Home / افيئر / شڪارپور: ڪوٽ دراني توتي دانهن
above article banner

شڪارپور: ڪوٽ دراني توتي دانهن

پيپلز پارٽي يوم تاسيس جي سلسلي ۾ هن ڀيري ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ جيڪي جلسا ڪيا انهن ۾ پارٽي جي وجود ۽ ان جي بقا کي وساري پنهنجي مخالفن کي انهن جي اوقات ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.قومپرستن جون ته کلون لاٿيون ويو پر چونڊن ۾ مقابلا ڪندڙن کي به شجرا ياد ڏياريا ويا. شڪارپور ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ ضلعي صدر بابل ڀيو، غوث بخش مهر کي مناظري جو چيو آهي. ان للڪار جو ڪو رد عمل ۽ جواب ناهي آيو، جنهن جو هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مهر ڀوتار يا ان جي ڪنهن ماڻهوءَ ان کي اهم ئي نه سمجهيو هجي.

بابل ڀيو جي زبان ۽ لهجو 30 نومبر واري تقرير مان بلديات جي وزير سراج دراني جي بيانن ڏيڻ واري انداز جون سڪون لاهڻ لڳو آهي جنهن پاران ايندڙ اليڪشن ۾ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي کي شڪست ڏيڻ يا کيس آئوٽ ڪرڻ بابت ڏنل بيان ۽ پ پ جي چونڊيل نمائندن کي ڪئنيڊا ۽ سوئزرلينڊ جي سير،تڪ جي ماڻهن ۽ مسئلن کان پري رهڻ ۽ ان جي آڌار تي امڪاني ووٽن جو تجزيو خلق ۾ بحث مباحثي جو موضوع بڻيل آهي.وزير پنهنجي پرڪارن سان گڏوگڏ پ پ مخالفن ۽ راڄوڻي اخلاقيات جي پت پريت کي به ولوڙيو آهي.

فنڪشنل ليگ جي مک اڳواڻ امتياز شيخ کان ناآشنائي جو اظهار ڪندي نانءَ کڻڻ کان سواءِ شيخ ڀائرن جي ڏوهارين سان ٻٽ هئڻ جي هام هنئي آهي کين حسب نسب ياد ڏياريو آهي ۽ ذلتن جون گهٽيون ڏيکارڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي آهي. سراج دراني شڪارپور جي مهرن کي به ڳچ عرصي کان “پنهنجي مهربانين” ۾ ياد رکندو آيو آهي.

اڳ ۾ سنڌ ۾ پ پ پاران ئي تڪراري نظام خلاف احتجاج طور استعيفيٰ ڏيندڙ فنڪشنل ليگ سان تعلق رکندڙ شهريار مهر تنقيدي تيرن هيٺ رهيو، سندس ق ليگ ۾ موجودگي ۽ وزارت واري تعارف سبب مهڻا ملندا رهيا ۽ جڏهن اهي ٻئي حوالا باقي نه رهيا ته ق ليگ مان نڪرن ۽ وزارت تان هٽجڻ واري رخ تي توهين آميز تبرن جون توبون هلائيندي ڏٺو ويو. خلق اهو پڇي ٿي ته تهذيب کي تيلي ڏيندڙ اهڙن لهجن سان ڪهڙو خير جو ڪم ڪري ثواب ڪٽبو آيو آهي.

بي لغام زبانن وارن پ پ جي وزيرن ، مشيرن ۽ جيالن جي برگيڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪيترن ئي ڪتابن لکڻ ۽ ڇپجڻ جي ڪٿا سانڍي ٿي. ان ڪري رڳو ٻه ٽي حوالا ڏئي هڪڙي علائقي جو واءُ سواءُ ٿا وٺون ۽ اها پچار اهڙي طرح سان ڪيترن ئي علائقن جي نمائندگي به آهي. زرداري واري پ پ ۽ ڀٽن واري پ پ ملڪ ۽ سنڌ ۾ پڪ سان الڳ الڳ سڃاڻ حاصل ڪئي آهي پر شڪارپور به انهن اثرن کان نه رڳو بچي نه سگهيو آهي پر سڙي رک ۾ تبديل ٿي ويو آهي. وزارت کان ويندي ضلعي صدارت تائين هاڻوڪي قيادت پنهنجي ڪارنامن جي جيڪا تاريخ رقم ڪئي آهي تنهن تي تبصرو شڪارپور جو عام ماڻهو جن لفظن ۾ ڪري ٿو ۽ شريف ماڻهن کي جيڪي تحفظات آهن سي اخلاقيات جي قدرن کي پاسداري سبب بيان نٿا ڪجن.ايئن ناهي ته پ پ مخالف خان، ڀوتار، پير سرداري مسيت جو ڪک آهن.ڳالهه اها آهي ته انهن جو ڏمر ته جُڳن کان جاري آهي نه ؟

هي جيڪي اقتدار جي نشي ۾ هاڻوڪا ساماڻيل سورما آهن تن پنهنجي مخالفن جي اڳين پوين تاريخن کي پٺتي رکي زبردست حد تائين ٿورڙي عرصي ۾ تمام گهڻيون اڳرايون ڪيون آهن. جن مان لڳي ائين ٿو ته انهن جي ڪردار کي سامهون رکندي پيشيور ڀوتارن کي به پي ايڇ ڊيز ڪرڻيون پونديون.

2010 واري ٻوڏ هجي يا ان جي ٻن سالن کان پوءِ 2012 واري تاريخ جا تلخ تجربا آڇيندڙ برسات. انهن سمورن حوالن سان ڪوٽ دراني جو “ قبلو” ڳڙهي ياسين کان سواءِ باقي ٽن تعلقن ڏانهن اڇوتن جهڙو لقاءُ ڪندو رهيو ۽ برهمڻ آباد “ ڳڙهي ياسين” ۾ خاص ماڻهن لاءِ هر طرح جو مال “ مالِ غنيمت” ٿي لٽبو رهيو.شڪارپور شهر سميت ٻين ضلعن جون هر طرح جون ڪوٽائون ڪوٽ دراني جي قدمن تان قربان ٿيندي ڏٺيون ويون ۽ خود پ پ جا چونڊيل نمائندا حيرت ۽ سان اهو سڀ ٿيندي ڏسندا رهيا. سراج دراني جي هڪڙي همراهه کي اڄ ڪلهه ميڊيا جو ايڏو ڪريز ٿي پيو آهي جو سائين جي ساراهه ۾ بيانن ۽ انٽرويوز جا اهڙا ته سلسلا شروع ڪري ڏنا آهن جو صحافين جا به کيسا نه رڳو سڻڀا ٿيا آهن پر اهي ايترا ته ٽٻٽار آهن جو ڦاٽڻ لڳا آهن.سراج دراني خود پاڻ به ان حوالي سان هٿ جو کليل آهي، جيستائين وزارت آهي تيستائين قلم قبيلي جي ماڻهن جا ڍَوَ ئي ڍَوَ آهن.اهو ئي سبب آهي ته اهڙين “ ڪنائين” جي تسلسل سبب هن وقت تائين ڪنهن اٿي خان کان اهو نه پڇيو آهي ته ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي وڄ جهڙآ بيان ۽ ڳاليهون ڇو ڦٽيون ڪندو آيو آهي ؟ ۽ هو جذبات ۾ اچي چار جملا چئي ڪنهن سان خيرخواهي پيو ڪري ؟هو پارٽي جي ايجنڊا تحت اها خيال آرائي ڪري رهيو آهي يا ڪي سياسي ساڙ پاڙي پيو ؟هن لکي ۾ خيما کوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ۾ ڪوشڪ ناهي ته اتي سندن لاءِ جلسو ڪو مسئلو ناهي پر جملن جي جلوه ڳري جيڪڏهن ڪنهن رتو ڇاڻ جو رسو کولي ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو ؟مٿين سطح تي پ پ بابت هڪڙو تاثر اهو آهي ته اها هڪ فرد يرغمال بڻائي آهي پر شڪارپور ۾ به اهو مثال ٺهڪي اچي ٿو. هن ڀيري واحد بخش ڀيو منظر تان غائب ٿو لڳي. وڏين ڪوششن ۽ جتن کان پوءِ غوث بخش مهر سان ضمني چونڊون وڙهڻ واري خواب کي عدالتي فيصلي کان پوءِ ساڀيان طرف سرندي محسوس ڪندڙ واحد بخش کي قيادت مصلحت واري پاليسي تحت “ ٻليدان” گهريو ۽ هن جا ارمان اڌورا رهجي ويا. هاڻ ان تڪ تي پارٽي کيس ٻيهر ٽڪيٽ ڏيندي يا نه ڇو ته ذريعا ٻڌائين ٿا ته سراج دراني ۽ بابل ڀيو نه ٿا چاهين ته واحد بخش جي وک اڳتي وڌي .

واحد بخش جو اهو بيان اڄ به هر ڪنهن کي ياد آهي ته سراج دراني ڏوهارين جي نانڙي کي پالي ٿو، اهو بيان جنهن لاءِ هن ڏنو هو تنهن جي نالي کڻڻ جي ڪائي ضرورت ناهي. پارٽي اندر اهي تضاد اڄ به موجود آهن جن جو تاءُ مصلحتن جي موسم گهٽايو آهي پر دور اڃا تائين نه ٿي سگهيو آهي ؟ماضي ۾ اهم عهدن ۽ تي رهندڙ هڪ اڳوڻي ڪاموري بدر اڄڻ 25 نومبر تي هڪ اخبار جي مئگزين ۾ آفتاب شعبان ميراڻي جي ڪردار ڪشي جي حوالي سان وڏا ڇوهه ڇنڊيا آهن. بيشمار بهانن ۽ تمام مهڻن تهمتن واريون اهي ڳالهيون جيالن جي ڌريا دل روين بابت ڪيترائي سوال اُٿارين ٿيون. جن جو نه ته ڪو جواب نه ئي ڪاترديد آڏو آئي آهي.جڏهن ته پيپلن جي نشانو بڻجندڙن کان به رد عمل نه ڪائي تبصري جي توفيق نه ٿي سگهي آهي ۽ اهي خاموش ٿي رهي پ پ وارن سان نفسياتي جهيڙي ۾ ۾ جنڀيل رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام واري آرڊيننس ۽ پيپلز آرڊيننس جي سنڌ اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ شڪارپور ۾ پ پ ڏينهون ڏينهن زوال پزير ٿيندي پئي وڃي.

سول سوسائٽي پاران پ پ ڏانهن ڌڪار واري روش رپورٽ نه ٿي آهي پر اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي ۽ اها متاثر ٿيندڙ ڌر به چڱي ريت محسوس ڪري رهي آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته زبانن تي انهن وٽ زهر اوڳاڇيندڙ ڳالهيون ۽ بيان آهن.بابل ڀيو يوم تاسيس تي جيترا ماڻهو گڏ ڪيا اوترا سمورا قومپرست ۽ سندن پارٽيون به گڏ نه ٿيون ڪري سگهن. اها دعويٰ ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي بيوقوف بڻائي وڃي پر شڪارپور جو شهري ۽ سڄاڻ ماڻهو چڱي ريت ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته بابل جي ڀت تي رڍن ٻڪرين جيان ٽريڪٽر ٽرالين ۾ کڄي آيل خلق جو انگ ڪيترو هو ۽ ان رونشي ۾ پڙهيل ڳڙهيل شهرين جي شرڪت ته اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هئي.هنن اٻوجهن کي ته اهو احساس ئي ناهي ته هتي ڀوتارن واري پارٽي ڪيئن سنڌ جي سيني ۾ خنجر کوڙي ڌرتي کوڙي ڦارون ڪيو آهي.عوام ڌڻ آهي ڌڻي ڀوتار آهن. جيڏانهن ڪايندا اوڏانهن ويندو. ان ڪري مينڊيٽ جو تعين ڪوڙن ٺپن ۽ اياڻ ماڻهن جي ووٽ جي پرچي تي آڱوٺي جي نشان سان نه ٿو ٿئي.سڄي سنڌ ڄاڻي ٿي ته جيئن علائقن ۾ جيالا اڳواڻن جي گهرن ٻاهران ڦٽاڪن واري سلسلي ۾ ڪوٽ دراني جي پوئين در تي به ڌماڪو ٿيو، ان الزام ۾ هڪ هفتي تائين عبدالغفار ڀٽي سرڙبو هيو ۽ بعد ۾ لالا اسلم پٺاڻ ۽ مجيب قريشي جي کاتي ۾ اها واردات لکي وئي.

پ پ ضلعي شڪارپور جي ٻن ٽن همراهن جي بي لغامي خود پ پ ۾ اندروني اختلافن کي جنم ڏنو آهي اها الڳ ڳالهه آهي ته دلين تائين محدود رهندڙ. اختلاف اظهار جو روپ نه ڌاري سگهيا آهن ۽ اها چپ چپات مجبورين ۽ مصلحتن جا پسمنظر آڇي ٿي.خلق اهو سوال ڪري ٿي ته هاڻ جڏهن ڀٽن جو باب بند ٿي چڪو آهي ۽ ڀوتارن پنهنجي تر ۽ ڀونءِ جا بنياد ڌوڏي ڇڏيا آهن ته ڇا اڃا به انهن جو عروج برقرار رهندو ؟هو جيڪي ڀريل محفلن ۽ جلسن جلوسن ۾ مخالفن کي ڏينهن جا تاري ڏيکارڻ جو ارادو رکن ٿا انهن جو ته ڪنهن رات جي تارن طرف به ڌيان ناهي ڇڪايو. سول سوسائٽي، سياسي ۽ مذهبي ڌرين غير مهذب روين ۽ ٻولي جو نوٽيس نه ورتو آهي نه ئي اهڙن پڪارن کي ڪنهن رپورٽر تجزئي هيٺ آندو آهي !سوال اهو آهي ته جيڪڏهن ايئن اکيون ٻوٽيون رهيون ته پوءِ ڏيهه جي ڏنگن ٻارن جون ڏنگايون ۽ ٽرڙائپ يا ان ۾ ڪائي گهٽتائي به ايندي ؟

مون جڏهن هي سٽون لکيون پئي ته شڪارپور جي روڍن تي هاءِ اسڪول ون جي ايريا تي قبضي خلاف استاد ۽ شاگرد سراپا احتجاج بڻيل هئا.ڪير آهي جيڪو قبضا مافيا جو ڪرتاڌرتا آهي ۽ ڪير آهي جنهن جي مرضي ۽ منشا سان ڪرپٽ ترين ۽ بدنام زمانا آفيسر عوام جو رت ست چوسين ٿا ؟شڪارپور هر منفي حوالي سان چوٽ تي آهي ۽ ان کي اهو اوج ڏيندڙ آسمان تان لٿل فرشتا ناهن. هنن کان شهر جي بربادي ۽ تباهي جو ٺيڪ ٺاڪ پڇاڻو ڪرڻ جي جيستائين خلق ۾ جرئت پيدا نه ٿيندي، جيستائين درٻاري صحافت جو سج نه لهندو ۽ جيستائين گهڻ رخيون جدوجهدون هنن جا نٽ بلٽ سڌا نه ڪنديون تيستائين هنن همراهن جي دماغ ۾ ويٺل گهمنڊ ۽ غرور نه ٽٽندو.

naseembukhari@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو