Home / ڪرنٽ افيئر / عدليه، ڪالاباغ ڊيم جي قوالي ۽ سياسي ڌريون
above article banner

عدليه، ڪالاباغ ڊيم جي قوالي ۽ سياسي ڌريون

سنڌ ۾ اها سازشي ٿيوري گردش ۾ آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي ڪيس واري پٽيشنر پويان پاڪستان جي پيپلز پارٽيءَ جو هٿ آهي جو هن ڪيس جي فيصلي اچڻ سان سنڌ ۾ پارٽيءَ جا شيئر ليور برادرز جي شيئرز وانگر رات وچ ۾ مٿي چڙهيا آهن. پنجاب ۾ وري اها سازشي ٿيوري هلي رهي آهي ته پٽيشنر جي پويان نواز ليگ جو هٿ آهي جو فيصلو اچڻ سان نواز ليگ ڪالاباغ ڊيم جي قوالي وري شروع ڪري عمران خان جي بچه پارٽيءَ هٿان پنجاب سطح جي سياست ۾ پاڻ کي رسيل نقصان پورو ڪري سگهي ٿي. ڪير به صحيح نموني نٿو ٻڌائي سگهي ته پٽيشنر جو بيڪ گرائونڊ اصل ۾ آهي ڇا ۽ سندس پٺيان ڪهڙيون قوتون آهن ۽ ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون. پاڪستان ۾ هر شيءَ ڪوهيڙي ۾ آهي. جيڪا به شيءَ بظاهر جيڪا نظر اچي ٿي، گهڻو ڪري اها هوندي ڪانهي.

پر لاهور هاءِ ڪورٽ اها ئي آهي جيڪا نظر اچي ٿي. هي ڪورٽ هر چئن پنجن ورهين کان پوءِ ڪونه ڪواهڙو فيصلو ڪندي آهي ته جيئن سنڌي ڀلجي نه وڃن ته اها لاهور هاءِ ڪورٽ آهي.

ماضيءَ ۾ خبرين اخبار جو مالڪ ڪيس کڻي ويو هو ۽ هاڻي هي همراهه ڪورٽ ۾ ڪيس کڻي ويو آهي، يعني لاهور وارا ئي لاهور جي ڪورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو ڪيس کڻي ويندا آهن. سنڌ لوڪل ورهاڱي واري بل کي ضمير گھمري سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي. سڀ ڊڄي رهيا آهن ته جج صاحب ڪو اهڙو فيصلو نه ٻڌائي ڇڏين جنهن ۾ خليل جبران جي شاعري ضميمي طور لڳل هجي. پٽيشنر هڪ ڏاهو وڪيل آهي، ضرور ڄاڻندو هوندو ته سنڌ جي سڀني پارٽين ۽ ”سرڙين“ سياسي ماڻهن ۾ گذريل پنجويهن ورهين کان اهو اتفاق راءِ رهيو آهي ته سنڌي ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم جو ڪيس کڻي سپريم ڪورٽ نه ويندا. ان جو پهريون سبب هتي لکڻ جي ضرورت ڪانهي. ان جو ٻيو سبب اهو آهي ته ڀلي کڻي ڪيس ڏاڍو مضبوط هجي، پر جيڪڏهن ڪورٽ ڊيم جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو ته هتان جي عدالت کانپوءِ دنيا جي پبلڪ اوپينين جي عدالت اڳيان ڪيس رکڻ ڏکيو ٿي پوندو. ڪنهن اعلي ترين عدالت پاران جڏهن ڪو ڪيس رد ٿي وڃي ته ان ڪيس کي ڪنهن ٻئي هنڌ پيش ڪرڻ وقت بنڊ اڳي کان ڳرو ٿي ويندو آهي.

 

سپريم ڪورٽ ملڪ کي ”لوڏي ڇڏيندڙ“ فيصلا ۽ حڪم ڏيندي رهي آهي. بلوچستان بدامني ڪيس ۾ ڪورٽ فيصلو ڏيئي چيف منسٽر ۽ اسپيڪر جي لاڳاپن کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڪيترائي ماڻهو چئي رهيا آهن ته سٺي نيت سان ڪيس کنيو ويو پر فيصلو اهڙو ٻڌايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ صوبي اندر هروڀرو آئيني بحران کڙو ٿي پيو آهي. هاڻي هڪ پاسي آهن ڀوتاڻي ۽ رئيساڻيءَ جا ٽرائيبل دماغ، مٿان آهي لوڏي ڇڏيندڙ فيصلو. ڏسون ته بلوچستان ۾ اليڪشن کان اڳ ۾ ڪهڙو ڌڙام ٿو ٿئي.

لوڏي ڇڏيندڙ فيصلن ۾ سي اين جي وارو فيصلو به جنهن ۾ سپريم ڪورٽ پاڻ سي اين جيءَ جو اگهه مقرر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. عزت ماب يوئر آنر ضرور نيڪ نيتيءَ سان ئي فيصلو ٻڌايو هوندو پر ماءِ لارڊ اڪنامسٽ ته ڪونه آهن. پرائيويٽ گاڏين کي سستي سي اين جي وڪڻڻ جو حڪم ڏيئي، هنن پنهنجي پر ۾ انصاف وارو فيصلو ڪيو پر سي اين جي سستي ٿيڻ سان ان جي ڊيمانڊ وڌي ويندي اهو هنن ان وقت ڪونه سوچيو هو. هاڻي سي اين جي وارا هڙتال تي آهن، اوگرا مٿي تي هٿ ڏيو ويٺي آهي، پمپن اڳيان گاڏين جون ڊگهيون لائينون لڳل آهن جن ۾ ڊرائيور ٻن ويلن جي ماني ٻڌي کڻي ايندا آهن.ڪهڙي خبر ته نمبر اچڻ ۾ ڪيترا ڏينهن لڳي وڃن!عوامي مفاد وٽان ڏنل ماءِ لارڊز جي هن فيصلي ان طبقي جي ماڻهن کي فائدو ڏنو جنهن ماءِ لارڊز جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائي هئي. سي اين جي فٽ ٿيل ڪورولا ۽ هونڊا گاڏيون انهن ماڻهن وٽ هونديون آهن. ”اصلي عوام“ کي ڪوبه فائدو ڪونهي ٿيو جيڪو پيرين پنڌ هوندو آهي يا بسن ۾ سفر ڪندو آهي ۽ سي اين جي ڪارن وارو عوام تيزيءَ سان ڪراس ڪندي مٿس گپ اڇلائي هليو ويندو آهي.

لوڏي ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ جاري ڪيل حڪمن به ڇڏيو آهي جنهن تحت يوئر آنر اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ جو سبب ڪراچيءَ جي سيٽن جي غلط نقشي بندي آهي. نئين تڪ بنديءَ سان ڏوهاري لڏي جي طاقت ۾ گهٽتائي ايندي. يوئر آنر پنهنجي ان آبزرويشن تحت اليڪشن ڪميشن کي حڪم جاري ڪيو آهي ته نئين تڪ بنديءَ جو بندوبست ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن مڙني سياسي پارٽين کي گهرائي مشاورتي اجلاس گهرايو جنهن کان پوءِ پارٽيون تتيون ويٺيون آهن. خاص طور تي متحده ان کي وڌيڪ سيريئس ورتو آهي ۽ ڀائي جان سڄي ملڪ ۾ تڙ تڪڙ ۾ گهرايل جلسن کي فون واري ون وي خطاب وسيلي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍي آهي.

هاڻي سڀ کان پهرين ته يوئر آنر کي معلوم هجڻ گهرجي ته آئين مطابق اليڪشن ڪميشن آزاد ادارو هجڻ سان گڏ هڪ تمام پاورفل ادارو آهي ۽ ڪيترن معاملن ۾ وٽس سپريم ڪورٽ کان به وڌيڪ اختيار آهن. اهو مڙني ٻين ادارن جو فرض بنجي ٿو ته اهي اليڪشن ڪميشن کي ”آزاد“ رهڻ ڏين ۽ ان جي معاملن ۾ ٽنگ نه اٽڪائين. پر يوئر آنر وارو حڪم اليڪشن ڪميشن جي اداراتي خودمختياري جو گيٽ ڪريش ڪري اليڪشن ڪميشن جي خيمي ۾ اٺ وانگر گهڙي آيو آهي جنهن ڳالهه جو ڪورٽ کي اختيار ڪونهي. هاڻي ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري يا حڪمن جي تعميل ڪري. ۽ ويچاري ڪميشن وٽ جيڪڏهن ڪي سوال هجن ته اهي سوال پڇي يوئر آنر کي ڪاوڙائي يا ماٺڙي ڪري عمل ۽ درآمد ڪري؟

اهو ته خير فقط يوئر آنر ئي ٻڌائي سگهن ٿا ته تڪ بنديءَ ۽ ڏوهن ۾ سڌيءَ ريت ڪهڙو تعلق آهي ۽ نئين تڪ بنديءَ سان ڏوهاري لڏي جي طاقت ۾ ڪيئن گهٽتائي ايندي، البته قانوني پوزيشن اها آهي ته نئين تڪ بندي تازي آدم شماريءَ جي نتيجن آڌار ئي ٿي سگهي ٿي. اهو به يوئر آنر ڄاڻندا هوندا ته 1998ع کان پوءِ ملڪ ۾ آدمشماري ٿي ئي ڪانهي. (چيو وڃي ٿو ته 2001ع ۾ به آدمشماريءَ جو ڪم ٿيو هو پر سرڪاري سطح تي ان جا نتيجا ا پڌرا نه ڪيا ويا آهن.)هاڻي تازي آدم شماريءَ جي انگن اکرن جي غير موجودگيءَ ۾ نئين تڪ بندي ڪيئن ٿي ڪري سگهجي؟ جيڪڏهن ڪجي ٿي ته اها قانون جي خلاف ورزي هوندي ۽ جيڪڏهن نٿي ڪجي ته اها يوئر آنر جي حڪمن جي خلاف ورزي هوندي؟ هاڻي اهو معاملو به هڪ بحران جي شڪل اختيار ڪندو پيو وڃي.

ڪنهن جي همت آهي جو پڇي ته ڪورٽ جا اختيار ڪٿان شروع ٿي ڪٿي ختم ٿين ٿا؟هاڻي يوئر آنر سي اين جي جون قيمتون مقرر ڪرڻ کان وٺي وزيراعظمن کي نااهل قرار ڏيڻ،قانون نافذ ڪرڻ ۾ صوبائي حڪومتن جي ناڪام ٿيڻ جا فيصلا ٻڌائين ٿا جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتي اختيارسسندا وڃن ۽ ڪورٽ جا پاور شام جي پاڇولن وانگر ڊگها ٿيندا پيا وڃن.

گذريل ٻن هفتن ۾ افغان اينڊ گيم جي ڏس ۾ پاڪستاني پاليسيءَ ۾ ڪجهه تڪڙي تبديلي آئي آهي. هن معاملي ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ٻئي ساڳئي صفحي تي نظر اچي رهيا آهن. پاڪستان پاران وڌيڪ طالبان قيدين کي آزاد ڪرڻ ڪانفيڊنس بلڊنگ ميير آهي ۽ طالبان سان ڪابل، ناٽو، آمريڪا ڳالهين لاءِ گهربل سازگار ماحول تيار ٿي رهيو آهي. وڌيڪ ڳالهين جا دور ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ يورپي يونين جي هيڊ ڪوارٽر برسلز ۾ ٿيڻا آهن. لڳي ايئن ٿو ته ڪرسمس ڌاري اينڊ گيم جي ڏس ۾ ڪن ڪاڳرن تي صحيحون ٿي وينديون. ڪجهه پختون انٽيليڪچوئل ان راءِ جا آهن ته راولپنڊي چاهي ٿو ته گورا جلد افغانستان خالي ڪري وڃن. جنيوا معاهدي ڀيري به باقاعدي صحيحون ٿيون، پاڙي پاسي ۾ مٺايون ورهايون ويون. ۽ پوءِ ٿيو ايئن ايئن ته جنهن وقت آخري روسي ٽينڪ افغانستان مان نڪري رهي هئي ان وقت نئين برانڊ جا مجاهدين پنهنجي باسز جي حڪمن جي تعميل ڪندي افغانستان ۾ داخل ٿي رهيا هئا. هيئنر به ايئن ٿيندو. افغانستان جي معاملن جي گهڻي ڄاڻ رکندڙ دانشور جو اهو به چوڻ آهي ته ڪرزئي سرڪار ڏاڍي پريشان آهي جو اهي چاهي پختون هجن، ازبڪ تاجڪ يا هزاره، ڪرزئي جي ڪابينا جا وزير، فوج جا جرنيل ۽ آفيسر ۽ ويندي پرڏيهي وزارت جي اهم عهدن جا ماڻهو اڄ تائين هتان کان موڪليل پگهار وصول ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري اينڊ گيم ۾ ٻيو ڪجهه اينڊ ٿئي نه ٿئي، ڪرزئي سرڪار جو اينڊ ته ضرور ٿي ويندو.

هوڏانهن آمريڪا ايران ڳالهين لاءِ ماحول ٺهي رهيو آهي. سڀ کان پهرين ته اوباما ايران تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ نيتن ياهوءَ جي وڇايل ڄار کان پاڻ کي بچايو آهي. پيٽرياس جي روانگيءَ جو هڪ پاسو اهو به آهي ته پيٽرياس ايران جي معاملي ۾ نهايت سخت گير پاليسيءَ جو حامي هو. هوڏانهن ايران اندر معيشت کان ويندي هر شعبي جي ديڳڙي اونڌي آهي جنهن ڪري حڪومت تي عوام جو پريشر وڌي رهيو آهي. ان پريشر کي احمدي نيجاد به محسوس ڪري ٿو جنهن هڪ ٻه ڀيرا اهو چئي سڀنيءَ کي حيران ڪيو آهي ته جن معاملن جي ڪري ملڪ جي معيشت تي مصيبت آيل آهي سي نه ته سندس حڪومت جا پيدا ڪيل آهن ۽ نه ئي انهن کي حل ڪرڻ جو سندس حڪومت کي اختيار آهي. سڌي ۽ سادي ڳالهه اها ته بابا مغربي ملڪن ۽ واپاري قومن سان جهيڙو سپريم مولويءَ جو ڪرايل آهي ۽ اهو جيستائين ان جهيڙي کي ختم نه ڪرائيندو تيستائين حالتون ساڳيون رهنديون. اهو چوڻ غلط هوندو ته سپريم مولوي عوامي پريشر محسوس نه ڪري رهيو هوندو. هن کان اڳ جڏهن ايران عراق جنگ نائين سال ۾ وڃي پئي هئي ۽ ان کي ختم ڪرڻ کان سواءِ ڪا ٻي واهه ڪانه هئي ته تڏهوڪو سپريم حڪمران امام خميني پوئتي هٽيو هو. جنگ ختم ڪرڻ واري فيصلي کي هن ”زهر جو پيالو پيئڻ“ سڏيو هو. اهڙي فيصلي لاءِ هن اسلامي تاريخ ۾ امام حسن عليه جو مثال به ڏنو هو جنهن ناقابل قبول صورتحال کي قبول ڪرڻ لاءِ گنجائش ڪڍي هئي. سو زهر جو پيالو تيار آهي،. ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه به ڪانهي. ڏسجي ته ايران اهو ڪڙو ڍڪ ڀري ٿو.

اميد اها آهي ته 2013 دوران پاڙي پاسي ۾ ڪا چڱائي ٿيندي. جيڪڏهن افغانستان جي گريٽ گيم اينڊ ٿي وئي ۽ جي ايران جو معاملو به معمول تي اچي ويو ته پوءِ عالمي وس وارن جي ذهن ۾ اهو سوال ڪر کڻندو ته:”تيرا ڪيا هوگا ڪاليا؟“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو