Home / افيئر / ٻٺو مڪاني نظام، سنڌ سان سينازوري
above article banner

ٻٺو مڪاني نظام، سنڌ سان سينازوري

پڙهيل لکيل ۽ يادگيريءَ  جي پڪن ماڻهن کي خبر هوندي ته جڏهن ايوب خان ون يونٽ ٺاهيو هو ته انجي حمايت ۾ جلسا ڪونه ڪيا هئا، نه ڀٽي صاحب تونسا ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنالن يا 1974 جي اين ايف سي ايوارڊ جي حمايت ۾، نه ضياءُ الحق مارشل لا جي حمايت ۾ ۽ نه وري بي نظير صاحبه 1988ع واري دؤر ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم يا 400 بهارين سان ڀريل جهاز گهرائڻ جي حمايت ۾ ڪو اهڙي قسم جو عمل ڪيو هو، انجي ابتڙ سنڌي ماڻهن جي احتجاج جو احترام ڪندي اهي ٻئي منصوبا رد ڪري ڇڏيا هئا. البته ان وقت به قائم علي شاهه چيو هو ته ”400 بهارين جي اچڻ سان فرق نه پوندو“. چوڻ جو مقصد ته غلط ڪم جي تشريح يا وڪالت اهو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو يا ته ذهني طور مفلوج قرار ڏنل هجي يا ايوب، ضياءُ  ۽ مشرف کان وڌيڪ اک جو پڪو هجي.  انڪري پ پ پ جي موجوده قيادت جيڪو حيدرآباد ۾ جلسو ڪيو ان ۾ اڌ کان وڌيڪ ته سرڪاري ملازم هيا. ڀلا جيڪڏهن ان کي جيالن جو سڏجي تڏهن به ڪيڏي نه ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته جيالن کي ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪم لاءِ استعمال ٿو ڪيو وڃي.

ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 سنڌ حڪومت جا ڪجهه اختيار مختلف لوڪل گورنمينٽس کي ڏنا ويا آهن، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ته سنڌ حڪومت ڪجهه وڃايو آهي ۽ مڪاني ادارن ڪجهه حاصل ڪيو آهي، ٻين لفظن ۾ ته حڪومت/ پيپلز پارٽي وڃايو ۽ سندس اتحادي ڌر ڪجهه حاصل ڪيو آهي. هنن ته شيڊيول 1 جي پارٽD (L ۽M) مطابق ميوزيم، آرٽ گيلريز، تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز ۽ ماڳ مڪان به مڪاني حڪومتن حوالي ڪيا آهن ، مقصد اهو ٿيو ته يا ته سنڌ حڪومت جي پڙهيل وزيرن جو سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان ڪوبه تعلق يا دلچسپي نه آهي يا اهي پاڻ کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت بشمول اجرڪ ۽ ٽوپي جي حفاظت ڪرڻ جي لائق نه ٿا سمجهن. جنهن ڪري انهيءَ عظيم ورثي جي حفاظت هاڻي هڪ لساني ڌر جا ميئر ڪندا. پڙهيل وزيرن اهو به نه سوچيو ته شهري بابو اسان جا  ماڳ مڪان ڇو ٿا گُهرن؟ ڇا اهي ڪلهوڙن ، ميرن ۽ چوکنڊيءَ جي مقامن جا مُجاور ٿا ٿيڻ چاهين؟ يا ڪٿي ائين ته ناهي ته اهي ڪراچي ۽ حيدرآباد مان سنڌين جو نالو نشان مٽائي انهن جڳهن تي پلازائون ٿا ٺاهڻ گُهرن، جڏهن اهي بغير اختيارن جي حيدرآباد جي ڪچي ۽ پڪي قلعي تي قبضو ڪري سگهن ٿا ته پوءِ قانوني اختيار ملڻ کان پوءِ ڇا ڪندا؟!  بلڪه بنا سوچ سمجهه جي غلط ڪم جي وڪالت ڪندي چوري ۽ سينا زوريءَ وارو ڪم ڪري رهيا آهن.

هڪ صوبائي وزير ته پاڻ کي چنيسر سومري جو حقيقي وارث ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ڌارين جي خوشامد ڪندي پنهنجن جي ڳالهه ٻُڌڻ بجاءِ اهي پڙهيل وزير  صاحب فرمائين ٿا ته:

(1) نئين بلدياتي نظام جا مخالف آمرن جا ساٿاري رهيا آهن.

(2) انهن کي هن نظام کي سمجهڻ لاءِ پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ گهرجي.

(3) جيئن ته هو ڪائونسلر جي سيٽ به نه ٿا کٽي سگهن، ان ڪري انهن کي اهو حق نه ٿو پهچي ته سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪن.

(4) قوم پرست نه ڳالهائين ڇو ته انهن ڪالاباغ ڊيم جي حامي نواز شريف سان ٺاهه ڪيو آهي.

(5) هي ڪنهن به طرح ٻٽو نظام ڪونهي، جيڪي پاور ميئرن کي آهن اهي ئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن جي چيئرمينن کي آهن۽ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2012 جا مخالف اليڪشن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ قوم کي گمراهه ڪري رهيا آهن.

(6) قوم پرست گهرو ويڙهه ڪرائڻ ٿا چاهين.

(7) سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع ۾ به ڪراچي کي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن بڻايو ويو هو.

(8) جي.ايم سيد، ضياءُ الحق کان گلدستا ورتا، ان ڪري ان جا پوئلڳ آرڊيننس جي مخالفت نه ڪن، بلڪه سنڌ کي سندن رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏين.

(1) جيڪڏهن آمرن جي ساٿاري هجڻ جو ذڪر ڪبو ته پوءِ ايوب خان جو به ذڪرايندو، جنهن سان گڏ ڪير رهيو اها سڀني کي خبر آهي.ضياءُ الحق کي دادو مورو پل جي افتتاح جي موقعي تي اجرڪ پارائڻ وارن جو به ذڪر ڪرڻو پوندو نه صرف ايترو پر ڀٽي صاحب خلاف تحريڪ هلائيندڙ ۽ کيس ضياءُ الحق جي دور ۾ مليل ڦاسيءَ تي خوشيءَ مان مٺائي ورهائيندڙ تحريڪ استقلال جي صوبائي صدر ۽ خان بهادر محمد ايوب کهڙي جي ڀائٽي نثار احمد کهڙي جو ذڪر به ايندو، ڀلا جيڪڏهن انهن جو اشارو مشرف جي مڪاني نظام تحت چونڊ وڙهندڙن ڏانهن آهي ته پوءِ محترمه فريال ٽالپر جي ضلعي ناظمه نوابشاهه  ۽ محترمه نفيسه شاهه جي ضلعي ناظمه  خيرپور بڻجڻ جو ذڪر پڻ ايندو. اتي وري چون ٿا ته اهو مجبوريءَ کان ڪيوسين، ائين نه ڪيون ها ته انهن ادارن تي مخالف چونڊجي وڃن ها.

(2) جيڪڏهن آرڊيننس کي سمجهڻ لاءِ پي.ايڇ.ڊي ڪرڻ لازمي آهي ته پوءِ اهو ٻڌائڻو پوندو ته قائم علي شاهه، نثار احمد کهڙو، پير مظهرالحق، آغا سراج دراني، اياز سومرو،  مراد علي شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ مان ڪهڙو پي.ايڇ.ڊي آهي جو هڪ لساني ڌر طرفان ٺاهيل اهو آرڊيننس منظور ڪرايائون ۽ وڏي اک جي پڪائيءَ سان ان جي وڪالت ڪري رهيا آهن؟ ته اهو آرڊيننس ايڏو ڏکيو آهي ته پوءِ اهو عوام لاءِ ته نه ٿيو، صرف پي.ايڇ.ڊي پاس ماڻهن لاءِ ٿيو ته پوءِ ان جو نالو به “سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس“ بجاءِ ”سنڌ ڊاڪٽرس لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس” هجڻ کپي ها.

(3) باقي جيتري قدر قومپرستن جي نه کٽڻ جو سوال آهي ته ان ۾ ڪهڙو منطق آهي ته اڻ چونڊيل ماڻهو جن ۾ وڏا وڏا اديب، عالم، ڏاها ۽ انهن پڙهيل وزيرن جا استاد به شامل آهن سي ووٽ نه ملڻ ڪري سنڌ جي ڳالهه نه ڪن؟! اهو ڏوهه نه پر ”فخر جي ڳالهه آهي ”ته اها ڀلا جيڪڏهن قومپرست ايڏا خراب آهن ته حڪومت ملڻ کان اڳ سيد قائم علي شاهه ۽ ميان نثار احمد کهڙي هنن سان گڏ تحريڪون ڇو هلايون؟ ڀلا جي انهن جي ڳالهه نه ٿا ٻڌو ته پوءِ فنڪشنل ليگ ۽ ٻين اڳوڻن اتحادين جي چونڊيل ميمبرن جي ته ٻڌو، جي انهن جي به نه ٿا ٻڌو ته پنهنجن انهن ميمبرن جي ته ٻڌو جيڪي اجلاس مان غير حاضر رهيا. دراصل اهي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ واريون ڳالهيون آهن، حقيقت اها آهي ته جڏهن ڪنهن به شيءِ تي مشڪل وقت ايندو آهي ته ڏک ان کي ٿيندو آهي جيڪو ان سان پيار ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن حضرت عليعه هڪ ٻار جي ٻن دعويدار عورت درميان فيصلو ڪندي ٻار کي ٻه اڌ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته ان ٻار جي حقيقي ماءُ کان رڙ نڪري وئي ۽ ان عرض ڪيو ته مولا ان کي زنده رهڻ ڏيو ڀلي منهنجي مخالف عورت ئي کڻي وڃي، جڏهن ته ڪوڙي دعويدار عورت خاموش رهي، اهو ڏسي مولا فرمايو ته اهو ٻار ان عورت جو آهي جنهن کي ”ان جي ٻه اڌ ٿيڻ جي ڳالهه تي صدمو رسيو ۽ جيڪا عورت خاموش رهي اها ڪوڙي آهي“.


هڪ وزير صاحب ته اهو چيو ته ضلعي حڪومت جو تصور محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 1988ع ۾ ڏنو هيو، پر اهو صاحب اهو نه ٿو ٻڌائي ته بينظير صاحبه ان معاملي تي عملي قدم ڇو نه کنيو؟ ۽ ان پنهنجي پارٽي منشور ۾ مشرف جي نظام کي ختم ڪرڻ ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پنهنجي اصل صورت ۾ بحال ڪرڻ جي ڳالهه ڇو ڪئي هئي؟

(4)          جيتري قدر ڪالاباغ ڊئم جي ڳالهه آهي ته انجو سڀ کان اڳ ۾ اعلان چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا بئراج ٺاهيندڙ ذوالفقار علي ڀٽي ڪيو هو ان لاءِ بجيٽ وري محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي 88ع واري دؤر ۾ رکي هئي، ان ئي دور ۾ 400 بهاري به ڪراچيءَ ۾ گهرايا ويا، پر انهن ئي قومپرستن جي احتجاج کي ڏسي بينظير صاحبه پيشرفت نه ڪئي ۽ اڳتي هلي ڪالاباغ ڊيم خلاف مظاهرا به ڪيائين. نوازشريف صرف اعلان ڪيو، بجيٽ ڪونه رکي، پوءِ وري ماڻهن جو احتجاج ڏسي چيائين ته جيستائين چارئي صوبا متفق نه ٿا ٿين تيستائين ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو. باقي رهيو نواز شريف سان ٺاهه ڪرڻ اهو ته پ پ پ به ڪيو بلڪه سندن اڪابر شريڪ چيئرمين ته نواز شريف سان نسلن تائين تعلقات کڻي وڃڻ جي ڳالهه به ڪئي. توهان جيڪڏهن حڪومت خاطر مٽن مائٽن جهڙيون ڳالهيون ڪيو ته اها غداري نه پر سياسي قابليت آهي، پر جيڪڏهن قومپرست اليڪشني اتحاد ڪن ته اهو گناهه ڪبيرا آهي. حقيقت ته اها آهي ته سنڌ کي ڌاريا حڪمران نقصان نه ٿا ڏئي سگهن ڇو جو پ پ پ وارا به قومپرستن سان گڏ اٿي پون ٿا، پر جيڪڏهن پ پ پ ڪو نقصان پهچائي ٿي ته سنڌ ورهائجي وڃي ٿي. جيتري قدر ڪيٽي بندر رٿا جو تعلق آهي ته اها ته بينظير صاحبه صرف ڳالهه ڪئي هئي ۽ شروع ڪونه ڪئي هئي.

(5)          جيتري قدر اليڪشن ويجهو اچڻ ڪري قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته اهي همراهه اهو ٻڌائين ته وڪيلن، اديبن ۽ سماجي ورڪرن کي ڪهڙو اليڪشن ۾ بيهڻو آ؟! پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کان سواءِ زندگيءَ جي سڀني شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو ته آرڊيننس خلاف جدوجهد جي ميدان ۾ آهن! هي چون ٿا ته ٻٽو نظام ناهي، جيڪي اختيار ميئرن کي آهن اهي ئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن جي چيئرمينن کي آهن. اهو سراسر ڪوڙآهي ڇو ته ڪيترائي پاور اهڙا آهن جيڪي صرف ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنل آهن پر ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن کي ڏنل نه آهن. انهن مان ڪجهه هيٺ بيان ڪجن ٿا:

1.  انلينڊ فشريز                                              شيڊول 1 پارٽ A (iii)

2. پرائمري اسڪولس                                        شيڊول 1 پارٽ A (viii)

3. ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن                             شيڊول 1 پارٽ A (ix)

4. KMC ۽ KDA جون زمينون                           شيڊول 1 پارٽ A (xv)

(هي صرف ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنيون ويون آهن).

5. خواندگي ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن                شيڊول 1 پارٽ B (ix)

6. لئنڊ ڪنٽرول ۽ لئنڊ روينيو ڪوآرڊينيشن         شيڊول 1 پارٽ E (xiv)

ان کان سواءِ ان شيڊول جي پارٽ “C” جي آئٽم نمبر xvi مطابق جيڪا پراپرٽي ٽيڪس مڪاني ادارن کي ڏني وئي آهي، انجو وڌ کان وڌ فائدو ڪراچيءَ کي ملندو، ٻئي نمبر تي حيدرآباد کي باقي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلن ته ڇا پر چئني ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنس کي به نه ٿيندو ان سان گڏ 5 ضلعي ملائي ڪراچي ميٽروپوليٽن ٺاهڻ به ٻه اکيائي آهي ڇوته ٻيون سڀ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنس هڪ هڪ ضلعي تي مشتمل آهن ۽ ڪراچي پنجن ضلعن تي مشتمل آهي، ملير سان تعلق رکندڙ سنڌ جي اصل وارثن کي پ پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا طور دانهون رڙيون ڪرڻ جي باوجود ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي صورت ۾ جداگانه حيثيت ڏيڻ بجاءِ ميئر جو غلام بڻايو ويو آهي. هاڻي انهن جون زمينون به ميئر جي ڪنٽرول ۾ رهنديون.

اصل ڳالهه اها آهي ته جڏهن مڪاني ادارا پنهنجا بنيادي ڪم ئي نه ٿا ڪري سگهن ته انهن کي سنڌ حڪومت جا اختيار ڏيڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. خاص ڪري پرائمري تعليم، پوليس وارا اختيار ۽ ميوزم، ثقافتي ۽ تاريخي مرڪز ۽ ٽيون ته سول ڊفينس، ان لئنڊ فشريز ۽ پراپرٽي ٽيڪس جا اختيار به ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن کي نه ڏيڻ کپندا هئا.  ان سان گڏ و گڏ سيڪشن 126 (6 ۽ 7) مطابق مڪاني ادارن کي ملندڙ گرانٽس جا جيڪي اختيار گورنر کي ڏنا ويا آهن سي به نه ڏيڻ کپندا هئا ڇو ته گورنر جو انتظامي معاملن سان ڪهڙو واسطو؟!

(6)          جيتري قدرگهرو ويڙهه ڪرائڻ جو تعلق آهي ته اهو پ پ پ جا پڙهيل وزير ٻڌائين ته کين اهو ڦاهو ڦڪڻ جو لاچار ڪهڙو هيو؟ ۽ هاڻي ڪهڙي مجبوري اٿن جو، جيڪو اردو ٿو ڳالهائي انجي ٻڌن ٿا پر سنڌي سمجهن ئي نه ٿا!! ڀلا جيڪڏهن خانه جنگيءَ جي اهڙي ڳڻتي اٿوَ ته پوءِ اهو نظام واپس ڇو نه ٿا ڪرايو، جنهن لاءِ جُمهريون هنيون هُيَوَ ۽ چوندا هيئو ته اهو بي نظير صاحبه چونڊ منشور ۾ واعدو ڪيو هو، پر توهان کي ڪير چوي هڻ پيرن ڀر ته بيٺا آهيو مٿي ڀر، هڻ مٿي ڀر ته بيٺا آهيو پيرن ڀر” انڪري هاڻي وري چئو ٿا ته ڊسٽرڪٽ گورنر مقرر ڪرڻ جو خواب بي نظير صاحبه جو هو ان تي 1988ع ۾ 400 بهاري به هڪ جهاز ۾ گهرايا هئا ڇا اهي به گهرائيندئو؟! توهان تي اعتبار گهٽ آ. ايندڙ اليڪشن کان پوءِ ائين به ڪري سگهو ٿا ۽ بي نظير صاحبه جو بهانو ڪري ڪالاباغ ڊئم لاءِ بجيٽ به رکي سگهو ٿا. توهان لاءِ اهو ناممڪن ڪونهي. هنن همراهن جي اک پڪائيءَ کي شابس آهي  جو پنهنجو غلط فيصلو واپس ڪرڻ بجاءِ چئي رهيا آهن ته قومپرستن نواز شريف کان پئسا ورتا آهن، پر حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن قومپرست ويڪائو مال هجن ها ته توهان به رشوت جي پئسن سان کين خريد ڪري وٺو ها.  ان کي چئبو آ ”الٽا چور ڪوتوال ڪو ڊانٽي“. ڀلا جي اهو سڀ ڪجهه پيسن خاطر ٿو ٿئي ته پوءِ فنڪشنل ليگ، نيشنل پيپلز پارٽي ، هم خيال گروپ وارن ۽ اديبن، دانشورن ۽ صحافين ۽ اجلاس مان غير حاضر رهندڙ پنهنجي 15 ميمبرن لاءِ ڇا چوندئو؟!

(7) ڪي اڪابر وري 2012ع کي 1973ع سمجهندي ماڻهن کي گمراهه ڪندي چئي رهيا آهن ته ڪراچي ۾ اڳ ۾ به ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن هيون، ان ڪري هنن ڪو گناهه ڪونه ڪيو آ، پر ماڻهو کانئن پڇن ٿا ته ٻڌايو ته ڇا ان وقت جي ميئرن وٽ واٽر سپلاءِ ۽ صفائي جي ڪمن کان وڌيڪ کاتا هئا؟ ڇا ان وقت سنڌي ماڻهن لاءِ ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون نه هيون؟

(8)          جيڪڏهن ضياءُ الحق کان گلدستا وٺڻ ڏوهه آهي ته پوءِ ان کي ڇهه فوجي آفيسرن جو حق ماري ناجائز پروموشن ڏئي قوم مٿان مسلط ڪرڻ  وري ثواب ڪيئن ٿيو؟! ۽ اها خبر هئڻ جي باوجود ته مشرف جو ڪنهن لساني تنظيم سان واسطو آهي، اسلم بيگ جي چوڻ تي کيس پروموشن  ڏيڻ به ته گناهه ٿيو. نه اهي ظالم پروموشن وٺن ها ۽ نه سنڌين سان ويڌن ٿئي ها!!، سنڌين سان ظلم  انهن جي جنرل بڻجڻ ڪري ٿيو ۽ نه گلدستو وٺڻ ڪري.

تازو ايوب کهڙي جي ڀائٽي پنهنجو ماضي وساريندي چيو ته جي.ايم سيد ايم.آر.ڊي جو مخالف هيو. حقيقت ۾ هو ان جو مخالف نه پر ان ۾ غيرجانبدار هيو ڇو ته ايم.آر.ڊي (مومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي/جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ) مان مراد هئي ضياءُ الحق کي لاهي بينظير کي حڪومت ڏيارڻ ته پوءِ ان سان سائين جي.ايم.سيد جو ڇا؟ جو پنهنجا ڪارڪن ۽ غريب سنڌي وتي مارائيندو! باقي جيڪڏهن قومپرستن ڪا سنڌ سان غداري ڪئي آهي ته اها ڳالهه ڪريو، هنن جو اوهان جي ڪرسيءَ خاطر ٿيندڙ جهيڙن سان ڇا؟ اسان ته سمجهون ٿا ته اوهان ته ڏهه پندرنهن سالن جي حڪومت عيوض سنڌ جو وجود ئي ختم ڪري ڇڏيو ها!

مقصد ته هن آرڊيننس سان پناهه لاءِ آيل ماڻهو وارث بڻجي ويندا ۽ تعليم سندن حوالي ٿيڻ سان ان ڳالهه جو خطرو آهي ته نصاب به تبديل ڪيو وڃي۽ جڏهن صدر وزير اعظم جي مشوري سان ئي سهي پر اسيمبليون ٽوڙي سگهي ٿو ته پوءِ اهو قانون مڪاني ادارن لاءِ ڇو نه؟ ۽ جڏهن وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ سادي اڪثريت سان چونڊجن ۽ گهر ڀيڙا ٿين ٿا ته پوءِ ميئر ۽ چيئرمين ڇونه؟ ان حساب سان ته هي ناظمن کان به وڌيڪ طاقتور ٿي ويا ، تنهن ڪري هن نظام کي مشرف جي نظام کان خراب سڏڻ ۾ ڪو به ڏوهه ڪونهي.

ان ڪري پ.پ.پ سرڪار کي گهرجي ته جن کيس چونڊيو آهي انهن سان احسان فراموشيءَ وارو رويو ترڪ ڪري مڪاني ادارن وارو ڪارو قانون واپس وٺي ، ٻي صورت ۾ ان نظام جو واپس ٿيڻ مشڪل ٿي پوندو ڇو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ سميت ڪنهن به پارٽيءَ کي ايتري اڪثريت ملڻ ممڪن نظر نه ٿي اچي جو اها متحده جي حمايت کانسواءِ حڪومت ٺاهي سگهي، جنهن ڪري اها متحده کي ناراض ڪري نه سگهندي ۽ جيسيتائين اهو قانون باقي رهندو تيستائين پيپلز پارٽيءَ جي پڙهيل اڳواڻن جو تذڪرو جاري رهندو ۽ سندن مخالفت ان قومي گناهه کي ايندڙ اليڪشن ۾ سندن خلاف استعمال ڪري ۽ ان جي ختم ڪرڻ جا واعدا ڪري بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهن ٿا. هو ته اهو به چئي سگهن ٿا ته پ پ پ وارا لساني ڌر سان ڪراچي ۽ حيدرآباد کي جدا صوبو بڻائڻ جو واعدو ڪري چڪا آهن، في الحال آرڊيننس نافذ ڪري پهرين سِرَ رکي اٿن ۽ اليڪشن کانپوءِ ان کي عملي جامو پارائيندا. جيڪڏهن صورتحال توهان جي خلاف ٿي وئي ته پوءِ جن خاطر خوار خراب ٿيا آهيو اهي گاهه به ڪونه وجهندوَ بلڪه اهو چوندوَ ته هلو هتان اوهان ڪرسيءَ خاطر پنهنجن مان ئي ڪونه مڙيئو، ته اسان کي ڪهڙيون پڳون ٻڌرائيندئو؟!.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو