Home / افيئر / ناول، ميلان ڪنڊيرا ۽ ڪِچ
above article banner

ناول، ميلان ڪنڊيرا ۽ ڪِچ

سچ ته ليکڪ هن موضوع تي لکڻ جو اهل نه آهي.مان وارن پڙهندڙ ن وٽ ڪاوڙ ڏيکارڻ جو حق محفوظ. خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان مان ڪو صاحب اڳتي ايندو ۽ راوي جي لکڻي مان چُڪون ڪڍندو، يڪسر غلط ثابت ڪيائين تڏهن پڻ چڱي ڳالهه ٿيندي. ڪيترائي ورهيه گذر يا آهن جو آءُ ٻَوڙهٽ ۾ آهيان، گهٽ سمجهه يا ڄاڻ جو بنهه نه هجڻ قبر جي ساميءَ مثل حال آهي، توهان پروڙ جي هڪ حد تائين پهچڻ چاهيندا هجو ۽ هر ڀيري ناڪام ۽ هيڻا ٿي ڪري پئو- هڏا گُڏاته ضرور ڀڄندا. وطن ۾ کوڙ سارا اڪابر وَسَن ٿا. کين وينتي ته بحث هيٺ مضمون ۾ ڪجهه دلچسپي وٺن. معاملي جون چٽايون سامهون آڻين ۽ مون پارن بي عقل انسانن ڪاڻ روشني جو بندو بست ڪن.

 

هتي عزت لائق دوستن آصف بالادي، جاويد کوسي ۽ راشد ميمڻ کان معذرت جي طلب ته ليکڪ کين محاوري Kitsch جو اُچار درست ٻڌائيندو نه آيو آهي، ڪجهه لغتون ايئن نه ٿيون چون جيئن راويءَ جي زبان تي رهيو آهي. آءٌ سندن روبرو لفظ کي آوازن جي ورڇ جي بنياد تي ڪِش پڙهندو رهيو آهيان. هڪ معياري ڊڪشنري موجب Kitsch کي ڪِچ ڪري وات مان ڪڍڻ گهرجي. برابر ڪيئي عنوان آوازن جي جوڙ جڪ کان پاسائتا اُچاري سگهجن ٿا. جرمن ٻوليءَ جو لفظ ڪوٺيو ٿو وڃي. جرمنيءَ جي مخصوص ماحول ۾ ان جو صحيح تلفظ ڄاڻي ۽ سکي سگهجي ٿو. ممڪن آهي ته ڪِڪ پڙهڻو پوي. آثار توڻي جو ايئن ڪونه ٿا ڏسين، جيستائين پاڻ ٺيڪ هنڌ تي پهچئون “ ڪِچ” ٿا سڏيونس.

ڇٽيهه سالن کان پئرس ۾ رهندڙ ميلان ڪنڊيرا چيڪونسل جو آهي ۽ اڳوڻي چيڪ سلوا ڪياتي روسي ڪاهه وقت ڪميونسٽ همراهن هٿان عتاب جو شڪار رهيو. سٺ واري ڏهاڪي جي اهڙي حياتي جي تصوير ڪشي پاڻ 1984ع ۾ ڇپيل ناول“ اَن بيئربل لائئٽنيس آف بينگ” ۾ ڪئي اٿائين. ڄاڻايل آکاڻي تي مبني، ساڳئي ئي نالي سان 1988ع ۾ فلم پڻ ٺهي چُڪي آهي، ڪنڊيرا اڄوڪي افسانوي ادب جو وڏو نالو آهي. هر ڀيري انومان هجي ٿو ته کيس نوبيل انعام ڏنو ويندو. 25 کان مٿي ورهيه ٿيا آهن جو فڪشن جا ديوانا تنهن طرح جي واقعي جي انتظار ۾ رهن ٿا. ٻيا ڪتاب به ڇپايا اٿائين ۽ نئين پود به کيس ساڳئي چاهه سان پڙهي ٿي. انٽرويوز ۽ مضمونن تي مبني “ آرٽ آف ناول” اهڙو شاستر آهي جنهن جي مطالعي کانسواءِ ناول سندي صنف ۾ ڪڏي پوڻ ڏکيو آهي. وڌاءُ نه ٿيندو جي چئجي ته هن ناول جي صنف کي مشڪل بنائي ڇڏيو آهي. ڪنڊيرا کان بعد رڳو شاهڪارآکاڻين لاءِ جاءِ باقي آهي. کڻي جو هن جا ناول مضمون وارا نداز ۾ تحرير ڪيل آهن پر ايندڙ زماني ۾ ڪنهن به ڪٿا جي بيان ۾ گهاڙيٽي سان گڏ موضوع تي وڌيڪ زور هوندو. سندس استعمال ڪيل محاوري Beyond کي مکيه متي طور آڏو رکيو ويندو. مضمون جي انداز ۾ تخليقي ادب پيش ڪرڻ ڪارڻي ئي ڪنڊيرا لاءِ نوبيل اعزاز جو اعلان ڪندڙ مونجهاري ۾ آهن- مانواري عبدالقادر جوڻيجي جي راءِ آهي.

“ان بيئر بل لائٽينس آف بينگ”- سِٽَ آهي جنهن متعلق اسان وٽ سدائين پڇيو وڃي ٿو. لفظن کي جُدا ڪري ڏسبو ۽ مطلب ڪڍندي ڄاڻبو ته ناول جي عنوان ۾ ئي الاهي سبق آهي. جياپي جي نه سهپ جوڳي هلڪائي يا ساڻائي.ڪتاب پٽيندا ته شروعات ۾ ئي وضاحت ڪئي اٿائين. جيڪڏهن ماڻهو مٿان ڪا جوابداري نه هجي، هو فرض کان وانجهيل حياتي گهاري ته جيون جي تنهن قسم جي ڇوٽڪاري ۽ آجپي واري بي وزني سندس لاءِ برداشت جوڳي نه هوندي. هن ڀيري آدم ڳَٽَ نه. خالي ڳچي نهاريندي ٻاڪاريندو. جوابداري جو نه هئڻ، جيئدان کي بي مقصد ۽ ڪارج کان خالي ڪري ٿو بيهاري. انسان گهٽ ۽ ٻوساٽ ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿو. دانهون ڪندي ڪنهن “ ڪاز” جو پاند پڪڙي ٿو. سماجي لحاظ کان اهڙي واردات کي ميلان ڪنڊيرا“ ڪچ” پُڪاري ٿو. ٻوليءَ ۾ Kitsch اُٻڙڪا ڏيندڙ لقاءُ آهي. ايئن به ته هڪ روش آهي. ارپنا ۽ تخليق جو موت آهي. راوي جو مونجهارو اتان ئي شروع ٿئي ٿو. ڪچ گهڻ پاسائين معنيٰ سانڍيندڙ محاورو پسجي ٿو. هڪ طرف اونداهه جي علامت ته ٻي ڀڪ ڪنڊيرا جي لفظن ۾ جياپي ۽ بُڻبي وچ ۾ لڪير. اها ڪچ ئي آهي، جيڪا زندگي کي مقصد جي راهه هلائي ٿي ۽ منش حياتيءَ جي نه سهپ جوڳي ساڻائي کان بچي وڃي ٿو.

معاملو صاف نه ٿيو؟ پڙهندڙن جي چڙ جائز آهي. ليکڪ وٽ جا ڄاڻ هوندي، هتي سائي تحرير ڪندو، هو خود به اوهان سان گڏ ان محاوري کي سمجهڻ چاهي ٿو. توهان مان ڪوئي اُٿي ۽ هن موضوع تي قلم کڻي، احوال کي اڳڀرو ڪبو ته ڪجهه هيئن ئي لکي سگهبو. ميلان ڪنڊيرا جديد ناول کي تنهن ماڳ وٺي آيو آهي جتان Beyond “ اڳتي، گهڻو اڳتي” وڃڻ واري واٽ شروع ٿئي ٿي. اهو به ٻڌايو ٿو وڃي ته نفسياتي الجهاءَ جي سبجيڪٽ تي ڪٿا لکڻ سندو وقت هليو ويو. سياسي ۽ سماجي ناول جي گهرج به نه رهي. تڏهن گهاڙيٽي سان ٻٽ موضوع جي نواڻ به کپي. اتي ٽيڪنالاجي مدد ڪندي. ايندڙ دور ۾ ماڻهو ناول نه لکن، پڙهڻ وارا ته هونئن ئي ڊجيٽل مشق ۾ هوندا ، ڪچ جي هوند پوءِ به نهاربي“ اجازت هجي ته غير پارلياماني جملو توهان آڏو رکجي. جڳ ۾ جيستائين فضلو يا ڪاڪوس باقي هوندو، بدبوءِ يا ڌپ جو واسو ڪاڏي نه ويندو. ڪنڊيرا جي چواڻي ته ڪچ اهڙي اڻوڻندڙ ۽ اُٻڙڪا ڏياريندڙ لقاءَ جي مڪمل نفيءَ واري ڪيفيت جو نالو آهي. واندڪائي ڪڍي Kitsch بابت مٿي ڄاڻايل سندس ٻنهي ڪتابن ۾مختصر پئراگراف ضرور پڙهندا. خاص طور تي اسٽالن جي پُٽ ياڪوف جي آتم هتيا جهڙي واقعي جي پسمنظر ۾.

ٽيهر پنهنجي گهٽ معلومات جو اعتراف ڪندي ليکڪ سندي وائڙائپ به ڳجهي رکڻ نه چاهيندو، موت کي سامهون پسي بغاوت لاءِ تيار ٿيندڙ انسانن جي اڌمن کي ڪچ جو نانءُ ٿو ڏجي. مچ ڏانهن ڊوڙندڙ پتنگ مثال طور پيش ڪجن ٿا، باهه جي تپش کان خبروار آهن، موت اکين آڏو بيٺو اٿن، تنهن هوند. به ڪڏي خود کي امرڪن ٿا. ايئن نه ڪن ته وجود جي نه سهپ جوڳي هلڪائپ يا ساڻائي کين گهٽي ۽ ٻوساٽي ڇڏيندي ، زندگي جي بي ثباتي کليل حقيقت آهي، سماج کان اُڌارا ورتل آدرش اسٽيٽس ڪو پاري زندان کي جنم ڏين ٿا. آدميءَ جي ڪوشش آهي ته رضا جو پيڇو ڪري. Beyond جي راهه اڳتي وڌي، نڪور آئڊيل کي گهڙي ٺاهي سامهون رکي. اتساهه وٺڻ جي سئي ڪري . فطرت جو ڀوڳ ته ماڻهو، سرشٽي منجهه هڪ وڏي ڀتر تي چڙهيو اجايو پيو چڪر هڻي. سج جو ٻڏڻ ۽ نڪرڻ بنا ڪنهن مقصد پيو ڳڻي. هروڀرو جي اتهاس کڻي جوڙِي اٿائين-کيس حواسن مان ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهي، ڪچ ان سموري صورتحال کان انڪار کي چئجي ته غلط نه ٿيندو. راوي اتي ترسي اوهان کي مطالعي ۽ ويچار جي درخواست عرض ٿو رکي. اميد ته ڪونه ڪو صاحب هن مضمون تي وڌيڪ چٽائيءَ سان سرڪي ايندو ۽ پاڻ اهڙي شاندار محاوري کي سمجهڻ لائق ٿينداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو