Home / افيئر / وطن واويلا ۽ سنڌ جا جعفر
above article banner

وطن واويلا ۽ سنڌ جا جعفر

سنڌي شاهوڪار ادب ۾ سنڌي هندو اديبن کان پوءِ وڏو “ خال” پيدا ٿيو هو. ان کي جن سنڌي اديبن ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن کي “ ون يونٽ” جي زماني جا اديب چيو وڃي ٿو. ان دور ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، ابراهيم جويو، شمشير الحيدري، سراج، آغا سليم، رشيد ڀٽي، امر جليل، قمر شهباز، رسول بخش پليجي ۽ طارق اشرف سميت سون جي تعداد ۾ هڪ وڏي کيپ هئي جن “ سنڌي ادب” ۾ ڌاڪو ڄمايو. ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي اديبن جي لڏي ڪجهه عرصي لاءِ “ خاموشي” اختيار ڪئي، ڪجهه سياست ۾ هليا ويا، ڪجهه نوڪرين ۾ ويا ۽ ڪجهه خاموش ٿي ويا، پر ضياءَ الحق جي آمريت سنڌي اديبن کي اها چرپر مهيا ڪئي ته هو ٻولي ، جمهوريت ۽ آمريت خلاف ميدان ۾ اچن.ان دور ۾ سينيئر اديبن کان سواءِ نون اديبن جي هڪ قطار سامهون آئي،، نورالهندي ، نثار حسيني،طارق عالم ابڙو، نصير مرزا، نثار حسيني، اياز گل، آڪاش انصاري، نياز پنهور، اخلاق انصاري، ادل سومرو ۽ ڪيترائي ٻيا ميدان ۾ آيا. سنڌ جي جديد ادب کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ته غلطي نه هوندي. (الف) شيخ اياز کان اڳيون دور(ب) اياز جو دور (ت) اياز کان پوءِ جو دور.ايئن چئي سگهجي ٿو ته انهن ٽن دورن کي اسان انڪري ورهايو آهي جو “ جديد سنڌي ادب” کي سڃاڻپ شيخ اياز مبارڪ” سان ايئن آهي جيئن ڪلاسيڪي سڌي ادب” جي سڃاڻپ” شاهه لطيف سان لاڳاپيل آهي. هاڻي “ سنڌي جديد ادب” جي تاريخ اياز سان لکي ويندي. هاڻي اسان اياز جي دور کان پوءِ پر“ اياز جي دور”جي ادب جي گلن ۾ هرگل جي پنهنجي نرالي خوشبو آهي. ڪنهن کي گهٽ يا ڪنهن کي وڌ نٿو چئي سگهجي.

 

هن دور ۾ جنهن اديب هڪ خاص “ سڃاڻپ” ۽ هڪ “ انفراديت” ۽ پنهنجي هڪ يگانيت قائم رکي آهي. ان جو نالو “غلام نبي مغل” آهي. هو ايئن آهي جيئن گلابن جي جهرمٽ ۾ موتئي جي مالها جي خوشبو ۽ هڪ خاص وصف رکندي هڪ خاص “ خوشبو” ڏيکاريندي آهي. ايئن غلام نبي مغل جي لکت هن سڄي وايو منڊل ۾ “ نشانبر” نظر اچي ٿي. 1944ع ۾ پيدا ٿيل هي شخص پهرين ڪهاڻي تڏهن ٿو لکي جڏهن هو سورنهن سالن جو ٿئي ٿو ۽ جڏهن “ ون يونٽ خلاف” مهم هلائين ٿا تڏهن هو ڦوهه جواني کي پهچي ٿو. ان ماحول ۾ سنڌ جي “ قومپرست سوچ ۾ رچي هلي ٿو، آمريڪي ۽ روسي يعني سرمائيداراڻي نظام ۽ سوشلسٽ ڪيمپ جي تضادن جا اثر وٺي ٿو پر هو نه سرمائيدارن نه وري سوشلسٽن سان هڪ ڪئمپ ۾ هلي ٿو. پنهنجي “ آزاد” سيڪيولر، وطن دوست۽ انسان دوست جي حيثيت قائم رکي ٿو. ڪنهن به “پارٽي يا نظرئي ۾ ڪونه وچڙي ٿو نه ته گهڻو ڪري هي اهو دور هو جنهن ۾ يا ته هو آمريڪي ڪئمپ ۾ هئا يا وري روسي ڪميونسٽ بلاڪ ۾ ورهايل هئا” سنڌ ۾ اڃا به قومپرست ۽ سوشلسٽ بلاڪ هئا، هنن اثر ورتو هوندو پر هو ڪنهن به پارٽي جو ورڪر نه رهيو، هو سيڪيولر ترقي پسند ۽ روشن خيال رهيو هو.

جڏهن ڪجهه عرصو اڳ ۾ هن سان مختصر ملاقات ٿي ، ان ۾هو لکڻ ، پڙهڻ ۽ سوچڻ ۾ تيز تر ۽ جوش خروش وارو ڏسڻ ۾ آيو. هن کي ڇهه پٽ آهن، سمورا لکيل پڙهيل هئا، ڇهه ئي (Master of Engineering) پاس هئا ۽ هڪ نياڻي هئس جيڪا ڊاڪٽر آهي. سندس ڇهه ئي پٽ بيروزگار هئا. گورنمينٽ جاب نه هئڻ جو سبب هن ٻڌايو ته چون ٿا ته “ ويهه لک رپيا” ڏيو ته نوڪري ملي. ان مسئلي تي غلام نبي مغل يعني سنڌ جو وڏو اديب، حڪومت جي هن روئي تي انتهائي ملول هو. هن جو چوڻ هو ته هن سمجهيو هو ته هو اولاد کي پڙهائي سٺي تعليم ڏياري رهيو آهي ته هو رٽائر نوڪري” مان ٿيندو ته هن کي پرواهه نه هوندي ڇو ته هن جو اولاد ڪنهن نه ڪنهن سٺي جاب ۾ هوندو، پر موجوده دور جي ڪرپشن سبب هاڻ انتهائي مايوس هو ۽ هن وٽ نوڪري مان جيڪي ڪجهه هو ،ان مان هو مس مس گهر ئي گلستان سجاد ۾ ٺهرائي سگهيو هو. هو پاڻ کي هن سياسي دور ۾ مس فٽ محسوس ڪري رهيو هو. اهو ماڻهو جنهن پاڻ به نوڪري ڪئي هجي ۽ سٺي وڏي عهدي تي رهيو هجي ۽ هن نوڪري ۾ جيڪي ڪجهه ڪمايو هجي، اهو هن “ سنڌي ادب” جي واڌ ويجهه لاءِ “سهڻي ” رسالو ڪڍيو هجي، تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته “ سهڻي” رسالي جو اصل فنانسر غلام نبي مغل ئي رهيوهو. بقول هن جي ته طارق اشرف هڪ “ ٽئلنٽيڊ ۽ صلاحيتن وارو شخص هو. اسان نوڪري ڪري اهڙو رسالو سڌي طرح سان ڪونه ٿي ڪڍي سگهياسون. ان ڪري طارق اشرف جي مدد ڪئي سون ۽ ايئن چئجي ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته “ سهڻي” ڪڍڻ وارو غلام نبي مغل ئي هو. طارق اشرف سهڻي تي بندش جي ڪري تڪليف ۾ به پيو هو ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ به ويو هو. پر غلام نبي مغل جي اها دعويٰ آهي ته سهڻي رسالو دراصل پسمنظر ۾ ڪيترين “ لائبريرين جي سونهن آهي ۽ هڪ هڪ رسالو دراصل پنهنجي دور جي سنڌ جي تاريخ آهي ۽ ميڊيا ۽ اظهار آزادي جو “ امين ” چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. ڪجهه عرصو اڳ هن ناول “ وطن واويلا” لکيو آهي هن وقت تائين هن چئن ڪهاڻين جا مجموعا “ نئون شهر، رات جا نيڻ، رات منهنجي روح ۾ ۽ سٺ ستر اسي” لکيل آهن ۽ چار ناول يعني “ اوڙاهه” “دونهاٽيل راتيون ۽ رولاڪ”، مونکي ساهه کڻڻ ڏيو ۽ “وطن واويلا آهن. هن ناول ترجمو ڪيا آهن ۽ هاڻ هڪ نئون ناول لکي رهيو آهي.سندس ڪتابن ۾ هن کي “ اوڙاهه” وڌيڪ پسند آهي، مون کي ساهه کڻڻ ڏيو، سنڌ ۾ ڪاروڪاري” جي پسمنظر ۾ لکيل زبردست ناول هو.ناول کان به وڌيڪ هن دور جي “ سياسي، ثقافتي ۽ معاشي منظرنگاري آهي. ناول کي هن شهيد بي بينظيرڀٽو کي ارپيو آهي ۽ هن جي ورلي ملندڙ تصوير ڏني آهي، جنهن ۾ اک ۾ ڳوڙهو آيل آهي پر هيٺ ڪريو نه آهي. نهايت ئي “ المياتي” (Tragic) تصوير آهي. ان ۾ هن جو هڪ انگريزي ۾ لکيل نظم “ بينظير ڀٽو” لاءِ آهي، اهو به پڙهڻ جهڙو آهي. هي ناول “ سنڌي قوم” جي هڪ اهڙي ڪردار جي چوطرف ڦري ٿو جنهن جو تعلق سنڌجي دريا تي وسندڙ قديم “ ذات” سان آهي. ان ڪري “ سنڌودريا” جي سڪي وڃڻ جو هن ذات ۽ ان جي گذر سفر تي نهايت ئي “ خوفناڪ” اثر ڇڏي ٿو. سنڌ ۾ وڌندڙ غربت جو اندازو ان ماڻهو جي گردو وڪڻڻ جي سين مان به لڳائي سگهجي ٿو. هن ناول ۾ انهي وچولي طبقي جو انتهائي گهرو مشاهدو ٿيل آهي، جيڪو 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار کان پوءِ ڪراچي ۾ “ سڻڀين پوسٽن” تي اچي ٿو، “ ڪرپشن” وسيلي هو پئسي وارو” ٿئي ٿو، شراب، شباب، عورتون، خوبصورت بنگلا ۽ پئسي ۾ هو ڪيئن “ گم” ٿي وڃي ٿو.ان لاءِ “ آنٽي شاداب” جو ڪردار پڙهڻ جهڙو آهي. اڳ۾ اردو جي محمود شام جو ناول به اهڙين عورتن تي آيو آهي ، جنهن وسيلي ترقي جا فائيل ننڍي صاحب کان وٺي وڏي صاحب تائين ڪيئن پهچن ٿا غلام نبي مغل اسان جي اهڙن نوجوان سنڌي آفيسرن جي ڪردار کي انتهائي خوبصورتي سان وائکو ڪيو آهي، جيڪي ڪرپٽ آهن ڪردار ۽ توڙي عمل ۾ “ ايڇ، ايم جمالي” ان ڪردار جو نالو آهي.سنڌ جي تاريخ تي نهايت ئي خوبصورت نظرون وڌل آهن. سنڌ ۾ اين جي اوز (N G O s) جيڪي چورن جيان سنڌي وچولي طبقي کي ڪرپٽ ڪري سنڌ کي کائي رهيون آهن ، انهن جي پت وائکي ڪئي وئي آهي. مثال هڪ ڪردار هيٺين ريت ڳالهائي ٿو. سواءِ ڪجهه اين جي اوز جي باقي جو بنياد ريسورس پرسن، اين جي اوز ورڪنگ جي لٻاڙ، Corruption ۽ Dubions Chanracter تي ٻڌل آهي. جيڪي چڱيون N G O s هيون سي به اهڙن فردن ڪري پنهنجي افاديت وڃائي رهيون آهن.”

ناول ۾ چس وجهڻ لاءِ عشق، رومانس ۽ پيار کي دلچسپ انداز ۾ وڌو ويو آهي. ناول ۾ وڏن وڏن اديبن، دانشورن۽ مشهور شخصيتن جا ڊائلاگ تمام خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيل آهن. روسي راسپوتين جي هڪ چوڻي لکي آهي.

·“ گناهه کان سواءِ زندگي، زندگي ناهي. ان جو سبب اهو آهي ته گناهه کان سواءِ “ ندامت ” نٿي ٿئي ۽ اگر جي ندامت نه هجي ته خوشي نٿي ٿئي.”

·آئون توکي آمريڪا ۾ رهندڙ سٺ جي ڏهاڪي جي مصنف ولاديمر نيبو ڪوف جي ناول جي لوليٽ Lolita ٿيڻ نه ڏيندس.

·“سج اڀرڻ تائين ٽئگور جي ڏئي جي جوت جلايو”

“ ثقافتي ميلا جنهن ۾ شيخ اياز ۽ آغا سليم جا ترجمو ٿيل شاهه جا ڪلام، امير خسرو جي ايجاد ڪيل سرن ۽ شيماڪرماني جي ماضي جي جوان ۽ ان جي فن سان ڀرپور موهيندڙ جسم منجهان راڻي ۽ مارئي جا سر نڪرن”

هن ڪتاب ۾ ڄام صادق جو نالو وٺي “ غدار سنڌ” چيو ويو آهي ۽ ارباب غلام رحيم کي “ ڀٽون وسائيندڙ” جي خول ۾ غدار چيو ويو آهي. اهو شايد سنڌ ۾ پهريون سنڌي ناول آهي جنهن ۾ “ غدارن” جا نالا ورتا ويا آهن.

هن ناول ۾ مذهبي ڪٽرپڻي خلاف هڪ تاريخ به لکيل آهي. سنڌ ۾ “ ذاتين” جي اوسر متعلق به سائنسي تحقيق لکيل آهي. هي ڪتاب “ ڪرپٽ وچولي طبقي” خلاف هڪ وڏي غداري جي ڄڻ ته ايف آءِ آر آهي پر جيڪا هڪ ڳالهه ڪيل آهي، اها آهي “ مهاجرن ” متعلق . ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ “ اردو” ڳالهائيندڙ سنڌي ڪميونٽي آهي. پر ون يونٽ خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ حصو وٺندڙ اديبن جو “ مهاجرن” ڏانهن رويو انتهائي سخت ۽ انتهائي دشمناڻو هو، اهو ان وقت صحيح به ٿي سگهي ٿو ڇو ته “ سنڌين” جي مهمان نوازي ۽ ڀائپي جي عيوض “ مهاجرن” انهن تي ئي ظلم ڪيو هو ۽ ان سوچ جو اديبن پنهنجي تحريرن وسيلي اظهار ڪيو هو پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان دور جي “ عڪاسي” ڪرڻ بدران ، اڄ ۽ سڀاڻي جي لاءِ هڪ سٺي سوچ کي پنهنجي وجود جو حصو بڻايون.“ گلاب” جو ڪردار ان هيروئن جو آهي جنهن کي “ سنڌي ، مهاجر فسادن” ۾ جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو هو. گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ، مهاجر فسادن ۾ مونکي ته ياد نه آهي ته “ سنڌي” عورتن جي اجتماعي عصمت دري ٿي هجي.” !

جي اسان اهڙيون “ هيروئن” ايجاد ڪيون ته اهي جڏهن ٻار پيدا ڪنديون ته اهي پنهنجي اولاد کي “ اينٽي مهاجر” زهر سان ڀرينديون. اڳتي هلي هي “ ٻار” ڪهڙي معاشري ڏانهن رويو رکندا ۽ لطيف ڀٽائي جي اها سٽ “ عالم سڀ آباد ڪرين ” جي ابتڙ ايئن هڪٻئي سان ڪندا جيئن سربن ڪروشيائن سان ڪيو يا بوسينا جي مسلمانن سان ڪيو. ٽيون ته هن ناول ۾ “ انارڪزم ” جي هڪ جهلڪ آيل آهي ته ڪجهه ماڻهو، وڏيرن ۽ ڪرپٽ آفيسرن کي مارين ٿا ۽ مارڻ جي واردات مهل هو اهڙي بارود جو استعمال ڪن ٿا جو رڳو دونهون ئي دونهون ٿي وڃي ٿو” ( شرلاڪ هومز۽ جيمس بانڊ جي نموني) هو غائب ٿي وڃن ٿا . جيتوڻيڪ ليکڪ جي اها “ ذهني تخليق” آهي جو هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن هي ڪرپٽ حڪمران ۽ بي حس اقتداري ايئن جو ايئن “ لٽ مار” ڪندا رهيا ته ايئن “ انارڪسسٽ” وارداتون ڪري سگهن ٿا. جيتوڻيڪ ليکڪ پاڻ به انهي کي صحيح نٿو سمجهي . اهڙين حرڪتن کي هو هن نموني سان نندي ٿو. جيئن ڪتاب ۾ هي جملا، ان جي سوچ جي ترجماني ڪن ٿا.

“ پراوا پيٽ ڪونه ڦاڙبا آهن، پر ڪوشش ڪبي آهي ته پنهنجا پيٽ ڀرجن” صفحو (15 )

“ اها مايوسي آهي… نوان رستاڳوليو، محنت جادر کوليو” ساڳيو صفحو.

اهي Crimnals آهن…. اهي Ambitious آهن. پئسو ملندن ته وطن به وڪڻي ڏيندا، واندا هوندا ته پوءِ ٻيا به ڪڌا ڪم ڪري سگهندا . صفحو(199 )

ناول پڙهڻ سان ماڻهو سچ ته ڪنهن سحر ۾ غائب ٿيو وڃي، ان وقت تائين دل نه چاهيندي ته ڪتاب مان هٿ ڪڍجي ، جيستائين ان کي ماڻهو پورو نٿو ڪري. باوجود منهنجي پنهجي “ مهاجر” مسئلي تي ذاتي راءِ جي، ناول جو گهاڙيٽو، فن ۽ انداز اهڙو آهي جو ان کي سنڌي ادب جو بهترين “ ناول” قرار ڏئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ، سٺن ناولن” جي سنڌ ۾ کوٽ آهي پر غلام نبي مغل جو هي “ ناول” هڪ وڏي پيش رفت آهي ۽ ساراهڻ جوڳو عمل آهي. اسان جي طرفان مصنف کي واڌايون.

mun-bdn@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو