وارا ان طرف سوچين ۽ هن اداري جي جڙڻ ۾ مدد ڪن. اديب رضوي 78 سالن جي عُمر ۾ به ريل جو ايترو ٿڪائيندڙ سفر ڪيو هر هفتي ڪراچي کان سکر وڃي ٿو، ان کي مان ڏيندي سنڌ جا سيٺ ۽ پئسي وارا ماڻهو اڳتي اچن. سنڌ جي اديبن، صحافين ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوستن کي به اپيل آهي ته ان متعلق پنهنجون ڪاوشون ڪم ۾ آڻين. جهاز بجاءِ ريل جو سفر اسان ان ڪري ڪندا آهيون ته جيئن S I U T جا پئسا فضول خرچ نه ٿين. ڪيترائي ماڻهو اديب صاحب کي چوندا آهن ته اوهان جهاز ۾ سفر ڪريو ڇا ڪاڻ ته اوهان جي عُمر ۽ رتبو اِها اجازت ڏين ٿا.هن جو خيال آهي ته ايئن مان پنهنجي ٽيم کان الڳ ٿي ويندس ۽ اداري جا پئسا به خرچ ٿيندا. ٻيو ته اسين سڄو ڏينهن ڪراچي ۾ ڊيوٽي ڏئي رات جو سفر ڪريون ٿا ۽ ٻئي ڏينهن صبح کان رات تائين سکر ۾ او پي ڊي ۽ آپريشن ڪريون ٿا ۽ رات دير تائين (11 وڳي تائين )ڪم ڪري ساڳي ڏينهن رات جي ٽرين ۾ واپسي ڪريون ٿا ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اسٽيشن کان سڌو S I U T ڪراچي ۾ پهچون ٿا ۽ اتي ڊيوٽي ڪريون ٿا جيڪا به رات جو 12 کان هڪ بجي تائين هلندي آهي. اهڙي طرح اسين اداري ۽ مريضن جو وقت به ڪونه ٿا کائون. اسان جو ته خير آهي پر اهو سڀ ڪجهه محترم اديب الحسن رضوي هن عمر ۾ به ڪري ٿو ،اها وڏي ڳالهه آهي.ان جي اها نيڪ خواهش ته سکر ۾ ڪراچي S I U T جهڙو ادارو قائم ڪجي ضرور ساڀيان ٿيندي. اسان جا ڪجهه دوست سکر ۾ ماڻهن سان رابطي ۾ آهن، هڪ پنو عاقل جو دوست به ڪوشش ڪري پيو، پر ضرورت آهي ان رابطي کي وڌائڻ جي، ماڻهن کي آماده ڪرڻ جي ته ان چڱي ڪم جي کوٽي ڪونهي، هي ڌرتي انسان دوست ماڻهن سان ذرخيز آهي. اچو ته ڏسون ته دنيا ڇاپئي ڪري ؟ اسٽيم سيل هڪ اهڙو غير اهم گهرڙو آهي، جنهن مان ڪيترائي اهم گهرڙا پئدا ڪري سگهجن ٿا. ان جي شروعات مرداڻي ٻج ۽ عورتاڻي انڊي جي ميلاپ سان ٺهيل پهرين ڏاڪي واري جيو گهرڙي مان اسٽيم سيل وٺي ڪئي وئي، ان تي ڪافي بحث هليو ۽ ان کي سياسي رنگ ڏنو ويو ۽ مذهب ۽ اخلاقيات جي خلاف ڪوٺيو ويو ۽ اها سائنس ڪجهه وقت لاءِ اڳتي نه وڌي سگهي.هاڻ جوان گهرڙن مان “ اسٽيم سيل” حاصل ڪرڻ واري تحقيق ڪامياب وئي آهي. ان تحقيق تي نوبل انعام به ڏنو ويو. ان تحقيق سان مٺن پيشابن وارن مريضن، پارڪنسونزم، الزائيم ٻئي دماغ جو ن بيماريون آهن جي مريضن کي فائدو پهچندو. رت جي ڪينسر جي مريض ۾ هڏي جي گودي واري پيوند ڪاري (Bon Marrow Transplant) جي ڪاميابي ۽ ڪجهه جانورن ۾ پوري عضوي ۽ ٽنگن ۽ ٻانهن جو ٻيهر ٺهي وڃڻ، ان سائنس جي ڪاميابي جي اُميد پيدا ڪري ٿو. اهي اسٽيم سيل جنهن عضوي مان ورتا ويندا، ان عضوي کان سواءِ به عضوا ٺاهي سگهندا آهن ۽ اها انهن جي لچڪ کي ظاهر ڪري ٿي. اهي سيل ليبارٽري ۾ ڪلچر ڪري انهن جو تعداد وڌائي سگهجي ٿو، بڪي جو ليبارٽري ۾ پيدا ڪرڻ هاڻ ساڀيان ٿيو آهي، اها خاصيت مڇي ۾ موجود آهي ته ان ۾ مئل بُڪي بيهر پيدا ٿي ويندي آهي انسانن ۾ اها خاصيت ڪونهي. هڪ دفعو بڪي ختم ٿي وئي اها ٻيهر جيئري نٿي سگهندي ۽ جيڪڏهن ٻئي بُڪيون خراب ٿي وڃن ته پوءِ بُڪي پنهنجي ڪنهن مٽ مائٽ وٺي لڳرائڻي پوندي آهي يا وري موت کان پوءِ عطيو ٿيل بڪي لڳرائي سگهجي ٿي.اسان جيڪڏهن پاڻ ڏانهن ڏسون ته ايڪانامڪ سروي آف پاڪستان (2006-2005) مطابق اسان وٽ صحت لاءِ بجيٽ جي ڊي پي (G D P ) جو فقط 75 سيڪڙو آهي جڏهن ته دنيا جو صحت وارو ادارو چوي ٿو ته اهو گهٽ ۾ گهٽ 5 سيڪڙو هجڻ گهرجي. سوشل پاليسي ڊيولپمينٽ سينٽر (S P D C ) 2004 چواڻي ته نون ڄاول ٻارن مان بچي ويندڙ 100 ٻارن مان 123 پنهنجي زندگي جا پنج سال به پورا ڪونه ٿا ڪري سگهن. بچندڙن جو گهڻو تعداد اڻپوري غذا ۽ بک جو شڪار آهي نتيجي ۾ انهن جو مدافعتي سرشتو ڪمزور ٿيو پوي ۽ انهن تي موتمار جيوڙن جو حملو شديد ٿيو پوي. هيومن ڪنڊيشنس رپورٽ 2003 چٽي طرح ٻڌائي ٿي ته پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جو 40 سيڪڙو غذائي ڪمي جو شڪار آهي. تقريبا مري ويندڙن جو 50 سيڪڙو اڻپوري غذا ڪري آهي. هزار مان 101 ٻار پنجن سالن جي عمر کان اڳ مريو وڃن. بيمارين جو 40 سيڪڙو ٻار دست، ساهه جي بيماري، مليريا، ٽي بي، هيپاٽائٽس ۽ بچاءَ وارن ٽڪن نه لڳڻ وارين بيمارين تي مشتمل آهن. 12 سيڪڙو بيماريون زندگي سان لاڳاپيل آهن،6 سيڪڙو بيماريون رت جي گهٽتائي ، وٽامن A جي گهٽتائي ۽ جسم ۾ فولاد جي ڪمي ڪري ٿيو وڃن.

ٻيون بيماريون جيڪي اسان جي واندي ويهڻ ۽ ورزش نه ڪرڻ، وقت تي مناسب کاڌو نه کائڻ، صفائي جو نه هجڻ، تماڪ واپرائڻ ۽ ٻيانشا ڪرڻ ڪري ٿين ٿيون. جهڙوڪ دل جون بيماريون ، مٺا پيشاب ۽ ڪينسر، ان جو ڪاٿو 10 سيڪڙو آهي. نوجوانن ۾ نشي جي لت ۽ نشي جون سيون لڳائڻ وغيره، ان جو ڪاٿو 50 لک آهي. انهن نوجوانن ۾ ايڊز ۽ هيپاٽائٽس سي (C) جهڙيون بيماريون تيزي سان پکڙجڻ لڳيون آهن. اڄڪلهه تماڪ سان گڏ هڪ ٻي ڪِني عادت به پکڙجڻ لڳي به، اهو آهي شيشو. ماڻهن جو خيال آهي ته اهو سگريٽ کان گهٽ نقصانڪار آهي ۽ اڄڪلهه فيشن ۾ شامل ٿيڻ لڳو آهي. جڏهن ته اهو به ايترو ئي خطرناڪ آهي جيترو تماڪ. جيڪڏهن اسين پاڻ کي خطي جي ٻين ملڪن سان ڀيٽيون ته صورتحال هيئن آهي. اسان جي سرسري عمر 62 سال انڊيا ۽ بنگلاديش جي سرسري عمر به ساڳي آهي. چائنا 72 سال، ڀوٽان 63 سال ۽ سريلنڪا 71 سال. پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جو انگ اسان وٽ هزار مان 101 آهي.

انڊيا 85،بنگلاديش 77، چائنا 31 ۽ سريلنلڪا 13 آهي. بچاءَ جا ٽڪا هڪ سال کان ننڍي عمر جي ٻارن ۾ ٽي بي خلاف اسان وٽ 80 سيڪڙو، انڊيا 73 سيڪڙو، بنگلاديش 95 سيڪڙو، چائنا 94 سيڪڙو، آبادي جو تناسب 2004-1994 اسان وٽ 1.9 سيڪڙو، بنگلاديش 2 سيڪڙو، ڀوٽان 2.2 سيڪڙو، انڊيا 1.7 سيڪڙو، نيپال 2.3 سيڪڙو ۽ سريلنڪا فقط هڪ سيڪڙو ۽ چائنا 8 سيڪڙو، فزيشن في آبادي هڪ لک ماڻهن تي اسان وٽ 74، انڊيا 60، بنگلاديش 26، ڀوٽان 5، چائنا 106، نيپال 21 ۽ سريلنڪا 55 آهي. پر جيڪڏهن انهن ترقي يافتا ملڪن سان ڀيٽ ته اسان مقابلي ۾ ڪافي هيٺ آهيون.

دنيا مئل عضون کي جيارڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي ۽ اسان وٽ جيڪو ڪجهه آهي ان کي به بچائي ڪونه ٿا سگهون. اهو ناممڪن ڪونهي بس همت جي ضرورت آهي، جذبو ٿو کپي . همدرد ۽ انسان دوست سوچ ٿي کپي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو