Home / افيئر / پاناما: صدر عوامي احتجاج تي گوڏا کوڙي ڇڏيا
above article banner

پاناما: صدر عوامي احتجاج تي گوڏا کوڙي ڇڏيا

لاطيني آمريڪا جي ملڪ پاناما جي صدر ريڪارڊو ماٽينلي ملڪ ۾ ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪيو آهي ته هو ڪولون جي ڊيوٽي فري زون ۾ سرڪاري زمين جي وڪري وارو منصوبو ختم ڪري ڇڏيندو.ان مسئلي تي ويجهڙ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ ٿيل تڪرار جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.مظاهرو ڪندڙن جو موقف آهي ته زمين جي وڪري سبب اهي نه رڳو ملازمتن کان محروم ٿي ويندا، بلڪه آمدني کان به محروم ٿيڻو پوندن. پاناما جو علائقو ڪولون لاطيني آمريڪا ۾ سڀ کان وڏو ڊيوٽي فري زون آهي پر هتي غربت ۽ ڏوهن جو واسو آهي. ٻئي پاسي پاناما جي صدر جو موقف آهي ته زمين جي وڪري سان خطي کي فائدو پوندو. ان هوندي به احتجاج کانپوءِ هن ٽوئٽر تي چيو ته جيڪڏهن ڪولون جا ماڻهو نٿا چاهين ته فري ٽريڊ زون ۾ زمين وڪرو نه ڪئي وڃي ته اهو وڪرو ختم ڪيو ويندو. هن احتجاج ڪندڙن جو اهو مطالبو به مڃي ورتو آهي ته نه رڳو ڪمرشل ريٽ وڌايا ويندا بلڪه علائقي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري پڻ ڪئي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو