Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي آپريش:هڪ نئون ڊرامو
above article banner

ڪراچي آپريش:هڪ نئون ڊرامو

جيئن جيئن ڪراچيءَ جي صورتحال بدکان بدتر ٿيندي ٿي وڃي تيئن تيئن عوام کي عجيب و غريب ۽ ڊرامائي انداز ۾ حڪومتي وزيرن،قانون لاڳو ڪندڙا دارن جي سربراهن ۽ مختلف سياسي جماعتن جي طرفان جاري ٿيندڙ بيان ٻُڌڻ لاءِ ملن ٿا. بيانن کانسواءِ جهڙا قدم کنيا پيا وڃن يا جن جو اشارو ڏنو ٿو وڃي. انهيءَ مان نه صرف سياسي بلوغت بلڪه انتظامي سمجهه / فهم جو به پتو پوي ٿو. جيڪڏهن مُلڪي وهنوار هلائڻ لاءِ اهڙا ذهن اعليٰ منصب تي ويٺل هجن ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ ڪراچي جون حالتون نئين ڳالهه ناهي، ڪراچي ۾ سرگرم قوتون به رات پيٽ ۾ پيداناهن ٿيون، سياسي، لساني ۽ فرقيواريت جي نالي تي ٿيندڙ قتل و غارت سالن کان جاري آهي. هزارين گرفتار ٿيا، ڪورٽن ۾ به پيش ٿيا پر سزائون صرف ننڌڻڪن کي آيون. گڏجاڻيون ٿيون، ڪميٽيون ٺاهيون ويون، حڪمت عمليون جوڙيون ويون، نوان آفيسر مقرر ڪيا ويا. ڪڏهن وال چاڪنگ ختم ڪئي وئي ته ڪڏهن سياسي جماعتن جا جهنڊا لاٿا ويا،ڪڏهن پوليس چوڪيون قائم ڪيون ويون ته ڪڏهن علاقائي سطح تي حفاظتي انتظام ڪيا ويا… مطلب ته مختلف طريقن سان شهر جي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا. سينٽ چيڪنگ کان وٺي موٽر سائيڪل هلائڻ تائين تي پابندي جهڙا قدم کڻي به پهچ ۽ پنهنجي روزگار سان مطلب رکندڙ عام ماڻهو کي تنگ ڪندو ويندو رهيو آهي.

مُلڪي سطح تي جن معاملن تي بيان ڏنا وڃن ٿا يا انتظامي طور جيڪي قدم کنيا وڃن ٿا انهن جو ذڪر ڪرڻ وقت جو وڃائڻ آهي. صرف پاڪستان جي هن اهم شهر جي باري ۾ صرف ٻن طرفن کان جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ۽ پڙهندڙ اهو اندازو بخوبي لڳائي سگهن ٿا ته ايندڙ وقت ۾ ڇاڇا نه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملندو.

 

بي مثال بيان شهر جي جڏهن به حالت خراب ٿيندي آهي ته هرطرف کان انهي جي مذمت ڪئي ويندي آهي، انتهائي افسوسناڪ واقعو / واقعا ٿيا، سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي ، قاتلن کي ڪيفرِڪردار تائين پهچايو ويندو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، بس ! هاڻي گهڻو ٿي ويو، شهرجي خراب حالت جي پويان ٽيون هٿ آهي، غير مُلڪي هٿ ملوث آهن، طالبان جو ئي ڪم ٿي سگهي ٿو، فرقيواريت يا لسانيت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،جمهوريت جي خلاف سازش آهي، اهو ڪرائي جي قاتلن جو ڪم آهي، ڪجهه شرپسند آهن، کين جلد بي نقاب ڪيو ويندو، وغيره اهڙي قسم جا بيان ڪنهن به واقعي جي فورن بعد منظر عام تي ايندا آهن. اُهي اڳ ئي تيار هوندا آهن، صرف جاري ڪرڻ جي دير هوندي آهي. اهڙن بيانن جاري ڪرڻ کان پوءِ هو ايئن محسوس ڪرائيندا آهن ته بس سندن ڪم اهو ئي ته هو. هي 1947ع جو دور ناهي اسان جديد دنيا جا ڄاوا آهيون، سائٽيفڪ ايپروچ چوي ٿي ته بغير تحقيق ۽ جاچ جي ڪلاڪ جي اندر اهو ڪيئن ٿو اندازو ڪري سگهجي ته ڪهڙي هٿ يا گروهه ملوث آهي ؟ڇا ! اهو کُليل اعتراف ناهي ته هاڻ بخش نه ڪيو ويندو؟ ڇا اهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪاحد مقرر ٿيل هئي ته هڪ مهيني ۾ 100 کن ماڻهو ماري سگهجن ٿا پر انهيءَ کان وڌيڪ نه ؟ هڪ فرد جي قتل سان هڪ کان وڌيڪ خاندان متاثر ٿين ٿا. جمهوريت کي انهي مان ڪهڙو خطرو ؟ جيڪڏهن پوليس، رينجرز ۽ ڳجهن ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ڇا انهن جو ڪم ناهي ته هو امن امان کي برقرار رکن ؟ ڇا هو صرف هدايتن کان پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ؟ قتل ٿيو ۽ قاتل گم ۽ توهان ٿا چئو کين منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، توهان کي مليل اختيارن ۾ سزا ڏيڻ ته شامل ناهي! پوءِ ڇا اهو ممڪن ناهي ته توهان ڪجهه به ڪري سگهو ٿا ؟

لا جواب اپاءَ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي موٽرسائيڪل هلائڻ تي پابندي، مخصوص جاءِ کان هيترا ميٽر پري موٽر سائيڪل هلائڻ يا پارڪنگ تي پابندي. صبح کان شام تائين موبائل سروس بند. هٿيارن جي نمائش تي پابندي، شرپسندن کي ڏسندي ئي گولي هڻڻ جو حُڪم، شهر ۾ گشت وڌائڻ جو حڪم، رينجرز کي پوليس سان گڏ ڊيوٽي ڪرڻ جو حڪم، ڦلاڻا ڦلاڻا علائقا حساس يا انتهائي حساس قرار ڏنا ويا، مخصوص علائقن ۾ ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو، رينجرز کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا آهن… وغيره. هڪ ڪار جي ذريعي ڪو ڌماڪو ڪري ته ڇا ڪارن تي يا هلائڻ تي پابندي لڳائي وڃي ؟ جيڪڏهن ڪو پيادل شخص ڪنهن امام بارگاهه يا مسجد يا ڪنهن درگاهه يا ڪنهن آفيس وغيره کي نشانو بڻائي ته ڪنهن شهري کان انهي جي پيادل هلڻ جو حق کسي وٺجي ! جيڪڏهن ڄاڻ بلڪل پڪي آهي ته پوءِ ان کي عام ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي سموري طاقت انهي ۾ لڳائي ويندي آهي ته اجهو ٿو ڪو هنڌ نشانو بڻجي. خوف پکيڙيو ويندو آهي. شايد دهشتگرد اهو ئي ته چاهين ٿا ته هن قوم کي خوف ۾ ئي مبتلا رکجي ۽ حڪومتي ڪارندا اهو ڪم سولو ڪندا رهندا آهن. اهڙن کوڙ سارن بهترين اپائن جي باوجود هڪ عدد وڌ ۾ وڌ 25 سالن جو ايندو آهي ۽ بس. . . اهڙن رٿائن کان اڳ به ناڪامي ته پوءِ به ساڳيو حال، سڄي مُلڪ جيان ڪراچي ۾ به قتل وغارت يا بم ڌماڪي کان پوءِ سڄي شهر ۾ يا ڪُجهه مخصوص علائقن ۾ انتهائي جوڳا قدم کنيا ويندا آهن پر صرف ڪجهه ڪلاڪن لاءِ يا ڪجهه ڏينهن لاءِ. جيڪڏهن نااهلي صرف هيٺين سطح تي هجي ته انهي کي درست ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن اها شروعات ئي مٿان کان ڪري ته مثبت نتيجن جي توقع ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي.

اسان پوليس، تعليم، صحت ۽ ٻين ادارن ۾ نوڪريون شوق سان ناهيون ڪندا.نوڪري ڪرڻ کي صرف روزگار جو ذريعو سمجهندڙ قوم آهيون ، نه صرف نوڪري وٺندڙ پر ڇا ڏيندڙ به انهي ڳالهه جو خاص خيال رکندا آهن ته ڪنهن شخص جي مزاج وٽان اُها JOB آهي يا نه ؟جيڪڏهن ڊاڪٽر S H O ۽ ڊسپينسر جمعدار هجي ته مريض چڱو ٿيو سو ٿيو. تربيت نالي ڪاشي ڪنهن به اداري ۾ ناهي 2008 جي گڏيل چٽاڀيٽي وارو امتحان پاس ڪندڙ ۽ پوءِ ڪامياب ٿيندڙ اسسٽنٽ ڪمشنرز، سيڪشن آفيس، فوڊ آفيسرز، ليبر آفيسرز وعيره يا انهي کان پوءِ مختيار ڪارز، انجنيئرز، ليڪچرارز وغيره بغير ٽريننگ جي نوڪريون جنهن صوبي ۾ ڪن ته انهيءَ صوبي جا انتظامي ڪامورا ۽ سياسي اڳواڻ به يقينن ڪنهن تربيت جي مرحلي مان نه گذريا هوندا. هتي انهي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد صرف اهو هيو ته جيڪي به سياسي يا انتظامي ڳڙڀڙ هن وقت اسان ڏسون ٿا، ايندڙ ڏينهن ۾ انهي کان ڏهوڻ تي هوندي، ، ، حالتون ايئن ٿيون پيش گوئي ڪن.

هن شهر جي حالتن کي بهتر ڪرڻ ۾ نه ڪا سياسي قوت سچي آهي نه ئي ڪو ڪامورو.گذريل ٽن سالن کان شهر جي سڀ کان مضبوط پارٽي اهو رينگٽ ڪندي رهي آهي ته شهر ۾ طالبان پهچي چُڪا آهن. ڀتاخورن کان وٺي مختف شرپسندن ڏانهن اشارو ڪندي ڪڏهن پاڻ ته ڪڏهن واپارين کان اهو چورايو ويو آهي ته فوج ئي هن شهر ۾ امن قائم ڪري سگهي ٿي. يا بنا متبيد جي آپريشن ڪيو وڃي پر جڏهن 19 نومبر تي سينيٽ ۾ اهڙي قسم جي آپريشن جو بل منظور ڪيو ويو ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه آپريشن جو آشارو ڏنو ته لنڊن تائين اعتراض واريا ويا.انهيءَ آپريشن کي متحده جي خلاف آپريشن ڪوٺيو ويو. اڳ ڪراچي کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو ۽ هاڻ سڄو پاڪستان هٿيارن سان ڀريو پيو آهي، جتي انهي بيان ۽ بل جي مذمت ڪئي وئي آهي متحده جي پريشاني بلڪل جائز آهي، هي آپريشن هوندو به انهي جي خلاف . اهو قدرتي عمل آهي ته اعتراض ته صرف انهي کي ٿيندا جن جي مفادن جي خلاف ڪي قدم کنيا ويندا. ڇا متحده چاهي ٿي ته هن شهر جون حالتون هميشه خراب رهن ؟ يا متحده ئي اهڙين حالتن جي پويان آهي ؟ جيڪڏهن نه ته لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو شهر جي ووٽ تي دعويٰ ڪندڙ پارٽي کي سڀ کان اڳڀرو ٿي انهي قدم کي لبيڪ چوڻ گهرجي .

ڪراچيءَ جون موجود حالتون ۽ بلوچستان جون ڪجهه وقت اڳ واريون حالتون الڳ ناهن، ساڳيون قوتون جيڪي بلوچستان ۾ حڪومتي رٽ قائم ٿيڻ نٿيون ڏين، انهن ئي هن شهر ۾ اهڙيون حالتون پيد ڪيون آهن، انهن ئي قوتن اڳ پيپلز امن ڪميٽي ۽ پوءِ واپارين ۽ هاڻ عوامي نيشنل پارٽي کان اهو ڪم ڪرايو آهي ته هو هن شهر ۾ فوج جي اچڻ جي گهر ڪن ته جيئن آمريڪي مفادن جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهي سگهجي. ڇو ته هتي جون سياسي قوتون زمانا ٿيا جو گوڏاکوڙي چڪيون آهن. هي سياسي وائڙائپ جو ئي نتيجو آهي ته حالتون انهي نهج تي پهچي چڪيون آهن جو هن شهر ۾ خونريزي جا هڪ کان وڌيڪ سبب هجن، اها سياسي بصيرت نه بلڪه ڪُرسي ۽ اقتدار جي لالچ آهي ته روز جي خونريزي جي باوجود اهو باربار چيو وڃي ته هر سياسي قوت کي اعتماد ۾ وٺي ڪي قدم کنيا ويندا. سفارشي ڪامورا پوسٽنگ بچائڻ جي چڪر ۾ فرضن کان ڪوتاهي ڪرڻ کي Job ٿا سمجهن. غريب ۽ امير جو هن شهر ۾ فرق صرف ايترو آهي جو غريب رهڻ تي مجبور آهي ۽ امير سڀ ڪجهه وڪڻي ٻاهر وڃڻ کي ترجيح ڏي ٿو.

تازو ئي گلشن اقبال ۾ هڪ امير جي پُٽ کي اغوا ڪيو ويو. ڀنگ لاءِ 10 ڪروڙ گهريا ويا، ڳالهين کان پوءِ 2 ڪروڙ تي معاملا طئه ٿيا، معاملا طئي ٿيڻ جي دوران انهي شخص سمورو ڪاروبار ۽ ملڪيت وڪڻي ڇڏي, جنهن ڏينهن کيس سڪيلڌو ڀنگ عيوض مليو انهي ڏينهن سڄي فيملي سميت هميشه لاءِ هن ملڪ ڇڏي روانو ٿي ويو. ويندي ويندي صرف ايترو چيائين ته پنهنجي اولاد کي اها سختي سان هدايت ڪندس ته وري هن ملڪ کي نه ڏسن.اهو هڪڙو قصو ناهي، سوين اهڙيون ڪهاڻيون آهن پر انهي کان به ڪيئي درجا مٿي انهن ماڻهن جا اهنج آهن جيڪي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيندا آهن جيڪي سڄي زندگي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ ۾ خرچ ئٿي ويندا آهن، جيڪي نه صرف غريب آهن بلڪه انتهائي لاچار به آهن جو کين پاسپورٽ، ويزا ۽ ٽڪيٽ جا پئسا ناهن ،نه ته هي شهر ڪڏهوڪو خالي ٿي چُڪو هجي ها… هڪ ئي خاندان جي مڙني مردن کي ٽارگيٽ ڪيو وڃي يا اڪيلي پٽ کي گولين سان پروڻ ڪيو وڃي، فرقي رنگ، نسل، پوشاڪ ۽ زبان جي بُنياد تي ماريو وڃي. هزارين پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي جي باوجود قتل ٿيندا رهن ۽ قاتل گهمندا رهن. جتي ڪوبه روڊ، آفيس يا گهر ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهي. اتي اهڙن کوکلن ۽ دل ڏکائيندڙ بيانن ۽ اپائن تي مُرڪي به نٿو سگهجي. روشنين جي شهر کان رهزنن جي شهر تائين جي سفر ۾ اتحادي سياسي ڌريون برابر جون شريڪ آهن. جيڪڏهن آپريشن کان اڳ ڪارڪنن کي “ ذهني طور تيار رهڻ” جو چيو وڃي ۽ بيانن کان ڪلاڪن کان پوءِ ترديد ڪئي وڃي ته پوءِ خلق خدا جو مقدر چڱو ناهي پر تجربا ٻُڌائن ٿا ته آپريشن نه ٿيندو ۽ اگر ٿيو به ته ڏيکارن لاءِ حالتون سنگين ٿي وينديون ايندڙ ڪُجهه مهينن ۾.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو