Home / افيئر / روس، شام جو مسئلو جنيوا ڪانفرنس مطابق حل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي
above article banner

روس، شام جو مسئلو جنيوا ڪانفرنس مطابق حل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

وس جي نائب پرڏيهي وزير ميخائل بوگدانوف ۽ روس ۾ چين جي سفيرلي هوئي هڪ ملاقات کانپوءِ چيو آهي ته شام جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ جنيوا ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن کي عملي شڪل ڏيڻ گهرجي. ٻئي طرف روس جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته شامي جلاوطن حڪومت قائم ڪرڻ جي تجويز ڏئي آمريڪا باغين کي بشارالاسد حڪومت خلاف جنگي ڪارروايون جاري رکڻ تي اڪسائي رهيو آهي. ترجمان آمريڪي اختيارين جي ان بيان ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ته آمريڪا روس ۽ چين جي موقف ۾ تبديليءَ جو انتظار نه ڪندو. ترجمان موجب ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا پنهنجي مرضي مطابق شام جو مسئلو حل ڪرڻ گهري ٿو ليڪن اهڙا بيان ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته اهو موقف جنيوا ۾ شام مسئلو حل ڪرڻ بابت ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن جي خلاف آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو