Home / افيئر / ياڪوف جي ڪٿا
above article banner

ياڪوف جي ڪٿا

اَن بيئربل لائٽنيس آف بينگ جو ڇهون فصل “ گرانڊ مارچ” ميلان ڪنڊيرا پاران ڪِچ (kitsch) جي تشريح، اسٽالن جي پٽ ياڪوف جي آتم هتيا، ڪنڊيرا چواڻي ته 1980ع تائين ان واقعي جا تفصيل ڪنهن کي معلوم نه هئا، تان جو هڪ اخبار تن مٿان پردو کنيو. چڱو ٿيندو ته ان وارتا کي سندس ئي لفظن ۾ پڙهجي- ٻي مهاڀاري جنگ هلندي، جرمن فوج هٿان قابو ٿيڻ بعد هن کي، انگريز ويڙهاڪ آفيسرن سان گڏ ڪئمپ ۾ واڙيو ويو. سڀ ساڳيو ئي ڪاڪوس استعمال ڪندا هئا. اسٽالن جو فرزند عادت موجب پنهنجو فضلو صاف نه ڪندي، بدبودار مواد کليو ڇڏي موٽندو هئو. انگريز آفيسرن کي اها ڳالهه نه وڻي، کڻي جو پاڻ دنيا جي سڀ کان طاقتور شخص جو تُخم هئو. کيس روڪيائون نوجوان کي ڪاوڙ لڳي. ٻيهر، ٽيهر منع ڪيائونس. زور ڀريائونس ته پنهنجو ڪيل گند صاف ڪري موٽي. ڪين مڙيو ۽ مورڳو وڙهڻ ٿي آين. نيٺ ياڪوف گُهر ڪئي ته ڪئمپ ڪمانڊر فيصلو ڪري، مغرور جرمن ڪاڪوس جي معاملي تي ڳالهائڻ ۾ گهٽتائي ڀانئي ۽ جواب ڏنائين، اسٽالن جو پٽ اها ذلت برداشت نه ڪري سگهيو، روسي ٻوليءَ ۾ جَلان فَلان بَڪندو، ڪئمپ جي چوڌاري بجليءَ جي ڪرنٽ ڀريل ڪنڊيدار لوهي ديوار ڏانهن ڊوڙيو. تنهن سان ٽڪرايو ۽ پُورو ٿي ويو.

ڪنڊيرا جي راءِ ۾، ڪاڪوس صاف ڪرڻ واري مطالبي تي، ياڪوف وجود جي نه برداشت جوڳي هلڪائي جو شڪار ٿيو. خودڪشي اِنَ ڪيس ۾ ڪچِ جو ڏيک هئو، ناول ۾ ئي پاڻ kitsch کي ڪاڪوس کان قطعي انڪار واري وصف ڏئي ٿو. طبقاتي تضاد کي پاسيرو رکجي ۽ پڻ منصف جا ڪميونسٽ مخالف خيال خاطر ۾ نه آڻجن ته مٿيون محاورو گهري ويچار لائق پَسبو. قيد ۽ بي وسيءَ واري حالت ۾ فقط جيئري رهڻ ڪاڻ جتن اوهان ٻُڌا، پڙهيا ۽ ڏٺا هوندا. جوزف اسٽالن جي محل ۾ پليل ڳڀرو فضلو پاسي ڪرڻ جي مطالبي تي موت کي ڀاڪر پائڻ لاءِ تيار ٿي وڃي،اچرج وٺي ٿو. ڄاڻيندي به ته ڪاڪوس نه ڌوئڻ جي صورت ۾ سندس وجود ضربجي سگهي ٿو، ياڪوف بنهه پنهنجي هُوند کي ئي ميسارڻ پٺيان لڳي، عجب آهي. ميلان ڪنڊيرا جي خيال ۾ نوجوان جو انڪار کيس هستيءَ جي نه سهپ جوڳي ساڻائيءَ کان ٻاهر ڪڍي اچي ٿو. نتيجو ۽ انجام پوءِ جا مامرا آهن.

 

راويءَ جي ٿورڙي مطالعي ۾ ڪِچ رواجي وصف آهي، فن جي دنيا ۾ ڪنهن به شاندار تخليق جو بي جان نقل، ڪن صورتن ۾ هڪ کان وڌيڪ ۽ گهڻا، اڃا گهڻا ڊُپليڪيٽ، موهن جي دڙي جي مها پروهت جي مورتيءَ جو مثال، ڪُلهي ڀڳل اِن همراهه جون ساڳئي نموني سوين، هزارين مورتيون ماڻهن وٽ آهن، جنهن فنڪار کيس چار هزار سال پهريائين جوڙيو،تراشيو سو به شايد هاڻ ڀيٽ نه ڪري سگهي. ڄاڻ نه پوندس ته اصل ڪٿي آهي ۽ نقل ڪهڙي جاءِ. موناليزا جي تصوير لاءِ به اهي ئي لفظ. ڪاريگر ويٺا آهن جي هوبَهُو بلڪ تنهن طرح ئي پئنٽ ڪري ويندا جيئن ڊاونچيءَ، مائي جي مُرڪ کي چٽي پيش ڪيو. ساڳيو مَتو ڪپڙي لٽي، ڪمپيوٽر ۽ عام واهپي جي ٻين شين تي لاڳو ڪجي ته ڪِچ سمجهه ۾ اچي ويندي. زندگيون پڻ نقل ٿين ٿيون. مذهب ۾ Kistch ته اڃا سرس نظر ايندي، ڌرم جي حساب سان پوتر اهڃاڻن جي پيروي فرض جي حد تائين ڳڻائي وڃي ٿي. تقليد به ته ڪِچ کان ٻاهر جي بات ناهي. محاوري جي پهرين تشريح صدين جو مامرو آهي. پوئين سئو ورهين دوران هڪ ٻيو پاسو سامهون آيو آهي. مضمون جي فلسفياڻي مطلب ڏانهن ماڻهن جو ڌيان ويو.

رواج، نقل جوئي طرف آهي. منطق جي نفيءَ واري انداز سان ڏسبو ته اڳ بيان ڪيل تشريح جو تسلسل ملندو. تقليد، پوئواري کان نابري ڪِچ جي اڄوڪي ۽ ڏاهپ ڀري وصف آهي. گُڻُ اهو ته رسمي انداز سان شين ۽ حياتي کي قبولڻ کان نهڪار ڪَبِي. جواب ڏبو ته قائدي مطابق هلڻ معنيٰ وجود جي ڦوڳ تان دستبردار ٿي، هستيءَ جي نه سهپ جوڳي هلڪائيءَ جو شڪار ٿيڻ هوندو، آسپاس لوڪ ڏيکاءَ ۽ نقاليءَ جي حياتي گهارڻ ۾ مشغول گڏبو. ڪِچ سان ميل کائيندڙ روش ۽ لقائن ۾ خوشي ڳولهيندي نظر ايندو. ڪوڙ، ڪوڙ، ڪوڙ. هرپَاسي هٿرادو، بي جان ۽ ڏيکاءَ خاطر گهڙيل مول ۽ متا راڄ ڪندي ڀائنبا. ڪنڊيرا جي ويچار ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري جيئرو رهڻ واري حالت تي چٿر ڪِچ آهي. اها ان عنوان جي ادبي ۽ فلسفياڻي وضاحت آهي. جياپي جون طرحون اوهان کي گهاڻي جو ڏاند ڪري هلائين. چُون چَران ئي نه ڪريو. هڪ گهڙيءَ ضرور توهان کي پنهنجي هُوند جي نه برداشت جوڳي ساڻائي بيزار ڪندي. بنهه ڪنهن معمولي ۽ شايد ڪاڪوس جهڙي ڳالهه تي چڙي پوندا. ڪروڌ ڏيکاريندا، انڪار ڪندا ۽ زندگي به دان ڪري ڇڏيندا.

اسٽالن جي پُٽ ياڪوف جي ڪٿا کي وري وري پڙهڻ جي گهرج آهي، برابر محل ۾ پليل ٻار لئٽرين صاف ڪرڻ جي هَيرَ کان وانجهو هوندو آهي. نازن سان جوان ڪيل انسان ڪانئر به هوندو آهي. مَهل اچڻ تي جيئدان سندس ترجيح هئڻ کپي. هئڻ ته ايئن گهرجي ها جو ياڪوف ڪاڪوس ڌوئڻ واري معاملي کي بنا ڪنهن ٻُڙڪ جي قبول ڪري، عادت مٽائي جيئرو رهڻ ۾ عافيت ڄاڻي ها. ايتري ڳالهه آتم هتيا تائين نه وڃي ها. ٿيو ٻي طرح. ڪنڊيرا موجب هُن وجود جي بُڇان لائق روپ کان انڪار ڪيو. سندس هُوند جو احساس ڏياريندي، بجلي ڊوڙندڙ لوهي ڪنڊيدار ديوار سان وڃي پاڻ ٽڪرايائين. صورتحال کي فقط امير ٻار جي هَٺ ۽ هوڏ جي پسمنظر ۾ نه نهارجي.

ڪِچ، وجود جي هُوند ۽ اڻهوند وچ ۾ لڪير آهي. رسمون، رواج يا اسٽيٽس ڪو فرد کي ڳڙڪائڻ لاءِ وڏي ڌٻڻ آهن. ميلان ڪنڊيرا، ڪاميو جي لفظن کي پنهنجي انداز ۾ بيان ڪري ٿو. غور سان ڏسبو ته ڪِچ “ بس هاڻي وڌيڪ نه ” جو ٻيو مُهانڊو آهي، ياڪوف فلسفي نه هئو، سندس اندر ۾ البت اهائي ڪيفيت هئي. بغاوت عظيم جذبو آهي. مختلف ليکڪ ان بابت نئين سرنئين انداز ۾ لکندا ٿا اچن.ڪنڊيرا جي قلم ۾ سگهه آهي. وٽس ڳالهه چوڻ جو به نرالو ڍنگ آهي. ڪِچ، هرحال ۾، بغاءَ جي ڪوٺ آهي. فيصلو پڙهندڙکي ڪرڻو آهي. وڻيس ته وجود جي نه سهڻ جوڳي هلڪائپ ۾ ئي پورو ٿي وڃي. چاهي ته ان حالت مان ڪنڌ مٿي کڻي هُوند جي پَڪَ ڏياري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو