Home / افيئر / سنڌ جي ترقي ۽ ترڪتال ڪامورا شاهي
above article banner

سنڌ جي ترقي ۽ ترڪتال ڪامورا شاهي

سنڌ جي وڏي وزير طرفان رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي کي هلندڙ سال جي لاءِ رکيل بجيٽ تحت مقرر وقت تي رٿائون مڪمل ڪرڻ جا پنجن مهينن ۾ چار حڪم جاري ڪيا ويا آهن جن مان هڪ تي به عمل نه ڪيو ويو آهي.هاڻي اهڙي صورتحال ۾ اهو ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هلندڙ مالي سال ۾ به صوبي جي ترقي ساڳي گذريل چئن سالن وانگر ئي ٿيندي ڇوته ڪامورن جي هڪ هٽي ائين قائم ٿي چڪي آهي جو وزيرن،صلاحڪارن ۽ ايم پي ايز سان گڏ وڏي وزير کي به کنگهن ئي ڪونه ٿا،وڏي وزير چيف سيڪريٽري آڏو اهو واضح ڪيو آهي ته جڏهن فنڊ موجود آهن ته پوءِ آخر اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو ترقياتي رٿائن کي مڪمل نٿو ڪيو وڃي؟،صوبي جو ترقياتي پروگرام 261 ارب رپين جو آهي جنهن مان تقريبن سوا 16 ارب جاري ڪيا ويا آهن جن مان اڃا تائين هڪ ارب 41 ڪروڙ رپيا يعني پوانئنٽ 55 سيڪڙو خرچ ٿي سگهيا آهن،هاڻي اهڙي صورتحال جي هوندي ان مان واضح ظاهر ٿئي ٿو ته هلندڙ مالي سال به رٿائن تي جاري ڪم ڊسمبر ۾به مڪمل ڪونه ٿيندو ۽ نيون رٿائون به جنوري ۾ شروع ٿيڻ ته ڇا منظور ٿيڻ به مشڪل لڳي ٿو!


17 نومبر 2012ع جي اجلاس ۾ ڇا ٿيو؟

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جڏهن خيرن سان پنجين پارلياماني سال جي بجيٽ پاس ڪرائيندي مهيني بعد ئي ناڻي،رٿابندي ۽ ترقي واري کاتن جي سربراهن کي گهرائي انهن کان سمورين ترقياتي رٿائن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي جنهن بعد سنڌ سرڪار جي چيف ايگزيڪٽو هلندڙ مالي سال کي صوبي جي ترقي جو سال قرار ڏئي فوري طور تي ناڻي کاتي کي حڪم جاري ڪيو ته کاتن جي ترقياتي رٿائن لاءِ رکيل بجيٽ جا 50 سيڪڙو فنڊ فوري طور تي انهن کي جاري ڪيا وڃن، جنهن بابت عملدرآمد ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو پڇاڻو ڪرڻ لاءِ ڪجهه هفتن بعد وري رٿابندي ۽ ناڻي کاتي جي ڪامورن کي طلب ڪيو ته انهن مان رٿابندي وارن ٻڌايوته ناڻي کاتي اوهان جي حڪم موجب فنڊ جاري ئي نه ڪيا آهن جنهن تي ناڻي کاتي کان وڏي وزير آڏي پڇا ڪئي انهن وضاحت ڪندي چيوته صوبائي سرڪار سخت مالي گهوٽالي جو شڪار آهي،اسان ملازمن کي پگهار ئي نٿا ڏئي سگهون جنهن لاءِ اوهان کي گذارشون ڪيون آهن ته وفاق کان خصوصي گرانٽ وٺي صوبائي سرڪار کي ان مالي /بحران مان  ڪڍيو وڃي ته پوءِ اهڙي صورتحال هوندي رٿابندي کاتي کي 161 ارب رپين جو 50 سيڪڙو ڪٿان کان جاري ڪرايون،ناڻي کاتي جي اهڙي وضاحت بعد وڏي وزير وري ٻيو حڪم جاري ڪيو ته رٿابندي کاتي کي گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو فنڊ ترقياتي هلندڙ رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ فوري جاري ڪيو ويو جنهن تي به عمل نه ڪندي انهن رٿابندي کاتي کي رقمون جاري نه ڪيون ويون ۽ آخر وڃي ٽيون حڪم وري اهو جاري ٿيو ته اوهان کاتن کي فوري طور تي 25 سيڪڙو جاري ڪيا وڃن ڇوته موجوده چونڊيل حڪومت مارچ ۾ مدو پورو ڪري رهي آهي تنهنڪري ڇهه مهينا اهم آهن ان لاءِ 25 سيڪڙو يعني 40 ارب 25 ڪروڙ رپيا جلد کان جاري ڪيا وڃن پر ان تي به عمل نه ڪيو ويو ۽ ڪل 3 ارب 41 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا ۽ هاڻي ڇنڇر ڏينهن 17 نومبر 2012ع تي آخري حڪم ۾ وڏي وزير تمام ڪامورن جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته رقم هوندي به رٿائن کي مڪمل نه ڪرڻ مان ڇا مراد آهي؟ڪامورا پنهنجي انتظامي سطح تي پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائن ۽ حڪومت جي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ ئي هلندڙ رٿائون مڪمل ڪيون وڃن.ذريعن موجب وڏي وزير ناڻي،رٿابندي ۽ ترقي واري کاتن جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار جي انتظاميه تي سخت ناراضگي جو پڻ اظهار ڪيو ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته حڪومتي فيصلن تي عمل ڪرڻ بيورو ڪريسي جو فرض آهي پر اهي مسلسل اسان جي حڪمن تي عمل نه پيا ڪن،اوهان ترقياتي رٿائن تي ڊسمبر تائين عمل ڪرائڻ ۽ کاتن جي ڪارڪردگي رپورٽ ڏيو جيڪڏهن عمل نه ٿيو پوءِ اوهان کان جواب ورتو ويندو جنهن تي چيف سيڪريٽري چيوته وڏي وزير کي يقين ڏياريندي چيوته ڪامورا بلڪل حڪومتي پاليسين ۽ پروگرامن تي هاڻي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪندا

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اهو به چيوته حڪومت پنهنجا پنج سال مڪمل ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي جنهن جي لاءِ هن سمورن کاتن جي سيڪريٽريرين تي زور ڀريو ته هو هاڻي جلدي ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ طرف ڌيان ڏين،سمورن کاتن لاءِ رکيل فنڊ انتظاميه کي فراهم ڪرڻ باوجود رٿائن کي مڪمل ڪرڻ وارو سلسلو سست رفتاري جو شڪار آهي تنهنڪري هاڻي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ انهن جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻي پوندي،ترقياتي ڪمن جي شروعات سان گڏ انهن جي نگراني ڪرڻ به لازمي آهي.هن چيوته رٿائن لاءِ فنڊ به موجود آهن پر تنهن هوندي به رٿائون مڪمل ڇونه ٿي رهيون آهن،وڏي وزير آفيسرن تي زور ڏنو ته هو پنهنجي انتظامي بنيادن تي ڪارڪردگي بهتر بڻائين ۽ بنا ڪنهن سياسي مداخلت جي عوام جي فلاح ۽ بهبود وارين پاليسين تي عملدرآمد ڪرڻ انتظاميه جو ڪم آهي.هن چيوته رٿائون موجوده حڪومت جي مدي پوري ٿيڻ کان اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجن.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته جيڪڏهن سنڌ جو چيف ايگزيڪٽو ڪامورن آڏو بيوس نظر اچي ته پوءِ ان جي ڪابينه ميمبرن جو ڪهڙو حال هوندو ؟ اهي به وڏي صاحب وانگر ئي بيوس هوندا. جيڪڏهن وڏو وزير مجبور آهي ته ان ۾ ٻه ڳالهيون آهن يا ته ڪامورن جي لابي تمام گهڻي مضبوط آهي يا وري ڪامور چيف ايگزيڪٽو کان وڌيڪ بااختيار آهن جنهن جي واضح خبر ته ڪنهن اندروني معاملا ڄاڻيندڙ ڪنهن شخص کي ئي هوندي .ڇوته اڄ ڪالهه سنڌ ۾ جيڪي به ڪامورا مقرر ٿيل آهن اهي وڏين وڏين سفارشن تي آيا آهن جن کي هٽائڻ سان اعليٰ آفيسر،وزير به گهرو ڀيڙا ٿيو وڃن.

سالياني ترقياتي پروگرام 13-2012ع تي  عمل ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو؟

سنڌ جي وڏي وزير طرفان رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام 13-2012ع جي جاري رٿائن کي ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو وڃي ۽ نيون رٿائون جنوري ۾ منظور ڪري انهن کي به جيترو جلدي ٿي سگهي ته ڪم کي اڳتي ڌڪيو وڃي.هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته وڏي وزير جي پنج ڀيرا چوڻ بعد به رٿائن لاءِ ناڻو کاتو فنڊ جاري نٿو ڪري ته پوءِ 43 کاتا رٿائون ان جي چوڻ تي جي بسم الله ڪري ڪيئن مڪمل ڪري سگهن ٿا، جن گذريل چئن سالن کان پنهنجي من مستيءَ سان ڪم ڪيو آهي.گذريل چئن سالن ۾ ترقياتي پروگرام جي ايوريج ڪڍبي ته ظاهر ٿي پوندو ته صوبي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ موجوده سرڪار ۽ ڪامورا ڪيترا سنجيده رهيا آهن. چئن سالن جي ايوريج ڪڍبي ته اها وڃي ڪل 55 کان 60 سيڪڙو فنڊ رٿائن تي خرچ ٿي سگهيا آهن جيڪي به رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي مانيٽرنگ سيڪشن جون رپورٽون آهن پر انهن جي جيڪڏهن فيلڊ وزٽ ڪجي ته پوءِ ئي ان جو تجزيو ڪري سگهجي ٿو ته ڪيترا ڪم ڪرايا ويا يا اهي ڪاغذن ۾ ڏيکاريا ويا.هفتو ڏيڍ اڳ جڏهن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي رپورٽ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ته ان ۾ اهو انڪشاف ٿيو ته صوبي جي 26 کاتن ۾ 25 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي ۽ گذريل هفتي وري نيب جي چيئرمين به سنڌ جي ترقياتي رٿائن ۾ اڍائي ارب کان وڌيڪ ڪرپشن جو انڪشاف ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اتي ترقياتي ڪمن جي رولز جي خلاف ٺيڪا ڏنا ويا ۽ انهن ۾ ڪرپشن ڪئي وئي،هاڻي صورتحال ۾ جيڪڏهن اوهان 1288 هلندڙ رٿائن کي ڊسمبر جي آخر تائين حساب ڪندا ته سوا مهينو بچندو  جنهن ۾ ايتريون ساريون رٿائون ڪيئن مڪمل ٿي سگهن ٿيون ۽ صورتحال اها آهي جو صوبائي حڪومت کي پنهنجي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ پئسا نه هجن. ان صورتحال ۾ اوهان اهو تمام اهم ۽ کربين رپين وارو ڪم ڪيئن مڪمل ڪري سگهندا؟.سنڌ جي ترقياتي پروگرام 251 ارب 17 ڪروڙ 42 لکن جو آهي جنهن ۾ ڪل 2611 رٿائون آهن جنهن ۾1323 نيون ۽ 1288 هلندڙ رٿائون شامل آهن جنهن ۾ 112 ارب،63 ڪروڙ هلندڙ ۽ 48 ارب،36 ڪروڙ نئين رٿائن لاءِ رکيا ويا آهن جڏهن ته باقي پرڏيهي ۽ مرڪزي فنڊنگ سان هلندڙ رٿائن لاءِ 35 ارب،65 ڪروڙ پرڏيهي ۽ ساڍا 14 ارب مرڪزي حڪومت جا فنڊ رٿائن لاءِ ملڻ جو بجيٽ ڪاٿو لڳايو ويو آهي جڏهن ته 20 ارب ضلعي حڪومتن لاءِ رکيا ويا آهن،هاڻي اهي ڊسمبر ته ڇا پر مارچ تائين به هلندڙ رٿائن جو جيڪڏهن 50 سيڪڙو به مڪمل ٿيو ته شڪر آهي.

رٿابندي ۽ ترقي واري کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ملڪ اسرار احمد سالياني ترقياتي پروگرام بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايوته مالي سال 13-2012ع ۾ هلندڙ رٿائن لاءِ 11 ارب 26 ڪروڙ ۽ نئين رٿائن لاءِ 4 ارب 83 ڪروڙ رپيا ٽي ماهي بجيٽ لاءِ مختص ٿيل آهن جن مان گڏيل طور تي 3 ارب 41 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا جنهن مان هڪ ارب 14 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن.وڏي وزير هدايت ڪئي ته ايندڙ چار مهينا تمام اهم آهن تنهنڪري سمورن کاتن کي کپي ته هو گهڻي کان گهڻيون رٿائون مڪمل ڪن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو