Home / پروفائيل / ناري جي پلي ڀائرن کي ڀيٽا ڪو به ايندو نه ريگزارن
above article banner

ناري جي پلي ڀائرن کي ڀيٽا ڪو به ايندو نه ريگزارن

سنڌ ۾ عجيب مڻيا ۽ مهڪ ڇو آهي ؟ هزارين سالن کان ڏتڙيل، اُجڙيل ۽ محڪوم سنڌ جنهن تي ازل کان اڄ تائين ايڏيون ته ڪاهون ٿيون آهن، خونريزيون، تباهيون، رت جا درياهه وهيا سواءِ چند حاڪمن جي سهاسي دور ۾ راءِ سهيرس ، دور ۾ وري ڄام نظام الدين جهڙي عظيم عالم ۽ خلق جو خادم حڪمران، دولهه دريا خان سندس مُک وزير هجڻ ڪري ڌارين کي ڊوڙائي ڀڄائي سنڌ کي خودمختيار رکيو ۽ راءِ سهيرس آزاد سنڌ کي قائم رکڻ لاءِ ميدان جنگ ۾ جان ڏئي به پٽ راءِ سهاسي کي سنڌ خودمختيار ڪري ڏئي ويو. باقي سنڌ راجا ڏاهر جي دور ۾ به اندروني اختلافن جو شڪار رهي.جنهنجو مطلب اهو آهي ته سنڌ سُک جو ساهه ڪڏهن کنيو آهي ؟ آرين کان وٺي عربن تائين چنگيزي نسل جون غاصب ڪاهون، سومرا بهادرن سان خلجي جي خبيثي ويڙهه، ارغونن ترخانن جا ظلم، مغلن جا پاپ ۽ ظلم پر سنڌ جي ماڻهن صدين جي غلامي باوجود انگريزن جي عالمي طرح خطرناڪ سامراجيت جي اثر باوجود اڄ تائين جي عجيب ٽڪساٽي عسڪري قوتن جي تسلط هوندي به محڪوم سنڌ پنهنجي مزاج، ذوق ۽ حسن نظر وارين خوبين جو ڀنڊار رهي آهي. ثقافتي حسن، فن شناسي، علم جي اوسر ۾ سنڌ جي انمول هيرن سنڌ جي سينڌ کي سنواريو آهي، بلڪه سنڌ کي موڙ ٻڌندا ۽ ڏات جا جوهر ڏيکاري اسان جو مان مٿاهون ڪيو آهي. اسان کي نراس ٿيڻ نه ڏنو آهي. ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ، سگهڙ فنڪار هنرمند سنڌ جي الڳ ثقافتي سڃاڻپ جا اهڃاڻ بڻجي چمڪيا ۽ تاريخ ۾ نئون روح ڦوڪي ويا.

شاعري ۾ اسان جي سنڌ دنيا سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائڻ بجاءِ شاهه لطيف لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي برطانيه جي اعليٰ عدالت ۾ ڪيس وڙهي ثابت ڪيو ته سهڻو مرشد لطيف دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي. ان ۾ ڪو خوشفمي يا غلط بياني جو شڪار ناهيون پر پوءِ به جن ماڻهن سنڌي شاعري جي سيج تي عجيب رنگ ۽ چٽ وکيريا آهن انهن ۾ عمر ڪوٽ جي ويجهو حاجي عطامحمد پلي ( آئون خادم صاحب نه لکندس) جي گهر ۾ ٽي ڀائر،ٽئين شاعر، محقق ۽ داناءَ انسان عبدالڪريم پلي راڄ محمد پلي ، ولي محمد وفا پلي دلربا ۽ مثالي انسان رهيا آهن. ولي محمد وفا ته حال حيات آهي . ڪريم ۽ راج محمد وصال ڪري ويا آهن. آئون کين سنڌ کان وڇڙيل نٿو چوان ڇو ته ڏات ڌڻي مرندا جسماني طرح آهن باقي روحاني طرح حساس دلين ۾ سدائين ڏات جي حوالي سان زنده آهن. سندن شاعري ٻڌندي هو وري به دل جي اڱڻ تي موجود رهن ٿا.

پلي ڀائر هونئن ته تمام وڏا زميندار ۽ جاگيردار هئا سندن وڏو جنهن کي عطا محمد عطائي چوندا هئا ان جي اولاد ۾ هي ٽيئي ڀائر آهن. ان لاءِ مشهور آهي ته مير شير محمد ٽالپر جيڪا انگريزن سان جنگ ڪئي جنهن کي ناريجائي يا دٻي واري جنگ چئجي ٿو. تاريخدان مهر ڪاڇيلوي لکي ٿو ته ان جنگ ۾ ٻروچن کانسواءِ به مشهور سماٽ چڱا مڙس شامل هئا، هڪ عطا محمد عطائي پلي ٻيو جناب اَنس پلي. عطا محمد پلي ٻه هزار جوان وٺي انگريزن خلاف مير شير محمد سان ساٿ ۾ جنگ وڙهيو. ان کانسواءِ عطا محمد پلي اهڙو راڄ ڀاڳ جو مهندار هو جو تروٽ جڏهن حاڪم ٿي چڪو هو ۽ ڪارونجهر تي ٺڪرن سان جنگ پئي هلي جتي تروٽ جو ٿلهو اڃا موجود آهي. روپلو ڪولهي به گوريلا جنگ پئي وڙهيو ته تروٽ سان سنڌ جا ڪافي وڏيرا سردار ٺڪرن تي حملن ۾ شامل هئا پر عطا محمد پلي تروٽ کي ٺپ جواب ڏنو ته پراڻا ٺڪر اسان جي ڀونءِ جا ماڻهو آهن، پاڙي ۾ رهن ٿا، آئون انهن سان هرگز نه وڙهندس. وقت جي طاقتورانگريز کي اهڙو جواب عطا محمد پلي ئي ڏئي ٿي سگهيو( نوٽ هي عطا محمد پلي پهريون هو) خانصاحب عطامحمد پلي پهريون جنهن کي پيار مان عطائي چوندا هئا .ناري جي ترجو تمام وڏو جاگيردار هو پر سندس راڄوڻي روايتون، چڱي مڙس وارا گڻ مثالي هئا. سندس وڏن ۾ دودو پلي، پُٽ اَڇو پلي، اَڇي پلي جو پٽ هو. عطا محمد جنهن کي عطائي چوندا هئا پوءِ عطا محمد جو پٽ وري ٻيو دودو ۽ دودي جو پٽ عبدالحڪيم پلي ان کي جيڪو فرزند عطا ٿيو اهو خانصاحب عطا محمد پلي جي نالي سان سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيو، اڄ چڱو مڙس ۽ جکري سردار جهڙو لڄپال ننگن تان نثار ٿيندڙ. جڏهن پير صاحب پاڳاري جي حُرتحريڪ انگريزن خلاف پئي هلي، انگريز ڇتا ٿي پيا آدم بوءِ ڪندا حُرن جا الهه تلهه چٽ ڪرڻ پويان هئا ته جوڻيجن جي ٻن ڳوٺن جون عورتون سام طور خانصاحب عطا محمد پلي پنهنجي ڪوٽ ۾ رهائيون. انگريزن جي وڏي دٻاءَ ۽ زور تي به ان وقت ڏاتار خانصاحب عطامحمد چيو ته اسان جي سرن تان لنگهي به سامون اوهان کي نه ملنديون . آئون سمن جي ستن پيڙهين کي نه لڄائيندس. سامون ڏيڻ لاءِ سڄو خاندان ڪهائي ڇڏينديس پر سام انگريزن حوالي نه ڪندس ۽ انگريز حڪمران سندس دليري ۽ اصول پرستي آڏو جهڪي پيا ۽ اهي سامون سلامت پنهنجي گهرن ڏانهن عزت ۽ احترام سان پهتيون.مطلب ته پلي خاندان ۾ سخاوت، لوڪ لڄ پاڙي اوڙي جي عزت ڪثرت سان شامل رهي آهي. ان خاندان ۾ وڏا شاعر، اديب عبدالڪريم پلي، راڄ محمد پلي، جمال پلي وفا پلي پئدا ٿيا جيڪي پنهنجي ڏات ۾ وڏا شاعر ۽ راڄ محمد ته تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو، سندس محنت مڃڻ لائق آهي. پر هنن سدا ملوڪ ماڻهن ۾ جاگيرداري جي بوءِ به نه هئي. هنن تي ته سرسوتي ديوي جو سايو هو ۽ ڏات جا ڏيئا اهڙا روشن ڪيائون جو اڄ تائين سندن شاعري جو هڳاءُ سنڌ کي سڳنڌي رهيو آهي.عبدالڪريم پلي ۽ وفاپلي جا ڪلام جن ڳايا ته اَمر ٿي ويا ۽ پنهنجي پر هي ايڏا ته سخي ۽ غريب پرور رهيا جو مثال نه ملندو.

عبدالڪريم پلي جي شاعري جو مثال ناهي سندس شاعري کي فنڪارن خوب سينگاريو آهي، سينگار علي سليم شادي فقير ۽ ريڊيو تي تمام گهڻا ڪلام مختلف فنڪارن رڪارڊ ڪرايا پر شادي فقير هڪ غزل ڳايو“ورڻ مون وري وار وايون وري آ، نٿيون ايئن جڳائن جدايون وري آ” ان جو اثر ٻڌندڙن تي اڄ تائين حاوي آهي. سندس شخصيت تي نظر وجهون ته تمام سخي، باذوق، موسيقي جو عاشق. سدائين سندس ديري تي سنڌ جا تمام ڀلوڙ فنڪار ڀيرا ڏيندا هئا. سينگار علي سليم ٻڌايو ته بابا پلي ڀائر هن دور جا ڏاتارا آهن،سائين وڃبو ته پندرهن پندرهن ڏينهن محفلون هلنديون اجازت نه ملندي “ اڃا دل نه ڀري آهي ترسو”موڪلائڻ مهل ان وقت ۾ (70 جو ڏهاڪو) راڄ محمد کان موڪل وٺبي ته پنج هزار تري تي رکي چوندا “ بابا سينگار ڀاڙو حاضر، وري مليو وفا ته “ بابا مولا جو گنج ٿيو ته به زوري 10هزار ڏيندو، بابا هي مون طرفان، عبدالڪريم يار اڃا دل ته نٿي چوي ۽ 20 هزار ڏاڍي محبت سان رکندو هٿ تي چئبو بابا گنج مليا آهن، چوندو ته بابا هي ته معمولي حاضري قبول پوي .

عبدالڪريم پنهنجي تر ۾ وڏو ڏاتار شخص هو. هڪ سندس مداح لکيو هو ته ڪراچي پئي وياسين حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي ڪار بيٺي ته هڪ فقير خيرات لاءِ هٿ ٽنگيو ، عبدالڪريم پلي سڀ پئسا فقير کي ڪڍي ڏيئي ڇڏيا. اسان چيو سائين فقير کي سئو ڏيو ها هي سڀ پئسا ڏئي ڇڏيو، ڪراچي پيا هلو ؟ چيائين “ بابا اهو سوچيو ته هن فقير جي جاءِ ته آئون هجان ها ته پوءِ مون وٽ ڏيڻ لاءِ هو هٿ سنئون نه هو پر هٿ فقير جي هٿ مٿان هو. پاڻ کي موليٰ ڪونه ڇڏيندو. فقير کي ايترو ته ڏجي جو هن جو ڪو ڪم نبري سگهي.اهو وڏو مالڪ جو ڪرم ناهي جو آئون ڏيڻ وارن مان آهيان.

هڪ ٻيو واقعو هڪ ديوان لکيو هو نالو ياد ناهي ته هر سال ڪڻڪ جو فصل لهڻ بعد عبدالڪريم پلي ضرورتمندن کي ڪڻڪ ورهائي ڏيندو هو. زميندار ته هو وڏو هو پر ڪريم جيئان سخي به ته هجي. پاڻ هر ماڻهو کان پڇندوهو. “ بابا گهڻي ڪڻڪ کپي ته پوءِ لکندو چٽ ۽ گودام تان منشي ان چٽ موجب ڪڻڪ ڏيندو هو. ماڻهن جو ميڙ هوندو هو هڪ همراهه کي 20 مڻ جي چٽ لکي ڏنائين. اڳيان همراهه جي دل ۾ چور جاڳيو هن هڪ ٻُڙي وڌائي ڇڏي ته 200 مڻ ٿي ويا. منشي چٽ ڏسي حيران ٿيو پر همراهه کي چيائين بابا کڻڻ لاءِ ڪا سواري ڪاهي اچ ۽ هن کي 200 مڻ ڪڻڪ ڏيئي ڇڏيائين”شام جو ڪچهري ۾ منشي چيو “ سائين 200 مڻ ڪڻڪ جي چٺي لکي موڪليو ڇو ڀلا جلد گودام خالي ڪرڻو آهي ڇا ؟ پڇا ڪيائين 200 مڻ ڪنهن کي مليا ؟ نالو ياد ڪري ڇڏيائين. ٻئي سال ڪڻڪ ورهائڻ مهل اهو اهمراهه سامهون آيو ته انکي ميار ڏيڻ بجاءِ هٿ ٻڌي ڪريم چوڻ لڳو “ بابا گذريل سال مونکي خبر نه هئي ته توکي وڌيڪ ڪڻڪ کپندي هئي، آئون معافي ٿو وٺان ۽ وري به 200 مڻ جي پرچي ڏنائين . هو همراهه شرمسار ٿيو کيس فراخدلي سان دلاسو ڏنائين “ بابا ڪو فڪر نه ڪر روزي الستي آهي تون وڃ وڃي 200 مڻ ڪڻڪ کڻاءِ” اعتبار جهڙي ڳالهه ناهي ذهن قبول نه ڪري پر اسان پڇا ڪئي ته مقامي دوستن ان کان وڌيڪ خبرون ٻڌايون. پاڻ دوستي ياري جو وڏو خيال رکندو هو. اسانجي ٺٽي جو تمام ڀلوڙ انسان محمد خان سومرو ايم پي اي به رهيو. سنڌ جو صوبائي وزير رهيو.عبدالڪريم جو پڳ مٽ يار هو سومرن جو سردار هوندي به صفا ڪامريڊ ماڻهو هو، ڪريم ۽ سندس دوستي مثالي رهي. مرحوم محمد خان به گذاري ويو ڪريم به وفات ڪئي ته سندن اولاد جي به پاڻ ۾ دوستي اڄ تائين قائم آهي. ڪريم جو پٽ اعجاز علي پلي انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي هئي تازو وفات ڪيائين. اهو سدائين محمد خان سومري جي پٽ موجوده ايم اين اي عبدالواحد سومري وٽ ٺٽي ايندو هو. ڊاڪٽر عبدالواحد سومري سان به منهنجي پهرين ملاقات اعجاز ۽ ڊاڪٽر رسول بخش پلي جي شادي تي ٿي ۽ عجيب نموني ٿي. اڃا ڊاڪٽر واحد مس جوان ٿيو هو مونکي ڊاڪٽر رسول بخش پنهنجي خاص مئه خاني تي وٺي آيو، حسن درس، ڊاڪٽر آڪاش ۽ ٻيا کوڙ دوست گڏ هئا. شادي جو ڪاڄ ٻاهر پئي هليو گهوٽ اسان سان گڏ هو. ڊاڪٽر رسول بخش چيو “ سائين هن نوجوان کي سڃاڻو ؟” مونکي تجسس ٿيو. چيائين “ سائين هي اوهان جو مستقبل جو ايم پي اي آهي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو، ڊاڪٽر عبدالواحد سان محمد خان سومري جي ڪري تمام پراڻا مائٽن جا واسطا هئا پر روبرو ڪچهري اتي ٿي ۽ اڄ به ڊاڪٽر واحد اشاري ۾ چوندو“ ادا درس آئون اوهُن اسٽيشن جي ( پلي ڀائرن ) حوالي سان ڳالهائي رهيو آهيان.نئين نسل کي به والدين جي سنگت نباهڻ تي جس هجي. عبدالڪريم پلي ڪافي وقت ايم پي اي رهيو ۽ ضيا جي دور ۾ عذاب ۾ رهيو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ روپوشي دوران ملتان جي غوثيه جماعت جي پيرن وٽ وڃي رهيو. جيڪي سماٽن جا مرشد آهن پر عبدالڪريم وارا سندن خليفا آهن. عبدالڪريم جي وفات به عجيب واقعو آهي. ڀائرن جي پاڻ ۾ تمام گهڻي محبت هئي. راڄ محمد پلي بيمار ٿيو حيدرآباد اسپتال ۾ داخل هو. ڊاڪٽرن گينگرين سبب سندس هڪ پير جو آپريشن ڪري ڪٽي ڇڏيو. ڊاڪٽر رسول بخش پلي سندس تيماداري ۾ هو. عبدالڪريم پلي به اتي هو. جڏهن راڄ محمد جو آپريشن عبدالڪريم ڏٺو ته اتي ئي دل بيهي رهيس ۽ دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ٺيڪ هڪ مهيني بعد راڄ محمد به ڀاءُ جي وڇوڙي جو گهاءُ پچائي نه سگهيو ۽ وفات ڪيائين. هي مثالي محبت جا مينار سنڌ جي شاعري جا تمام وڏا نالا آهن.

عبدالڪريم پلي:اسد جمال پلي کي جس هجي جنهن پلي ڀائرن جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو. سندس لکت موجب عبدالڪريم جي ولادت 27 آگسٽ 1940ع ۾ ٿي ، کيس دودو به سڏيندا هئا. سياست ۾ يونين ڪائونسل عطامحمد جو چيئرمين ٿيو. 1970 جي چونڊن ۾ عمرڪوٽ ، ڇاڇرو مان آزاد اميد وار طور صوبائي اسيمبلي جو ميبر ٿيو. پوءِ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. 1976ع ۾ ٻيهر ڪامياب ٿيا ان سڄي عرصي ۾ بنا متڀيد ۽ مذهبي يا نسلي پاسي کان هٽي تر جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪيائين. ادب ۾ شاعري سان سندس تمام گهڻي رغبت هئي، سندس صحبت تمام ڀلوڙ شاعرن سان ٿي. ادبي ادارا به قائم ڪيائين.“ ادارا نواءِ ادب ” پنهنجي ڳوٺ ۾ جليل سروري، ولي محمد وفا، احمد پلي سان گڏجي قائم ڪيائين. ان اداري جي ڪري سنڌ جي عالمن اديبن جو رخ سندس ڳوٺ ڏانهن ٿيو. اداري جا شروعاتي ٻه ڪتاب به پڌرا ٿيا. “ وڻجارن وايون” (ڪافي جي شاعري جو تذڪرو) عبدالڪريم پلي ترتيب ڏنو 2 “ لونءَ لونءَ منجهه لغار” ولي محمد وفا جي شاعري شايع ٿيا. ساڳي اداري سندس وفات بعد چار ڪتاب ڇپيا.1-ڪيا سانگ سانوڻ، شاعري عبدالڪريم پلي.2- چنڊ جهڙا پرين، شاعري عبدالڪريم پلي.3- وڙهيا واڳيا واپريا، صوفي صادق جي سوانح ۽ ڪلام، راڄ محمد پلي جو ڪتاب 4- درد هزارين هڪڙي دل – شاعري ولي محمد وفا.انهن ڪتابن جي ترتيب جو سهرو ڊاڪٽر اسد جمال پلي تي رهيو.عبدالڪريم پلي کي خدا سڀ ڪجهه ڏنو هو. سخاوت سان گڏ مهمان نوازي جو به عجيب مثال آهي.شاعري جي ذوق سبب تمام گهڻا مشاعرا ڪرائڻ، موسيقي جون محفلون سدائين قائم رهنديون هيون . ڀلوڙ فنڪار سينگار علي سليم ، غلام قادر، شادي فقير ۽ لاهور جا مشهور خانصاحب نزاڪت علي خان، سلامت علي خان ، سنڌ جو عظيم فنڪار استاد منظور علي خان چوندو هو ته: پلي صاحب جنهن محفل ۾ آهي ته ڳائڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. سنڌ جي روايتن موجب عبدالڪريم پلي کي سنڌ جي ڏهن ڏاتارن کانپوءِ يارهون ڏاتار چيو وڃي ٿو. سنڌ جا ڀان، ڀٽ، چارڻ منگتا اهو اظهار ڪندا هئا. سينگار علي سليم ته مون سان ڪچهرين ۾ پلي ڀائرن جا وڏا ڳڻ ڳائيندو هو. چوندو هو مونکي ماڻهو چوندا ئي آهن “ پلي صاحب جو ڳائڻو آهي”عبدالڪريم پلي جي شاعري تي گوهر افشاني ته ڪو وڏو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اسان کي سندس شاعري ۾ هر صنف بلڪل دل ۾ پيهي وڃڻ واري لڳندي، غزل ته صفا قهر جا لکيا اٿس. شادي فقير هڪ غزل کي ايئن ڳايو آهي جو درد ۽ پيڙا اوسيئڙيءَ ۽ وڇوڙي جا ولايت دل کي گهائي ٿا وجهن.

ورڻ جون وري وار وايون وري آ
نٿيون ايئن جڳائين جدايون وري آ
چڪي کي چکي ڪي ويا سال گذري
اچي ڏي ڪي سرڪيون سوايون وري آ
وسي ڪيئي سانوڻ ويا موسمن تي
رهيون پوءِ به اکڙيون اڃايون وري آ

مطلب ته ڪريم پلي اهڙي شاعري جو درد جي اظهار وقت هر دل جي دوزخ کي پاڻ تي حاوي ٿو ڪري ڇڏي سندس وفات سندس ڀاءُ راڄ محمد جي آڱوٺي ڪٽجڻ جي صدمي ۾ ٿي. هڪ ڪلاڪ ۾ هي سنڌ جو سلڇڻو ڏاتار عظيم تخليقار وصال ڪري ويو. ريڊيو تي 4 نومبر 1991 ۾ خبر هلي ته سنڌ جو لاڏلو اديب جهمپير ۾ مون وٽ ترسيل هو ، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. صفا مونکي به روئاري وڌائين، مون چيومانس ٻيلي تون ته وڏن ماڻهن ۽ وڏيرن جي خلاف آهين پوءِ عبدالڪريم لاءِ ايڏي هاءِ گهوڙا- چيائين يار ڪريم اسان جو جان جگر هو، ڪٿان آيو وڏيرو ،هو ته فقير ماڻهو هو، باذوق سڀني يارن جو يار ۽ تمام وڏو شاعر هو، هن دور جو تمام وڏو ماڻهو هو. مون ته علي بابا جي پيار ۽ محبت لاءِ پڇيو هو پر عبدالڪريم پلي ته هڪ ادارو هو سدائين مشاعرا ، محفلون، خلق جي خدمت ،سخاوت جا واهڙ وهائيندڙ، راڳ ويراڳ جو صفا عاشق-باذوق انسان، سندس اکر سهڻا موتين جهڙا، لکڻ لاءِ پنو تمام سهڻو، پارڪر وپين، ويس ۾ سنڌي ٽوپي گهڻو پسند ڪندو هو. سادو کاڌو کائڻ، گهٽ کائڻ ڀاءُ راڄ محمد سان شاهه لطيف جا بيت حفظ ڪرڻ، ڄڻ ناري جي ڀٽ مان ڪو روشن تارو کڙي ويو. شاعري، نثر، راڳ ۽ سخاوت جو باب بند ٿي ويو.سندس پويان ڀلوڙ ڀائر ۽ پيارا انسان پٽ، ڀائيٽا ۽ عزيز ڇڏي ويو پر هر گل جي خوشبوءِ پنهنجي آهي. سندس ڳڻ صدين تائين ڳائبا رهبا.

راڄ محمد پلي: عبدالڪريم پلي جو پيارو ڀاءُ راڄ محمد پلي 6 جنوري 1941ع تي ڄائو ۽ عبدالڪريم جي وصال کانپوءِ هڪ مهيني اندرئي وصال ڪيائين. تمام زماني شناس، زندگي جي هر رخ تي ڀرپور راءِ رکڻ وارو، تاريخ سندس دلچسپ موضوع رهيو. خوددار، سچ چوڻ وارو ۽ صفا علمي ۽ ادبي ذوق سندس حواسن تي حاوي رهيو. راڄ محمد پلي سٺو شاعر به هو سندس ڪجهه ڪافيون ( وايون وڻجارن جون ) ۽ مهراڻ جي شاعري نمبر ۾ تخلص جمال سان ڇپيل آهن.راڄ محمد پلي وري نثر ۾ به تاريخ تي بي مثال ڪم ڪيو، سندس مواد مڪمل ڇپجي نه سگهيو آهي، ڪچهري جو ڪوڏيو، سهڻو ماڻهو تڪراري بحث کان پاسو پر راڄ محمد ويهي رهيو ته پوءِ بقول عبدالقادر جوڻيجي جي ته سج کٽي، يا ٻج کٽي ڳالهين جو ڳهير، ڪميونسٽ به ڪچهري ۾ ته ملان به شامل- سندس علمي سگهه اهڙي جو ويٺلن کي منڊي ڇڏي.ٻيو ته سڄو ڏينهن مطالعو، ڪتاب سدائين هٿ ۾ هر موضوع تي ڀرپور نموني ڳالهائي ويندو هو.راڄن جا فيصلا ۽ جهيڙن کان سدائين پاسيرو رهندو هو. چوندو هو ته اسان اڃا پنهنجو پاڻ فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ، وڃو ادا عبدالڪريم وٽ پر پهرين ماني ٽڪي کائي پوءِ وڃجو، وري جي ادبي لڏو عبدالڪريم سان گڏ حيدرآباد يا ٻئي هنڌ ادبي ڪتاب وٺڻ گهمڻ ڦرڻ وڃي ته راڄ محمد اوطاق ۾ ئي ويٺو رهندو هو. باقي ڪو اديب، دانشور اوطاق تي اچي ويو ته راڄ محمد وڏي توجهه صبر وتحمل سان محفل ٻڌندو هو. ان تي سندس تبصرا بعد ۾ ٿيندا هئا.

تاريخ جو وڏو ڄاڻو سندس ڪافي مقالا سائين غلام محمد گرامي مهراڻ ۾ ڇپيا ۽ صوفي صادق فقير جي زندگي ۽ شاعري تي سندس ڪتاب ڇپيو( وڙهيا، واڳيا، واپريا) راڄ محمد بنيادي طرح تحقيق ۽ سوانح تي گهڻو طبع آزمائي ڪئي. سندس لکيل ڊائريون۽ خط تمام وڏي تعداد ۾ موجود آهن ۽ ڪافي مواد ڇپيل به آهي. گرامي صاحب سان سندس ادبي تعلق تمام گهرو هو، سندس عالمن اديبن سان رابطا ويسح رهيا. هر موضوع تي قلم آزمائي ڪيائين، ٻيو ته ٺهيو چوپائي مال جي علاج ۽ نسل بابت معلومات به ڊائرين ۾ تفصيل سان لکيل آهي. آثار قديمه ۾ مشهور درگاهن جو مشاهدو روبروڪرڻ، عالمن سان گڏ اتي وڃي ڪچهريون ڪرڻ ان جا تفصيل لکڻ سندس اهم ڪم هو. سندس ڇپيل مواد خطن جي صورت ۾ به ڪافي رهيو، هفتيوار آزاد ڪراچي، هفتيوار همدرد ميرپور خاص “ مهراڻ” ادبي بورڊ ، چا هت مئگزين عمرڪوٽ، مطلب ته هو عجيب انسان هو وڏيرڪي ۽ جاگيرداري سوچ بدران تمام فقير طبعيت ۽ هرپل علمي سفر جو پانڌيئڙو رهيو. عبدالڪريم جي وفات کانپوءِ هڪ مهيني بعد پاڻ به وصال ڪيائين ۽ پلي خاندان جو هڪ ٻيو ٿنڀ ڪري پيو. راڄ محمد جهڙا محقق ۽ تاريخدان وري ڪڏهن پيدا ٿيندا، سنڌ اهڙن انسانن لاءِ سڪندي جن هرپل علم جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.پلي ڀائرن ۾ سندن ننڍو ڀاءُ ولي محمد “ وفا” پلي شاعري جي دنيا جو نرالو شاعر، سندس شاعري تمام سريلن راڳين ڳائي ۽ ڪمال جي شاعري ڪئي اٿس. سندس ولادت 7 ڊسمبر 1944ع آهي.

وفا پلي غزل جي دنيا جو تمام وڏو نالو آهي، خدا کيس صحت ۽ زندگي عطا فرمائي. منهنجون ساڻس مختصر ڪچهريون رهيون آهن. ڪافي سال اڳ اسي جي ڏهاڪي ۾ جهمپير جي خوبصورت شاعر ڪوي سان ڍورو نارو ۾ ادبي شام هئي، خاص مهمان وفا پلي هو، شام جي بجاءِ رات ٿي وئي ته مونکي چوڻ لڳو “ رسول بخش هي ڪوي سان شام ته رات ٿي وئي سڀ کلياسين، پوءِ مون چيومانس “ وفا” تنهنجو هڪ غزل تازو شفيع فقير ڏاڍي سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي“ چيائين ڪهڙا ٻول آهن؟

“ تنهنجا هٿ گلاس کان خالي”

چئي وڃ، اهو ته 1955ع جي مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل آهي. انهي خيال کان وفا پلي ڪافي عرصي کان شاعري جي تند توريندو اچي.سندس شخصيت به عجيب آهي، علي بابا سندس ذڪر ڪندي خوش پيو نظر ايندو، اسان صوفي صادق فقير جي ميلي تي ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي رات جو 4 بجي ڌاري ڳوٺ خانصاحب عطامحمد پلي روانا ٿياسين. حسن درس، ڪوي، بخشڻ مهراڻوي گڏ هئاسين. اوطاق تي وڃون ته عبدالڪريم جو پٽ اسان جو دلبر دوست انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪندڙ اعجاز پلي سياري جي جوڀن ۾ فل ايئرڪنڊيشن هلائي گهري ننڊ ۾ ستو پيو هجي. اسان کي بسترا لڳائي ڏنا ويا، هاٽ پاٽ ۾ اسان لاءِ ماني رکيل هئي، حسن درس ڪو اطلاع ڪري ڇڏيو هو. آرام ڪري جو اٿياسين ته رڳو اوطاق جا سنڀاليندڙ هجن ٻيو خير، حسن ٻڌايو“ بابا هي پلي وڏا چرياڻ آهن، ڏينهن جو سمهندا آهن، رات جو جاڳندا آهن، نيٺ “ وفا” اچي ويو، اسان سان تمام سٺي ڪچهري ڪيائين سندس گفتگو ته سبحان الله پر ڪنهن تڪليف جي ڪري ڳالهائڻ ۾ گهاري پئجي ٿي وئي، زبان اٽڪي ٿي پئي، نيورو جو ڪو مسئلو هو انڪري نيٺ هاڻ اسان وياسين ته ٻاهر نه نڪري سگهيو. ڊاڪٽر اسد جمال ٻڌايو ته آئون وڃي کيس اٿاريندو آهيان پر چوندو آهي ته ” ڇا لاءِ اٿان ، ڇو اُٿان ، ٽڪين جي لاءِ اٿان؟ شايد سندس ناچاڪي کيس سڪونيت ۽ ايڪانت اختيار ڪرائي آهي. ڀلا سدائين تمام شان شوڪت سان زندگي کي چوڙڻ ماڻڻ وارو باذوق ماڻهو جسماني طور تڪليف کي عام ڪرڻ لاءِ تيار ناهي پر ذهني طور اڃا تائين نوجوان ۽ سگهاري سوچ جو ڌڻي آهي.

وفا جي شاعري جا ڪتاب ڇپيل آهن پر وفا جي شاعري جيڪا موسيقي جو ويس ڍڪي آئي ان جو ڇا مثال ڏجي. سينگار علي سليم هڪ غزل ڳايو: “جڏهن تنهنجي وارن سندي رات ٿيندي” جهڙي سٺي شاعري اهڙي سٺي ڪمپوزيشن يا عابده پروين هڪ مشهور غزل ڳايو:

تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو،
آءُ وڇوڙي جو موت ماري ٿو
وقت وارن جا وار سهبا پر
دوستن جو سلوڪ ماري ٿو.
هن ۾ هڪ شعر آهي، جيڪو ٻڌندي ڪنهن تمام وڏي دانشور کان آه نڪري وئي، چئي واه واه

ڪوبه ايندو نه ريگزارن ۾،
راهه ڪنهنجي وفا نهاري ٿو.
وفا جواب ڏنو“ توهان رڳو ٻڌو آهي پر ان صورتحال ۾ هڪ رات گذاري به ته ڏسو نه ؟

وفا وٽ خيال جي اڏام فڪر جي گهرائپ ۾ مختصربحر ۾ ايڏي ته وڻندڙ شاعري آهي جو دل ۾ پيهي وڃي ٿي. تازو نوجوان فنڪار رفيق فقير کان سندس ڪجهه غزل ٻڌاسين اڃا دل تي ڌاڪو ڄمائي ويٺا آهن.

ٿي سگهي جي وسارجين مونکي،
هاڻي تون ڀي نه سارجين مونکي.
سنڌي ۾ غزل کي ڪافي يا وائي جي انداز ۾ ڳايو ويندو آهي پر ڪجهه فنڪار وري مهدي حسن يا غلام علي جي انداز کي اپنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. رفيق فقير غزل کي پنهنجي انداز ۾ ڳائي ٿو اڃا نوجوان آهي وڌيڪ اسرندو نکرندو. وفا جو هڪ غزل هاڻي تازو اهڙو ته ڪمپوز ٿي ويو آهي جو ڇا چئجي.مطلب ته وفا پلي سڏبو تمام يگانو شاعر آهي، مرحوم غلام قادر لنجواڻي سندس ڪلام اهڙو ڳايو آهي جو درد اوهيرو ڪري ٿا اچن.

ناري جي هن ڏاتار خاندان جي سلسلي جو هر محبوب صفت انسان خدا ڪري وڏي حياتي ماڻي اسان لاءِ پلي خاندان وڏو ڏڍ ۽ اتساهه جو سبب بڻيل آهي. هي اهل دل، اهل ذوق ماڻهو حساس دلين جي وارثي ڪري ٿو. زخمن تي پها ۽ پٽيون ٻڌي ٿو.پلي خاندان ۾ سخاوت، ذوق، موسيقي سان صحبت سدائين روان دوان آهي. سندن اداري طرفان ڪافي ڪتاب ڇپيا آهن ان ۾ پلي خاندان جي نوجوانن جي دلچسپي ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پلي جون محنتون جس لهڻن. ٻين سان منهنجي ملاقات ناهي پر عبدالڪريم پلي جا ٻه شهزدا اعجاز پلي ۽ ڊاڪٽر رسول بخش پلي مختصر ملاقاتن ۾ ايڏا ته پيارا ۽ محبوب رهيا آهن جو دل چوندي آهي هي منهنجي دل جي اندر ديرو ڄمائي ويٺل آهن. اعجاز پلي تازو وفات ڪئي آهي ساڻس پهرين ملاقات اسي واري ڏهاڪي ۾ ٿي. ٿيو هيئن جو مونکي به راڳ ويراڳ جي ستي ورثي ۾ ملي ۽ موسيقي جي ڪا ڄاڻ به ڪانهي پر نڪو تان سين آهيون، باقي ڪان سين آهيون. سٺي سنگيت وڻندي آهي. مسئلو هي به آهي ته مالي طور فقير ماڻهو آهيون،ڪو عبدالڪريم وانگر راڳين کي نوازڻ ۽ عنايتون ڪرڻ مون وس آهي نڪو راءِ ڏياچ آهيون ته سُرتي سِر ڏئي ڇڏجي. پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن جهمپير ۾ اڀري سڀري رهاڻ رکندا آهيون. شفيع محمد فقير به ملنگ ماڻهو آهي. اسان سان جيءَ جڙيون اٿس سو 81/1980ع ۾ هڪ ڪچهري جهمپير ۾رکيسين حسن درس جو آيو ته اعجاز علي پلي، رسول بخش پلي، بخشڻ مهراڻوي کي وٺي آيو. ان ڪچهري ۾ تمام سُريلا دوست گڏ هجن. سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر ۽ انسان معصوم سانگهڙائي، محمد علي مانجهي، اقبال رند، عزيز سولنگي، ڪوي، فياض درس ۽ ٻيا به ڪافي دوست هئاسين. نصير مرزا ته خاص طور ڪهي آيو هو، شفيع فقير جڏهن پلي ڀائرن کي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو، پاڻ سندن اوطاق تي ڪافي محفلون ڪري چڪو هو. چئي بابا هي آفتون ڪٿان آيون ؟ “هي ڇڪي رکندا”ڏاڍو مزو آيو، اعجاز ۽ رسول بخش موسيقي تي تمام سٺي نظر رکندا هئا. وچ ۾ حسن درس ۽ بخشڻ هڪ کيچل ڪئي پر اسان ٻڌڻ وارا پنهنجي موج ۾ هئاسين، اعجاز ۽ آئون نڪتاسين حسن درس جا ڪپڙا ڦاٽي ويا. بخشڻ وٽ جوڙو هجي پر فقير ته سدائين هڪ جوڙي ۾. رات جو 3 بجي ڌاري اعظم گوپانگ جي گهر سڏ ڪيوسين، ڪپڙا اعظم جا حسن کي گوڏن تي مَس اچن، کلون هجن اعجاز ته همراهن کي ڏاڍو تنگ ڪيو، محفل هلندي رهي فقير شفيع محمد اڌرات ڏاڍو لڳو، 4 بجي پوئين پهر ڊاڪٽر رسول بخش پلي فقير کي چيو ته مارائٺي ٻڌاءِ. فقير شفيع وضاحت ڪئي ته هي اهو راڳ آهي جنهن مان اسانجو راڻو نڪتو آهي. شفيع ٻنهي راڳڻين جي تشريح ڪئي ۽ تمام گهڻو مزو آيو. صبح جو وري ڏسون ته حسن ۽ بخشڻ ڀاڪر وجهي پائي گهمن ڄڻ رات وڙهيا ئي ڪونه هئا. ان رات اعجاز ۽ رسول بخش پلي ڏاڍي محبت جو وقت گذاريو ۽ اڄ تائين دائم ۽ قائم آهي. ڪافي سال اڳ جهمپير ۾ ويٺو هئس ته مقامي پيپلز پارٽي جو اڳواڻ خير محمد جاکرو ڦري آيو چئي “ سائين ڊاڪٽر عبدالواحد سومري جي دعوت ڪئي اٿم، اتي هڪ همراهه محفل کان پري ويٺو آهي رڳو توهان جو ويٺو پڇي” بابا مونکي رسول بخش سان ملايو. مون چيو يار ڪو نالو، ڪو پتو ۽ بي دعوتوڪيئن هلان ؟ خير محمد چيو سائين اوهان کي دعوت ملي آهي پر اسان سان حساب ٿا ڪريو، خير اتي پهتاسين ته رمضان جو روز کولڻ جي دعوت هئي. سنگت کان پري هڪ همراهه اڪيلو ويٺو هجي- پيالو پر هجي، ڏسان ته اعجاز علي پلي ، وڏا ڀاڪر پيارا چئي يار ڊاڪٽر واحد سان دوستي ورثي ۾ مليل آهي. ٺٽي اچڻ ٿيو اڄ وري هتي دعوت تي ڊاڪٽر سان آياسين ته توسان نه ملڻ گناهه برابر ٿيندو. ڏاڍي ڪچهري ٿي ڪافي يادون تازيون ٿيون . انگريزي ادب جو تمام سٺو پاڙهو باذوق، با وقار انسان تازو گذاري ويو. اسان تازو سندس ڳوٺ فاتحه لاءِ وياسين سج لهي ويو. ڊاڪٽر اسد جمال، ارباب احسان الله، وڪيل ڀڳوان داس گڏ هئاسين ته ڊاڪٽر حاجي رسول بخش پلي اڳيئي پيرن تي بيٺو هو .1981ع ۾ جيڪو نوجوان هلڪي ڏاڙهي سان جهمپير ۾ مليو هو ان جو حسن جوڀن الائي وقت جي ڦير ۾ لڙهي ويو هو. هي ته هڪ زماني جي طوفانن کي لتاڙي پيارن عزيزن، پيءُ، چاچي ۽ دلبر ڀاءُ جي وڇوڙي جا وڍ برداشت ڪندي، جسماني آزارن کي سهندي هڪ ڪراڙڊ مڙس اڳيان بيٺو هو پر سندس وجود ۾ اهائي ڏيا، وفا ۽ محبت جو درياهه اٿلون کائي رهيو هو. مونکي ايڏو ته پيار مان ڀاڪر پاتائين، ڪافي وقت ٻکيا رهياسين. ڏاڍو پيار سان آڌر ڀاءُ ٿيو. سندس بنگلي ۾ ويٺاسين ته مون ۾ ايتري به همت نه هئي جو ساڻس حال به اوري سگهجي. حسن درس جي وڇوڙي جو گهاءُ کيس به گهائي چڪو هو پر هن ۾ همت، حوصلو ۽ خود اعتمادي اسان لاءِ به اتساهه جو سبب ٿي.

موڪلائڻ مهل سندس مک تي اڻ ميو پيار ۽ پاٻوهه هيو، “ هاڻي جلدي جلدي پاڻ ملنداسين، آئون به ڪوشش ڪري جهمپير ايندس، اوهانجي سڪ ته ڏاڍي لڳندي آهي ”

ٻه ڏينهن اڳ فون ڪري ٻڌايو مانس ته پلي ڀائرن تي گڏيل پروفائيل پيو لکان ، مونکي فوٽو گهرجن ۽ تولاءِ اطلاع به آهي“ جواب ۾ چيائين فوٽو جلد موڪليان ٿو پر توهان کي لکڻ به کپي، اسان مائٽ به آهيون، پيارا به آهيون” اهڙي نموني سندس وڙائتو رويو پلي خاندان جي روايتن جو تسلسل آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو