Home / ڪئپيٽل افيئر / حج اسڪينڊل ڪيس زرداري ۽ گيلاني ۾ ويڇا وڌي ويا
above article banner

حج اسڪينڊل ڪيس زرداري ۽ گيلاني ۾ ويڇا وڌي ويا

ڄاڻو ذريعن جو چوڻ آهي ته نااهل ٿيڻ کان اڳ ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني رحمان ملڪ سميت ايوان صدر ۾ ويٺل ”شاھ جي وفادارن“ لاءِ ٻوجهه بڻجي ويو هو.رحمان ملڪ لاءِ اها ڳالھ مشهور آهي ته هو ڪابينا جي ڪنهن به ميمبر کي ”گاھ“ ئي نه وجهندو آهي، اهو ئي سبب هوجو رحمان ملڪ ۽ گيلاني ۾ ڇڪتاڻ هلندي رهي، پر يوسف رضا پنهنجي صلاحيتن سان رحمان ملڪ کي زوري پنهنجي ”مُٺ“ ۾ بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ۽ نتيجي طور پاڻ به اهل نه رهيو!!

حج ڪرپشن ڪيس ۾ ڦاٿل وڏو ۽ ننڍو گيلاني هن وقت شديد پريشاني جو شڪار آهن، انهي پريشاني جو واضح اظهار ان وقت کلي سامهون آيو جڏهن وڏي گيلاني جي وڏي پُٽ عبدالقادر گيلاني 14 نومبر تي قومي اسيمبلي ۾ هڪ جذباتي تقرير ڪري انتهائي ٿڌي مزاج واري وفاقي وزير ۽ قومي اسيمبلي جي ”ناکئي“ سيد خورشيد شاھ کي به جذباتي ڪري ڇڏيو، انهي عبدالقادر گيلاني جي تقرير دوران سندس ننڍو ڀاءُ موسي گيلاني به ساڻس گڏ ويٺو هو، هن پنهنجي تقرير ۾ وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ جي استيعفا جو مطالبو ڪندي ،قومي اسيمبلي ۾ چتاءَ ڏنو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي سندس پيءُ ۽ مٿس جاري ڪيل نوٽيس واپس نه ورتا ته هو قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفا ڏئي ملڪ ڇڏي هليو ويندو، سيد عبدالقادر گيلاني جي انهي چتاءَ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايوان جي مطالبي تي ايف آءِ ،جي، ڊي جي کي قومي اسيمبلي جي استحقاق ڪميٽي آڏو طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، سيد يوسف رضا گيلاني جي پُٽ عبدالقادر گيلاني جو چوڻ هو ته گذريل 10 ڏينهن کان ايف آءِ اي پاران کيس نوٽيس جاري ڪيا پياوڃن ته هو ۽ سندس پيءُ انهن جي روبرو پيش ٿين. هن چيو ته 2010ع ۾ حج اسڪينڊل ۾ هڪ ايم اين اي عمران شاھ مٿس الزام هنيو هو ته هُن سعودي عرب مان هڪ بلٽ پروف گاڏي اسمگل ڪئي هئي، بعد ۾ ايف آءِ اي خلاف سپريم ڪورٽ چيو هو ته هو شريف ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ جو سلسلو بند ڪري. جڏهن ته عمران شاھ پنهنجي ڪيس تان هٿ به کڻي ويو آهي، ۽ ان ڪيس مان کيس آجو به قرار ڏنو ويو آهي، هاڻِي وري ايف آءِ اي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن آئون ان جي روبرو پيش نه ٿيس ته مون خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته هڪ آفيسر جي جرئت ڪيئن ٿي ته هلندڙ اجلاس دوران هو هڪ ايم اين اي کي سمن جاري ڪري؟ هن چيو ته گهرو معاملن جو وزير چوي ٿو ته ايف آءِ جا آفيسر سندس ڪنٽرول ۾ ناهن، يا هو استيعفا ڏئي يا اسان کي اجازت ڏني وڃي ته اسان هي ايوان ڇڏي وڃون. هن چيو ته هو هن ايوان کان عاجزاڻو مطالبو ٿو ڪري ته اسان سان مسلسل زيادتي ٿي رهي آهي، ڇا هن ملڪ ۾ رڳو اسان ئي غدار آهيون، ۽ اسان لاءِ هتي ڪير به آواز اٿارڻ وارو ناهي؟ هن ملڪ جي ايجنسين کي رڳو اسان ئي بدعنوان نظر اچون ٿا؟ اسان جو گذارو هاڻِي هن ملڪ ۾ ناهي، ايف آءِ اي چوي ٿي ته هواسان کي گرفتار ڪندي، ڪيسن ۾ گهليندي، اسان جي گهر کي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏني پئي وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي نوٽيس واپس نه ورتا ته هو استعيفا ڏئي ڇڏيندو، ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد شاھ حڪومت پاران جواب ڏيندي چيو ته اها اسان لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي، يوسف رضا گيلاني 4 سال وزير اعظم جي حيثيت ۾ عدليه کي آزادي ڏني، جج بحال ڪيا، 73ع جي آئين کي بحال ڪيو، هن انتقامي سياست جو انت آندو. اسان ايوان ۾ ويٺلن جو ڪنڌ شرم وچان جهڪيل آهي، هي پارليامينٽ اڄ ئي آرڊر ڪري ۽ ايف آءِ جي، ڊي جي کي طلب ڪري، ڪامورا شاهي جي ايتري مستي برداشت نه ڪبي، جيڪڏهن ڊي جي نٿو اچي ته هٿ ڪڙيون هڻي گهرايو.

 

 

قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري بئنچن جي ڇيڙي ۾ ويٺل عبدالقادر گيلاني جي ڪيل فرياد انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت هئي ته ايوان صدر ۾ ويٺل صدر زرداري جي دوستن جي روئي سبب سيد يوسف رضا گيلاني ۽ صدر زرداري جي وچ ۾ مفاصلا وڌي ويا آهن، ننڍي گيلاني جي جذباتي تقرير ان ڳالهه جو چٽو ثبوت هئي ته راجا پرويز اشرف پاران اڳوڻي وزير اعظم کي اسلام آباد ڪلب مان زوري پرچائي ايوان صدر وٺي وڃڻ واري ڪوشش نتيجا نه ڏئي سگهي آهي. حالتن جا ڪيترائي واقفڪار اهو چون ٿا ته جيڪڏهن گيلاني جو رُسڻ برقرار رهيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڏکڻ پنجاب پيپلزپارٽي جي هٿن مان انهي ڪري به نڪري ويندو ته سرائيڪي بيلٽ ۾ صوبي جي تحريڪ جو روح روان گيلاني ئي آهي، اهو جيڏانهن به هوندو، سرائيڪي بيلٽ جو عوام ان طرف ئي ويندو، ڇاڪاڻ ته هو سندس دور ۾ سرائيڪي بيلٽ ۾ هڪ کرب رپين جون ترقياتي اسڪيمون ڏئي چڪو آهي.

هتي حيرت ۽ اتفاق جي ڳالهه اها به آهي ته جنهن ڏينهن عبدالقادر گيلاني قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪري رهيو هو ته ان ئي ڏينهن قانون وارو وفاقي وزير فاروق ايڇ نائيڪ سپريم ڪورٽ کي سوئيز اختيارين کي لکيل خط جي موٽ رسيد ڏيکاري وزيراعظم راجا پرويز اشرف کي مليل توهين عدالت جو سبب ڄاڻايو نوٽيس واپس وٺي چڪو هو.

جيتوڻيڪ صدر زرداري انهي تقرير جي ڪجهه ڏينهن بعد يوسف رضا گيلاني وٽ ملتان لنگهي ويو هو، ۽ هن کيس اها خاطري به ڪرائي هئي ته ايف آءِ اي پاران جاري ڪيل نوٽيسن ۾ حڪومت جو ڪوبه عمل دخل ناهي، ۽ حڪومت سندس ڀرپور مدد ڪندي، پر قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ آيل مسئلي کان پوءِ ايف آءِ اي جو ڪردار واضح ٿي ويو آهي. حج ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جو انويسٽيگيشن ڊائريڪٽر حسين اصغر ڪميٽي آڏو ٻه ڀيرا پيش ٿيڻ وقت انتهائي پر اعتماد هو. ذريعن موجب ڪميٽي جي اجلاس ۾ ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل اعجاز ورڪ ٻڌايو ته گيلانين کي جاري ڪيل نوٽيسن بابت گهرو وزير رحمان ملڪ کي آگاھ ڪيوويو هو، ان سلسلي ۾ مون جڏهن حسين اصغر کان پڇيو ته سرڪار جي ايتري ناراضگي باوجود اوهان ايترا مطمئن آهيو، جي جواب ۾ هن چيو ته ايم اين اي عمران شاھ ڪيس تا هٿ ئي نه کنيو آهي، ان ڪري اسان کي ته قانوني طور تي نوٽيس جاري ڪرڻا ئي آهن، هن جي پر اعتماد هجڻ جو هڪ سبب واضح آهي ته جڏهن حسين اصغر حج ڪرپشن ڪيس جو جاچ آفيسر مقرر ٿيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم کيس انهي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، جنهن بعد سپريم ڪورٽ واضح هدايتون جاري ڪيون ته حسين اصغر کي انهي جاچ مان ڪير به ڪڍي نٿو سگهي. اهو ئي سبب هو جڏهن استحقاق ڪميٽي جي ٻي گڏجاڻي ٿي ته انهي گڏجاڻي بابت بريفنگ ڏيندي ڪميٽي جو چيئرمين چوڌري عبدالغفور بي ساختا اها ڳالهه ڪري ويو ته ڊي جي ايف آءِ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته حسين اصغر جيڪو به ڪم ڪندو آهي ،ان بابت نه اسان کي ٻڌائيندو آهي ،۽ نه اسان کان پڇندو آهي، جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جا حڪم پنهنجي جاءِ تي ، پر رحمان ملڪ ويجهي ماضي کي اڃا وساري نه سگهيو آهي، اهو ئي سبب هو جو جڏهن اڳوڻو وزير اعظم گيلاني هاڻي جڏهن وٽس گهر به لنگهي ويو، پر سنڌي ۽ سرائيڪي روايتن موجب کيس اهي نتيجا نه ملي سگهيا ، جيڪي لنگهي ويندڙن کي ملندا آهن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو