Home / افيئر / عراق ۾ِ انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر
above article banner

عراق ۾ِ انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر

ورهين کانپوءِ جنگاڻ جي ور چڙهيل عراق ۾ معيشت کي ٽيڪ وٺرائڻ ۽ بي روزگاري گهٽائڻ لاءِ 20 ورهين جي ڊگهي عرصي کانپوءِ هڪ ميگا ٽريڊ فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ 1500 عراقي واپاري ڪمپنين ۽ 21 پرڏيهي واپاري ڪمپنين حصو ورتو. بغداد ۾ ٿيل ان انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر جي موقعي تي عراقي وزير اعظم نورالمالڪي خطاب ڪندي چيو ته بغداد ۾ انٽرنيشنل ٽريڊ فيئر منعقد ٿيڻ ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته عراق تبديل ٿي رهيو آهي ۽ اڄ اوهان هڪ نئون عراق ڏسي رهيا آهيو. هن اهو پڻ چيو ته ٽريڊ فيئر ۾ شامل ڪمپنين کي عراق جي تعمير ۾ نه رڳو حصو وٺڻ گهرجي بلڪه هتي سيڙپڪاري پڻ ڪرڻ کپي. جيتوڻيڪ بغداد ۾ اڄ به امن امان جي صورتحال ٺيڪ نه آهي، ان ڪارڻ ٽريڊ فيئر سخت پهري هيٺ منعقد ٿيو. ليڪن امن امان جي صورتحال 2006 ۽ 2007 جي بدتر حالتن کان ڪافي بهتر آهي.

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو