Home / ڪرنٽ افيئر / 100تامل عورتون سريلنڪن فوج ۾ ڀرتي
above article banner

100تامل عورتون سريلنڪن فوج ۾ ڀرتي

ويجهڙ ۾ ئي سريلنڪا جي فوج ۾ 100 تامل عورتن کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي. اهي تامل عورتون ان ٻيٽ مان ڀرتي ڪيون ويون آهن جتان تامل گوريلا سريلنڪن حڪومت سان ڊگهي عرصي کان ويڙهه ۾ رڌل آهن. ڀرتي ٿيل عورتن جو تعلق ڪلونچي ضلعي سان آهي، جيڪو 2009 ۾ تامل ٽائيگرس جي شڪست کان اڳ سياسي هيڊڪوارٽر هو.“ انهن فوجي عورتن کي چئن مهيننن جي تربيت کان پوءِ سندن ئي علائقي ۾ مقرر ڪيو ويندو” سريلنڪا جي سرڪاري ترجمان ٻڌايو. ترجمان چواڻي انهن ڀرتي ڪيل عورتن ۾ ڪابه اڳوڻي تامل ٽائيگرس جي ساٿياڻي نه آهي، باقي سريلنڪن آرمي ۾ اڳواٽ ئي 4 هزار عورتون ڀرتي ٿيل آهن. سرڪاري ترجمان موجب اسان لساني بنياد تي ڪنهن سان به متڀيد نٿا رکون، باقي ڪلونچي ۾ اسان فوجي ڪئمپ قائم ڪئي آهي. انڪري ڀرتين ۾ مقامي ماڻهن کي اوليت ڏئي رهيا آهيون. چيو اهو پيو وڃي ته نين ڀرتي ڪيل تامل عورتن کي شروعاتي طور رابطا ڪاري جو ڪم سونپيو ويندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو