Home / افيئر / وڻجارا وڃڻ جون وايون ڪن
above article banner

وڻجارا وڃڻ جون وايون ڪن

“ اي هي اميتاڀ ! ماهري ڇوري ڪون تڪيوئي ؟ لڏي ناڪم ڪرڻ هائي، سورج باشا ساٿ سفر سڦل هووي نا، ڀائران ڪون ڀاء بڻ ڪي نڪلنا هو وي ! او ٻچا !و ڪون تڪ آ ”

“ هو، هو مائي ! دل جاءِ ڪرو… مان ڇوري ئي خبرچار چڱي طريون ڪرون هون”

۽ اميتاڀ پنهجي سائيڪل تي ويهي پيڊل هڻندو ته “ فٽ.. ٽ.. ٽ..ٽ… ڦٽ ٽ….” جي بي سُري آواز سان موٽر اسٽارٽ ٿي ۽ اڳتي وڌڻ لڳندي، اميتاڀ هاڻي پيڊل هڻڻ جي بدران وڏي اسٽائل سان ٻئي پير هوا ۾ جهومائڻ لڳندو، هن جي سائيڪل پراڻي جنريٽر جي زور تي پاڻ ئي اڳتي وڏندي وڃي ٿي. ٻار تاڙيون وڄائيندا وڃن ٿا ۽ وڏا سرپرستي واري انداز ۾ هائوڪار ۾ منڍي لوڏي پنهنجي Multi Talented ڇوري کي داد ڏيڻ لڳن ٿا، جنهن ڪائي به ٽيڪنيڪل ٽريننگ، روايتي تعليم ۽ انجنيئرنگ جي قابليت ورتي بنا ڪٻاڙيءَ کان ٻه سئو ۾ ورتل سائيڪل ۾ پاڻ ئي پراڻي مشين لڳائي، سائيڪل مان ان کي موٽر سائيڪل ٺاهي ورتو آهي، جنهن کي ان وڻجارا ڪميونٽي وارا“ اميتاڀ جي ڦٽڦٽي” چون ٿا.

 

وڻجارن جو قبيلو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪراچيءَ جي سُپرهاءِ وي جي ڪناري تي پراڻن ڪپڙن مان ٺاهيل جهوپڙين ۾ آباد هيو پر هاڻي وري اتان لڏڻ جي صدا هنئي اٿائون ۽ گذريل رات کان اهي جهوپڙا پٽڻ، سامان ٻڌڻ، ڍور ڍڳا سنڀالڻ ۽ پکين جا پڃرا هڪ پاسي گڏ ڪري رکڻ جو ڪم ايئن جوش سان جاري هيو، ان وچ ۾ وڻجارن جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وڏن کان نظر بچائي کسڪي ويا هئا ۽ جوويجهي آبادي ۾ پنهنجي واقفڪارن، نون دوستن يارن ۽ “ سرپرستن” سان آخري مُلاقات ڪرڻ ويا هئا. مائي نازان انهيءَ ڪري پريشان هئي جو ان جو “ ڇورو” به غائب هُيو ۽ هتي اڃا سڄو ڪم رهيو پيو هو.

اها وڻجارن جي موسمي( Seasonal) لڏپلاڻ هئي، جيڪا انهن جي لاڳيتي سفر جو هڪ ننڍڙو مرحلو هئي. سيءَ اچي ويا هئا، انهيءَ ڪري اُهي ٽن چئن مهينن لاءِ پنهنجي صحرا ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا، جتان انهن کي مسلسل صدائون اچي رهيون هيون.

وڻجارا دنيا جا سڀني کان عظيم سياح آهن. انهن جو وڏو تعداد ڀارت جي علائقن ۾ سيلانيءَ طور موجود آهن، پاڪستان ۾ به انهن جا ڪيئي شيلا موجود آهن،جيڪي شهرن، وستين ۽ ٻهراڙين جي علائقن ۾ عارضي طور تي پنهنجون جهوپڙيون وسائي پنهنجي الڳ دنيا ٺاهي ويهن ٿا. وڻجارن جي اهڙين وستين کي “ ٽَنڊا” چوندا آهن. ( هتي اِهو خيال ضرور ايندو ته سنڌ جا شهر ٽنڊو آدم، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام ۽ ٻيا “ ٽنڊا ” انهن وڻجارن جا وسايَل ته نه آهن ؟ )وڻجارا دنيا جا وڏا ڪاروباري سياح به چيا وڃن ٿا. ڇو جو اِهي ضرورت جون شيون ۽ جانور هڪ جڳهه کان وٺي ۽ ٻي جڳهه تي کپائي نفعو ڪمائيندا هئا. اها تجارت صدين کان جاري رهي آهي. مغلن ۽ انگريزن کي به اهي وڻجارا ئي ضرورت جون شيون ۽ جانور سپلاءِ ڪندا هئا. اهي گهربل حاڪمن ۽ مالڪن جا ضروري پيغام ۽ حڪمناما به گهربل ماڻهن، گروپن ۽ آبادين تائين پهچائڻ جو ڪم به ڪندا آيا آهن. هاڻي هنن جي اها ڪرت ختم ٿي وئي آهي. هاڻي “ مهذب” ماڻهو ماضيءَ جي انهن ايماندار تاجرن ۽ قاصدن تي گهٽ اعتماد ڪن ٿا. اهو سڀ شهري تهذيب ۽ ثقافت جي اچڻ ۽ رستن جي ڄار وڇائجڻ يا مواصلاتي ترقي جي سبب ٿيو آهي جنهنڪري هڪ عظيم ثقافتي، سياحتي ۽ تجارتي سرگرمي گهٽ ٿي وئي آهي.

 

وڻجارن جا وڏا جيسلمير ۽ جوڌپور جي ريگستاني علائقي ۾ رهيا آهن، جتان اهي نه صرن ايشيا وارن علائقن پر سڄي دنيا ۾ خانه بدوشن وانگر پکڙجي چُڪا آهن. اهي وڻجارا شروع ۾ ڏاند گاڏين تي سامان جي رسد پهچائيند ا هئا. صحرائي ضرورتن تحت انهن بعد ۾ اُٺن کي استعمال ڪيو ۽ “ ڪيمل ڪاروان ”جو بُنياد رکيائون، اهي قافلا پُشڪر (انڊيا) کان وٺي آسٽريليا تائين ۽ الجزائر کان وٺي روم تائين سفر ڪندا رهيا آهن. هاڻي وڻجارن جو سفر ايشيائي ملڪن ۾ ننڍن ننڍن فاصلن تائين محدود ٿي ويو آهي. جڏهن ته خانه بدوشن طور اهي وڻجارا سڄي دنيا ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ بنا سرحد جي پرواهه ڪندي گهمن ڦرن ٿا. ڪنهن شاعر شايد انهن لاءِ هي شعر چيو آهي !

“ ملڪِ خُدا تنگ نيست
پائي مِرا لنگ نيست ”
شروعاتي صدين ۾ وڻجارا جڏهن راجسٿان کان نڪتا هيا ته انهن جي اڪثريت وڻج واپار ڪرڻ ۽ ٻين وڏن ڪاروباري ماڻهن ۽ شاهوڪارن جي سامان کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي هئي.ان کان سواءِ انهن جو هڪ وڏو انگ ڪاريگرن، سنگ تراشن ۽ بازيگرن تي ٻڌل هو، جن پنهنجا اهي اباڻا ڌنڌا جاري رکيا.

وڻجاريون وري ڏيکاءُ ۽ نمائش ۾ ڏاڍي دلچسپي رکن ٿيون، انهيءَ ڪري انهن جا لباس آرٽ ۽ ڪرافٽ جو بهترين نمونو هوندا آهن. جتن تيز رنگن سان ٺاهيل انهن جي گهاگهرن ۽ چولين تي ڀرت، موتين، سپين، چانديءَ جي سڪن ۽ گول گول ننڍن شيشن (ٽِڪن) جو ڪم انتهائي منفرد ۽ خوبصورت هوندو آهي. صرف لباس ئي نه پر انهن جا “ شولڊر بيگ” به خانه بدوشائي ڪرافٽ جو شاهڪار هوندا آهن، انهي سان گڏ انهن جي ڪَرائيءَ جو پٽو ۽ چيلهه جو پٽو به شيشي جي ڪم سان ڀريل هوندو آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ ڏاڍو سُهڻو لڳندو آهي. وڻجارن جون عورتون لباس ۽ ٻئي هنر ۽ فن ۾ جماليات جي انتها کي ڇهنديون آهن. انهن جا چانديءَ جا زيور به صفائي ۽ ڊيزائن جي لحاظ کان خاص سونهن رکن ٿا. اهي زيور چڱا وزني به هوندا آهن پر انهن جي خوبصورتي ۽ نفاست جي وري به گواهي ڏئي سگهجي ٿي.وڻجارن جي قبيلن جو مذهب عام طور تي هندو مت ئي سمجهيو وڃي ٿو پر دنيا ۾ سفر ڪرڻ ۽ مختلف مذهبن ۽ ثقافتن وارن ماڻهن سان ملڻ ڪرڻ جي ڪري اهي مذهبي طور تي آزاد خيال هوندا آهن، انهن جي ٻولي کي عام طور تي “ وڻجارا ٻولي” چيو وڃي ٿو ۽ ان ٻولي جو قديم نالو “ گوڙ متي” ٻڌايو وڃي ٿو، انهي ٻوليءَ ۾ هندي، راجستاني، مارواڙي، پنجابي، سنڌي ۽ يورپي خانه بدوشن جي روما زبان جا لفظ شامل آهن. انهن جو معاشرو تمام محتاط آهي جنهن ڪري اهي قبيلي ( يا قوم ) کان ٻاهر شاديون نه ڪندا آهن پر هڪڙي ئي ذات برادري ۾ به رشتو ڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ ٻي ذات ۾ مائٽيون ڪن ٿا. پاڪستان ۾ وڻجارن جي انگ جو صحيح طور اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي. ان ڪري جو انهن کي هندو اقليتي برادرين ۾ شامل ڪري ڳڻيو وڃي ٿو. خانه بدوشن تي ڪم ڪندڙ اسان جي پياري دوست خورشيد قائمخاني جي بقول اقليتن ۾ اصل وڻجارن جو تعداد اَٽي ۾ لوڻ جيترو مس هوندو، انهن جي اڪثريت جپسي بڻجي سڄي دنيا ۾ رُلي رهي آهي ۽ اهي پنهنجون اباڻيون تجارتي سرگرميون ترڪ ڪري ٻين مشغُلن ۾ لڳي ويا آهن. ننڍي کنڊ تائين محدود رهڻ وارا اصلي وڻجارا هاڻي ڀارت جي علائقي بيڪانير ۽ پاڪستان جي بهاولپور ضلعي ۾ ڏٺا وڃن ٿا، جيڪي پنهنجن وڏن جيان ننڍي وڏي تجارتي سرگرمي ۾ هاڻي به مصروف آهن. خاص طور تي انهن جون عورتون ۽ ڇوڪريون منياريءَ جو سستو سامان گهرگهر وڃي کپائين ٿيون، ان ۾ چوڙيون اُنهن جو خاص آئٽم آهي، انهيءَ سان گڏوگڏ سينگار جو ٻيو سامان ۽ ڪپڙا لٽا به هوندا اٿن.مرد گلن جا هار ۽ گجرا ٺاهي شهر جي چوواٽي تي کپائين ٿا. عورتن جي مقابلي ۾ هاڻي وڻجارا مرد سست، نشئي ۽ اخلاقي بُراين ۾ مبتلا ٿي چُڪا آهن. مُون هن فيچر جي تياريءَ دوران ان ڪميونٽي جي ڪيترن ئي ماڻهن سان ڳالهايو پر اهي ماڻهو اڪثر ڪري پنهنجي تاريخ ۽ جاگرافيءَ کان اڻ ڄاڻ آهن، ان جو اصل سبب انهن جي جهالت آهي، جيئن ته اهي وڻجارا هڪ جڳهه تي نٿا رهن، انهيءَ ڪري انهن جا ٻار تعليم کان محروم رهن ٿا. انهيءَ کوٽ کي اهي ماڻهو پنهنجي مشاهدي جي زبردست قوت سان ڪنهن حد تائين پورو ڪن ٿا. انهن جي برادري ۾ کوڙ بزرگ پنهنجي تاريخ“ سينه گزيٽ” طور اڳتي وڌائن ٿا. اسان کي هڪ اهڙي وڻجاريءَ سان ملايو ويو، جنهن جو نالو مسلمانن وارو هيو، يعني راڻي ! پر اها راڻي پئدائشي طور تي ڪاڻي هئي. ان جي برادري جا جوان ڇوڪرا ان سان ڀوڳ چرچا ڪري رهيا هيا، اسان سان ملڻ مهل به اها کِل ڀوڳ جاري هئي ۽ راڻي سڀني کي اهڙو ٿي جواب ڏنو جو اهي وڌيڪ ڳالهائڻ جي بجاءَ کِل ۾ اونڌا ٿي هڪٻئي کي تاڙا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي هڪ نوخيز وڻجاري شانيءَ منهنجي ڪُلهي تي ڪراٽي واري اسٽائل ۾ هٿ جي تِري هڻي چيو.

“ سيٺ ! اها راڻي جيڪا آهي نه.، ، ، اها جوانيءَ ۾ سو روپيا وٺي پنهنجي هڪ اک ڏيکاريندي هئي” “ اڇا !!”، مان ان جي ڳالهه کي انجواءِ ڪندي حيراني ڏيکاري .“ ٿاري مان هجار روپيا لي ڪي ڪيا دِکاوي ٿي ؟”

راڻي جوابي وار ڪيو ته شانيءَ سميت سڀ کلڻ لڳا. گٽڪو کائڻ واري هن نسل جا ڪِناڪارا ڏند ۽ هوڙون ڏيکارجڻ لڳيون ۽ ماحول ۾ به گٽڪي جي مِٺي ۽ تيز ڌپ پکڙجي وئي.

راڻي لاءِ ٻڌايو ويو هو ته هوءَ “ بزرگ وڻجاري” آهي ۽ پنهنجي “ قوم” جي تاريخ کيس زباني ياد آهي. اسان جي ملاقات جو مقصد راڻيءَ کان تفصيل وٺڻ هيو پر جيڪو ماحول هيو، ان ۾ اهو ڪم مشڪل ٿي لڳو. بهرحال پوءِ به پڇڻو ته هيو . . . ان ڪري پڇيو مانس “ راڻي ! اهو ٻڌاءِ ته وڻجارا ڪڏهن کان ڦيريءَ وارو ڪم ڪن ٿا ؟”

“ اسان راجپوت سردار هون، راجسٿان، جيسلمير ۽ جوڌپور کان وٺي وهاولپور (بهاولپور) تائين اسان جي راڄ ڌاني هُئي،جڏهن راجپوت سردارن جي بادشاهي ختم ٿي وئي ته “ افغاني دشمنن” اسان جي وڏن کي چيو ته توهان هاڻ اسان جا ڀنگي بڻجي وڃو يا ڌوٻي ٿيو ۽ جوتا به صاف ڪريو” اسان جي وڏن چيو ته “ نه ! اسان کان اهي ڪِنا ڪم نه ٿيندا، اسان يڌُ (جنگ ) هارائي ويا آهيون پر اسان کان جِلت ( ذلت) وارا ڪم نه ٿيندا، اهي پنهنجا محلات ۽ مال دولت ڇڏي هٿ لوڏيندا نڪري آيا ، انهن جا شڪاري ڪتا انهن جي پويان لڳي پيا، ڍور جانور جيڪي انهن ڪتن جي رکواليءَ ۾ هوندا هئا، اُهي به پويان هلي پيا، اهڙي ريت اسان راجپوت وڻجارا بڻجي ويا سين.

“ ان لفظ وڻجاري جو مطلب ڇا آهي ؟”

“ وڻ معنيٰ جهنگ جيڪو اسان چوندا آهيون وڻ جارا، مطلب او ڙي ڀاءُ ! تون وڻ ڏي نڪري وڃ، ، ، مطلب تون وڻجارو ٿيءُ ۽ جهنگل ۽ وستي وستي ڀٽڪندو رهي. هونئن سيٺ ! سِنڌي ٻولي ۾ وڻجاري کي واپاري چوندا آهن نه ؟”هن منهنجي سنڌي هجڻ جي تصديق ٿيڻ تي مون کان پڇيو، مان هن جي تائيد ڪندي ٻڌايو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ به وڻجارن جون ڳالهيون تمام سُٺي ريت ڪيون آهن، خاص طور تي وڻجاري جي زال جا تاثرات بيان ڪندي ڪمال ڪيو آهي، جيڪا پنهنجي مُڙس جي سفر کان اچڻ ۽ ٿورا ڏينهن ٽڪڻ کانپوءِ وري واپس ٿيڻ تي سَس کي طعنو هڻي ٿي ته تو پنهنجي پُٽ کي اهو ڇا سيکاريو آهي جو هو پنهنجي زال وٽ ترسي ئي نه ٿو.

“وڻجاري جي ماءُ ! وڻجارو نه پلئين
آيو ٻارهين ماهه، پُڻ ٿو سفر سنجهي”
هڪ ٻي جاءِ تي شاهه صاحب فرمائي ٿو.
“ اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون
روئان، رهن نه سُپرين، آيل ! ڪريان ڪيئن ؟
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري !”
اڄ وري وڻجارا وڃڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا، اي امان ! مان ڇا ڪيان جو منهنجي روئڻ تڙپڻ تي به هوءَ مون وٽ نٿو ترسي. مون کي سمنڊ ڪناري تي اڌ دفن ڪري هو سفر تي هليو ويو آهي.)

چيئن چاڙهڻ معنيٰ لاعلاج بيماريءَ ۾ مُبتلا مريض کي ڳاٽي تائين هڪ مخصوص وقت تائين سامونڊي واريءَ ۾ دفن ڪرڻ کي چيو ويندو آهي. ان مخصوص وقت جو تعين حڪيم يا حاذق ڪندا آهن، ڇو جو خطرو اهو هوندو آهي ته اگر ماڻهوءَ کي گهڻي دير واريءَ ۾ وڌل رکيو ويو ته اُهو مري ويندو.

مٿئين بيت ۾ شاهه سائينءَ نازڪ خياليءَ جو ڪمال ڏيکاريندي وڻجاري جي زال کان چَوَرايو آهي ته منهنجو سڄڻ مونکي ڳاٽي تائين واريءَ ۾ دٻائي پاڻ سامونڊي سفر تي هليو ويو آهي، انهيءَ اهو خيال به نه ڪيو ته مون کي هتان ڪڍي پوءِ وڃي ها، هاڻي مان ڇا ڪيان ؟،

سنڌي ۾ وڻجاري لفظ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو وڻج مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب واپار ڪرڻ آهي، يعني وڻجارا مطلب اهي واپاري ماڻهو، جيڪي ڪنهن پري جي علائقي مان سامان کڻي مڪاني طور تي کپائڻ ٿا. هنديءَ ۾ “ بنجارا” لفظ جو اشتقاق هيئن ڪيو وڃي ٿو:

بن= صحرا، ويرانو ( يا وڻ، جهنگ )جارا، متحرڪ، جيڪو حرڪت ۾ هجي.)

مطلب ته ويرانن ۾ بيابانن ۾ رلندڙ ماڻهو اهو سنسڪرت جي لفظ “ وانا چارا ” مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب جهنگ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان ڀٽڪندڙ جن کي (Forest Wanderers) چيو وڃي ٿو. شروع ۾ اهي ماڻهو جهنگ مان ڪاٺيون ۽ ٻيون قدرتي شيون گڏ ڪري آبادي ۾ اچي کپائيندا هئا، پر هاڻي اهي شهرن ۽ آبادين ٻاهران عارضي ڍاٻو ڪري ڪجهه عرصو کل خوشيءَ سان گهاري وري پنهنجي بيچين روح کي ٿائينڪو ڪرڻ لاءِ پاڻ اڻ ٿائينڪا ٿي رلڻ پنڻ نڪري وڃن ٿا ۽ سندن اهو سفر صدين کان جاري آهي، ڪير ڄاڻي ته ڪيتريون صدايون اڃا جاري رهندو ؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو