Home / افيئر / ڇا شيخ مجيب غدار هو
above article banner

ڇا شيخ مجيب غدار هو

 

پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پاران اهو تاثر عام طور تي ڏنو ويندو آهي ته عوامي ليگ جو اڳواڻ ۽ بنگلاديش جو باني شيخ مجيب پاڪستان جو غدار هئو، جنهن پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪيو. آزاد دستاويزن مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته بنگلاديش جو بنياد خود پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ جي تعصب تي ٻڌل پاليسين سبب ٿيو. ٻولي، معيشت، ترقي ۽ نوڪرين ۾ لڳاتار نظرانداز ڪرڻ سبب اوڀر پاڪستان بنگلاديش ۾ تبديل ٿيو.درحقيقت پاڪستان سان غداري ڪندڙن کي بنگلاديش بجاءِ پاڪستان ۾ ڳولڻ جي ضرورت آهي. خود ويجهي ماضي ۾ ان دور جي اهم فوجي عهدن  تي ڪم ندڙ فردن پاران لکيل ڪتابن ۾ اهڙا ڪيئي اعتراف ملن ٿا جن مان ثابت ٿئي ٿو ته در حقيقت 25 مارچ جي رات تي شروع ٿيل قتل عام ۽ هندستاني مداخلت سب بنگلاديش وجود ۾ آيو. شيخ مجيب جيتوڻيڪ بنگالي شهرين جي حقن لاءِ جدوجهد جو سرواڻ هو پر هن جي اوليت ملڪ ٽوڙڻ نه پر ڇهن نڪتن تي ٻڌل ان چارٽر کي آئين وسيلي لاڳو ڪرڻ هو، جنهن سان بنگلاديش سان سياسي ۽ معاشي ميدانن ۾ ٿيندڙ انياءَ جو انت اچي سگهي . مختلف ڪتابن مان اهڙا ڪيئي حوالا ملن ٿا، جن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته شيخ مجيب پاڪستان کي ٽوڙڻ جو حامي نه هو ۽ نه ئي هندستان جو ايجنٽ هو. مثال طور جنرل يحيٰ جو ويجهو  ساٿي جي ڊبليو چوڌري پنهنجي ڪتاب (The Last Days of United Pakistan) ۾ لکي ٿو. 1970ع وارين چونڊن ۾ عوامي ليگ جي چونڊ منشور ۾ چيو ويو هو ته آئين ۾ اهڙي ضمانت ڏني وڃي ته قرآن ۽ سنت ۾ ڄاڻايل اسلامي حڪمن جي ابتڙ ڪوبه قانون نه ٺاهيو ويندو. ساڳيو ليکڪ بنگلاديش ڊاڪيومينٽس جي حوالي سان لکي ٿو ته شيخ مجيب پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ته “ پاڪستان قائم رهڻ لاءِ ٺهيو آهي ۽ ڪابه طاقت ان کي هاڃو نه ٿي رسائي سگهي ” اهو ساڳيو حوالو پاڪستاني فوج جي اهم آفيسر برگيڊيئر اي آر صديقي پنهنجي ڪتاب (East Pakisatan, the End game) جي صفحي نمبر 40 تي ڄاڻايو آهي. برگيڊيئر صديقي لکي ٿو ته شيخ مجيب پنهنجي چونڊ مهم جي شروعاتي تقرير ۾چيو ته هن جي جدوجهد اوڀر پاڪستان جي علحدگي لاءِ نه پر ان جي سياسي ۽ معاشي حقن لاءِ آهي.

چونڊن ۾ شيخ مجيب جي پارٽي “ آل پاڪستان عوامي ليگ” ( ياد رهي ته عوامي ليگ جو سرڪاري طور نالو پاڪستان عوامي ليگ هو ) قومي اسيمبلي جي 162 سيٽن مان اوڀر پاڪستان ۾ 160 سيٽون کٽيو، جڏهن ته صوبائي اسيمبليءَ جي 300 مان 288 سيٽون کٽيون. ايڏي غير معمولي ڪاميابي کان پوءِ پاڪستان تي اقتدار جو آئيني طور حق عوامي ليگ کي ملي چڪو هو پر پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ، فوج ۽ ڀٽي جي دٻاءَ تي صدر يحيٰ خان قومي اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائڻ کان ڪن لاٽار ڪرڻ لڳو. يحيٰ خان شروع ۾ ٽين مارچ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڍاڪا ۾ طلب ڪيو پر ذوالفقار علي ڀٽي واضح طور چيو ته نه رڳو اهو ته سندس پارٽي ان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيندي پر اولهه پاڪستان مان جيڪو به اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ان جون ٽنگون ڀڳيون وينديون. ڀٽي ۽ جي ايڇ ڪيو جي دٻاءَ تي جنرل يحيٰ پهرين مارچ تي اسيمبلي اجلاس اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ان علان کانپوءِ جيڪا باهه ڀڙڪڻي هئي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي. شيخ مجيب جي هڪ اشاري تي بنگالي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ آتا هئا پر هن ان موقعي تي نهايت ذميواري جو ثبوت ڏنو. اڳوڻي فوجي عملدار صديق سالڪ ان موضوع تي لکيل پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب Fall of Dacca جي ستين نمبر باب ۾ هيئن لکيو آهي “ شيخ مجيب کي گورنمنٽ هائوس طلب ڪري ايڊ مرل احسن ڊگهي ڳالهه ڪندي کين اها خبر ٻڌائي، ان ڊيگهه جو مقصد سندس رد عمل کي گهٽائڻ هو پر اچرج جي ڳالهه آهي جو شيخ مجيب اها ڳالهه ٻڌي ڪو به ڀڙڪو نه کاڌو ۽ نهايت معقوليت سان چيائين ته مان چونڊون ملتوي ٿيڻ کي بهانو بنائي شور نه مچائيندس پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي ڪرڻ سان گڏ نئين تاريخ جو به اعلان ڪيو وڃي ته مون کي تنظيم جي انتهاپسند عنصرن کي سنڀالڻ ۾ سولائي ٿيندي. جيڪڏهن ايندڙ تاريخ به مارچ جي هجي ته سولائي ٿيندي،جيڪڏهن اپريل ٿيو ته ڏکيائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن اپريل کان به پوءِ ته مون لاءِ حالتن کي قابو ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو.

برگيڊيئر سالڪ اڳتي لکي ٿو ته! چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اعلان جو ڍاڪا ۾ شديد ردعمل ٿيو. عوامي ليگ شام جو هڪ مقامي هوٽل، ۾ پريس ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ شيخ مجيب زوردار پريس ڪانفرنس ڪئي، پر مجيب جي شخصيت جو هڪ ٻيو پاسو به هئو. هو شام جو گورنمينٽ هائوس آيو ۽ اتي هن اعليٰ فوجي آفيسرن کي نهايت انڪساري سان گذارش ڪئي ته حضور اڃا، به وقت آهي مون کي اجلاس جي نئين تاريخ ڏيو ته مان حالتن تي قابو ڪري وٺندس پر جيڪڏهن اڻڄاڻايل مدي تائين اينگهايو ويو ته وقت هٿن مان نڪري ويندو.

اجلاس ملتوي ٿيڻ جي اعلان جو ڍاڪا ۾ شديد ردعمل ٿيو ۽ عوام ليگ عام هڙتال ۽ پر امن سول نافرماني جو اعلان ڪيو. ان وقت عوامي ليگ جو بنگلاديش تي ايتري قدر ڪنٽرول هو جو ان علان شرط زندگي مفلوج ٿي وئي. ايتري قدر جو ڍاڪا جي آءِ جي پوليس مارشل لا هيڊڪوارٽر بجاءِ شيخ مجيب کي رپورٽ ڪرڻ ۽ کانئس هدايتون وصول ڪرڻ شروع ڪيون، عوامي ليگ پاران اعلان ڪيو ويو ته ستين مارچ تي شيخ مجيب ريس ڪورس گرائونڊ تي احتجاجي جلسي کي خطاب ڪندو. ان وقت اها ڳالهه عام ٿي چڪي هئي ته ان جلسي ۾ شيخ مجيب بنگلاديش جي آزادي جو اعلان ڪندو. ڇهين مارچ تي جنرل يحيٰ قوم کي ڪيل خطاب ۾ عوامي ليگ ۽ شيخ مجيب خلاف سخت ٻولي ڳالهائي کيس لاقانونيت ۽ تشدد جو ذميوار قرار ڏنو. اها تقرير پيٽرول کي تيلي ڏيڻ برابر هئي. شيخ مجيب تي سخت دٻاءُ هو ته ستين مارچ تي بنگلاديش جي آزادي جو اعلان ڪري. ميجر جنرل خادم حسين راجا ان وقت ڍاڪا ۾ فوجي ڪمانڊ سنڀالي رهيو هو. هن پنهنجي ڪتاب (A Stranger in my Own Country) جي  صفحي نمبر 60 کان 63 تائين هڪ انڪشاف ڪيو آهي جيڪو هڪ ذميوار پاڪستاني فوجي ڳواڻ طرفان شيخ مجيب جي غدار نه هجڻ جو اعتراف آهي. ان انڪشاف جي ڪجهه حصن جو ترجمو هن ريت آهي.

ڇهين مارچ تي شام جو منهنجو هڪ سينيئر عملدار هڪ معزز بنگالي سان منهنجي گهر پهتو ۽ مون سان ملڻ گهريائين. بنگالي همراهه  بڌايو ته هو شيخ مجيب جو ڀروسي جوڳو ساٿي آهي ۽ هن هڪ نياپو ڏيڻ لاءِ کيس موڪليو آهي. ان نياپي ۾ شيخ مجيب چورائي موڪليو ته مان پارٽي اندر انتهاپسند ڌرين ۽ شاگردن طرفان سخت دٻاءَ هيٺ آهي ته هو ستين مارچ تي هڪ طرفو بنگلاديش جي آزادي جو اعلان ڪري. شيخ مجيب دعويٰ ڪئي ته هو هڪ محب وطن آهي، پاڪستان ٽوڙڻ جي ذميواري نه ٿو کڻڻ گهري. تنهنڪري سندس خواهش آهي ته کيس حفاظتي تحويل ۾ وٺي ڇانوڻي اندر محدود ڪيو وڃي.ان لاءِ هن گذارش اماڻي ته مان فوج موڪلي کيس ڏانهن منڊي  مان سندس گهران گرفتار ڪرائي وٺان، مون نياپو آڻيندڙ کي چيو ته مون کي خاطري آهي ته شخ مجيب محب وطن آهي ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ هڪ شاگرد اڳواڻ طور ڪلڪتي ۾ سندس جهدوجهد کان به مان واقف آهيان تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته هو پنهجي تخليق کي پاڻ ٽوڙڻ نه ڇاهيندو، کيس چئو ته جيڪڏهن کيس ڪو خطرو آهي ته منهنجي عزيز مهمان طور منهنجي گهر هليو اچي.

ميجر جنرل خادم حسين راجا وڌيڪ لکي ٿو ته: ڇهين ۽ ستين مارچ جي وچ واري رات ٻين وڳي مونکي جاڳائي ٻڌايو ويو ته ٻه مهمان منهنجي اسٽاف آفيسرن سان گڏ اوطاق ۾ ويٺا آهن ۽ ڪنهن تڪڙي معاملي تي مون سان ملڻ گهرن ٿا.ٻئي بنگالي منهنجي آفيسرن شيخ مجيب طرفان آيل ايلچي طور متعارف ڪرايا، ٻنهي مان هڪ ڄڻي ساڳي ڳالهه ورجائي ۽ شيخ مجيب طرفان تحويل ۾ وٺڻ جي گذارش ڪئي. مون کي سندن ڪهاڻي تي ويساهه نه آيو، تنهنڪري مون ساڳيو جواب ڏنو ۽ اهو به چيو ته شيخ مجيب کي چئجو ته سندس تقرير وقت ڇانوڻي ۾ منهنجا سپاهي هٿيارن ۽ ٽئنڪن سان تيار هوندا. مان سندس تقرير سڌوسنئون ٻڌڻ جو بندوبست ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن هن پاڪستان جي سلامتي تي حملو ڪندي آزادي جو اعلان ڪيو ته مان سپاهين کي حڪم ڪندس ته هڪدم مارچ ڪري جلسي کي برباد ڪري ڇڏين ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته سڄي ڍاڪا کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندس. جنرل راجا لکي ٿو ته مون سندس تقرير ٻڌي پر شيخ مجيب جو لهجو سرچاءَ وارو هو، هن پنهنجي پارٽي ورڪرن کي هدايت ڪئي ته هو ڪوبه اهڙو عمل نه ڪن جنهن سان صورتحال خراب ٿئي. هن تقرير ۾ اهو به چيو ته پاڪستان کي هڪ رهڻو آهي ۽ هو علحدگي نه ٿو چاهي. عوام جي چونڊيل نمائندي طور هو توقع ڪري ٿو ته صدر اهم معاملن تي ساڻس مشورو ڪري. اولهه پاڪستان اسان سان بيٺڪيٽ وارو ورتاءُ نه ڪري. ميجر راجا لکي ٿو ته ڇهين مارچ تي يحيٰ جي ڪيل تقرير جي ڀيٽ ۾ شيخ مجيب جو لهجو سرچاءَ وارو هو، شيخ مجيب نظر ايندڙ بحران ۽ رتو ڇاڻ کي ٽاري ڇڏيو. برگيڊيئر اي آر صديقي مٿي ڄاڻايل ڪتاب جي صفحي نمبر 66 تي شيخ مجيب جي ان تقرير جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته هن پنهنجي تقرير جي پڄاڻي جيئي بنگلا ۽ جيئي پاڪستان جي نعري سان ڪئي.

برگيڊيئر صديق سالڪ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مجيب جي هدايتن سبب جلسو ختم ٿيندي ئي لکين ماڻهو خاموشيءَ سان گهرن ڏانهن رهليا ڄڻ عبادت گذارن جو ميڙ سڪون ڏيندڙ واقعا ٻڌي موٽندو هجي. اسان سڀني سک جو ساهه کنيو ۽ شڪر ڪيوسين ته بلاٽري وئي نه ته جيڪڏهن هو ميڙ کي ڇانوڻي “ تي هلان ڪرڻ جو اشارو ڪري ها ته هو ضرور ايئن ڪن ها، مارشلا هيڊڪوارٽر ۾ به ان تقرير جو خوشگوار اثر ٿيو ۽ پنڊي مان فون ڪال جي ورندي ڏيندي برگيڊيئر “ ج” چيو ته هنن حالتن ۾اها بهترين تقرير هئي، انهن حوالن مان صاف ظاهر آهي ته انتهائي ڳنڀير صورتحال ۾ به جڏهن بنگالين کان پنهنجو آئيني حق کسي کين چٽي اڪثريت سان چونڊون کٽڻ جي باوجود اقتدار نه ٿي منتقل ڪيو ويو ۽ سڄو اوڀر پاڪستان شيخ مجيب جي هڪ اشاري  تي سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو، شيخ مجيب صورتحال جو فائدو وٺڻ بجاءِ سياسي ساڃاهه جو مظاهرو ڪيو، جنهن جو اعتراف ملڪي فوج جا ذميوار آفيسر  پنهنجي لکڻين ۾ ڪري رهيا آهن. پر ان ڏاهپ ڀرئي سياسي رويي ۽ حب الوطني جو صلو شيخ مجيب کي ڪهڙو مليو ؟اهو به تاريخ جو حصو آهي. بنگلاديش ۾ آپريشن شروع ٿيڻ واري شام يعني 25 مارچ تي شيخ مجيب کي ڍاڪا مان گرفتار ڪيو ويو، تڏهوڪي اهم سرڪاري آفيسر سيد شاهه حسين پنهنجي ڪتاب What won once East Pakistan ۾ شيخ مجيب جي گرفتاري وقت سندس ڪيل تذليل جو ذڪر برگيڊيئر رٽائرڊ زيڊ اي خان جي ڪتاب The Way it War جي حوالي سان هن ريت ڪيو آهي: گهيري ٿيڻ کان پوءِ شيخ مجيب پنهنجي بيڊروم مان ڊڪندي ٻاهر نڪتو ڇو ته گهر تي چڙهائي ڪندڙ سپاهين سندس گهر ۾ پهرين هينڊگرنيڊ ڦاڙيو ۽ پوءِ مشين گن ۽ پستول سان فائر ڪيا. حوالدار ميجر خان وزير شيخ مجيب کي زوردار ٿڦڙ هنئي. هڪ اهڙو شخص جيڪو مستقبل جو وزير عظم هو ۽ پاڻ کي حوالي به ڪري چڪو هو ان سان اهڙو ورتاءُ حڪمرانن لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي. زيڊ اي خان ان واقعي کي شرمناڪيءَ بجاءِ فخر سان بيان ڪيو آهي. شاهد حسن لکي ٿو ته  هڪ اهڙي شخص کي ٿڦڙ هڻڻ جيڪو مستقبل جو ملڪ جو وزير عظم هو، درحقيقت سڄي قوم جي منهن تي هنيل ٿڦڙ هئو، سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هڪ محب وطن، اڪثريت سان چونڊيل سياسي اڳواڻ جي اهڙي توهين کان پوءِ سندس دل ۾ ڪيتري نفرت جنم ورتو هوندو !

شيخ مجيب کي گرفتار ڪري فيصل آباد آڻي مٿس برگيڊيئر رحيم دادخان جي سربراهي ۾ ڳجهي ٽربيونل اڳيان ڪيس هلايو ويو. برگيڊيئر اي ار صديقي پنهنجي ڪتاب جي صفحي141 تي لکيو آهي ته هڪ ويجهي دوست مون کي ٻڌايو ته مجيب پنهنجي ڳچيءَ ۾ قرآن وجهي عدالت ۾ آيو. هن کان رهيو ٿيو ۽ روئي ڏنائين. چوڻ لڳو “مان پاڪستان سان غداري جو سوچي به ڪيئن ٿو سگهان جيڪو منهنجو پيارو ملڪ آهي” ياد رهي ته مجيب جي مرضي جي ابتڙ حڪومت طرفان اي ڪي بروهي کي سندس بچاءُ وارو وڪيل مقرر ڪيو ويو. شيخ مجيب کي نومبر 1971ع جي ٽئين هفتي ۾ ٽربيونل موت جي سزا ٻڌائي پر بنگلاديش آزاد ٿي وڃڻ سبب عالمي ردعمل جي خوف کان ان سزا تي عمل نه ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان جو وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ شيخ مجيب کي گڏجاڻي لاءِ گهرايو، شاهد حسين جي ڪتاب ۾ صفحي نمبر 56 تي هن ڄاڻايو آهي ته راولپنڊي ڏانهن ويندي رستي ۾ هن صحافين جي ڳالهه ٻڌي کانئن سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان ۽ هندستان ۾ جنگ لڳي آهي.؟ ياد رهي ته قيد دوران مجيب کي اخبار،ريڊيو يا ملاقات جي موڪل نه هئي ۽ جڏهن محافظن کيس ڪا به ورندي نه ڏني ته مجيب جي اکين مان لڙڪ ڳلن  تي وهي آيا ۽ چيائين افسوس منهنجو پاڪستان تباهه ٿي ويو” ان جي باوجود شيخ مجيب کي غدار قرار ڏنو ٿي ويو. سرڪاري تاريخ ۾ لکيل اهي ڪوڙ آخر ڪيستائين عوام کي گمراهه ڪندا رهندا. جديد دور ۾ اهڙا ڪوڙ گهڻو وقت لڪائي نه ٿا سگهجن.

nmemoon2004@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو