Home / ڪرنٽ افيئر / ڪرپشن مافيا ۽ سنڌي سماج جو سڌارو
above article banner

ڪرپشن مافيا ۽ سنڌي سماج جو سڌارو

وتائي فقير واري ڳالهه تي هاڻي کِلڻ بدران روئڻ ٿو اچي. ويچارو وتايو فقير ته صديون اڳ ۾ هڪڙي انڌي واٽهڙو کي سڏي کانئس ڍورن جي سڃاڻپ ڪرائي وٺندو هو ته ٻڌاءِ ڪهڙي ڳئون آهي ۽ ڪهڙو گڏهه ؟ پر ميڊيا جي اڄوڪي سائنسي دور ۾ اسان جا حڪمران، سندن اتحادي توڙي داخلا وارو وفاقي وزير ۽ وڏو وزير سيد قائم علي شاهه

۽ سندن اسلام آباد ۽ لنڊن ۾ ويٺل روحاني ۽ سياسي قائد ڪروڙين سنڌي ماڻهن کي عقل کان وانجهيل ٿا سمجهن جن کي شايد ايتري به پرک نه پئجي سگهي هوندي ته گذريل پوڻن پنجن ورهين ۾ سرڪار سڳوري ساڻن ڪي سڻايون به ڪيون آهن يا ماڳهين سندن اڳيون سوجهرو به چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌي ماڻهن سان مينڊيٽ وٺڻ کانپوءِ ٿيل ويساهه گهاتين سان گڏوگڏ سڄي ملڪ جي ارڙهن ويهن ڪروڙن جيتري خُدائي مخلوق سان به جيڪا ويڌن ڪئي اٿن ان جو هڪڙو ٽيلر احتسابي اداي جي چيئرمين پاڻ ڏيکاريو آهي. سومر 19 نومبر وارين سمورين اخبارن ائڊمرل فصيح بخاريءَ جي ڪيل انڪشاف تي ايڊيٽوريل لکي حڪمرانن کي آرسيءَ ۾ سندن چهرا ڏيکاريا آهن. هيءُ حقيقتون نه مخالف ڌر پاران گهڙيل ڪي اجايا الزام آهن ۽ نه ئي ميڊيا جي حڪومت خلاف هلايل ڪا مُهم ! هيءُ لکت ۾ ڏنل انگ اکر نيب طرفان جاري ڪيا ويا آهن، جن موجب هڪ هزار چار سئو پنجهتر ارب جي 173 وڏن وڏن ترقياتي منصوبن ۾ Mega Projects کي ڪرپشن کان آجو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. هيءُ قصو پنجن ستن ڪروڙن يا هڪ هزار ڪروڙن جي رشوت جو به ناهي، ذري گهٽ ڏيڍ لک ڪروڙن کي چوري کان بچائڻ جو ڪارنامو آهي جنهن کي عدليا جي واهر سان سرانجام ڏيئي ائڊمرل بخاري ميڊيا جي نمائندن کي اهو به ٻڌايو ته نيب جي سربراهه واري حيثيت ۾ هُن پاڻ گذريل هڪ سال اندر سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن جي پکڙيل مرض کي گهٽجڻ بدران وڌندي ڏٺو آهي جنهن ۾ بقول سندس ٽن طاقتور ڌرين جو ڳٺ جوڙ آهي يعني بااثر سياسي رهنما، ڪامورا شاهي ۽ خانگي شعبي جا واپاري، جيڪي وڏن وڏن منصوبن ۾ سيڙپ ڪن ٿا ۽ وڏيون رشوتون آڇين ٿا. بخاري وڌيڪ ڄاڻايو ته “ ڪرپشن کي پڪڙڻ يا روڪڻ وارين سندس ڪوششن ۾ مٿيان ٽئي گروپ مٿس دٻاءُ وجهن ٿا جن سان مهاڏو اٽڪائي ملڪ کي ڀينگ ٿيڻ کان بچايو اٿم. هاڻي وقت جا حاڪم مون کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرڻ گهرن ٿا ته سندن مرضي آهي. مون اعليٰ عدليا جي واهر وسيلي ڪرپشن مافيا جا کوڙسارا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن پر مٿي ذڪر ڪيل ٽه مُنهين مافيا جو خاتمو لازمي آهي.” چيئرمين نيب وڌيڪ چيو ته وڏن وڏن ترقياتي منصوبن ۾ رشوت روڪڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته ٽينڊر جاري ٿيڻ کان اڳواٽ ئي پپرا (P I P R A ) جي قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل ڪرائجي ته جيئن هاءِ ويز، واپڊا، پورٽ قاسم ۽ آبپاشي کاتي جا اربين روپين وارا ٺيڪا اختياريءَ وارا پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي نه ڏياري سگهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪراچي پورٽ ۽ قاسم پورٽ ۾ اربين روپين جا پلاٽ، وڏن وڏن پاڻي جي جهازن کي ڇڪڻ لنگرانداز ڪندڙ T U G S جن جي ماليت ڪروڙين ڊالرن ۾ هوندي آهي ۽ سمنڊ اندر کوٽائي D redging وارن ميگا پروجيڪٽس، ۾ ئي کربين روپين جي چوري پڪڙي اٿئون ”

سدائين سوچيندو هئس ته گذريل 13 سالن کان وٺي ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ بابر غوري پورٽ ۽ شپنگ واري وزارت کي چهٽيو پيو آهي ان ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ تي قبضي سان گڏوگڏ ٻيو به ته ڪو چقمق هوندو جنهن ڪري ايم ڪيو ايم وارا هر ٻئي ٽئين مهيني الٽي ميٽم ڏئي رساما ڊراما ڪري وري اچيو زرداري صاحب کي ڀاڪرن ۾ ڀرين. اهو به سوال اڀريو ته آخرڪار لنڊن ۾ رهندڙ پنهنجي قائد جا خرچ پکا پورا ڪرڻ خاطرکاٽو پٽن تي ئي ذمو رکيو ويو هوندو. 26 آڪٽوبر تي روزني امت جيڪا خبر ڇاپي هئي پورو مهينو لنگهي ويو، ايم ڪيو ايم ان جي به ترديد نه ڪئي ته الطاف حسين پنهنجي اڳوڻي زال فائزه گبول کي طلاق ڏيڻ مهل لنڊن ۾ کيس هڪ عدد گهر ۽ ايڪهتر لک پائونڊ CASH حق مهر طور فائزه خاتون جي سٽي بينڪ لنڊن واري اڪائونٽ نمبر 13616005 ۾ ادا ڪيا هئا، اوهين رڳو 71 لک پائونڊن کي ڏيڍ سئو سان ضرب ڪري پنهنجي لوڪل ڪرنسي ۾ حساب لڳايو ته گهڻي ويهين سئو آهي !

مون اڳ۾ به لکيو هو ته سنڌ جي قومي وسيلن جي ههڙي بيدريءَ سان ڦرلٽ جو مثال تاريخ ۾ ڪٿي به ڪو نه لڀندو. اڃاته متبادل وزير اعليٰ ۽ صدر زرداي جي ويجهي عزيز جي ڪارنامن جا داستان جڏهن خلق جي آڏو پڌرا ٿيندا ته اوهين مرحوم ڄام صادق علي ۽ ارباب غلام رحيم جي ڪيل پلاٽن واري ونڊ ورڇ کي به وساري ڇڏيندا ۽ ڪروڙين سنڌي ماڻهن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ غربت ۽ بحالي جا ڪارڻ ڳولهي لهڻ به سولا ٿي پوندا. رڳو نگران حڪومتون ٺهن پوءِ ڏسو ته ڪيئن ٿو پردو کڄي موجوده حڪمرانن جي ڪارن ڪڌن ڪرتوتن تان.

سنڌ جي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه ۽ سندس ڪابينه کي آئينو ڏيکارڻ لاءِ به سنڌ سرڪار جي ئي آڊيٽر جنرل جي تازي رپورٽ ڪافي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي 43 کاتن منجهان 36 ۾ اٺاويهه ارب روپين جون بيقاعدگون ۽ بي ايمانيون ڪيون ويون آهن، صوبائي بجيٽ ۾ رکيل انهن 28 اربن جو ڪو حساب ڪتاب ڳولئي نٿو لڀي ته پئسا ويا ڪنهن جي پيٽ ۾ ؟ جن جن ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل سنڌي ماڻهن جي هيڏي وڏي رقم وزارتن مان غائب ٿيا آهن تن ۾ ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊيولپمينٽ اٿارٽي، سيوهڻ ۽ حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻيا مڪاني ادارا ته اڳڀرا آهن ئي آهن پر گهٽايو تعليم کاتي وارن به ڪونهي ۽ نه ئي پٺتي رهيا آهن پوليس، ورڪس سول اٿارٽي، سياحت، روڊس، اريگيشن ۽ صحت کاتو وغيره. حد اها آهي ته ايل اي سي ڄامشوري مان چاليهه ڪروڙ روپيا غائب ٿي ويا آهن. ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي ملير ضلعي جون زمينون تين وال ڪري فقط هلندڙ سال جيڪا رقم غائب ڪئي آهي سا ڇهه ارب روپين کان به وڌيڪ آهي، جنهن مان وڌ ۾ وڌ کاٽ تيسر ٽائون واري اسڪيم ۾ هنيا ويا آهن. جڏهن ته لياري اٿارٽيجي ڪامورن رڳو اڍائي ارب هڙپ ڪيا آهن. ساڳي ريت ان کان ٿورو گهٽ سهي، ايس ڊي اي، ايڇ ڊي اي ۽ ٻين اٿارٽين پڻ خزاني کي نقصان رسايو آهي ته جيئن اتي ڀرتي ڪيل سفارشي ڪامورا پنهنجا ۽ پنهنجن مائٽن جا ڀڀ ڀريندا رهن پوءِ ڀلي ڇو نه ڪو جونئير آفيسر انهن قيمتي ادارن جو حاڪمن جي مهربانيءَ سان سربراهه هجي ۽ ملڪ اسد سڪندر سان گڏ جي سنڌ يونيورسٽي سميت سپرهاءِ وي جي ٻنهي پاسن کان ڀڳڙن مُٺ تي زمينون ورهائي سنڌ جي ڊيموگرافي بدلائڻ واري سازش ۾ جٽ آهي.

منهنجو ايمان آهي ته سنڌ جون زمينون جيڪڏهن مارڪيٽ وارن اگهن تي عام نيلام ذريعي وڪرو ڪري ايمانداري سان پئسا خزاني ۾ جمع ڪرائجن ته سنڌ کي ايڏي وڏي آمدني ٿي سگهي ٿي جنهن مان هر سنڌي خوشحال حياتي ماڻي سگهي ٿو پر شرط اهو آهي ته تاريخ جي هن بدترين حڪمرانيءَ ۽ ان جي ڇانو ۾ مچي مواڙ ٿيل ڪرپشن مافيا جي پاڙ پٽڻ لازمي آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو