Home / افيئر / خضدار ۾ رت جي راند
above article banner

خضدار ۾ رت جي راند

بلوچستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال سپريم ڪورٽ ، انساني حقن جي تنظيمن، سياسي ۽ مذهبي جماعتن سميت ملڪ جي هر ساڃاهه وند کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ليڪن حڪومتي عهديدار قطعي طور مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته بلوچستان ۾ ڪو امن امان جو مسئلو آهي. لاتعلق رهندڙ وزير اعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئسياڻي ۽ ٻيا حڪومتي عهديدار امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي کي ميڊيا جي پروپيگنڊا قرار ڏين ٿا. سندن تصوراتي بلوچستان، ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. بلوچستان جي ڪا ڪنڊ اهڙي ناهي جتي ترقياتي عمل زور شور سان جاري نه هجي. عوام کي زندگي جون بنيادي سهولتون ميسر آهن. اهي اختيار ڌڻي بلوچ ۽ پشتون قومپرست پارٽين جي تنقيد کي ملڪ دشمني ۽ حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي سازش قرار ڏين ٿا. ليڪن ان جي باوجود بي بي رابعي خضداري جو شهر خضدار به ان ئي بلوچستان جو حصو آهي، جتي ڪڏهن امن ۽ سڪون هو، پر اڄ قتل جي وڌندڙ واقعن سبب جنگ جي ميدان جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. 11 سپيٽمبر کان وٺي هينئر تائين ٻه درجن کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، جن ۾ صحافي،ڊاڪٽر، واپاري، شاعر، سرڪاري ملازم ۽ شاگرد تنظيمن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن. 29 سيپٽمبر تي خضدار جي ناليواري صحافي عبدالحق کي قتل ڪيو ويو. خضدار جا صحافي پنهنجي ساٿي جي قتل کانپوءِ لڳاتار احتجاج ڪري رهيا آهن،ان ڪري اهي پنهنجن چئنلن، اخبارن ۽ نيوز ايجنسين کي خبرون به نه پيا موڪلين خضدار ۾ اهو ڪو پهريون صحافي قتل ناهي ٿيو بلڪه 2009 کان وٺي هينئر تائين ٽن سالن ۾ خضدار جي پنجن صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي. قتل ٿيندڙ صحافين ۾ حاجي ولي، فيض ساسولي، محمد خان ساسولي، منير شاڪر ۽ عبدالحق شامل آهن. انهن کي ڇو قتل ڪيو ويو، ان جا سبب واضح نه آهن. هڪ مقامي صحافي چواڻي ٽارگيٽ ڪلنگ جو جيڪو سلسلو جاري آهي، خبر نه آهي ان ۾ ڪنهن کي ڇو پيو ماريو وڃي . جيڪڏهن حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن جا بيان ڏسو ته ايئن لڳندو ته سندن سمورو ڌيان بلوچستان مسئلو حل ڪرڻ ڏانهن آهي، ليڪن زميني حقيقتون ڏسنداسين ته اتي صورتحال مختلف آهي. بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل جو تعلق به ضلعي خضدار سان آهي ليڪن هو خضدار جي تعلقي وڍ ۾ رهي ٿو. خضدار جي صورتحال تي علائقي ۾ ڪو ڳالهائڻ لاءِ تيار نه آهي. هر ماڻهو ڊنل آهي اڪثر ماڻهو گهرن کان ٻاهر ئي نه نڪرندا آهن. جيتوڻيڪ هي شهر ڪوئيٽا کي ڪراچي سان ڳنڍيندڙ اهم آرسي ڊي شاهراهه تي آهي ليڪن ان ۾ ترقي جا منصوبا نالي ماتر آهن. خضدار يونيورسٽي جو قيام هتي لاءِ هڪ وڏو منصوبو آهي. ڪجهه عرصو اڳ تائين هن يونيوسٽي ۾ خيبرپختونخواه سميت ٻين علائقن جا شاگرد تعليم حاصل ڪندا رهيا آهن.اڄ هن شهر ۾ ڊگهي عرصي کان رهندڙ ماڻهن لاءِ پڻ زمين تنگ ڪئي وئي آهي. ان جو نتيجو ڪجهه به نڪري ليڪن مبصرن مطابق هن علائقي ۾ نفرت جا جيڪي ٻج ڇٽيا پيا وڃن ان جا اثر نهايت خطرناڪ ثابت ٿيندا. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته خضدار معاشي لحاظ کان فعال شهر ناهي ، ننڍي پئماني تي هتي واپاري سرگرميون آهن، اڪثر ماڻهو ڏهاڙي تي مزدوري ڪن ٿا. هتي جي آبادي خوراڪ جي کوٽ جو پڻ شڪار آهي، جنهن لاءِ ماڻهو وڍ ۽ نال مان روز مره جي استعمال جون شيون آڻڻ لاءِ مجبور آهن. ٻن هفتن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، خضدار ۾ لڳاتار خونريزي ٿي رهي آهي. ڪو ڏينهن اهڙو ناهي جو اتي قتل نه ٿئي. سپريم ڪورٽ بلوچستان ۾ امن امان ڪيس جي شنوائي ڪري رهي آهي. سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ جي موجودگي ۾ به ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ بدامني جا واقعا تسلسل سان جاري آهن. 7 آڪٽوبر تي وزير اعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئيساڻي جي تڪ مستونگ ۾ ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر عبدالحميد بنگلزئي کي ان وقت قتل ڪيو ويو جڏهن هو گاڏي ۾ پنهنجي پرائيوٽ ڪلينڪ تان گهر وڃي رهيو هو. جڏهن ته 8 آڪٽوبر تي خضدار ۾ ڊاڪٽر دائود عزيز کي قتل ڪيو ويو جنهن کانپوءِ بلوچستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن سموري بلوچستان ۾ سرڪاري اسپتالن جي او پي ڊي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. بلوچستان ۾ 2006 کانپوءِ ڊاڪٽر انتهائي عدم تحفظ جو شڪار آهن. انهن کي نه رڳو ٽارگيٽ ڪلنگ لاءِ اغوا ڪيو پيو ووڃي. بلڪ کين ڀنگ لاءِ به اغوا ڪيو پيو وڃي. صوبائي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن بلوچستان چيپٽر جي اڳوڻي صدر ۽ سينيئر ڊاڪٽر مزار خان بلوچ کي به قتل ڪيو ويو هو، پي ايم اي بلوچستان جي صدر ڊاڪٽر سلطان ترين ڊاڪٽرعبدالطميد بنگلزئي جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاي جو مطالبو ڪيو آهي. بلوچستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر فيض هاشمي موجب ڪجهه سالن دوران 25 ڊاڪٽر قتل ٿي چڪا آهن. ليڪن اڄ ڏينهن تائين قاتل نه پڪڙجي سگهيا آهن. خوف ،دهشت ۽ عدم تحفظ جي احساس ۾ مبتلا ڊاڪٽرز پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائڻ کان قاصر آهن.

 

ٻئي پاسي 8 آڪٽوبر تي بلوچستان بدامني ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس پاڪستان افتخار محمد چوڌري صوبائي اختيارين کي حڪم جاري ڪيا ته بلوچستان ۾ مقرر ڪيل نون پوليس آفيسرن کي گڙٻڙ وارن علائقن ۾ رکيو وڃي. چيف جسٽس صوبائي حڪومت کان لاپتا ماڻهن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا ٿيل ماڻهن جا تفصيل پڻ گهرائي ورتا آهن. جسٽس افتخار محمد چوڌري شنوائي دوران آءِ جي بلوچستان تي زور ڀرويو ته صوبي ۾ مقرر ڪيل 30 پوليس آفيسرن جون مقرريون ڇو ناهن ٿيون. چيف جسٽس ان ڳالهه تي به حيرت ظاهر ڪئي ته بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي پوليس آفيسرن جي مقرري ڪڏهن به صوبي ۾ ناهي ٿي. بئنچ ۾ شامل جسٽس خلجي عارف بلوچستان جي چيف سيڪريٽري تي زور ڀريو ته هو وضاحت ڪري ته ايف سي جي مقرري کانپوءِ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهترين آهي يا نه ؟
ٻئي طرف بلوچستان جي ضلعي ڊيرابگٽي ۾ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير طارق مسوري بگٽي جي اڳواڻي ۾ ڪجهه ڏهاڙا اڳ بيڪڙ جي علائقي خرچا ۾ جرڳو ٿيو جنهن ۾ ڊيرابگٽي جي علائقي بيڪڙ ۾ ٿيل قتل جو مامرو نبيريو ويو، جرڳي ۾ علائقي جي قبائلي سربراهن ۽ چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. پنج مهينا اڳ روشن عرف پليا مسوري بگٽي جي ڀاءُ جي هٿان ڪرم خان شاهاڻي جي ڀاءُ تي ڏوهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي مٿن 30 لک رپيا روڪ ڏنڊ ۽ 13 ٻارڙيون وني ڪري ڇڏيون هيون بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر طارق مسوري بگٽي کان سندس موقف معلوم ڪرڻ ۽ 13 ٻارڙين کي وني ڪرڻ بابت حقيقتون معلوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ رابطو ڪيو ويو ته هن جرڳو ڪوٺائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته منهنجي سربراهي ۾ اهڙو ڪوبه جرڳو نه ٿيو آهي. ان هوندي به آءُ سمجهان ٿو ته ٻنهي پاڻ ۾ وڙهيل ڌرين کي پاڻ ۾ ويهاري فيصلو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڌريون ان کي تسليم ڪن ٿيون ته پوءِ باقي ٻئي ڪنهن کي ان تي اعتراض نه هجڻ گهرجي. 13 ٻارڙين کي وني ڪرڻ جو فيصلو صحيح آهي يا غلط ؟ ان بابت في الحال راءِ نه ڏيندس. ٻئي طرف ان جرڳي جي تصديق لاءِ مذڪوره ميمبر بلوچستان اسيمبلي جي سوٽ ۽ قبائلي اڳواڻ مير سرفراز مسوري بگٽي سان رابطو ڪيو ويو ته هن جرڳي جي تصديق ڪندي چيو ته جرڳو 8 سيپٽمبر تي شام ست وڳي طارق مسوري جي سربراهي ۾ بيڪڙ جي علائقي خرجا ۾ منعقد ٿيوهو. روشن خان تي پيل ڏنڍ جي پهرين قسط پنج لک روپيا هئي جيڪا ويجهڙ ۾ ئي ادا ڪئي وئي آهي. هن جرڳي ۾ 13 ٻارڙين کي وني ڪرڻ جي نه رڳو مذمت ڪئي بلڪه چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته 13 معصوم ٻارڙين کي وني طور خون بدلي ڏيڻ جي غير انساني ۽ غير قانوني فيصلي جو نوٽيس ورتو وڃي.

پ پ بلوچستان جي صدر ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر صادق عمراڻي جرڳي ۽ 13 ٻارڙيون وني ڪرڻ جي مذمت ڪندي وزير اعليٰ بلوچستان تي سخت ڇوهه ڇنڊيا. هن جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ وزير اعليٰ بلوچستان لاپتا آهن. جيڪڏهن انهن جو ڪٿي وجود هجي ها ته هي صورتحال نه ٿئي ها. وزير اعليٰ بلوچستان نواب اسلم رئيساڻي تي تنقيد صادق عمراڻي کي انتهائي مهانگي پئي . ڇو ته اهڙي بيان کانپوءِ بلوچستان حڪومت کانئس سيڪيورٽي به واپس وٺي ڇڏي آهي. صادق عمراڻي ان کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو ته سچ ڳالهائڻ جي سزا ڏني وئي ليڪن ڊڄندس ڪونه، سچ ڳالهائيندو رهندس.

ڳالهه صادق عمراڻي جي ناهي، حڪومت ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي سربراهه چيف آف جهالاوان نواب ثناءُ الله زهري به ضلعي خضدار ۾ جاري خونريزي ۽ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نا اهلي ۽ ناڪامي جي ڪري بلوچستان ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي چڪو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان لاءِ سياسي ۽ جمهوري پارٽين کان سواءِ قبائلي قوتن کي به اثرائتو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

خضدار سميت سڄي بلوچستان ۾ بدامني جي باه ٻريل آهي. چيف جسٽس ڪيترائي ڀيرا واضح اشارا ڏئي چڪو آهي ته ان باهه تي ضابطو نه آندو ويو ته ان جا نهايت خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ليڪن اختيار ڌڻي اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ته بلوچستان ۾ ڪا اهڙي صورتحال آهي. سرڪاري اعلان مطابق بلوچستان ۾ صورتحال پرسڪون ۽ آئيڊيل آهي. سيڙپڪاري به ٿي رهي آهي. ترقي ۽ خوشحالي به، ليڪن ان تصوراتي بلوچستان جو ڪٿي به سراغ نه پيو ملي. بلوچستان جي سنجيده حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هاڻي به سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ ٻرندڙ باهه سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو