Home / افيئر / سپريم ڪورٽ ۽ رئيساڻي: دوبدو
above article banner

سپريم ڪورٽ ۽ رئيساڻي: دوبدو

بلوچستان صوبائي اسيمبلي هڪ تڪراري اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي تي اعتماد جي تحريڪ متفقه طور منظور ڪري ورتي آهي. صوبي جي قائم مقام گورنر ۽ اسپيڪر بلوچستان اسيمبلي اسلم ڀوتاڻي 13 نومبر تي گهرايل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو هو.ان هوندي به ان کانسواءِ اسيمبلي جي قائم مقام اسپيڪر سيد مطيع الله آغا ٻيهر اجلاس گهرائي ورتو هو، اسلم ڀوتاڻي قائم مقام گورنر جي حيثيت سان اهو اجلاس سپريم ڪورٽ جي ان عبوري حڪم جي روشني ۾ ملتوي ڪيو هو،جنهن ۾ اهو چيو ويو هو ته بلوچستان جي هاڻوڪي حڪومت ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي پنهنجو حڪمراني جو حق وڃائي چڪي آهي. ٻيهر گهرايل اسيمبلي جي اجلاس ۾ موجوده 44 اسيمبلي ميمبرن وزير اعليٰ نواب اسلم رئيساڻي تي اعتماد جي تحريڪ کي متفقه طور منظور ڪري ورتو.

ان کان سواءِ اجلاس جي شروعات ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جي باري ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي. ان قرارداد وسيلي سپريم ڪورٽ ۽ لاڳاپيل ادارن کي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بلوچستان اسيمبلي پنهنجي طور تي صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي. اسپيڪر اسلم ڀوتاڻي سان صلح جي حوالي سان ڪوششون ڪيون ويون آهن، تنهن هوند ي به اسلم ڀوتاڻي جي ويجهن ذريعن موجب هو هاڻي تائين به هاڻوڪي اسيمبلي کي غير آئيني سمجهي ٿو. مبصرن مطابق ان اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ڪري وزير اعليٰ نواب اسلم رئيساڻي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته کيس اسيمبلي ۾ اڪثريت جي حمايت حاصل آهي ۽ هاڻوڪي حڪومت جي آئيني اَٿارٽي برقرار آهي.

 

بلوچستان صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر محمد اسلم ڀوتاڻي جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ بلوچستان حڪومت جي آئيني حيثيت تڪراري ٿي چڪي آهي ڇو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ رئيساڻي حڪومت وڌيڪ عرصو هڪٻئي سان گڏ نٿا هلي سگهن . خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته جيستائين صوبي ۾ رئيساڻي حڪومت رهي ٿي ،هي مسئلو پيچيده ٿيندو ويندو. اسلم ڀوتاڻي چيو ته هڪ پاسي سپريم ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ٻئي پاسي نواب اسلم رئيساڻي جي حڪومت آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ کي پنهنجو فيصلو واپس ناهي وٺڻو. ان ڪري اسلم رئيساڻي کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ ٻئي شيون گڏ نٿيون هلي سگهن. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو وزير اعليٰ بلوچستان ۽ حڪومت جي چوڌاري گهمي رهيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ صوبائي اسيمبلي جي باري ۾ ڪجهه به ناهي چيو ويو. باقي اسيمبلي جو اجلاس هڪ اهڙي ماڻهو جي صلاح سان نٿو گهرائي سگهجي جنهن جي ساک سواليه بڻيل هجي. صوبائي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ کان انڪار جو سبب پڇڻ تي اسلم ڀوتاڻي چيو ته سپريم ڪورٽ 12 سيپٽمبر تي عبوري حڪم جاري ڪيو آهي، ان۾ واضح طور چيو ويو آهي ته بلوچستان جي موجوده حڪومت آئيي طور حق حڪمراني وڃائي چڪي آهي.

ٻئي طرف پ پ بلوچستان ڪائونسل سيشن منعقد ڪري پ پ جي قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ رئيساڻي سرڪار غير آئيني ۽ غير قانوني آهي. ان ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن تي ٻيو ته ڪجهه نه ٿيو اسيمبلي اجلاس ۾ وزير اعليٰ جي قيادت تي اعتماد جي اظهار کانپوءِ ۽ پ پ جي ڪائونسل سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ جان علي چنگيزي کي ڪوالٽي ايجوڪيشن جي وزارت تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا ڇو جو هن وزير اعليٰ رئيساڻي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.

رند برادري جي سربراهه بلوچستان صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ميمبر سردار يارمحمد رند چيو آهي ته بلوچستان ۾ آئيني بحران جو ذميوار وزير اعليٰ بلوچستان آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ صوبائي حڪومت پنهنجي قانوني حيثيت وڃائي چڪي آهي، اسلم رئيساڻي وڏ وزارت تان ترت استعيفيٰ ڏئي ۽ ايندڙ چونڊن تائين نئون قائد ايوان چونڊيو وڃي. سردار يار محمد رند کان جڏهن سوال ڪيو ويو ته هاڻوڪو آئيني بحران وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ لاءِ ته پئدا ناهي ڪرايو ويو. تڏهن هن جواب ۾ وراڻيو ته هونئن به ٽن مهينن کانپوءِ چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ هاڻوڪو آئيني بحران صوبائي حڪومت جي نااهلي جي ڪري اڳيان آيو آهي. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته وزيراعليٰ هميشه اسلام آباد ۾ ۽ توهان مخالف ڌر وارا سدائين ڪوئيٽا کان ٻاهر رهو ٿا، سردار يار محمد رند ان جا ڪارڻ ٻڌائيندي الزام مڙهيو ته نواب اسلم رئيساڻي کي عوام جي مسئلن جي حل سان نه بلڪه بلوچستان جا وسيلا لٽڻ سان دلچسپي آهي. جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته چونڊن کانپوءِ جڏهن مونکي قسم کڻڻو هو ته وزير اعليٰ ڪوئيٽا ۾ اهڙيون حالتون پئدا ڪيون جو منهنجي لاءِ اسيمبلي ۾ قسم کڻڻ ڏکيو ٿي پيو هو. ان کان پوءِ منهنجي ڪيترن ئي عزيزن خلاف ڪوڙا ڪيس قائم ڪري کين اشتهاري قرار ڏنو ويو، جنهن ڪري مونکي ملڪ ڇڏي دبئي وڃڻو پيو، ليڪن ان کان پوء به منهنجي خلاف ڪيس قائم ڪري نئون کيڏاڙ شروع ڪرايو ويو جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي ۽ نتيجي ۾ مونکي پاڪستان اچڻو پيو. هن وقت به منهنجي زندگيءَ کي خطرو آهي ان ڪري ڪوئيٽا نٿو وڃي سگهان.

سنجيده سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته اسلم رئيساڻي جي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي باوجود اجلاس گهرائڻ جو ضد سسٽم لاءِ نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق عمل ڪري حڪومت بدامني جي باهه ٻرندڙ بلوچستان کي آئيني بحران مان ڪڍي سگهي ٿي. بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جمهوريت لاءِ ٺيڪ نه آهي، ان سان حڪمرانن جي حصي ۾ ڪا نيڪ نامي نه ايندي. حڪمران سسٽم کي هلڻ ڏين ۽ هلائڻ جي ذميواري کڻن. 58 –B2 جو هن وقت ڪنهن وٽ اختيار نه آهي. بهتر آهي ته سپريم ڪورٽ بدران حڪومت عام چونڊن جو اعلان ڪري، اهو ئي جمهوريت سان گڏ سندن پڻ مفاد ۾ آهي.

بلوچستان: صحافين لاءِ نوگو ايريا !

بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارهٿيار بندن فائرنگ ڪري دنيا نيوز سان واڳيل صحافي رحمت الله عابد کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي يونين ڪائونسل وش بود ۾ موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل هٿيار بندن ان وقت فائرنگ ڪري مقامي صحافي رحمت الله عابد کي قتل ڪيو جڏهن هو وار ٺهرائڻ لاءِ حجام جي دڪان مان ٻاهر نڪري رهيو هو. واقعي کانپوءِ حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. پنجگور پريس ڪلب جي نائب صدر قادر بخش سنجراڻي ٻڌايو ته رحمت الله عابد گذريل پنجن ڇهن ورهين کان صحافتي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو، اي پي پي سان گڏ هو دنيا نيوز سان پڻ ڪم ڪري رهيو هو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته ڪنهن تنظيم يا گروهه طرفان پنجگور جي صحافين کي ڪنهن به قسم جي ڪا ڌمڪي مليل نه هئي، هي پنجگور ۾ ڪنهن صحافيءَ جو پهريون قتل آهي، جنهن ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙيل آهي.

بلوچستان ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن دوران ڪيترائي صحافي اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. 18 مئي تي بلوچستان جي ضلعي ڪيچ تعلقي تربت ۾ سنگاني سان تعلق رکندڙ حاجي محمد رفيق اچڪزئي، 28 مئي تي ضلعي واشڪ جي تعلقي بسمه ۾ عبدالقادر اچڪزئي، 3 آگسٽ تي ڪراچي ۾ گوادر پريس ڪلب جي جوائنٽ سيڪريٽري دلشاد ڌاڻي،29 سيپٽمر تي خضدار پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري عبدالحق کي قتل ڪيو ويو.جڏهن ته گذريل مهيني خضدار پريس ڪلب جي صدر نديم گرگناڙي جي ٻن جوان پٽن کي به اڻڄاتل ماڻهڻ فائرنگ ڪري خضدار ۾ قتل ڪري ڇڏيو.خضدار ۾ عبدالحق بلوچ جي قتل کانپوءِ صحافين بريس ڪلبن کي تالا هڻي ڇڏيا ۽ خبرون موڪلڻ به ڇڏي ڏنيون.

29 سيپٽمبر تي خضدار پريس ڪلب کي لڳندڙ تالا ڪٽجڻ شروع ٿي ويا آهن ليڪن حڪومتي سطح تي يا سياسي سماجي تنظيمن طرفان خضدار پريس ڪلب جا تالا کولرائڻ جي ڪا ڪوشش ناهي ڪئي وئي. پنجگور ۾ ٿيل واقعي کانپوءِ ان خدشي جو پڻ اظهار ڪيو پيو وڃي ته ڪٿي پنجگور پريس ڪلب نه بند ٿي وڃي ۽ صحافي پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون ادا ڪرڻ ترڪ نه ڪري ڇڏين. وزيراعليٰ بلوچستان نواب محمد اسلم رئيساڻي ان واقعي جو روايتي نوٽيس وٺندي انتظاميا کي هدايت ڪئي آهي ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا وڃن. وزير اعليٰ پنجگور جي مقتول صحافي جي وارثن لاءِ 10 لک روپيا ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي، جيڪو قابل تعريف پر حيران ڪندڙ پڻ آهي ڇو ته بلوچستان ۾ هيلتائين 26 صحافي قتل ٿي چڪا آهن ۽ اڄ تائين ڪنهن صحافي جي وارثن کي معاوضو نه ڏنو ويو آهي.

بلوچستان ۾ صحافين کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو 2005 کان جاري آهي، ان هوندي به گذريل ڪجهه سالن کان ان ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي، 26 آگسٽ 2006 تي ڊيرابگٽي ۽ ڪوهلو جي علائقي تراتاني ۾ هڪ عسڪري ڪارروائي دوران قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي پنهنجي ساٿين سميت شهيد ٿي ويو، ان کانپوءِ صورتحال اهڙي ته خراب ٿي جو اڃاتائين سڌري نه سگهي آهي. انهي وچ ۾ بلوچستان ۾ تشدد جي رجحان ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ۽ ڪير به پاڻ کي محفوظ نٿو سمجهي. خاص طور تي صحافين لاءِ ته بلوچستان بلڪل غير محفوظ بڻجي ويو آهي. ڊيرا بگٽي ۽ ڪوهلو جي ڀيٽ ۾ نصيرآباد ۽ جعفرآباد جا ضلعا صحافين لاءِ بلڪل نوگو ايرا بڻجي چڪا آهن،جتي ڪجهه سال اڳ تائين صحافين عورتن کي زنده دفن ڪرڻ واري سردار جاگيرداراڻي ظلم کي وائکو ڪيو هو.

پشتون بيلٽ جا علائقا پشين، لورالائي ، قلعه عبدالله قلعه سيف الله، موسيٰ خيل ۽ زوب ۾ طالبان ۽ القاعده ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز آهن، جتي طالبان جي بارڊر تي سرگرمين نيٽوسپلاءِ، ويڙهاڪن خلاف رپورٽنگ ۾ صحافي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. بلوچستان ۾ صحافين لاءِ ذاتي سلامتي اهم مسئلو آهي، سندن لاءِ صورتحال انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، شدت پسندن کانسواءِ انتهاپسندي ۽ پابندي پيل فرقيوار تنظيمون پڻ صحافين جون دشمن بڻجي چڪيون آهن، جنهن تي بهرحال ڪنٽرول جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو