Home / ڪرنٽ افيئر / ڪالا باغ ڊيم جو فيصلو، پ پ جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾
above article banner
ڪالا باغ ڊيم جو فيصلو، پ  پ جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾

ڪالا باغ ڊيم جو فيصلو، پ پ جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾

لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڪالا باغ ڊيم جي تعمير بابت وفاقي حڪومت کي هدايت ڏيڻ واري فيصلي ڄڻ ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جون پنج ئي آڱريون گيهه ۾ وجھرائي ڇڏيون آهن، جيتوڻيڪ اهو ڊيم ٺهڻو ته ناهي، پر هر دفعي انهي ڊيم جي آڌار تي ماضي توڙي حال جون حڪومتون انهي ڊيم جو سياسي فائدو حاصل ڪنديون رهيون آهن، ان ڪري هن دفعي اوهان جيڪڏهن ٿڌي دماغ سان ويهي سوچيو ته اوهانکي اندازو ٿيندو ته انهي فيصلي جو فائدو جيترو مسلم ليگ(ن) کي ٿيو آهي ايترو ئي پيپلزپارٽي کي به فائدو مليو آهي.

پاڪستان ۾ چڱين ڳالھين کي اسان جي ملڪي ميڊيا ۾ ان ڪري به پذيرائي نٿي ملي ته انهي ميڊيا جي ”آپريٽرن“ جي پنهنجي ايجنڊا آهي، ميڊيا جي وڌندڙ اثر ، عوامي تنقيد، ۽ خود احتسابي جي نتيجي ۾ اهو ضرور ٿيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي انهن ”آپريٽرن“ کي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پيو آهي، نه ته سندن پٺي تي هٿ رکڻ وارا پاڻ به پشيمان گهٽ پر پريشان گهڻا آهن، ان ڪري هن دفعي اهي هٿ رکڻ وارا ڪنهن نئين ” نظرئي“ جي تخليق ۾ رڌل آهن.

خيبر پختون خواھ جي گورنر ۽ ناليواري شاعر مرحوم احمد فراز جي ڀاءَ مسعود احمد جي انهي ڳالهه سان پاڻ سڀ سهمت آهيون ته ” اسان ته مذهب ۽ نظريه پاڪستان مان ڦاسي پيا آهيون“ هن صاحب جي انهي بيان جي هن دفعي نظريه پاڪستان جي خالقن پنهنجي عوامي طاقت ذريعي مذمت ڪرائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي، ۽ انهي ڳالهه سان سهمت ٿيندڙن به انهي بابت عوامي سطح تي نه ڳالھايو، ان ڪري اهو نظريه پاڪستان جيڪو اسلام جي جُبي ۾ ملبوس آهي، اهو سدائين اصل ۾ پنجاب جي مفادن جي نگهباني جو ذريعو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته اوهان کي هن ملڪ جي اشرافيه پنجاب کانسواءِ باقي ٽنهي صوبن جي پاپولر سياسي قيادتن کي هندستاني ايجنٽ ۽ دهريو ثابت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به وسان نه گهٽايو آهي. پنجاب ۽ هتي اسلام آباد ۾ سنڌين کي نه ڪڏهن پاڪستان جو محب وطن سمجهيو ويو آهي ۽ انهن کي اسان جي مسلماني ۾ به شڪ هوندو آهي. بلوچن کي ته نه هو مسلمان سمجهن ۽ نه پاڪستاني، اهي غداري جي زمري ۾ اچن ٿا. رهيا پٺاڻ ڀائر، سوبه اي اين پي وارا، ته انهن جي سياسي ابي باچا خان تي ته هندستاني ايجنٽ هجڻ وارا الزام اڃا تائين واپس نه ورتا ويا آهن، ٻيا پٺاڻ، طالبان آهن، ان ڪري هي انهن کان وونئون به وڃن ٿا، پر ڪري به ڪجھ نٿا سگهن، ٽين ڳالهه اها آهي ته هن خطي ۾ پٺاڻ هڪ اهڙي قوت طور اڀري رهيو آهي، جنهن مان سڀ کان وڌيڪ خوف پنجاب کي آهي، سو ڳالھ اها آهي ته اهو نظريه پاڪستان ۽ اسلام وارو رينگٽ اڃا به پنجاب جي لاءِ ڪم جو ئي آهي، توڙي جو انهي جي شدت هاڻي ڪجهه گهٽجي وئي آهي، ان ڪري هن دفعي به ڪجهه ائين ئي ٿي رهيو آهي.

 

لاهور هائيڪورٽ پاران نومبر جي آخر ۾ ڏنل ڪالاباغ ڊيم جي تعمير وارو عدالتي فيصلو ٽنهي صوبن ۾ شديد تنقيد جو نشانو بڻيو آهي، جنهن دور جي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو حوالو ڏنو ويو آهي ، اهو حوالو ئي مشڪوڪ بڻيل آهي. جڏهن ته اي اين پي اهو اعلان ڪري چڪي آهي ته ”هو انهي فيصلي خلاف اپيل ۾ نه ويندا، اهو فيصلو نه آئيني آهي ۽ نه قانوني ، اهو سياسي فيصلو آهي، انهي فيصلي سان هڪ سياسي ڌر کي اليڪشني فائدو ڏنو ويو آهي، اسان صدر زرداري سان ٽن نڪتن جي بنيادن تي اتحاد ڪيو هو، جن ۾ صوبي جي نالي جي تبديلي، ڪالاباغ ڊيم جي تدفين، ۽ صوبائي خودمختياري شامل هئا“ لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي جي ٽئين ڏينهن سينيٽر حاجي عديل جي اڳواڻي ۾ اي اين پي جا سينيٽر خيبر پختون خواھ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چئي رهيا هئا،

ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڪجھ ڳالھيون بنا ڪنهن شڪ شبهي جي واضح آهن، جن ۾ پهرين ڳالهه اها آهي ته اها رٿا ايتري تڪراري ٿي وئي آهي جو انهي تي هڪ مخصوص مدي کان سواءِ وڌيڪ ضد ڪنڌ ۾ پئجي ٿو سگهي، ٻي ڳالهه اها ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي، جيڪو ڊيم ۾ اسٽور ڪري سگهجي، ٽين ڳالهه اها آهي ته انتهائي تڪراي بڻيل انهي رٿا لاءِ عالمي ادارن کي قرض ڏيڻ واري فيصلي تي سئو دفعا سوچڻو پوندو، چوٿين ڳالھ اها ته ارڙهين ترميم بعد صوبا پاڻي جي ذخيرن جي قيام واري مسئلي تي اهميت اختيار ڪري ويا آهن. ان ڪري پنجاب جنهن کي ڪالاباغ ڊيم جو فقير کنيو بيٺو آهي ، تنهن وٽ ايترو پاڻي ئي ناهي جنهن مان هو ڊيم ۾ پاڻي به ذخيرو ڪري ۽ استعمال به ڪري . پنجين ڳالهه اها ته ملڪ جي باقي ٻن صوبن سنڌ ۽ ڪي پي ڪي پاران اهو الزام هنيو وڃي ٿو ته پنجاب سندن حصي جو پاڻي به چوري ڪري رهيو آهي. سڄو سال چشما جهلم لنڪ ڪينال وهايو وڃي ٿو، اي اين پي ته اهو به الزام هنيو آهي ته پنجاب پاڻي جي معاهدي کانپوءِ هن وقت تائين ڪي پي ڪي جي چوري ڪيل پاڻي مان پنجاب پنهنجي آبادگارن کان آبياني جي مد ۾ 60 ارب رپيا وصول ڪري چڪو آهي، سنڌ انهي معاملي تي اڃا پنهنجو ڪيس پيش نه ڪيو آهي.

ان ڪري اها ڳالهه ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته انهي رٿا تي جيترو ضد ڪيو ويندو ايترو پنجاب ۽ باقي صوبن جي وچ ۾ فاصلو وڌندو ويندو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ نه پنجاب لاءِ بهتر آهي ۽ نه هن ملڪ لاءِ، ڇاڪاڻ ته ملڪ جون ٽئي وحدتون ڪالاباغ ڊيم کي پنهنجي زندگي ۽ موت جو مسئلو سمجهن ٿيون، جڏهن ته پنجاب ان کي پنهنجي معاشي جياپي جو سبب سمجهي ٿو ان ڪري، هن وقت پاڪستان ۾ واضح طور تي ٻه ڌريون آهن، هڪ ڌر( يعني 3 صوبا) 11 دفعا پنهنجي نمائندا ايوانن مان انهي رٿا خلاف اتفاقِ راءِ سان ٺهراءِ منظور ڪرائي چڪا آهن. راءِ جي اظهار جو سڀ کان بهتر ۽ جمهوري طريقو به اهو آهي، ۽ انهن فيصلن کي اتان جي وحدتن جي عوامي حمايت به حاصل رهي آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان جي 62 سيڪڙو آبادي پنجاب ۾ رهي ٿي، پر انهي جي باوجود ڪالاباغ ڊيم رٿا تي ضد پنجاب کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

پاڻ گذريل شماري ۾ انهي ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته جيتوڻيڪ سموريون سياسي ڌريون انهي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيٺيون آهن ته چونڊون مقرر مدي اندر ٿين، پر ڪجھ باخبر ماڻهن جو خيال آهي ته چونڊون في الحال ٿيندي نظر نٿيون اچن، اڄ جيڪڏهن پاڻ انهي ڳالھ تي ٿورو غور ڪريون ته ڪجهه معاملا اهڙا آهن جيڪي انهي انومان کي يقين ۾ تبديل ڪن ٿا، جنهن لاءِ جيڪڏهن حالتن جو سراسري جائزو وٺجي ۽ مختلف واقعن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍجي ته گهڻو ڪجهه سمجهه ۾ اچي ٿو،

مثال طور ڪالا باغ ڊيم جي تعمير جو لاهور هائيڪورٽ وارو فيصلو، ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي هدايت جي روشني ۾ اليڪشن ڪميشن پاران نين تڪ بندين تي غور، ايم ڪيو ايم جي سمجهه ۾ ايندڙ مخالفت،( ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته ايم ڪيو ايم وڏي نقصان کان بچي نه سگهندي) آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملازمت ۾ ڪيل واڌ کي چيلينج ڪرڻ، ساڳي لاهور هائيڪورٽ ۾ صدر جي ٻن عهدن کي چيلنج ڪرڻ، وارا معاملا ايندڙ هڪ ٻن مهينن اندر پنهنجي منطقي نيتجن تي پهچڻ وارا آهن، ۽ انهن سمورن فيصلن ۾ هر هنڌ عدليه ئي اهم ڌر آهي.

نگران سيٽ اپ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه واضح ناهي، رڳو اخباري ڳالھيون آهن، پر هتي اسلام آباد ۾ ڪجهه باخبر حلقا اها ڳالهه ٻڌائين ٿا ته ميان رضا رباني به نگران وزير اعظم لاءِ فيورٽ آهي، پنڊي ۽ لاهور وارا به راضي ٿي ويندا، ۽ ايوان صدر ۾ ويٺل زرداري صاحب کي به سُک جو ساھ کڻڻ جوموقعو ملي پوندو. ڇاڪاڻ ته جڏهن نگران ايندا ته صدر زرداري ايوان صدر ۾ ان طاقت سان موجود نه هوندو. جنهن طاقت سان هو هن وقت موجود آهي، ڍنڍ جا پکي گهڻي انگ ۾ اڏامي چڪا هوندا، ان ڪري پيپلزپارٽي کي بهرحال اهو خوف ضرور آهي ته نگران جيڪڏهن گهو عرصو عدليه جي معرفت ويهي رهيا ته سموريون سياسي ڌريون عمومن ۽ پيپلزپارٽي خصوصن متاثر ٿينديون، ان ڪري نگرانن تي متفق هجڻ ۽ ان لاءِ ڪجهه ضمانتن جي ضرورت آهي، ميان رضا رباني پارٽي وابستگي هجڻ جي باوجود هو پنهنجي ڳالهه جو ڌڻي رهيو آهي، ان ڪري ايوان صدر هن مان ايترو مطمئن ناهي، ڇاڪاڻ ميان رباني پاڻ کي زرداري صاحب جو وفادار ثابت ڪرڻ بدران پارٽي جو وفادار سمجهڻ ۾ بهتر محسوس ڪري ٿو

ان ڪري اها ڳالهه ذهن ۾ رهي ته ڪالاباغ ڊيم جو اشو گهڻو وقت نه هلي سگهندو، پر سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ان کي جيارڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهي ٿي، لوڪل باڊيز واري تڪراري بل ۾ ان جون مخالف ڌريون جيڪي کيس سڌائتا ڌڪ هڻي چڪيون آهن ، هاڻي انهي جي پلاند جو وقت اچي ويو آهي،

جيتوڻيڪ ميان نواز شريف انهي معاملي تي اڃا تائين خاموش آهي، پر هو قطعي اهو خطرو نه کڻندو ته هوهڪ دفعو ٻيهر پنجاب جي پارٽي هجڻ وارو طعنو پاڻ مٿان کڻي، ان ڪري اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ميان نواز شريف اهو ئي بيان جاري ڪندو جيڪو پيپلزپارٽي جو آهي ته صوبن جي وچ ۾ اتفاقِ راءِ کانپوءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهندو، ان ڪري نه نو مڻ تيل ايندو ۽ نه راڌا نچندي. پيپلزپارٽي جون ته پنج ئي آڱريون ان ڪري گيهه ۾ آهن ته هو هاڻي هڪ طرف نواز شريف جو اتحادي هجڻ ڪري قوم پرستن مٿان پنهنجو ڌٻاءَ وڌائيندي، ۽ اهو دٻاءُ قوم پرست نواز شريف مٿان واڌائيندا. سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حامي هجڻ واري طعني کي هڪ دفعو وري گار ۾ تبديل ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي وسان نه گهٽائيندي. ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي اڳ ۾ ئي ان مسئلي تي سخت اسٽينڊ وٺي بيٺي آهي، ڪالاباغ ڊيم هن وقت پيپلزپارتي لاءِ هڪ نعمت ۽ غيبي مدد جي صورت ۾ ڪم آيو آهي، جنهن ذريعي هو هڪ ڌڪ ۾ نون ليگ ۽ قوم پرستن مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي. مڪاني نظام ۾ عوامي سطح تي خوار خراب ٿيل ۽ سنڌ ۾ خاص ڪري قوم پرستن جي شديد تنقيد جو نشانو بڻيل پيپلزپارٽي جيستائين ميان نواز شريف جو موقف واضح سامهون اچي تيستائين ساڳيون ڪسرون انهن مان ڪڍندي، جيڪي کيس اڳ ۾ٽف ٽائيم ڏئي چڪاآهن.

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو