Home / افيئر / ڪتن جو خفت ۽ خفتين جا گُر
above article banner

ڪتن جو خفت ۽ خفتين جا گُر

خفتي تـ خفتي آهي ، انهن جي نگاهه ئي ڪتي جي حرڪتن تي هوندي آهي . سو خفتين جو اهو خيال آهي تـ هلندي ويڙهه ۾ ڪتو ٻڌائي ڇڏيندو آهي. ۽ هلندي ويڙه ۾ ئي خفتي سمجهي ويندو آهي تـ هن جو ڪتو، ويڙه هارائي رهيو آهي. هلندي ويڙه ۾ ڪتو پنهنجو مٿي ٿيل پڇ آهستي آهستي هيٺ ڪرڻ شروع ڪندو آهي. خفتي انهي ڪتي جي پڇ هيٺ ڪرڻ مان ئي سمجهي ويندو آهي. هائو ٻيلي هاڻ ڪتي ۾ جهلو ڪونهي. آءِ ڪ آءِ ڪتو هارائي ئي هارائي .خفتين جو خيال آهي تـ وڙهڻ مهل ڪتي جو پڇ مٿي هجڻ کپي.ڀاڙئي ڪتي جي نشاني ئي اها آهي تـ هو ويڙهه ۾ لهندي ئي پڇ ٻنهني ٽنگين جي وچان هڻندو آهي.ٻي نشاني ڪتو هلندي ويڙهه ۾ ڏندي ڏيندو. ڪتي ڏندي ڏني يا رڳو ڀونڪيو تـه امين چوندو جهليو.بس امين انهي ڪتي جي هارائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو.بس ڪتي جي هار جيت جو فيصلو ڪتي جي ڏندي ڏيڻ تي آهي. هڪڙي دفعي ميل ۾ ڪتو هارائي ويو ته خفتي انهي کي وري ڪڏهن ميل ۾ ڪونـ لاهيندو. انهي هارايل ڪتي تي خفتي مرندي مري وڃي پر ڀروسو ڪونـ ڪندو. هارايل ڪتو عادي ٿي ويندو آهي. هو ڪڏهن بـ ميل مان ڀڄي سگهي ٿو.جيڪڏهن ڪو ڪتو ڏندي نٿو ڏي پر بي ستو ٿي ڪري ٿو پوي تـه امين ڪيرائيندڙ ڪتي کي پرتي ڪندو آهي. انهي دوران جي بي ستو ٿي ڪريل ڪتو وري ست ساري انهي ڪتي سان وڙهڻ اچي ٿو تـ وري ويڙهه شروع ٿي ويندي هونئن چون ٿا تـه ڏندي ڏيڻ بنا ڪتو بي ستو ٿي ڪري ٿو. انهي ۾ ڪتي جو ڏوه ناهي ڌڻي جو ڏوه آهي . هن ڪتي جي چاڪري ناهي ڪئي.

هلندي ويڙه ۾ ئي ڀلي ۽ اڀري ڪتي جي نشاندهي ٿيندي آهي. ڀلي ڪتي جي نشاني آهي تـ هو اڳئين ڪتي جي اڳئين پير جي نري وٺندو يعني سامهين ڪتي جي اڳين ٽنگ جي نري ۾ چڪ هڻندو.اڳئين ٽنگ واري نري ئي ڪتي جي وڏي ۾ وڏي ڪمزوري آهي. هن جو ٻيو نشانو ڪتي جي بين هجي ٿي. معنيٰ منهن ۽ نڪ واري جڳهـ ۾ چڪ هجيس ۽ ٽيون ۽ آخري نشانوچڪ ڇڏڻ جي ٽائيم تي پنهنجي ڇاتي سامهين ڪتي کي زور سان هڻي.انهي ڇاتي زور سان هڻڻ تي سامهون ڪتو اڀرو هوندو تـ ڪري بـ سگهي ٿو. سامهين ڪتي جي نڪ مان رت بـ اچي سگهي ٿو. لازمي ڪونهي ڇاتي هڻڻ وارو ڪتو ئي سامهين ڪتي کي ڪمزور ڪري. ڪڏهن ڪڏهن سامهون ڪتو سگهو هوندو آهي تـ ڇاتي هڻڻ وارو ڪتو بـ ڪمزور ٿي سگهي ٿو.ويڙه جو ڀلو ڪتو چڪ جو سچو هوندو آهي.هڪڙو بند چڪ اڌ اڌ ڪلاڪ بـ ڀلو ڪتو هڻي ويندو آهي. بس هوشيار ڪتو بس پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪتو وڙهي نڪتو تـ هن کي نڪو ٻه ڪلاڪ پاڻي پياريندا آهن. نڪو ٻـ ڪلاڪ جسم تي پاڻي هڻندا آهن.

ويڙه جو ڪتو پنهنجي ڌڻي جو آواز ست ڪوه تي بـ سڃاڻي ويندو ۽ ها اهو آواز ٻارنهن مهينا رکي ٻڌي پوءِ بـ سڃاڻي ويندو..ڪتو سڄو وڙهندو ئي ڌڻي جي بڇ تي آهي. ڌڻي جي آواز کان سواءِ ڪير بـ بڇ ڪري ڪتو ڪونـ وڙهندو. هلندي ويڙه ۾ ڌڻي ڪتي جي اکين اڳيان ئي اڳيان هوندو آهي.ٻڌي ڇوڙي وارو ڌڻي بڇ تي بس بيٺل هجي. ڪتي جي ويڙه ۾ وڏا دوکا بـ ٿيندا آهن.اڪثر ڪري ڪتي جي جسم تي دوکي لاءِ ليمي جو رس ۽ کٽي ٽاٽري هڻي ڇڏيندا آهن. جسم کٽو هجڻ جي ڪري ڪتو چڪ ناهي هڻندو. انهي ڪري ميل پهچڻ کانپوءِ خفتي هڪ ٻئي جي ڪتي کي وهنجاريندا آهن. ميل ۾ لهڻ کان اڳ۾ هو هن جي ڪتي کي ۽ هو هن جي ڪتي کي وهنجاريندو آهي.ويڙه واري ڪتي کي خفتين جو خيال آهي تـ هڪل، لعنت بجو ڪونـ ڏبو. جي ويڙه واري ڪتي کي ڪنهن بجو ڏنو تـ هو اوڪراڙا ڪرڻ شروع ڪندو. انهي لاءِ وري ڪارڻ اهو آهي جو.کير يا پاڻي ۾ لوه جو ڪٽ وجهي پياريو ويندو تـ هو سهي ٿي ويندو. پاليل ڪتو ڪير بـ وٺي وڃي . ڪٿي بـ وٺي وڃي ويڇي ملي تـ هو ڌڻي وٽ ضرور ايندو. ڌڻي وٽ نـ پهتو تـ منهن ڪري ڪيڏانهن بـ ويندو هليو.پر ويڙه ۾ لاهڻ کان اڳ۾ باقائدي ڪتي تي محنت ٿيندي آهي. ڪتي کي مها پتائي گجر اٻاري کارائي ويندي آهي . پر ويڙه وارو ڪتو کير بـ پيئندو آهي.گرمين جي موسم ۾ ڪتي کي خفتي پنهنجي هٿن سان روز وهنجاريندا بـ آهن. انهن خفتين سان ايتري محبت هوندي آهي جو ڪڏهن ڪڏهن تـ ڪتو وهنجاري بنا هٿ ڌوئڻ جي اچي ماني بـ کائيندا آهن.ڪتي کي ڇهـ ڇهـ ست ست ميل ڊوڙائيندا بـ آهن. هاڻ تـ موٽر سائيڪل نڪتا آهن پر اڳي گهوڙي جي پٺيان ڊوڙائيندا هئا. گهوڙي جو سوار ڪتي جي سنگهر هٿ ۾ جهلي گهوڙي کي ڊوڙايندو هو. پٺيان ڪتو ڊوڙندو ايندو هو. هاڻ وري وقت ڦريو آهي . تـ اها ڪتي واري سنگهر موٽر سائيڪل تي ٻـ ماڻهو ويهندا آهن اڳيون موٽر سائيڪل هلائيندو آهي ۽ پٺيان ويٺل همراه ڪتي جي سنگهر جهليندو آهي. اهو سفر روز وڌندي وڌندي ڇهـ ست ميل تائين پهچندو آهي. ايئن موٽر سائيڪل جي پٺيان ڊوڙڻ سان ڪتي جا پير زخمي ٿي پوندا آهن.خفتي انهي جي لاءِ ڇا ڪندا آهن جو.ٻٻر جو ڇوڏو لاهي گرم ڪري انهي سان اهي پير ڌورائيندا آهن تـ اهو پيرن جو سور ئي لهي ويندو آهي.ٻيو وري ڇا ڪندا آهن جو ڪتي کي شاخ يا واٽر جي پاڻي ۾ لاهيندا آهن، سنگهر هٿ ۾ هوندي آهي. بس واٽر يا شاخ ۾ پاڻي ايترو هجي جو ڪتي جا پير هيٺ نـ لڳن.انهي سان ڪتي جو دم پڪو ٿيندو آهي. ڇو جو هونئن اڪثر ڪري ڪتو زبان ٻاهر ڪڍي وات سان ساه کڻندو آهي. پر واٽر يا شاخ جي پاڻي ۾ ڪتو وات جي بدران نڪ سان ساه کڻندو آهي. انهي سان ڪتي جي چڪ هڻڻ جي ساهي وڌي ٿي . اڌ ڪلاڪ تائين چڪ هڻي سگهي ٿو.ٻيو ڇا ڪندا آهن جو ڪتي جي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ تيل سان مالش ڪندا آهن . اها مالش چار ڄڻا گڏجي ڪندا آهن ٽي ڄڻا ڪتي کي دسي جهليندا آهن. هڪڙو ڄڻو تيل جي زور سان مالش ڪندو آهي. ويڙه واري ڪتي جا ڪن ڪٽي ڇڏيندا آهن. ويڙهه جو ڪتو بٽو هوندو آهي ڇو جو نـه تـه انهي کي چڪ پئجي سگهي ٿو،ڪتو ٻن سالن جو ڪري ويڙهائي سگهجي ٿو ۽ اهو ئي ڪتو ست اٺ سال تائين وڙهي سگهي ٿو.هونئن ڪتي سٺ ڏينهن ۾ لڳڻ کانپوءِ ويامندي آهي.پر هن جا گلر تيرنهن ڏينهن کانپوءِ اکيون کوليندا آهن.ڪتي جي زبان جتي بـ لڳي . اتي هن جي جسم ۾ ڪيڙا ختم . اڪثر ڪري هن جي زبان هن جي مٿي تي ناهي پهچندي . انهي ڪري اڪثر ڪري ڪتي جي مٿي واري زخم ۾ ڪيڙا پوندا آهن.

ڪتي جا رنگ اڇو، رانڳون ڪتو رانڳو ڪتو. ڳاڙهي شينهن جهڙو هوندو آهي.سڀ کان ڀلو ڪتو آهي ڪجل، اهو رنگ جو اڇو هوندو آهي. سڄي جسم تي ڪارا ڪارا چٽا هوندا آهن.چوندا آهن وئير ڪتو ڇتو ناهي ٿيندو. وئير معنيٰ جنهن جي چئني پيرن ۾ ويهـ آڱريون هجن. نـ تـ اڪثر ڪري ڪتي جي چئني پيرن ۾ سورنهن آڱريون هونديون آهن.اڳي ڪتي جي پڇ وڍي ڇڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اهو بـ خيال هو تـ پڇ وڍيل ڪتو ڇتو ناهي ٿيندو.

بس ڪتي سان گڏ ڪتو ٿيڻو آهي. اهو خفتين جو خيال آهي،ڪتو ڏيڻ بـ ڏکيو، وٺڻ بـ ڏکيو.اهي مٿيون سموريون ڳالهيون بولي ڪتن جون آهن.ڇو جو ڪتي جي ڪتي سان ويڙه بولي ڪتن ۾ ئي ٿيندي آهي.بولي ڪتو ماڻهو سان ڪونـ وڙهندو. سوئر جي شڪار ۾ بـ سامهون ويندو آهي سوئر جي ۽ مارجي ويندو آهي.بولي ڪتي جي جسم تي وار ناهن ٿيندا.. شڪار جو ڪتو آهي ئي تازي. بلٽر وري رڇ سان وڙهندو آهي.تازي جو سنهو منهن ڊگهي تاني. بولي جو مٿو وڏو ۽ واڇون وڏيون جسم ۾ ڳرو. ڪتن جون خفتي چوريون بـ ڪرائيندا آهن. جيئن فتو ۽ عابد ڏاهري جي ڪتن جي بند وارن پلين تڏهن چوري ڪرائي هئي جڏهن اڃا گلرن اکيون بـ ڪونـ کوليون هيون. ڪتن جا وڏا وڏا زميندار بـ خفتي آهن. جيئن خليفو ولي محمد پهوڙ،غفور کوکر سانگهڙ وارو، ۽ سردار قيوم ڪراچي وارو.

Khalid_jogee@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو