Home / افيئر / پبلڪ اسڪول شهدادڪوٽ ميگا پراجڪيٽ: ترقي جي نالي تي تباهي
above article banner

پبلڪ اسڪول شهدادڪوٽ ميگا پراجڪيٽ: ترقي جي نالي تي تباهي

ارباب دور ۾ قمبر – شهدادڪوٽ کي ضلعي جو درجو ملڻ کان پوءِ قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي شهرين ۾ ويڇا وڌي ويا هئا ۽ اڄ به ڪو ترقياتي پراجيڪٽ آندو ويندو آهي ته ٻنهي شهرن جا رهواسي سراپا احتجاج بڻجي ويندا آهن ته ان منصوبي تي سندن شهر تي ڪم ڪرايو وڃي. آمر پرويز مشرف جي اقتداري دور ۾ جڏهن قمبر جي چانڊيا برادري مٿان ارباب رحيم جو آشيرواد هو تڏهن هن قمبر شهر کي ضلعي جو درجو ڏئي نوازيو هو ۽ ان وقت احتجاج دوران پوليس جي فائرنگ ۾ چار شهري شهيد ٿيا هئا، ان واقعي کان پوءِ نفرتون ايتريون وڌي وڻ ٿي ويون هيون جو ڪو به شهدادڪوٽ واسي قمبر ويندو هو ته اتي شهدادڪوٽ جو سڏرائڻ کان به ڊڄندو هو. اهڙي ريت سياست شهرين جي محبت ۽ پيار کي به نفرتن ۾ تبديل ڪيو. پر هاڻ پ پ جي موجوده دور ۾ به وري ساڳيو ئي حشر نشر آهي. مير نادر علي خان مگسي ۽ ايم اين اي فريال ٽالپر جو آشيرواد شهدادڪوٽ شهر تي آهي، تنهن ڪري مک ترقياتي ڪم شهدادڪوٽ ۾ ئي ٿي رهيا آهن.

ضلعي ۾ 36 ڪروڙ روپين جي ميگا پراجيڪٽ جي اعلان کان پوءِ قمبر جا رهواسي هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي ويا هئا ته اهو منصوبو سندن شهر کي ڏنو وڃي پر اهو منصوبو به شهدادڪوٽ کي ڏنو ويو.اصل ڳالهه اها نه آهي ته اهو ميگا پراجيڪٽ ڪهڙي شهر کي ڏنو وڃي يا نه ڏنو وڃي. اصل معاملو اهو آهي ته ضلعي جي ٻارڙن کي معياري تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ منظور ڪيل 36 ڪروڙ روپيا به سياستدانن ۽ ڪامورن جي ور چڙهي ويا آهن. جڏهن ان پراجيڪٽ تي ڪم شروع ٿيو ته پتو پوءِ پيو ته اصل ۾ ڪروڙين روپيا هڙپ ڪرڻ لاءِ ميگا پراجيڪٽ جو سهارو ورتو ويو هو.

 

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي چونڊ تڪ اين اي 207 تي ايم اين اي چونڊجي آيل صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر 29 نومبر 2009ع تي گوادر باءِ پاس موٽروي جي ڀر ۾ پبلڪ اسڪول جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. ڄاڻايل زمين جي اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي جو اها ايراضي موٽروي سان لڳي ٿي ۽ ان ڪري شهر جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ اها زمين وڌيڪ مهانگي آهي، پر ايم اين اي فريال ٽالپر اها زمين ڪلراٺي ڄاڻائي شهر کان 3 ڪلو ميٽر پنڌ تي دوست علي روڊ تي سستي اگهه ۾ ٻي زمين خريد ڪئي.ذريعا ٻڌائين ٿا ته ڄاڻايل زمين جنهن شهري کان ورتي وئي آهي اها اتان جي حڪومتي ماڻهن سستي اگهه ۾ورتي ۽ ڪاغذي ڪارروائي ۾ اها زمين سڌي سنئين مهانگي ڄاڻائي وئي آهي جنهن جو منافعو هنن پاڻ ئي حاصل ڪيو. زمين جي خريداري کان شروع ڪيل ڪرپشن ايتري حد تائين پهتي آهي جو 36 ڪروڙ روپيا شهرين لاءِ بي لاڀ بڻجي ويا آهن.

پبلڪ اسڪول جو اڏاوتي ڪم 13 جون 2012ع تي شروع ڪرايو ويو هو .هن پراجيڪٽ ۾ پبلڪ اسڪول، سيڪينڊري اسڪول، هائير سيڪينڊري اسڪول ۽ آئي ٽي ڊپارٽمنٽ قائم ڪرڻ سميت هاسٽل بلاڪ ۽ ڊرائينگ هال اسڪيمون شامل آهن. پبلڪ اسڪول لاءِ جيڪو هنڌ تبديل ڪيو ويو اتي صوبائي وزير نادر مگسي 24 آگسٽ 2012ع تي ٻيهر افتتاح ڪيو.“افيئر” کي ذريعا ٻڌائين ٿا ته ان ميگا پراجيڪٽ جا 20 ٺيڪيدار آهن جن کان موقف معلوم ڪرڻ تي ٻڌائين ٿا ته “کين بل ادا ناهن ڪيا ويا تنهنڪري هنن ڪم اڌ ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو آهي” جڏهن کان هن اسڪول جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ان کي 5 مهينا گذري ويا آهن پر ان باوجود بنياد وارو ڪم به مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. “افيئر” جي ٽيم جڏهن ڄاڻايل هنڌ تي پهتي ته اتي ٽي چار مزدور ڪم ڪري رهيا هئا ۽ ميگا پراجيڪٽ جي جيڪا ڊي پي سي کنئي وئي آهي اها روڊ کان به هيٺ آهي.ميگا پراجيڪٽ لاءِ جيڪا زمين خريد ڪئي وئي آهي ان زمين تي اڳ زراعت ٿيندي هئي جنهن ڪري اها اتان گذرندڙ واهن کان به هيٺ آهي، اندازي موجب اتي قائم ڪيل ڊي پي سي به 5 فوٽ ٿيندي ۽ ان جي ڀر ۾ جيڪو روڊ گذري رهيو آهي اهو ان بنياد کان مٿي نظر اچي رهيو آهي پر جڏهن اهو ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي ويندو ته ان ڀڳل ٽٽل روڊ کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو جيڪو پڻ وڌيڪ ٻه فوٽ مٿي ٿي ويندو.روڊ جي اڏاوت کان پوءِ ان ميگا پراجيڪٽ جي ته صفا ڀينگ ٿي ويندي ڇو ته برسات پوڻ کان پوءِ اتي هڪ ئي ڌڪ ۾ آرام سان ٻه کان ٽي فوٽ پاڻي بيهجي ويندو. ڪلراٺي زمين جو بهانو ڪري موٽروي کان هن پراجيڪٽ کي ٻي هنڌ منتقل ڪرڻ کان پوءِ اتي به ساڳيو ئي حشر آهي. بنياد واري ڪم جي ڀرائي لاءِ ڪلر واري سستي مٽي خريد ڪري اها ئي استعمال ڪئي وئي آهي. نه رڳو ايترو پر جنهن جاءِ تي اهو ميگا پراجيڪٽ قائم ڪيو ويو آهي اتي پڻ کارو پاڻي آهي ۽ ان اڏاوتي ڪم ۾ به اهو ئي کارو پاڻي استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي “افيئر” کي ڪجهه انجنيئرن ٻڌايو ته اڏاوتي ڪم جي مٽيريل ۾ اهو پاڻي استعمال ٿيندو آهي جيڪو پيئڻ جي قابل هجي پر هتي سستي زمين، سستي مٽي سستو مٽيريل خريد ڪري ترقي جي نالي تباهي آندي وئي آهي .

هن ميگا پراجيڪٽ جي ناڪام ٿيڻ بابت ايجوڪيشن ورڪس جا عملدار ٻڌائين ٿا ته فنڊن جي کوٽ ۽ مٿان کان پئسا رليز نه ٿيڻ ڪري ڪم بند آهي. ذريعا ٻڌائين ٿا ته ان ميگا پراجيڪٽ لاءِ هن وقت تائين ٽن سالن ۾ رڳو 7 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان اڃا تائين بيناد جو ڪم به مڪمل نه ٿيو آهي. ٻڌايو وڃي پيو ته اهو ميگا پراجيڪٽ جون 2014 ۾ مڪمل ٿيڻو آهي. جنهن منصوبي جو ٽن سالن ۾ بنياد ئي نه پيو هجي اهو ڏيڍ سال ۾ ڪئين پورو ٿي سگهندو؟

ذريعا ٻڌائين ٿا ته سياسي بنيادن تي اهو ٺيڪو به ننڍن ٺيڪيدارن کي ڏنو ويوآهي ۽ ان کان اڳ ڄاڻايل ٺيڪيدار ڪنهن به ميگا پراجيڪٽ جو تجربو نه ٿا رکن. هن وقت ان پراجيڪٽ کي هلندي ٽن سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر اهو اڌ ته ڇا ڊي پي سي تائين به مڪمل نه ٿيو آهي.

پ پ سرڪار به ان ميگا پراجيڪٽ جي ڀينگ نه ٿي آهي پر پوري سنڌ ۾ ميگا پراجيڪٽس جي نالي اربين روپين جي ڪرپشن ٿي آهي جنهن جو احتساب ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه آهي، نه رڳو ايترو پر انهن ميگا پراجيڪٽس تي جيڪو به اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ٿيو آهي اهو به هن وقت زبون حال بڻجي ويو آهي. قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ رڳو ان ميگا پراجيڪٽ کي ئي تباهه نه ڪيو ويو آهي پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي طرفان عوام کي ڏنل ٽيڪسٽائل مل واري تحفي کي ته پاڙئون پٽيو ويو آهي، مشرف جي اقتداري دور کان ان ٽيڪسٽائل مل کي تباهه ڪرڻ جا سانباها ٿيا پر ان آمر دور جي مقصد کي پ پ سرڪار عملي ويس پهرائي پورهيت دشمن منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي مل کي هميشا لاءِ بند ڪرائي ڇڏيو. هن وقت ميگا پراجيڪٽ جي عنوان سان ترقي جي نالي تباهي ڪئي وئي آهي ۽ عوامي ناڻي کي اهڙو بي دردي سان تباهه ڪيو ويو آهي جو ذميوارن خلاف ڪو به واڳ ڌڻي احتساب ڪرڻ وارو ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو