Home / افيئر / نئين سر تڪبنديون- ڏاڍو سو گابو
above article banner

نئين سر تڪبنديون- ڏاڍو سو گابو

ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي سپريم ڪورٽ پاران ويجهڙائي ۾ ڏنل ڪجهه فيصلن ۽ ججن جي ڪن ريمارڪس تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي آهي، جنهن جي جواب ۾ هن 12 مئي 2007 کان پوءِ پهريون ڀيرو يعني پنجن سالن کان پوءِ ججن خلاف سخت ٻولي ۾ ڳالهايو آهي ۽ ڌمڪين واري زبان به ڪتب اندي اٿس، جنهن جو واحد مقصد اهو ئي آهي ته جنرل مشرف واري دور ۾ متحده قومي موومينٽ سرڪار ۾ ڀائيواري جو ڀرپور فائدو وٺي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جاگرافيائي حدن ۽ ضلعن ۾ ڦيرڦار، ووٽن جي داخلا، چونڊ تڪن ۽ تازو ٿيل آدمشماري ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب جيڪي داخلائون رکايون آهن تن کي “ جيئن جو تيئن ” برقرار رکي ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي خواهش پٽاندر نتيجا حاصل ڪري سگهجن.

 

ڏيڍ سال کن اڳ ۾ جڏهن فيڊرل بيورو آف اسٽيٽڪس پاران سنڌ سرڪار کي چيو ويو ته سنڌ ۾ آدمشماري ڪرائڻ خاطر Census Commissionerوارو خالي عهدو جلد ڀريو وڃي ته 20 ويهين گريڊ يا ان کان مٿي وارن سنڌي آفيسرن مان گهڻن کي تڏهوڪي چيف سيڪريٽري سبحان ميمڻ هيءُ عهدو آڇيو پر گهڻو ڪري سڀڪو ڪن لاٽار ڪري جند ڇڏائيندو رهيو. مهينن تائين هي اهم ترين پوسٽ خالي پئي هئي ۽ سنڌي آفيسرن جي اڪثريت کي هن قومي ڪم لاءِ چاهه نه هو. ڇاڪاڻ ته اتان سڻڀو گرهه ملڻ جي کين ڪابه اميد ڪانه هئي. خير الله الله ڪري سبحان صاحب پنهنجي پراڻي واقف عملدار شفيع لغاري کي هيءُ چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ سندس مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، جنهن ڏينهن لغاري صاحب جوائننگ ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري جي دفتر آيو ته اتفاق سان آئون به اتي موجود هئس. ساڻس ڪاليج واري زماني کان حيدرآباد ۾ميل جول هو. همراهه ڏاڍي جوش خروش ۾ هجي اصل وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ڏئي، هونئن ذميواري به تمام ڳري هئي جيڪا هن شايد قومي جذبي سان ئي قبولي هئي. بهرحال ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گهرن جي ڳڻپ وارو مرحلو آيو، سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تان هر نئين ڏينهن نيون خبرون ٻڌنداسين ته اڄ سنڌين جا سچل ڳوٺ، ملير ۽ ڊالميا وارا علائقا نظر انداز ڪيا ويا. ساڳئي وقت آدمشماري واري اسٽاف جون دانهون ڪوڪون به فضا ۾ گونجڻ لڳيون ته شهري بابو کانئن زورزبردستيءَ سان گهرن جون ڪوڙيون داخلائون پيا رکائين.ڏاڍي ڏي وٺ ٿي پر مفاهمت جي ماريل سرڪار سڳوري اف به ڪانه ڪئي ۽ آدمشماري وارو سڄو ڪار وهنوارنيٺ تڪراري بڻجي ويو. سينسس ڪمشنر لغاري صاحب پڻ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌي ميڊيا سان حال احوال اورڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اخبارن تي به ماٺ ڇانئجي وئي يا نئين ڏينهن نوان واقعا بئنر هيڊلائين بڻجندا رهيا.

ڪجهه هفتا ٿيا آهن لغاري صاحب اوچتو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ گڏيو، مون کانئس پڇيو ته ڏيو خبر ڪهڙي جهان ۾ رهو پيا ؟ وراڻيائين “ اڄ نئين پوسٽنگ ملي آهي سيڪريٽري ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، سا جوائن ڪرڻ آيو آهيان” مون کيس ياد ڏياريو ته سنڌي ميڊيا ۾ هيڏي گهوڙا گهوڙا ٿي ان جو ڪو تدارڪ ٿيو يا نه ؟ لغاري صاحب جواب ۾ ٻڌايو. “ مون کان گن پوائنٽ تي پنهنجي من مرضي موجب آدمشماري جا انگ اکر ورتا اٿن. آئون ڏاڍو مجبور هئس … بنهه يرغمال ٿي ويو هئس !!” آئون حيران ٿيس. هڪدم ٻيو سوال ڪيم، ” پوءِ هي قومي جذبو ۽ جوش خروش ڪٿي غائب ٿي ويو ؟”

ورندي ڏنائين ” ڀائو مون کي موت جو لاچار ڪونه هو جو رِسڪ کڻان، الله الله ڪري انهيءَ نوڪريءَ مان جند ڇڏائي اٿم ۽ اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اچي لڳو آهيان، ماٺ اٿئي ڀلي !”ايئن چئي هو روانو ٿي ويو. اڄ جڏهن سپريم ڪورٽ کي عمران خان جو وڪيل ثبوتن سان ٻڌائي ٿو ته هڪ ننڍڙي گهر ۾ 623 ووٽ ۽ هڪڙي ڪوارٽر ۾ 66 ووٽ داخل ٿيل آهن، تڏهن سوچيان ٿو اهو ڪهڙو جادوئي چراغ آهي جنهن سان ايم ڪيو ايم جي حمايت وارن ضلعن ۾ اسان جي لياريءَ ۽ ملير کان ٽيڻا چئوڻا ووٽ لکيا ويا آهن. هندستان مان آيل ڀارتين، برمين، بنگالين ۽ بهارين کانسواءِ باقي ٻين قوميتن جي ماڻهن جا ووٽ سندن اباڻن شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن ڌڻين کان پڇڻ ڳاڇڻ بنا منتقل ڪري ڇڏيا اٿن ۽ هاڻي جڏهن سموري جڳ جهان آڏو سپريم ڪورٽ اندر هيءُ ڦاٽ ڦاٽو آهي ته جو لنڊن ۾ ويٺل ٻٽي شهريت رکندڙ ليڊر الطاف حسين ۽ سندس چيلا چپاٽا ججن کي ڌمڪائڻ واري پنهنجي مشرفي ورثي کي ٻيهر پڌرو ڪري رهيا آهن.

عزيزآباد جي جناح ميدان ۾ آچر 2 دسمبر تي ايم ڪيو ايم وارن جيڪو “ عوامي طاقت” جو ڏيک ڏيکاريو اهڙوئي ڏيک 12 مئي 2007 تي اسلام آباد ۾ ان زماني جي وردي پهريل طاقتور فوجي حڪمران جنرل مشرف پڻ ڏيکاريو هو پر ثابت اهو ئي ٿيو ته طاقت حق ناهي بلڪه حق ئي اصل طاقت آهي، ججن حق جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪراچيءَ ۾ ووٽرن جي داخلا اندر وڏي بي ايماني ٿيل آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج جي مدد حاصل ڪري گهر گهر ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ سان ئي ايندڙ چونڊون صاف شفاف ٿي سگهن ٿيون. جج صاحبن اهي به رمارڪس ڏنا ته انصاف جيان چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن ۽ ڪنهن به ووٽر کي اها دانهن نه ڪرڻي پوي ته ساڻس بي انصافي يا ڏاڍائي ٿي آهي. عدالت جي ڪارروائي هلندي ايم ڪيو ايم جي وڪيل سينيٽر فروغ نسيم اها تجويز ڏني ته فقط ڪراچي شهر بدران سڄي ملڪ اندر ووٽرن جي تصديق ۽ تڪبندين جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم وٽ هر ڳالهه جو جواب اهو آهي ته جيڪو به ڪم ڪجي سو سڄي پاڪستان ۾ ٿيڻ کپي،جڏهن گذريل مهيني عوامي نيشنل پارٽي پارليامينٽ مان گڏيل راءِ سان ٺهراءُ پاس ڪرايو ته ڪراچي مان هٿيارن جي پاڙ پٽڻ لاءِ شهر کيWeanponise ڪيو وڃي ته جواب ۾ ٻئي ڏينهن تي ايم ڪيو ايم پنهنجي قرارداد د پيش ڪري ڇڏي ته هڪ ئي وقت تي سڄي پاڪستان منجهان هٿيار ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو وڃي. سينيٽر شاهي سيد جو ايم ڪيو ايم جي انهيءَ روش تي تبصرو مزيدار هو ته، “ جيڪڏهن ڪنهن انسان کي ٽنگ ۾ گولي لڳل هجي ته ڊاڪٽر سندس ٽنگ مان گولي ڪڍڻ بدران سڄي جسم مان ٻيون بيماريون به ويهي ڳولهي ۽ انهن جو به گڏوگڏ علاج ڪري”

بهرحال اعليٰ عدالت جي موڊ مان لڳي ٿو ته هاڻي ٻٽي شهريت وارو قانون خود الطاف حسين تي به لاڳو ٿيندو ۽ کيس تقريرون ۽ جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ واري سوال تي به ايندڙ هفتن اندر ويچارٿيندو. کيس تقريرون ڪرڻيون آهن ته برطانيا جي شهريت ڇڏڻي پوندس.

حرف آخر:

جيئن ته هاڻي سپريم ڪورٽ ووٽر لسٽن جي فوج جي مدد سان تصديق ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڪري متحده سربراهه الطاف حسين کي ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ڏاڍ مڙسي ۽ اسٽريٽ پاور ڏيکارڻ کان پڻ ٽارو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هي اها عدليه آهي جيڪا مشرف جي لٺ ۽ چٺ کان به مرغوب نه ٿي. پ پ جي وفاقي وزير خورشيد شاهه کي اهڙو ڪو به حق نه ٿو پهچي ته هو عدليه کي پاٺ پڙهائي ته سڄي پاڪستان ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق ٿيڻ گهرجي. اهو به واضح هجي ته چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم سپريم ڪورٽ جي ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرڻ واري فيصلي سان اتفاق ڪيو آهيايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين کي سپريم ڪورٽ پاران ويجهڙائي ۾ ڏنل ڪجهه فيصلن ۽ ججن جي ڪن ريمارڪس تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي آهي، جنهن جي جواب ۾ هن 12 مئي 2007 کان پوءِ پهريون ڀيرو يعني پنجن سالن کان پوءِ ججن خلاف سخت ٻولي ۾ ڳالهايو آهي ۽ ڌمڪين واري زبان به ڪتب اندي اٿس، جنهن جو واحد مقصد اهو ئي آهي ته جنرل مشرف واري دور ۾ متحده قومي موومينٽ سرڪار ۾ ڀائيواري جو ڀرپور فائدو وٺي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي جاگرافيائي حدن ۽ ضلعن ۾ ڦيرڦار، ووٽن جي داخلا، چونڊ تڪن ۽ تازو ٿيل آدمشماري ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب جيڪي داخلائون رکايون آهن تن کي “ جيئن جو تيئن ” برقرار رکي ايندڙ عام چونڊن ۾ پنهنجي خواهش پٽاندر نتيجا حاصل ڪري سگهجن.

ڏيڍ سال کن اڳ ۾ جڏهن فيڊرل بيورو آف اسٽيٽڪس پاران سنڌ سرڪار کي چيو ويو ته سنڌ ۾ آدمشماري ڪرائڻ خاطر Census Commissioner وارو خالي عهدو جلد ڀريو وڃي ته 20 ويهين گريڊ يا ان کان مٿي وارن سنڌي آفيسرن مان گهڻن کي تڏهوڪي چيف سيڪريٽري سبحان ميمڻ هيءُ عهدو آڇيو پر گهڻو ڪري سڀڪو ڪن لاٽار ڪري جند ڇڏائيندو رهيو. مهينن تائين هي اهم ترين پوسٽ خالي پئي هئي ۽ سنڌي آفيسرن جي اڪثريت کي هن قومي ڪم لاءِ چاهه نه هو. ڇاڪاڻ ته اتان سڻڀو گرهه ملڻ جي کين ڪابه اميد ڪانه هئي. خير الله الله ڪري سبحان صاحب پنهنجي پراڻي واقف عملدار شفيع لغاري کي هيءُ چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ سندس مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو، جنهن ڏينهن لغاري صاحب جوائننگ ڏيڻ لاءِ چيف سيڪريٽري جي دفتر آيو ته اتفاق سان آئون به اتي موجود هئس. ساڻس ڪاليج واري زماني کان حيدرآباد ۾ميل جول هو. همراهه ڏاڍي جوش خروش ۾ هجي اصل وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ڏئي، هونئن ذميواري به تمام ڳري هئي جيڪا هن شايد قومي جذبي سان ئي قبولي هئي. بهرحال ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گهرن جي ڳڻپ وارو مرحلو آيو، سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز تان هر نئين ڏينهن نيون خبرون ٻڌنداسين ته اڄ سنڌين جا سچل ڳوٺ، ملير ۽ ڊالميا وارا علائقا نظر انداز ڪيا ويا. ساڳئي وقت آدمشماري واري اسٽاف جون دانهون ڪوڪون به فضا ۾ گونجڻ لڳيون ته شهري بابو کانئن زورزبردستيءَ سان گهرن جون ڪوڙيون داخلائون پيا رکائين.ڏاڍي ڏي وٺ ٿي پر مفاهمت جي ماريل سرڪار سڳوري اف به ڪانه ڪئي ۽ آدمشماري وارو سڄو ڪار وهنوارنيٺ تڪراري بڻجي ويو. سينسس ڪمشنر لغاري صاحب پڻ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سنڌي ميڊيا سان حال احوال اورڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ اخبارن تي به ماٺ ڇانئجي وئي يا نئين ڏينهن نوان واقعا بئنر هيڊلائين بڻجندا رهيا.

ڪجهه هفتا ٿيا آهن لغاري صاحب اوچتو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ گڏيو، مون کانئس پڇيو ته ڏيو خبر ڪهڙي جهان ۾ رهو پيا ؟ وراڻيائين “ اڄ نئين پوسٽنگ ملي آهي سيڪريٽري ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن، سا جوائن ڪرڻ آيو آهيان” مون کيس ياد ڏياريو ته سنڌي ميڊيا ۾ هيڏي گهوڙا گهوڙا ٿي ان جو ڪو تدارڪ ٿيو يا نه ؟ لغاري صاحب جواب ۾ ٻڌايو. “ مون کان گن پوائنٽ تي پنهنجي من مرضي موجب آدمشماري جا انگ اکر ورتا اٿن. آئون ڏاڍو مجبور هئس … بنهه يرغمال ٿي ويو هئس !!” آئون حيران ٿيس. هڪدم ٻيو سوال ڪيم، ” پوءِ هي قومي جذبو ۽ جوش خروش ڪٿي غائب ٿي ويو ؟”

ورندي ڏنائين ” ڀائو مون کي موت جو لاچار ڪونه هو جو رِسڪ کڻان، الله الله ڪري انهيءَ نوڪريءَ مان جند ڇڏائي اٿم ۽ اڄ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ اچي لڳو آهيان، ماٺ اٿئي ڀلي !”ايئن چئي هو روانو ٿي ويو. اڄ جڏهن سپريم ڪورٽ کي عمران خان جو وڪيل ثبوتن سان ٻڌائي ٿو ته هڪ ننڍڙي گهر ۾ 623 ووٽ ۽ هڪڙي ڪوارٽر ۾ 66 ووٽ داخل ٿيل آهن، تڏهن سوچيان ٿو اهو ڪهڙو جادوئي چراغ آهي جنهن سان ايم ڪيو ايم جي حمايت وارن ضلعن ۾ اسان جي لياريءَ ۽ ملير کان ٽيڻا چئوڻا ووٽ لکيا ويا آهن. هندستان مان آيل ڀارتين، برمين، بنگالين ۽ بهارين کانسواءِ باقي ٻين قوميتن جي ماڻهن جا ووٽ سندن اباڻن شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن ڌڻين کان پڇڻ ڳاڇڻ بنا منتقل ڪري ڇڏيا اٿن ۽ هاڻي جڏهن سموري جڳ جهان آڏو سپريم ڪورٽ اندر هيءُ ڦاٽ ڦاٽو آهي ته جو لنڊن ۾ ويٺل ٻٽي شهريت رکندڙ ليڊر الطاف حسين ۽ سندس چيلا چپاٽا ججن کي ڌمڪائڻ واري پنهنجي مشرفي ورثي کي ٻيهر پڌرو ڪري رهيا آهن.

عزيزآباد جي جناح ميدان ۾ آچر 2 دسمبر تي ايم ڪيو ايم وارن جيڪو “ عوامي طاقت” جو ڏيک ڏيکاريو اهڙوئي ڏيک 12 مئي 2007 تي اسلام آباد ۾ ان زماني جي وردي پهريل طاقتور فوجي حڪمران جنرل مشرف پڻ ڏيکاريو هو پر ثابت اهو ئي ٿيو ته طاقت حق ناهي بلڪه حق ئي اصل طاقت آهي، ججن حق جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪراچيءَ ۾ ووٽرن جي داخلا اندر وڏي بي ايماني ٿيل آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج جي مدد حاصل ڪري گهر گهر ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ سان ئي ايندڙ چونڊون صاف شفاف ٿي سگهن ٿيون. جج صاحبن اهي به رمارڪس ڏنا ته انصاف جيان چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن ۽ ڪنهن به ووٽر کي اها دانهن نه ڪرڻي پوي ته ساڻس بي انصافي يا ڏاڍائي ٿي آهي. عدالت جي ڪارروائي هلندي ايم ڪيو ايم جي وڪيل سينيٽر فروغ نسيم اها تجويز ڏني ته فقط ڪراچي شهر بدران سڄي ملڪ اندر ووٽرن جي تصديق ۽ تڪبندين جو حڪم جاري ڪيو وڃي.

لڳي ٿو ته ايم ڪيو ايم وٽ هر ڳالهه جو جواب اهو آهي ته جيڪو به ڪم ڪجي سو سڄي پاڪستان ۾ ٿيڻ کپي،جڏهن گذريل مهيني عوامي نيشنل پارٽي پارليامينٽ مان گڏيل راءِ سان ٺهراءُ پاس ڪرايو ته ڪراچي مان هٿيارن جي پاڙ پٽڻ لاءِ شهر کيWeanponise ڪيو وڃي ته جواب ۾ ٻئي ڏينهن تي ايم ڪيو ايم پنهنجي قرارداد د پيش ڪري ڇڏي ته هڪ ئي وقت تي سڄي پاڪستان منجهان هٿيار ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو وڃي. سينيٽر شاهي سيد جو ايم ڪيو ايم جي انهيءَ روش تي تبصرو مزيدار هو ته، “ جيڪڏهن ڪنهن انسان کي ٽنگ ۾ گولي لڳل هجي ته ڊاڪٽر سندس ٽنگ مان گولي ڪڍڻ بدران سڄي جسم مان ٻيون بيماريون به ويهي ڳولهي ۽ انهن جو به گڏوگڏ علاج ڪري”

بهرحال اعليٰ عدالت جي موڊ مان لڳي ٿو ته هاڻي ٻٽي شهريت وارو قانون خود الطاف حسين تي به لاڳو ٿيندو ۽ کيس تقريرون ۽ جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ واري سوال تي به ايندڙ هفتن اندر ويچارٿيندو. کيس تقريرون ڪرڻيون آهن ته برطانيا جي شهريت ڇڏڻي پوندس.

حرف آخر:

جيئن ته هاڻي سپريم ڪورٽ ووٽر لسٽن جي فوج جي مدد سان تصديق ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ان ڪري متحده سربراهه الطاف حسين کي ان کي تسليم ڪرڻ گهرجي. ڏاڍ مڙسي ۽ اسٽريٽ پاور ڏيکارڻ کان پڻ ٽارو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هي اها عدليه آهي جيڪا مشرف جي لٺ ۽ چٺ کان به مرغوب نه ٿي. پ پ جي وفاقي وزير خورشيد شاهه کي اهڙو ڪو به حق نه ٿو پهچي ته هو عدليه کي پاٺ پڙهائي ته سڄي پاڪستان ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق ٿيڻ گهرجي. اهو به واضح هجي ته چيف اليڪشن ڪمشنر فخر الدين جي ابراهيم سپريم ڪورٽ جي ووٽر لسٽن جي تصديق ڪرڻ واري فيصلي سان اتفاق ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو