Home / افيئر / يادن جا ورق جديد سنڌ جي تاريخ
above article banner

يادن جا ورق جديد سنڌ جي تاريخ

دادو جو سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ صحافتي تاريخ ۾ پنهنجو رتبو آهي. هن ڌرتيءَ ڪيترن ئي دودن کي جنم ڏنو آهي، مخدوم بلاول کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين ۽ استاد بخاري ، تاج صحرائي کان وٺي سائين علي احمدقريشيءَ تائين هر ڪنهن ميدان ۾ پاڻ موکيو آهي. هن بزرگ شخص سان منهنجي ملاقات ان وقت ٿي هئي جڏهن آءٌ ڪراچي کان جڏهن به دادو ويندو هئس ته شوڪت سنڌي صاحب سان سندس مٺائي جي دڪان تي وڃي ملبو هو، پوءِ ٻه ٽي ڀيرا شوڪت صاحب جي مهربانيءَ سان قريشي صاحب سان سندس آفيس ۾ ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون. نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو شخص، مونکي اڄ به چند اهڙن ماڻهن مان لڳندو آهي جن سان ملي اتساهه ۽ اميد پيدا ٿيندي آهي.

ڪو ماڻهو پنهنجي جيئري پنهنجي آٽو بايو گرافي لکي وڃي ۽ اها سندس زندگي ۾ ڇپجي به وڃي ته ان کان ڀلوڙ ڪم ڀلا ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. نه ته اسان وٽ ته ٽوٽي ۽ اَٽي تي چٽي ماڻهن جي ڪا کوٽ ناهي. وسيلا هوندي به چارئي پهر پيا کونگهرا هڻندا يا وري ڪنهن ٻئي شوق شڪار جي پٺيان هوندا، باقي عملي ڪم، ريسرچ يا معاشري لاءِ ڪا مثبت سوچ پئدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙڻ ڄڻ ته سندن ڊڪشنريءَ ۾ ئي نه هوندو آهي. اهڙي دور ۾ علي احمد قريشي صاحب پنهنجي زندگي جون يادگيريون، اوڀاريون لهواريون، سماجي لاڳاپن، سياسي جهدوجهد بابت قلم کڻي حقيقت ۾ نهايت لاڀائتو ڪم ڪيو آهي.

 

منهنجي سامهون ڪتاب “ يادن جاورق” پيو آهي، نهايت خوبصورت سٽاءُ ۽ ڇپائي سان آندل هن ڪتاب پٺيان عملي پورهيو علي احمد قريشي صاحب جي لائق فرزند پروفيسر اعجاز قريشي جو آهي، جيڪو پاڻ به سنڌ جي علمي ميدان ۾ ورهين کان جاکوڙيندو اچي.

علي احمد قريشي صاحب جيئن ته هاري تحريڪ ۾ شروع کان سرگرم رهيو،هارين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيائين جيتوڻيڪ پاڻ خوشحال آبادگار آهي پر سندس هارين سان اڄ به روش مثبت آهي، نه ته زميندار هارين کي جيڪي ڏنڀ ڏين ٿا اهي ڪنهن کان لڪل ناهن.سڀ کان پهرين ليکڪ جي ارپنا جس ٿي لهڻي جيڪا هن ريت آهي:“ آءُ پنهنجو قلمي پورهيو ارپيان ٿو، سنڌ جي ٻن سرموڙ سياسي اڳواڻن سائين جي ايم سيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي، سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ ۾ جديد قومپرستي جا مضبوط بنياد وڌا ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي جنهن سنڌ جي هارين ۾ حقن لاءِ هلچل پئدا ڪئي ۽ کين بٽئي ۾ اڌو اڌ جو حصيدار بڻايو” سچي ڳالهه اها آهي ته اها ارپنا ئي هن ڪتاب جي تشريح ۽ مغز آهي ته لکاري ڪهڙن بزرگن جي ڇپر ڇانو ۾ زندگي گذاري ۽ سياسي تربيت ورتي.

علي احمد قريشي جي آتم ڪٿا دراصل جدي سنڌ جي تاريخ آهي، سنڌ جي سياسي تاريخ توڙي سياسي اڳواڻن جي ڪيترن ئي لاهن چاڙهن جو مفصل ذڪر ڪيو ويو آهي، ذاتي زندگي جا به ڪافي احوال اوريل آهن. 92 ورهين جي عمر ۾ به ذهني طور چست هن شخص ڪمال جا مشاهدا بيان ڪيا آهن، جيڪي پڙهڻ سان گهڻو ڪجهه پرائي سگهجي ٿو. جيئن هن سن شهر بابت دلچسپ حقيقتون بيان ڪيون آهن، حالانڪه سن جي سڃاڻپ اڄوڪي نوجوان نسل وٽ سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي پر پراڻي دور ۾ سن شهر ڪيئن هو ؟ ان بابت هو لکي ٿو ته “ سن شهر ۾ پليجن جو محلو آهي، راڌڻ پليجو مشهور ماڻهو هو، شهر ۾ سٺيون گهوڙي گاڏيون هيون ۽ هڪ وڪٽوريا به هئي. عبدالمالڪ جو امبلڪ گهوڙو مشهور هو. شهر ۾ ٻه بازاريون هيون” معنيٰ ته سن شهر پراڻي زماني ۾ به عروج تي هو.

ڪراچي بابت دلچسپ احوال اوريندي ليکڪ لکي ٿو ته : “ ڪراچي کي ٺاهڻ ۾ مسٽر جمشيد نسروانجي ۽ راءِ بهادر هرچند راءِ وشنداس جو وڏو هٿ هو. مسٽر جمشيد هڪ تمام سٺو سماجي ورڪر هو ۽ راءِ بهادر بئريسٽر هو.” يادن جا ورق ۾ سڀ کان اهم موضوع “ورهاڱو، جيئن مون ڏٺو” آهي جنهن ۾ ورهاڱي وقت سنڌ جو سڀ ڪجهه ڪيئن پناهگيرن کي تين وال ڪيو ويو، ان جو ليکڪ اکين ڏٺو مشاهدو ڪجهه هن ريت بيان ڪري ٿو.“ ورهاڱي وقت سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ ٻاهران انهن ماڻهن کي هندن جون ڇڏيل جايون، دڪان، آفيسون، هوٽلون سڀ ڏنيون ٿي ويون، ايندڙن مان ڪجهه غريب ضرور هئا پر سڀني پنهنجي ملڪيتن جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ پيش ڪري پراپرٽيون حاصل ڪيون. انهي ڪم لاءِ حڪومت پاڪستان ملڪي سطح تي اويڪيو پراپرٽي لاءِ هڪ کاتو ٺاهيو جنهن جو ڪم هيو هندن جي ڇڏيل ملڪيت هندستان مان ايندڙ مسلمانن حوالي ڪئي وڃي ۽ اهو ڪم اويڪيو وارن شَدمَد سان ڪيو”

تاريخ جا ڪيترا ڪڙا سچ نه ته ڳهي سگهجن ٿا ۽ نه وري ٿوڪاري سگهجن ٿا.اهڙو هڪ ڪڙو سچ 1948ع جو آهي جڏهن سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪري پاڪستان جي راڄڌاني ٺاهيو ويو، ان وقت سنڌ جو وزير اعليٰ ايوب کهڙو هو جنهن ان جي سنڌ اسيمبلي جي فورم تان مخالفت ڪئي ليڪن قومي اسيمبلي ان جي حق ۾ ٺهراءُ بحال ڪري ڇڏيو، ايئن ڪراچي کي زبردستي مرڪز حوالي ٿيڻو پيو. ايوب کهڙي کي مخالفت سبب وڏ وزارت وڃائڻي پئي ليڪن سندس ئي ڪابينا ۾ وزير رهندڙ هڪ ڪردار ان سنڌ مخالف رٿاتي عمل کي ڪيئن يقيني بڻايو ؟ اچو ته سائين علي احمد قريشي جي اکرن ۾ پڙهون. “ دادو جي هڪ نامور خاندان جي فرد جناب پير الاهي بخش کي انهي شرط تي آڇ ٿي ته هو ڪراچي جي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي حق ۾ اهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائيندو ته کيس سنڌ جي وزارت اعليٰ ڏني ويندي، جنهن تي پير صاحب بنا دير جي ها ڪئي ۽ يارنهن مهينن تائين وزارت اعليٰ جو منصب ماڻيو”

تاريخ جو به عجيب لقاءُ آهي اڄ وري سنڌ اهڙي هنڌ تي بيٺي آهي جڏهن تڪراري مڪاني نظام کي قانون جي شڪل ڏئي سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائيندڙ سنڌي ميمبر وزير ۽ مشير بڻيل آهن، جڏهن ته ان جا مخالف وزارتن کي ٿڏي عوام سان گڏ بيٺل آهن. ايئن هن ڪتاب ۾ اويڪيو پراپرٽي ايڪٽ سنڌ جي تاريخ جو ڪارو باب، سائين جي ايم سيد، هاري هلچل، تاج صحرائي بابت نهايت پرمغز مضمون شامل آهن.

سياست ۽ سماجيات کانسواءِ اک ٽيٽ وارو موضوع به هن ڪتاب ۾ شامل آهي، ڇو ته اهو وڻ ئي ناهي جنهن کي لوڏو نه آيو هجي. سو سائين علي احمد قريشي پنهنجي ڪاليجي زندگيءَ ۾ اک ٽيٽ ۽ عشق جي تند اٽڪڻ کي هيئن ٿو قلمبند ڪري: “ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ هندو ۽ مسلمان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هئا. مسلمان ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد ٻيڻو هوندو هو. ڪي هندو ڇوڪريون تمام سحڻيون هونديون هيون، مونکي ٻه ڇوڪريون وڻنديون هيون هڪ هئي ليلا ميرچنداڻي ۽ ٻي هئي ڪرملا ڪرپلاڻي”. ليکڪ انهن ڇوڪرين جي الائي ڪيڏانهن هلئي تي جيڪو ارمان ظاهر ڪيو آهي، اهو ڪتاب پڙهڻ سان ئي پتو پئجي سگهي ٿو. نهايت سادي سلوئي ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ لکيل هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ قطعي طور عالم ۽ فاضل هجڻ لازمي ناهي. هڪ عام پڙهيل لکيل ماڻهو به هي ڪتاب پڙهي تاريخي حقيقتون سولائي سان سمجهي سگهي ٿو. ان ڪري پڙهڻ جو شوق رکندڙ دوستن کي هي ڪتاب هڪ ڀيرو ضرور پڙهڻ، سندن محنت تر جيتري به ضايع نه ٿيندي.

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو