Home / دنيا / سنڌ اسيمبلي جا ميمبر انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين
above article banner

سنڌ اسيمبلي جا ميمبر انڌي جهڙي پيڪين، تهڙي ساهرين

اليڪشن ٿئي ٿي ته سياسي ورڪرن سان گڏوگڏ عام ماڻهو به ان ۾ وڏي سرگرمي سان حصو وٺي ٿوته جيئن سندس ڳوٺ، علائقي ۽ تڪ جا سڀ اهي مسئلا حل ٿي سگهن جن سان هن جو روز جو پالو پئي ٿو. عام ماڻهو کي ان سان ڪوبه واسطو ناهي ته بيهندڙ همراهه، لائق آهي به يا نه ؟ اهو مسئلن کي سمجهي ٿو.پڙهيل به آهي ان کي تڪ جي عوامي مسئلن سان ڪيتري دلچسپي آهي ؟ عام ماڻهوءَ کي ته اندر ۾ ڪي اميدون ۽ خواهشون هجن ٿيون ته اهي ان اميدوارجي کٽڻ سان حل يا ممڪن ٿي سگهن ٿيون.1970ع کان پوءِ سنڌ جو عام ماڻهو “ ڀٽي” جي نالي تي نچي۽ ڪڏي ٿو پر سندس کي اهو احساس هرگز ناهي ته ان جي ووٽ سان اسيمبلي اندر ڪهڙي نه تذليل ٿئي ٿي ۽ ان ووٽ جي قيمت لڳائي، سنڌ جي عوام کي هر دور ۾ ذليل ۽ خوار ڪيو وڃي ٿو. پر وري به ساڳيو عوام ئي آهي جيڪو ڪڏهن به پنهنجن حالتن تي رحم نه ٿو کائي ! سنڌ ۾ ٻن قسمن جو ووٽ پوي ٿو. هڪ اهي آهن جيڪي انڌ جي گهوڙي تي چڙهي ووٽ ڪن ٿا. ووٽ ڏيڻ مهل نه ته سوچين ٿا ۽ نه وري ڏسن ٿا ته اليڪشن ۾ بيهندڙ همراهه اهل آهي به يا نه ؟ ۽ ووٽ ڏيڻ کانپوءِ سڄاسارا پنج سال خوار ۽ خواب ٿين ٿا ۽ سندن جي قسمت ۾ رڳو مايوسي ۽ اوندهه پلئه پوي ٿي . ٻيا وري اهي آهن جيڪي اليڪشن واي ڏينهن گهران نڪرن ئي ڪونه ۽ سڄو ڏينهن اجاين تبصرن ۽ فضول ڳالهين ۾ وڃايو ڇڏين، جڏهن ته انهن جو فرض ٿئي ٿو ته اهي پولنگ واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي وڃن عوام کي سٺي ۽ خراب جي ڄاڻ ڏين.انهن جي ايجنڊا تي ڳالهائين، اميدوار جي ماضي جي ڪمن کان عوام کي آگاهه ڪن پر ڳالهه ان جي ابتڙ هوندي آهي. گهر ويٺي گاريون ڏيندا ووٽ وٺندڙ کي به ۽ ڏيندڙ کي به ۽ پاڻ ووٽ نه ڏئي ان سڄي عمل کان غائب هوندا آهن. اڳتي هلي وري ان ڪرپٽ ۽ ناڪاره سسٽم جو حصو ٿي وڃن ٿا. سو ان ٻنهي قسمن جو ووٽ اڄ جي سنڌ جي تباهي جو ڪارڻ بڻيو آهي. نه ته ووٽ جو صحيح استعمال هجي ها ته شايد صورتحال ڪجهه بهتر هجي ها.

 

اهي ڪنهن به مرض جي نه ته دوا آهن ۽ نه وري انهن مان ڪابه اميد رکي سگهجي ٿي. جي ها، اهي آهن سنڌ اسيمبلي جا اهي 35 ميمبر جن چونڊجڻ کان وٺي هيلتائين ڪڏهن به سنڌ اسيمبلي جي فلور تي بيهي ڪنهن به عوامي مسئلي تي نه ته ڳالهايو آهي ۽ نه وري ڪنهن عوامي مسئلي جي نشاندهي ڪئي اٿن ! اهي رڳو ڳوٺ کان تمام وڏين گاڏين تي چڙهي، ووٽرن جي منهن ۾ ڌوڙ اڏائيندا ڪراچي پهچن ٿا. اجلاس جا ڏينهن پورا ڪري ذاتي ڪم ڪار ڪرايو، اجلاس ۾ شامل ٿيڻ جو خرچ پاڻي وٺي وري واٺن سان گڏ ڳوٺ پهچن ٿا، انهن ڪڏهن به ڪنهن به قانونسازي ۾ نه ته حصوورتو ۽ نه وري سندن کي خبر ئي آهي ته “ ق” سان قانونسازي ٿيندي ڇا آهي؟ ڇا انهن جي تڪن ۾ سڀ ڪم صحيح پيا ٿين. اسڪول، ڪاليج،اسپتالون، روڊ ۽ رستا، ٿاڻا ۽ زندگي جون ٻيون انيڪ شيون پنهنجي صحيح رخ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن ؟ جو انهن ميمبران حضرات انهن تي ڳالهائڻ جي زحمت به گوارا نه ڪئي. ڇا سندن تڪن ۾ سٺي حڪمراني جو بول بالا آهي ؟ عوام سندن ڪارڪردگي مان خوش آهي، ڇا انهن ڪڏهن ڪو سرڪاري ادارو گهمي ڏٺو آهي ته ان جي حالت ڪهڙي آهي ؟ پر افسوس جو سڄي سنڌ سڙي ۽ جلي پر انهن چونڊيل 35 عوامي نمائندن جو ڪو حال ناهي، انڌي جهڙي پيڪي تهڙي ساهرين ! جيڪڏهن ڪا بهتري آئي آهي ته انهن جي ذاتي پراپرٽي، گاڏين ۽ زندگي جي لگزري ۾ اضافو ضرور ٿيو هوندو يا آهي. آخر اهڙن چونڊيل نمائندن جو فائدو ڪهڙو آهي جيڪي پنهنجي چونڊ تڪن جي مسئلن تي به ڳالهائي نه ٿا سگهن، انهن 35 ميمبرن پورن پنجن سالن جي پارلياماني پيرڊ ۾ ڪو به ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. سندن ڪارڪردگي زيرو آهي،انهن مان اڪثريت انهن جي آهي جيڪي هن وقت حڪومت ۾ آهن يا وري حڪومت جو حصو رهيا آهن ۽ انهن جا نالا، پارٽي وابستگي ۽ تڪ نمبر هن آرٽيڪل جو حصو آهن ته جيئن انهن جي پنج سالا ڪارڪردگي سنڌي عوام آڏو اچي ته ڪيئن نه انهن اسان جي ووٽ جي تذليل ڪئي آهي ؟

هڪ دفعي ڪنهن دوست ٻڌايو ته ڳوٺ مان هڪ بزرگ ماڻهو آيو ۽ چيائين ته مون کي ڪنهن ماڻهو تي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻو آهي سو ڪو سٺو وڪيل هٿ ڪري ڏي،شام ڌاري هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ويٺاسون ته ان ڳوٺ واري برزگ همراهه چيو ته وڪيل تمام سٺو آهي ڄاڻ به اٿس پر مان هن کي پنهنجي ڪيس۾ وڪيل نه ڪندس، پڇا ڪرڻ تي هن چيو ته وڪيل جي آواز ۾ اٽڪ آهي ڪٿي ڪورٽ ۾ ڪيس نه هارائي وڃون، ان ڪري مان هن کي پنهنجي ڪيس ۾ وڪيل نه ڪندس.

سائين هي ته آهي ان بزرگ جي ڳالهه جيڪو پنهنجي حق لاءِ پوري تياري سان وڙهڻ چاهي ٿو ۽ اهڙي وڪيل جو ڳولائو آهي جيڪو سندس جي آواز کي اڳيان چڱي نموني پيش ڪري سگهي پر هي جن کي اسان ۽ توهان ووٽ ڏئي اسيمبلي اندر پنهنجو قومي وڪيل ڪري ٿا موڪليون انهن جا حال ڪهڙا آهن ؟ سو ته اوهان هن مضمون ۾ ڏنل لسٽ ڏسي سمجهي ويا هوندا ۽ اهڙي بي زبان وڪيلن جي ڪري اڄ سڄي سنڌ سورن ۾ آهي ۽ سنڌ انهن جي ڪري پنهنجو ڪيس هارائي وئي آهي جن کي نه “ الف” جي خبر آهي ۽ نه وري “ ب” جي. ڇا اسان ۽ توهان ان هار جا گڏيل ذميوار ناهيون ؟ جي آهيون ته پوءِ اسان کي چپ جو روزو ٽوڙڻو پوندو ۽ اسان کي ايندڙ اليڪشن ۾ هر تڪ مان ڪو اهڙو بازبان، با ڪردار ۽ قومي سوچ وارو وڪيل چونڊڻو پوندو جيڪو اسيمبلي اندر هر ذاتي مفاد ۽ پارٽي جي ذاتي ترجماني کي پوئتي رکي اسان، توهان ۽ سنڌ جي ڪيس کي اوليت ڏئي. اسان جا مسئلا حل ڪري ۽ تڪ جي عوامي مسئلن تي پورو پورو ڌيان ڏيئي. ان لاءِ اسان کي هڪ سوچ پيدا ڪرڻي پوندي ۽ ان سوچ کي اڳتي وڌائڻو پوندو، سنڌ جي ڇڙواڳ سياسي ڪارڪن جي ان سوچ مطابق آجيان ڪرڻي پوندي ته جيئن اسان جي ايندڙ نسل جو مستقبل محفوظ رهي، ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي انهن مان جند آجي ڪرائڻي آهي، جيڪي اسان جي ووٽ تي عياشي ڪن ٿا ۽ اسان جو ووٽ،عياشين جي ور چڙهي وڃي ٿو. اسان کي ان ووٽ کي آزاد ڪرائڻو پوندو. ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي گهران نڪرڻو پوندو ته جيئن ڪو سٺو نمائندو چونڊي سامهون اليڪشن جي ڏينهن اسان کي ووٽ سنڌ لاءِ گهرجي نه ڪي ڪنهن ماڻهو يا مفاهمتي پارٽي لاءِ اسان جي زبان هجي، اسان کي اهو ووٽ پيدا ڪرڻو پوندو جيڪو اسان جو ڪيس ايوان مان کٽي نڪري نه ڪي هنن ميمبرن وانگر جن پنج سال پاڻ ته لڄايو پر اڄ انهن جا ووٽربه لڄي آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو