Home / افيئر / شگرملن جو زهريلو پاڻي: ماحوليات جي تباهيءَ جو ڪارڻ
above article banner

شگرملن جو زهريلو پاڻي: ماحوليات جي تباهيءَ جو ڪارڻ

پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڄ ڏينهن تائين گذريل 65 سالن جي تاريخ ۾ سنڌ سان جيڪي ويل وهايا ويا آهن انهن جي ته هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي. سنڌين جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ جي تاريخ ته پراڻي آهي پر جهڙي طرح سان هن نئين ملڪ جي قيام کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي سمورن وسيلن جي جنهن ريت لٽ مار ڪري سنڌ جا شهر کسيا پيا وڃن. سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙا هڻي سنڌين کي اڃن ۽ بکن ۾ ماريو پيو وڃي. مٿان کان وري هر سال هٿرادو ٻوڏون آڻي ڪروڙين سنڌين کي جنهن بيدردي سان دربدر ڪيو پيو وڃي، اهڙي انڌير نگري جو ته دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هونئن ته هن مدي خارج جاگيرداراڻي،طبقاتي سماج ۾ حڪمرانن جي گهاڻي ۾ سڄي سنڌ هڪ جهڙي پيڙجي رهي آهي. بک، بدحالي، بيروزگاري، بيماري ۽ بدامني جا ڏنگ سڄي سنڌ ڪشمور کان ڪڍڻ ۽ ڪيٽي بندر تائين جا ڪروڙين مسڪين ماڻهو هڪجهڙي اذيت سان برداشت ڪري رهيا آهن پر ڪن اهم ڳالهين ۾ ڏاکڻي سنڌ جي لاڙ جا ماڻهو وڌيڪ مظلوم آهن. ان جو هڪ ڪارڻ شايد اهو آهي ته لاڙ جو هي ماضي جو انتهائي زرخيز پرڳڻو، موجوده سڪڙجي ننڍڙي ٿي ويل سنڌ جي پوڇڙي ۾ واقع آهي. جتي اڳي اڪيچار گم ٿي ويل درياهه ڇوڙ ڪندا هئا ۽ هاڻ پڻ سنڌو درياهه ڪيٽي بندر وٽان ڇوڙ ڪري رهيو آهي. ان ڪري اها چوڻي سچ آهي ته ٻڏي به پوڇڙي ۽ سڪي به پوڇڙي. هڪ ته خود سنڌ، سنڌو درياهه جي پوڇڙي ۾ آهي ۽ لاڙ وري سنڌ جي پوڇڙي ۾ آهي. ان ڪري ٻٽي عذاب ۾ آهي. پنجاب جڏهن کان ڊيم ٺاهي سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا آهن تڏهن جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ ضلعي سکر، گهوٽڪي۽ ڪشمور جا ماڻهو هرسال پيئڻ جي پاڻي لاءِ احتجاج ڪن ٿا. تڏهن سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌو جو اهو پاڻي جاتي، گهوڙا ٻاري، چوهڙ جمالي، ڪڍڻ، روپاماڙي ۽ علي بندر تائين ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح سان پهچندو ؟ جتي وري ڪهڙي زراعت ٿيندي ۽ لاڙ جا لکين ماڻهو پيئڻ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا ؟ جڏهن ته لاڙ جو زير زمين جر جو پاڻي ڪيترائي سال اڳ زهريلو بڻجي ويو آهي ۽ سمنڊ تيزي سان کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر کان وٺي علي بندر تائين سنڌ جي قديم شهرن ۽ سوين ڳوٺن کي ڳڙڪائيندو هاڻي اچي ڪڍڻ شهر لڳ سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه ۽ سنڌ جي لافاني قومي سورمي شهيد دودي سومري جي آخري آرام گاهه تائين پهتو آهي. طبعي طرح سان لاڙ اڳ ۾ به هتي هئي ۽ اڄ به اتي ئي آهي، اڳي هتي مٺي پاڻي جا درياهه وهندا هئا ۽ اڄ هتان زهر جا درياهه وهي رهيا آهن. اڳي بدين ضلعي جي نقشي ۾ سمنڊ جو وجود نه هو.

اڄ ايل بي او ڊي جي لعنت سبب ۽ مست سنڌي ماهه ساگر روپاماڙي تائين اچي پهتو آهي. ان ۾ قدرت جو ته ڪوبه ڏوهه ناهي ايل بي او ڊي جو راڪاس قدرت نه پر هن ملڪ جي حڪمرانن، واپڊا ۽ آبپاشي کاتي جي نااهل راشي عملدارن پيدا ڪيو. اڄ بدين ۽ لاڙ جا لکين ٻوڏ متاثر مظلوم ماڻهو انهن کي بددعائون ڏئي رهيا آهن. اهڙي طرح لاڙٻه مهينا نه پر ٽي مهينا خوني آفتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جيڪي آفتون وري حڪمرانن ترقي جي نالي ۾ لاڙ تي ڪڙڪايون آهن، انهن مٿين ٽنهي آفتن کانسواءِ لاڙ هڪ چوٿين خوفناڪ آفت جو شڪار آهي، جنهن هٿرادو آفتلاڙ جي قدرتي فطري ماحول کي تباهه ڪري لکين انسانن ۽ حيوانن جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. اها آفت سنڌ جي شگر ملن مان غير قانوني طور خارج ٿيندڙ اهو ڪيميڪل وارو بدبودار زهريلو مادو آهي جنهن کي شگر ملن وارا گذريل ڊگهي عرصي کان آبپاشي کاتي جي ڪوٽڙي بئراج سرفيس ڊرينيج سسٽم جي مختلف سم نالن ۾ سرعام وهائي رهيا آهن، جيڪو سلسلو اٽڪل 34 شگر ملن مان هڪ اڌ شگر ملز کي ڇڏي ڪري ٻين سڀني شگر ملن جو اهو خطرناڪ زهريلو مادو پهرين آبپاشي ڊرينيج جي انهن سم نالن ۾ خارج ٿئي ٿو، جن مان اڪثر اهي سم ناليون ڦري گري اچي ايل بي او ڊي جي وڏي سم نالي ڪي پي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون ۽ ڪجهه سم ناليون جهڙوڪ ويسٽرن ميرآئوٽ فال ڊرين وغيره جيڪي وري بدين ضلعي جي تعلقي گولاڙچي وٽان گذري مٺي پاڻي جي قديم قدرتي رامسر تائين قرار ڏنل ڍنڍن نريڙي، جهٻو وغيره ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. انهن مٿين سم نالن ۾ ضلعي ٺٽي جي ٽن ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي اٽڪل 5 ملن جو ڪيميڪل وارو زهريلو پاڻي خارج ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته ضلعي بدين جي 5 شگر ملن جو مادو، سيراڻي برانچ ڊرين فور آر ڊرين، ٽنڊو باگو مين ڊرين ۽ فائيوآر وغيره ڊرين ۾ خارج ڪيو پيو وڃي، جيڪيمٿيون سڀئي سم ناليون وري ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين ( ڪي پي او ڊي ) ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. هوڏانهن نواب شاهه، سانگهر ۽ ميرپورخاص جي ٽنهي ضلعن جي ملن جو زهريلو مادو اسپائينل ڊرين ۾ خارج ٿئي ٿو، جيڪو اجگر سم نالو پڻ اچي ايل بي او ڊي، جي مک سم نالي ڪي پي او ڊي سان آرڊي 159 وٽان ديهه وڍڙي ۾ ملي ٿو.اهڙي طرح سڄي سنڌ جي اڪثر شگر ملن ۽ ضلعي ميرپور خاص جي چمڙي جي ڪارخانن وارو زهريلو پاڻي پڻ بدين ضلعي جي حدن مان وهي رهيو آهي. مٿين ٽن ضلعن ۽ خود بدين ضلعي جي شگر ملن مان خارج ٿيندڙ اهو ڪيميڪل وارو بدبودار مادو گڏ ٿي جڏهن اچي ڪي پي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪري ٿو تڏهن ان سم نالي جي پاڻي جو رنگ ڪاري ڏامر جهڙو ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ ايتري قدر ڌپ آهي جو ان سم نالي جي ڪنارن تان گذرندڙ انسانن جو ساهه ٻوساٽجي وڃي. ڪي پي او ڊي جو اهو سم نالو 1998ع کان جڏهن ايل بي او ڊي ميگاپراجيڪٽ غير فطري طور سمنڊ سان ڳنڍيل 42 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ چولري ويئر جي سگهارين سامونڊي ويرن وگهي ٿيل مڪمل طور تباهي ۽ پراجيڪٽ جي ناڪامي بعد بدين ضلعي جي تباهه ٿيل پٽيجي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين نواب شاهه ضلعي جي حدن کان پٽيجي ڍنڍ تائين اٽڪل 300 ڪلو ميٽرن جي ڊيگهه ۾ اهو زهر لاڳيتو وهي رهيو آهي. ايل بي او ڊي جي ناڪامي ۽ تباهي بعد کارو سمنڊ مٺي پاڻي جي قديم تاريخي لاڙ جي ڍنڍن، نريڙي، جهٻو، مهرو، پٽيجي، سانڍووغيره جي لاتعداد ڍنڍن سان گڏجي ويو آهي، جن مٺي پاڻي جي قديم تاريخي ڍنڍن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي گڏجڻ سان گڏ شگر ملن جي ڪيميڪل مادن واري خطرناڪ زهر جو درياهه پڻ ڇوڙ ڪري رهيو آهي. مٺي پاڻي جون رامسر سائيٽ قرار ڏنل لاڙ جون اهي لاتعداد ڍنڍون جن ۾ هر سال هزارين مڻ مڇي مرندي هئي ۽ مقامي پکين کان سواءِ هر سال لکن جي تعداد ۾ پرديسي مهمان پکيئڙا ايندا هئا اهي سڀ موت جو شڪار ٿي ويا. شگر ملن جي زهريلي ڪيميڪل واري ڪني پاڻي نه فقط انهن ڍنڍن جي آبي جيوت کي ماري ان جي نسل ڪشي ڪري ڇڏي آهي پر لاڳيتو ان زهر جي درياهه سامونڊي جيوت جوپڻ انت آڻي ڇڏيو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته بدين ضلعي جي زيرو پوائنٽ وارن سم نالن، ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ جهنگلي ۽ مڇي جي پيداوار اٽڪل 80 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. مٿين رپورٽ مان ثابت آهي ته سنڌ جي شگر ملن جي مختلف سم نالن ۾ ڇوڙ ڪندڙ زهريلي پاڻي سڄي ڏاکڻي سنڌ ۾ ڀيانڪ ماحولياتي تباهي آڻڻ سان گڏ سمنڊ ۾ پڻ ماحولياتي آنڌي آهي، جنهن ڪري سنڌ جون اهي شگر ملون عالمي سطح تي ماحولياتي تباهي جو ڪارڻ بڻجي ويون آهن. جيڪو هڪ سنگين عالمي ڏوهه آهي،. جنهنجي روڪٿام لاءِ هيل تائين سنڌ ۽ هن ملڪ جي حڪمرانن ڪوبه قدم نه کينو آهي ۽ نه ئي هن ملڪ ۾ خاص طور تي ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ عالمي ۽ ملڪي اين جي اوز ڪا لاڀائتي جدوجهد ڪئي آهي، باقي بدين ۽ لاڙ جا لکين متاثر مسڪين ماڻهو، جن تي حڪمران مهاٻوڏون ڪڙڪائي انهن جي شهرن ، ڳوٺن ۽ زرخيز زمينن مان ان قسم جي زهر جا درياهه وهائي انهن جي زندگي زهر بڻائي زراعت ۽ ماهيگيري سميت سندن گذر جي سڀني وسيلن کي تباهه ڪري رهيا آهن، اهي گذريل ڪيترن ئي ورهين کان دانهون ڪري رهيا آهن پر انهن جي ڪير به دانهن ٻڌڻ وار ناهي.

ايل بي او ڊي جا اهي سم نالا هر سال آبڪلاڻي ۾ بدين واسين کي بيدردي سان ٻوڙي تباهه ڪرڻ کانسواءِ سال جي اٽڪل 9 مهينن تائين شگر ملن جي ڪيميڪل وارو بدبودار زهر وهائيندا رهن ٿا. باقي سال جي ٽن مهينن ۾ جيئن ته انهن سم نالن ۾ برساتن جو گهڻو پاڻي وهندو آهي ان ڪري بدين واسين کي ان بدبودار زهر مان ڇوٽڪارو ملندو آهي.واضح رهي ته سنڌ جي شگر ملن جي زهر جو اهو درياهه فقط ايل بي او ڊي جي سم نالن ۾ نٿو وهي پر بدين ضلعي جي ڇهن شگر ملن جو پاڻي آبپاشي کاتي جي جن سم نالن ۾ جتان کان ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو اتان کان هر اهو سم نالو 20 کان 40 ڪلو ميٽرن جي ڊيگهه ۾ هجي ٿو، جتي انهن سم نالن جي ڀر ۾ سوين انساني وسنديون آهن. زرعي فصل ۽ چراگاهه پڻ موجود آهن انڪري انهن سم نالن جي ڪنڌي وارن ڳوٺن جا هزارين ماڻهو سال جا 9 مهينا ان زهر جي عذاب ۾ گهارين ٿا. سندن چوپايو مال پڻ انهن سم نالن جو زهريلو پاڻي پئي ٿو جيڪي پالتو ۽ جهنگلي جانور ۽ خشڪي جا پکي پڻ اهو زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري موت جو شڪار ٿيو وڃن. بدين ضلعي جي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ پالتو ۽ جهنگلي جانورن جي موت جا واقعا ميڊيا ۾ پڻ رپورٽ ٿيا آهن.جڏهن ته ڪي پي او ڊي سميت فور آر ڊرين، فائيو آر ڊرين ، سيراڻي لنڪ ڊرين جي زهريلي پاڻي ۾ هر وقت مئل مڇيون، ڏيڏر، ڪميون ۽ ٻي آبي جيوت سان گڏ ٻين آبي خشڪي جي مئل پکين جا ڍانچا ۽ پر ڏٺا ويا آهن. جڏهن ته انهن سم نالن جي ڪنارن تي مڇي جي شوقين جهنگلي جانور گدڙ جا ڍانچا پڻ مليا آهن. قانوني طور تي هر شگر مل کي ڪيميڪل مادي جي صفائي ۽ ان جي اخراج توڙي چمني واري دونهين جي ماحولياتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ ٽريٽ پلانٽ لازمي لڳائڻا آهن. هڪ سروي موجب سنڌ جي اٽڪل سڀني شگر ملن مان ڪنهن ۾ به اهي پلانٽ لڳل نه آهن. بدين جي هڪ مقامي سماجي تنظيم ولاسو جي هڪ تحقيق سروي رپورٽ موجب ايل بي او ڊي جي سم نالن ۾ شگر ملن ۽ ٽيوب ويلن جي زهريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب هيل تائين بدين جي ڏاکڻي قديم ذرخيز ڊيلٽائي ڀاڱي ولاسو ۾ ڀيانڪ ماحولياتي تباهي سبب 50 قسم جون زرعي جنسون، 83 قسم جا گاهه ٻوٽا، ختم ٿي ويا.26 قسم جا ديسي وڻ، اڻلڀ ٿي ويا. 73 قسم جا انسان دوست خشڪي جا پکي، 24 قسم جي جهنگلي جانورن،22 قسم جي نانگ بلائن ۽ 30 قسمن جي مٺي پاڻي جي مڇين ۽ ٻي آبي جيوت جي مڪمل طور تي نسل ڪشي ٿي وئي آهي. ڪڍڻ شهر جي ٻن ناليوارن ڊاڪٽرن ،ڊاڪٽر عبدالستار چانڊيو ۽ ڊاڪٽر علم الدين انصاري “ افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايل بي او ڊي ۽ ٻين سم نالن ۾ شگر ملن جي انتهائي خطرناڪ ڪيميڪل وارن بدبودار مادن جي اخراج ٿيڻ ڪري بدين ضلعي ۾ جيڪا ڀيانڪ ماحولياتي تباهي پيدا ڪئي وئي آهي، اهڙي تباهي جو دنيا ۾ ڪٿي ڪوبه مثال نٿو ملي. هنن چيو ته زهريلي پاڻي کان متاثر ٿيل جانورن مڇين ۽ پکين جو گوشت کائڻ توڙي سڄو قدرتي ماحول گدلو هجڻ ۽ زهريلو پاڻي استعمال ڪرڻ ڪري بدين ضلعي ۽ خاص طور تي ڏاکڻي سامونڊي پٽي ۾ ڪينسر، دل جو مرض، هيپاٽائيٽس، گيسٽرو، چمڙي ، اکين ۽ پيٽ جون موتمار بيماريون تمام گهڻيون وڌي ويون آهن ۽ اسان وٽ انهن بيمارين ۾ مبتلا مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو