Home / افيئر / ڪراچي کي مقتل گاهه بڻائيندڙ جو احتساب ڪڏهن ٿيندو
above article banner

ڪراچي کي مقتل گاهه بڻائيندڙ جو احتساب ڪڏهن ٿيندو

ڪولاچي جي ڳوٺ کي، ڪراچي سٽي ۾ تبديل ڪندڙ سنڌ جي پهرين گورنر سر چارلس نيپئر واپس انگلينڊ وڃڻ کان اڳ خواهش ظاهر ڪئي هئي ته ڪاش هو وري ڪراچي واپس اچي سگهي، ۽ هن روشنين ۽ خوابن جي شهر کي پنهجي جواني ماڻيندي ڏسي سگهي. ڪراچي شهر جي مستقبل لاءِ سندس خيال هو ته، ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو مشرقي دنيا لاءِ فخر لائف ثابت ٿيندو. چڱو ٿيو جو چارلس نيپئر ڪراچي جي جوڀن ماڻڻ کان پهريان ئي موڪلائي ويو، نه ته پنهجي اڳڪٿي کي غلط ثابت ٿيندي ڏسي هن کي گهٽ ۾ گهٽ پنهجي غلطي جو احساس ضرور ٿئي ها ته، جن هٿن ۾ هو ڪراچي جو ڪنٽرول ڏيون ٿو وڃي اهي، هن شهر کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا. گهڻو حيران۽ پريشان ٿيڻ بدران جيڪڏهن ڪراچي جو ارتقائي جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو ته، ڪراچي کي مقتل گاه ٿيڻ ۾ پورا 65 سال لڳا آهن. حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ذاتي مفادن جي ور چڙهيل هن بدنصيب شهر ۾ نفرتن جو ٻج پاڪستان ٺهڻ وقت ئي ڇٽجي چڪو هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هن شهر ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ، مختلف ثقافت رکندڙ، مختلف عقيدن ۽ مذهبن جا ماڻهو وڏي پيار محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان رهندا هئا. ڪنهن سان لسانيت يا مذهب ۽ رنگ يا نسل جي آڌار تي متڀيد سلوڪ نه ڪيو ويندو هو.

 

پاڪستان ٺهڻ کان فقط هڪ سال پوءِ يعني 3 جنوري 1948 تي ڪراچي ۾ حڪمرانن هٿ وٺي لساني فساد ڪرايا، جنهن جو مقصد صرف اهو هو ته، ڪراچي ۾ رهندڙ غير مسلم آبادين کي هيسائي ۽ ڌمڪائي سگهجي ته جيئين هو ڪراچي ڇڏي وڃن ۽ انهن جي ملڪيتن ۽ ڪاروبارکي، هندستان مان هجرت ڪري آيل مسلمانن ۾ ورهائي سگهجي. اهڙن فسادن جي رياستي پٺڀرائي جو هڪ وڏو ثبوت اهو هو ته، لياقت علي خان (ان وقت جو وزير اعظم) ۽ ايوب کهڙو) وزير اعليٰ) وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي هئي. ايوب کهڙي نه ٿي چاهيو ته، رياستي مشينري استعمال ڪري پنهجي ئي شهرين کي مارايو وڃي. هي لساني ۽ مذهبي فسادن جي شروعات هئي. ايوب کهڙي جي حڪم تي، اهڙن ڪيترن ئي شر پسند گروهن کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙين شر پسند ڪارواين ۾ سرڪاري ملازمن جو به هڪ وڏو انگ ملوث هو. لياقت علي خان ، ايوب کهڙي تي وڏو دٻاءُ رکيو ته، هو سڀني ماڻهن کي آزاد ڪري. پر ايوب کهڙي شرپسند گروهن کي آزاد ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ايوب کهڙي جي اهڙي هٺ ڌرمي، جو اڳتي هلي نتيجو اهو نڪتو جو، ملڪ جي واڳ ڌڻين 22 مئي 1948 تي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪندي مرڪز ۾ شامل ڪري ڇڏيو ۽ ايوب کهڙو کي نااهل قرار ڏئي ان جي جاءِ تي الاهي بخش کي سنڌ جو وزير اعليِٰ مقرر ڪيو.

 

ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين هر حڪمران ملڪ جي پهرين وزيراعظم جي پوکيل نفرتن جي فصل کي پاڻي ڏنو آهي. هندستان مان هجرت ڪري آيل مسلمانن کي حڪمرانن پاران مسلسل 20 سالن تائين اهو ٻڌايو ويندو رهيو ته، اوهين آهيو پاڪستان کي ٺاهڻ وارا، پاڪستان توهان جي لازوال قربانين جي بدولت وجود ۾ آيو. توهان جي بزرگن انگريز سامراج سان جنگيون ڪري هُنن کي هتان تڙي ڪڍيو. هوشو کان هيمون تائين، ۽ سورهيه بادشاهه کان سائين جي ايم سيد تائين، ڪنهن جو به انگريز سامراج کي تڙي ڪڍڻ ۾ ڪک جيترو ڪردار به نه آهي. ايتري قدر جو ملڪي وهنوار هلائڻ لاءِ به سرڪار کي هتان جي اصلوڪي رهواسين مان ڪي اهل ماڻهو نه مليا، تنهنڪري هجرت ڪري آيل باصلاحيت مسلمانن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.حڪمرانن جي اهڙي رويي هڪڙي پاسي هجرت ڪري آيل مسلمانن کي احساسِ برتري جهڙي مرض ۾مبتلا ڪري ڇڏيو ته ٻئي پاسي هتان جي اصلوڪن باشندن کي احساسِڪمتري جو شڪار ڪري ڇڏيو.نتيجتي ڪراچي ۾ اڄ ڏينهن تائين مذهبي توڙي لساني هم آهنگي نه ٿي سگهي آهي.

 

1964 واري صدارتي اليڪشن ۾ جنرل ايوب خان سرڪاري مشينري استعمال ڪندي جڏهن فاطمه جناح کي شڪست ڏني ته، سندس پٽ گوهر ايوب خان قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي پنهجي پيءُ جي کٽڻ جي خوشي ۾ ڪراچي ۾ جلسا ۽ جلوس ڪڍيا. اهڙي عمل تي جڏهن شهرين احتجاج ڪيو ته، انهن کي چِٿڻ لاءِ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي. ايوب خان جو ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادين کي اهو دڙڪو اڃا ياد آهي جنهن ۾ هن چيو هو ”آگي سمندر هي….“. ڪراچي ۾ جيڪو مذهبي نفرتن جو ٻج لياقت علي خان ڇٽيو هو، ايوب خان ۽ سندس پٽ گوهر ايوب خان ان کي لسانيت جو ڀاڻ ڏئي وڏو ڪيو.

 

ڪراچي کي بارود ۽ هر قسم جي نشي جو اڏو بڻائڻ ۾ جنرل ضياءُ الحق، جو تمام وڏو ڪرداررهيو آهي. افغانستان ۾ آمريڪا جي روس جي خلاف جنگ کٽڻ کانپوءِ جنرل ضياءالحق لکن جي تعداد ۾ افغانين، کي ڪراچي ۾ رهايو، جن کي دشمن ملڪن لاءِ استعمال ٿيندڙ امڪاني مجاهدين جو درجو ڏنو ويو. اسلام کي ڪنهن ڏکي وقت کان بچائڻ لاءِ مدرسن ۽ مسجدن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ بارود جا ڍير لڳي ويا. سگهارن ادارن اسلام ۽ پاڪستان جي نالي تي لشڪر طيبه، جيش محمد، لشڪر جهنگوي، حرڪت المجاهدين جهڙين جهادي تنظيمن کي ڪراچي مان آپريٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ انهن کي هر قسم جا هٿيار ڏنا ويا. سنڌ ۾ هلندڙ MRD تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪراچي ۾جنرل ضياءالحق جي آشير واد سان مهاجر قومي مومينٽ (MQM)وجود ۾ آئي جنهن ڪراچي کي لساني بنيادن تي ٽڪرن ۾ ورهائي ڇڏيو. مهاجر قومي موومينٽ جيڪا اڳتي هلي متحده قومي موومينٽ ۾ تبديل ٿي، جو بنيادي مقصد صرف اهيو ئي هو ته،پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جماعتِ اسلامي جي ووٽ بينڪ کي لساني بنيادن تي ٽوڙي سگهجي.

 

نيپئر جي امنگن ۽ خواهشن جي ابتڙ ڪراچي جي سڄاڻپ (QUEEN OF EAST) بدران دنيا جي خطرناڪ شهر ۾ تبديل ٿيڻ ۾ ڪافي سال لڳا آهن. ڪراچي شهر اڄ جنگ بڻيل علائقي جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ٽريفڪ بند، ٽرانسپورٽ معطل، عمارتن مان دونهون پيو اچي، گاڏين کي باه ڏئي ساڙيو پيو وڃي، گهر گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، گهٽين ۾ موت رقص پيو ڪري. هتان جا شهري هڪ اڻ ڄا خوف ۾ ورتل آهن، ڪو روڊ، ڪا گهٽي، ڪو علائقو محفوظ نه آهي. 350 واپاري علائقن ۾ روزانو جي بنياد تي، دوڪاندارن کي ڀتا مافيا جون پرچيون ملن ٿيون، جنهن تي دوڪان ۽ دوڪاندار جي اوقات مطابق رقم لکي وڃي ٿي، جيڪا رقم دوڪاندار کي شام ٿيڻ کان اڳ ئي جمع ڪرائڻي پوي ٿي ٻي صورت ۾ دوڪان يا ڪاروبار ته وڃي ئي وڃي پر جان جي به ڪا پڪ نه آهي. جيڪڏهن ڪو محفوظ آهي ته، صرف اهو جيڪو 50 فٽ اوچي چوديواري اندر رهي ٿو يا بلاول هائوس، مردان هائوس ۽ نائن زيرو ۾ رهي ٿو. رينجرس ”ڏسندا رهو پر ڪنهن کي ڪجهه نه چئو“ جي فارمولي تحت ڪم ڪري ٿي ۽ پوليس جنهن ۾ 5000 کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سياسي ڌر جا هجن ۽ 2000 ٻي سياسي ڌر جا، ته انهن کان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو پنهجي سياسي آقائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن چوڻ مطابق ڪم نه ڪندا.پوليس ۾موجود اڪثر عملو پنهنجي سياسي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ سياسي ايجنٽ طور ڪم ڪري ٿو. سياسي ٺڳن ۽ مافيا جي ماڻهن سان هي ڪلهو ڪلهي سان ملايون بيٺا آهن.

 

ڪراچي شهر، ڏوهارين جي هڪ وڏي ڄار ۾ جڪڙجي چڪو آهي. هي ڏوهاري سياسي پارٽين سان به تعلق رکن ٿا ته، مذهبي پارٽين سان به، ساڻن تحريڪ طالبان جا ماڻهو به آهن، ته انڊر ورلڊ گينگ جابه. ابراهيم دائود، ٽائيگر ميمڻ، شعيب خان، حاجي ابراهيم عرف ڀولو سميت ڪيترائي خطرناڪ ترين گئنگسٽرس به، ڪراچي ۾ پاڻ کي ڪافي محفوظ سمجهن ٿا ۽ هتي ڊرگ سمگلنگ، هيومن ٽريفڪنگ سميت هر غير قانوني ڪم وڏي آساني سان ڪن ٿا. دهشتگرد قرار ڏنل ڪاالعدم تنظيمون لشڪرِ جهنگوي، حرڪت المجاهدين، جيش محمد، لشڪر طيبه به ڪراچي جي مدرسن ۽ مسجدن ۾ بنا ڪنهن خوف جي ڪم ڪن ٿيون. ان کان علاوه ANP, MQM ۽ PPP جون هٿيار بند ونگس به سرِعام ڪم ڪن ٿيون.ان جو واضع ثبوت سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو فلور آف دي هائوس ۾ اهو بيان ته ڪراچي جو امن مصلحت ۽ مفاهمت جي ڪري خراب آهي جيڪڏهن ان کي هڪ مهيني لاءِ آزاد ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ته، هو ڪراچي ۾ امن آڻي سگهي ٿو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ ذميوار شخص جو بيان ان ڳالهه جي واضح نشاندهي ڪري ٿو ته، ڪراچي ۾ غنڊاگردي، دهشتگردي، ڀته وصولي، سياسي پارٽين جي پاڇي هيٺ ٿئي ٿي.

 

2009 ۾ ڪراچي ۾ قتل ٿيندا جو تعداد آهي 1747، 2010 ۾ قتل ٿيڻ وارن جي تعداد ۾ واڌ آئي ۽ 1981 ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، 2011 ۾ 2200 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ هن سال رڳو جنوري کان سيپٽمبر تائين ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۾ قتل ٿيڻ وارن جو تعداد وڌي 2024 تائين پهتو آهي، خدا ڄاڻي ڊسمبر جي آخر تائين اهو تعداد ڪٿي وڃي پهچندو. ايتري وقت ۾ ايڏي انداز ۾ قتل و غارت شايد ئي دنيا جي ڪنهن شهر ۾ ٿي هجي . سيڪيورٽي ادارا ڪراچي ۾ بدامني کي روڪڻ کان لاچار ۽ بي وس نظر اچن پيا. حڪومت ۾ ويٺل اتحادي ڌريون هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنهجا گناه لڪائڻ ۾ پوريون آهن. وڏو وزير چئي ٿو خير آ ڪو مسئلو نه آهي، وڏن شهرن ۾ ائين ٿيندو آ، هيڏي وڏي شهر ۾ايترا قتل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. گورنر صاحب اعلان ٿو ڪري ته، اچو ته توهان کي به هٿيارن جا لائسنس ڏيان، باقي وڙهو پاڻ، حڪومت جو آسرو نه ڪيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن حڪومت مان اها اميد ٿو ڪري ته هي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪندا ته، اها ان جي ڀل آهي، جيڪو مسئلن جي جڙ هجي اهو مسئلو حل ڪئين ۽ ڇو ڪندو.

 

تازو ئي ANPسينيٽ ۾ بل پاس ڪرايو ته، ”ڪراچي“ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي، جنهن MQM کي ڄڻ چيڙائي وڌو آهي. جڏهن MQM کي هن بل تي اعتراض ڪرڻ جو ڪو ٻيو جواز هٿ نه آيو، ته قائدِ تحريڪ جي دور انديشي کي استعمال ڪندي جواز ڄاڻايو ويو ته، هي آپريشن اصل ۾ متحده کي چيڀاٽڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي، تنهن ڪري اسان هن بل جي مخالفت ٿا ڪيون. متحده قومي موومينٽ جي ورڪرن کي لنڊن مان نياپو آيو ته هو ڏکيي وقت لاءِ تيار رهن، ۽ مشڪل وقت ۾ مڙس ٿي مقابلو ڪن. ان کان پوءِ تڪڙو ئي متحده قومي موومينٽ طرفان قومي اسيمبلي ۾ هڪ بل منظور ڪيو ويو ته ”پاڪستان“ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي. جنهن جي وري ANP مخالفت ڪري ڇڏي آهي. عجيب منطق آهي، منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن جسم ۾ ڪٿي زخم يا چوٽ لڳي ته، صرف ان جاءِ تي مرهم لڳائبو آهي، نه ڪي سڄي جسم ۾. بهرحال MQM ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ کان پهريان سڄي پاڪستان کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو آهي. ظاهر آهي جيڪا سياسي ڌر، سياسي توڙي عسڪري طور ڪراچي ۾ ايڏي منظم ۽ مظبوط هجي، جو پنهجي آقا جي هڪ اشاري تي پوري ڪراچي کي صرف هڪ ڪلاڪ ۾ اپاهج ڪري سگهي اها ڪيئن چاهيندي ته، هنن جي هٿن مان هٿيار کسيا وڃن. هو آخر ڪئين چاهيندا ته، جيڪي نيٽو ڪنٽينرس مان وڏي تعداد ۾ هٿيار گڏ ڪيا آهن، اهي هنن کان کسيا وڃن. پارٽي چندي جي نالي تي جيڪو روزانه جي حساب سان ڪروڙين روپين جو ڀتو گڏ ٿئي ٿو اهو آخر هٿيارن کان سواءِ ڪيئن ممڪن ٿيندو. هٿيارن کان بغير اهو آخر ڪئين ممڪن هوندو ته، اليڪشن ۾ دهشت ۽ وحشت ، ڏاڍ ۽ ڏمر جي آڌار تي مخالفن کي هارائي سگهبو.

 

حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي جا وزير ۽ مشير پڻ اچانڪ، ڪراچي ۾ فوجي آپريشن جا حامي ٿي بيٺا آهن، روز ڪو نه ڪو بيان ڏين ٿا ته، ڪراچي جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن تنهڪري ڪراچي ۾ فوجي آپريشن اڻٽر ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت ۾ شامل پ پ جا وزير جيڪي ڪجهه مهينا اڳ اهو چئي رهيا هئا ته، ”خير آهي، هيڏي وڏي شهر ۾ هيترا ماڻهو مرڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي“ هاڻي اهي وڏي واڪي چون ٿا ته، ڪراچي جي دهشتگردن مان جان ڇڏائڻ لاءِ فوج کان مدد وٺڻي پوندي. مسلسل پنجن سالن تائين هي ڪراچي ۾ ٿيندڙ خونريزي ۾ برابر جا شريڪ رهيا آهن پر هاڻي هنن کي احساس ٿيو آهي ته، ڪراچي هنن جي هٿن مان نڪري چڪو آهي. ڇو ته ڪراچي ۾ هنن مفاهمت جي نالي تي جيڪو گند ڪيو آهي اهو صاف ڪرڻ گهٽ ۾ گهٽ قائم علي شاه حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي. تنهڪري هو چاهين ٿا ته ڪا ٻي قوت اچي هنن جو گند صاف ڪري. سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ کان پوءِ سنڌ ۾ قومپرست جماعتن ۽ فنڪشنل ليگ جي وڌنڌڙ مقبوليت پڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ روايتي اثر رسوخ کي ايندڙ اليڪشن ۾ ڪافي نقصان پهچائي سگهي ٿي. اهڙي امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ چاهي ٿي. فوجي آپريشن سان پيپلز پارٽي کي جيڪو وڏو فائدو ٿيندو اهو هي آهي، هڪ ته فوجي آپريشن سان پاڪستان پيپلز پارٽي ساڍن چئن سالن تائين ڪراچي ۾ ٿيندڙ قتل و غارت ۾ ڀاڱي ڀائيوار هجڻ وارو تاثر ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ اندرون سنڌ ۾ ماڻهن وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ وڃڻ جي قابل ٿيندي. پر جيڪڏهن فوجي آپريشن جا ڪي خطرناڪ نتيجا نڪتا ته، ماضي جيان سڄو الزام فوج ۽ رياستي ادارن مٿان ايندو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اظهار افسوس ڪري پنهنجي جان ڇڏائي ويندي. پر جيڪڏهن فوجي آپريشن جي ڪري ايندڙ اليڪشن کي ملتوي يا Delay ڪيو ويو ته صدر صاحب ساڳين ئي اسيمبلين مان پاڻ کي ٻيهر چونڊرائيوري پنجن سالن لاءِ صدر ٿي ويندو.

هن سڄي صورتحال ۾ معلوم ائين پيو ٿئي ته ڪا به سياسي ڌر ڪراچي ۾ امن و امان لاءِ سنجيده نه آهي. ماضي جيئان ڪراچي کي پنهجي سياسي مهم لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. هر سياسي جماعت پنهنجو پنهنجو ڪارڊ استعمال ڪري لسانيت جي بنياد تي ڪراچي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ چاهي ٿي.

naeemchang@yahoo.com

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو