Home / افيئر / ڪلچر ڊي کي ذاتي جاگير نه بڻايو
above article banner

ڪلچر ڊي کي ذاتي جاگير نه بڻايو

دنيا جي نقشي تي موجود لڳ ڀڳ هر ملڪ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائي ٿو ۽ ملهائڻ به گهرجي. ڇو جو ثقافت انسان جي بقا جو هڪڙو طاقتور هٿيار هوندو آهي جيڪو انسان جي وجود جي زندهه هجڻ جي پڪ ڏياري ٿو، پر ساڳي ريت ڏٺو وڃي ته ثقافت هڪ ڪمزور Phenomenon پڻ آهي. ڇو جو قومن جون ثقافتون وقت سان گڏوگڏ تبديل پڻ ٿينديون ٿيون رهن ۽ پوءِ اهي قومون جيڪي پنهنجي ثقافت کي

سنڀالي رکڻ جي قابل نه ٿيون رهن اُهي به ظاهري طرح ته زندهه هجن ٿيون پر انهن جي اصل سڃاڻپ تي ڪيئي آڱريون پڻ کڄن ٿيون ۽ وري پوءِ ثقافت کي پنهنجي ساهه ۾ سانڍيندڙ گروهه انهن تي حاوي پڻ ٿيو وڃن ٿا.

 

ڇا ڪلچر صرف انسانن تائين محدود هجي ٿو؟

اهو پڻ هڪ اهم سوال آهي ته ڇا ڪلچر صرف انسان ذات تائين ئي محدود آهي يا اهو خدا جي ٻين تخليقن تي به لاڳو ٿئي ٿو. ڪجهه عقل جي اڪابرن جو رايو آهي ته جانور پنهنجي ٻچن کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ جو ڪم انهن جي پيدائش کان شروع ڪري ڇڏين ٿا ته انهن کي زنده رهڻ لاءِ ڪهڙي راهه وٺڻي آهي ۽ ڪنهڙي طرح سان زندگي گذارڻي آهي ۽ خاص طور تي ڀولڙي ۽ ڀولڙو نسل پنهنجي ٻچن کي هزارين کاڌن، وڻن ۽ ٻوٽن جي باري ۾ ٻڌائي پنهنجي ڪلچر کي پاڻ ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪري ٿو.

خوشي جهڙي ڳالهه آهي جو سنڌ جيڪا مهمان نوازي رواج، رسمن، پائڻ وڍڻ ۽ ثقافت جي ڪري جڳ مشهور آهي ان ۾ به ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ شروع ٿيو. 4 ڊسمبر 2010 کان هي سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ رنگارنگ تقريبون، ميلا ملاکڙا ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون. سنڌ جو عوام رنگ، نسل ، ذات پات، اوچ نيچ وساري هڪ ٿي اجرڪ ٽوپي اوڍي روڊن رستن تي نڪري آيو هو ۽ گذريل سال جڏهن وري اهو ڏهاڙو ملهائڻ جو ڏينهن آيو ته ڪجهه اهڙيون ڌريون جيڪي ڪجهه سنڌ دشمنن جي هٿ ٺوڪي منصوبي کي ڪامياب ڪرائڻ چاهن پيون، انهن ٻين تاريخن تي ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽هن سال ته وري ظلم جي انتها ٿي وئي جو جهڙو هي ثقافت ڏهاڙو نه پر ڪنهن جي ذاتي جاگير هجي جيڪو گهر کان ٿو رُسي اُهو ٿو صاحب هلي ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ. ڪي پنج کان اٺ ڏينهن طئي ٿيا آهن سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ.

پنج هزار سال پراڻي سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر کي چيڀاٽڻ وارا ڪي پراوا نه پر پنهنجا ئي سنڌي آهن ۽ انهن رهزنن سدائين سنڌ کي پنهنجي جاگير سمجهيو آهي. سنڌي ڪلچر دنيا ۾ مشهور هجڻ جي باوجود به سنڌ ۾ انتشار جو شڪار رهيو آهي. سنڌ جي ڪلچر کي تباهي جي ڪناري تي پهچائڻ ۾ ڪجهه ڪردار سنڌي ميڊيا جو پڻ آهي ڇو ته سنڌي ڊرامن ۾ وِِلين جو ڪردار ادا ڪندڙ ماڻهو کي هميشه سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ وري ڪلهي تي ڪهاڙي ۾ ڏيکاريو ويندو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو شان، مان ۽ عزت ايتري آهي جو اسان پنهنجي گهوٽ کي يا وري نياڻي کي ۽ وري جڏهن اسان جو ڪو عزيز هن دنيا مان لاڌاڻو ڪري ٿو ۽ خالقِ حقيقي سان وڃي ملي ٿو ته ان کي پهرايون ٿا. ڪُهاڙي به ساڳي ريت سنڌي ماڻهو کي محنتي جفاڪش ۽ جو کيڙي سو کائي واري فلسفي تي عمل ڪندي ڏيکاري ٿي ته هي سڀ شيون ڏيکارڻ کان پهريان هڪ لمحي لاءِ سوچ ويچار ڪرڻ تمام لازمي آهي.

اسان جي موجوده حڪومت لنگڙي، انڌي، ٻوڙي آهي جنهن جي ڪن تي ڪا جونءِ به ڪانه ٿي چُري ته جيڪا هي ڊرامي بازي بندي ڪرائي ۽ ڪو هڪڙو ڏينهن ان حوالي سان رکي ڇڏي ته جيئن سنڌ جي عوام کي آساني ٿئي ۽ اُهي هي ڏينهن ملهائي سگهن. هونئن به اسان جي ايندڙ نسلن جون ڪي اسان ڏانهن امانتون ۽ ڪي قرض آهن جيڪي اسان کي انهن ڏانهن باحفاظت منتقل ڪرڻا آهن ۽ جيڪڏهن اسان اهي امانتون ۽ قرض منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿياسين ته پوءِ اسان سنڌي قوم بندرن ۽ ڀولن کان به پري ۽ گهٽ ٿي وينداسين ۽ اسان کي وري واپس پٿر جي دور جا ماڻهو قررار ڏنو ويندو. خدا نه ڪري اهو وقت اچي ان لاءِ حڪمت عملي ۽ جوڙجڪ هينئر کان ئي طئي ڪبي، ان ۾ ئي اسان جي بقا آهي.

ليکڪا سنڌ اسيمبلي جي ميمبر آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو