Home / پروفائيل / ماجد ڀرڳڙي: عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار تائين
above article banner

ماجد ڀرڳڙي: عشق کان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار تائين

جڏهن به جديد سنڌ جي تاريخ لکبي ته ماجد ڀرڳڙي جي بيان کان سواءِ اها اڻ پوري ليکبي . ڇو ته جديد دنيا ۽ جديد سنڌ “ ڪمپيوٽر ايج” جي دور جي دنيا کي سڏجي ٿو. ماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻوليکي ڪيئن ڪمپيوٽر تي آندو، ان لاءِ هن جو محرڪ ڪهڙو هو ؟ هن کي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا درپيش آيا ۽ انهن کي ڪيئن حل ڪيو. هڪ جاگيردار ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هي شخص سي ايس ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ به وڏيرو ڇو ڪونه ٿيو، ڪرپٽ بيورو ڪريٽ ڇو نه بڻيو ؟ ۽ هن سنڌ جي ٻولي جي خدمت ۾ ئي پنهنجي خوشي محسوس ڪئي ۽ سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر تي آڻڻ لاءِ هن سنڌي قوم جي نوجوانن خاطر نوان درکولڻ لاءِ ڇو پنهنجي ماضي ۽ مستقبل کي داءُ تي لڳايو ؟ اهڙا کوڙ سارا سوال کڻي هن همراهه سان ملڻ جو سوچيو پر پوءِ خبر پئي ته ماجد آمريڪا شفٽ ٿي چڪو آهي. ٽن يا چئن سالن کان پوءِ سنڌ ايندو آهي. هن سان فيس بوڪ تي رابطو ٿيو ۽ واعدو ڪيائين ته جيئن هو سنڌ ايندو تيئن ملاقات ڪندو. 13 ڊسمبر 2011 تي سندس ڀيڻ جي گهر ڪراچي سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽي ۾ ملاقات ٿي ۽ ان طويل ملاقات ۾ هن جو پروفائيل مڪمل ڪيو، جيڪو سموري سنڌ واسين لاءِ هتي پيش ڪجي ٿو.
خانداني شجرو
ماجد ڀرڳڙي، لاڙڪاڻي جي مشهور سياسي شخصيت عبدالغفور ڀرڳڙي جو پٽ آهي. هن جو تڙ ڏاڏو جان محمد ڀرڳڙي هو ، جنهن کي عثمان نالي پٽ هو ۽ ان عثمان ڀرڳڙي کي عبدالجليل نالي پٽ ڄائو ۽ عبدالجليل کي واري عبدالغفور پيدا ٿيو. ماجد جي ماءُ جو نالو خورشيد بانو آهي ۽ سندس ناني جو نالو “ رحيم خاتون” آهي.ماجد ڀرڳڙي اٺ فيبروري اوڻيهه سئو اٺيتاليهه ۾تعلقي شهداد ڪوٽ جي هڪ ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جنم ورتو. بقول هن جي ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ۾ اتي هڪ ڀرڳڙي ريلوي اسٽيشن هوندي هئي ڇو ته ان جي سامهون ٻه وڏا ڀرڳڙين جا ڳوٺ هوندا هئا. ان ڪري انگريزن ان ريلوي اسٽيشن جو نالو ئي “ ڀرڳڙي اسٽيشن” رکيو هو. انگريزن جي دور کان پوءِ اها اسٽيشن ختم ٿي وئي.ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان هن پرائمري تعليم 1953ع ۾ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ پرائمري تعليم چار سال جي هوندي هئي ۽ هاءِ اسڪول جي تعليم ڇهه سال جي هوندي هئي. هن اها مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ اسڪول بئراج ڪالوني سکر، نوشهرو فيروز، لاڙڪاڻو مان هن جي تعليم 1963ع ۾ مڪمل ٿي. فتح محمد قريشي ۽ واحد بخش شيخ هن کي سٺا استاد لڳا. انٽر آرٽس ۾ “ ميٿميٽڪس” هن جو سبجيڪٽ رهيو.1968 ۾ هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آرٽس ۾ ڪئي.
سياست کان بيزاري ۽ بيگانگي:
1963ع ۾ هن جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي سياست ۾ سرگرم هو. هن جا دوست قاضي فضل الله ۽ قاضي فيض محمد هئا پر هي سياست ۾ نه رهيو. 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ هن جو دوست اعجاز قريشي هو، جنهن وٽ ان دور جي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڄام ساقي ايندو هو.ان دور ۾ يونيورسٽي جو استاد محب الله شاهه هو، پوءِ جنهن نوڪري ڇڏي (C S S ) سي ايس ايس ڪيو، اهو هن کي سٺو لڳو ۽ جنرل هسٽري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڙهائيندو هو، اهو به بهتر استاد لڳو. ان دور جي ون يونٽ تحريڪ، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد اڳيان اڳيان هئا، ان ۾ هن حصو نه ورتو يعني پنهنجي ڪم سان ڪم رکيائين هن ڀلجي به سياست ۾ حصو نه ورتو.
عشق جي شروعات :
1969ع ۾ هن ايم اي ( M A ) داخلا سان گڏو گڏ ايل ايل بي (L L B )۾ به داخلا ورتي ۽ گڏوگڏ C S S جي تياري به شروع ڪري ڇڏي، هن وٽ ڪو به ان دور ۾ “ خاڪو” نه هو ته هن کي ڇا ٿيڻو آهي پر صرف مائٽن کي ڏيکارڻ لاءِ هن مڙئي داخلا وٺي ڇڏي هئي پر هو هاڻي هڪ ، ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ڪنهن به ڳالهه سان هاڻ هن کي دلچسپي نه رهي هئي، تيستائين وري هو تعليم جاري نه رکي سگهيو هو، جيستائين هن جي نرگس سان شادي نه ٿي هئي. “ عشق” شادي کان پوءِ به جاري رهيو. 1970ع ۾ شادي کان پوءِ ان مان هن کي چار ٻار پيدا ٿيا يعني ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي پر هن کي “ ڇاتي جي ڪئنسر” گهڻو وقت جيئڻ نه ڏنو. منهنجي ملاقات ۾ عبدالماجد ٻڌايو ته ٽي سال اڳ۾ وفات ڪري وئي هئي. پر عبدالماجد ان کي ياد ڪندي ڳوڙها روڪي نه سگهيو.

نئين شروعات :
1970ع ۾ سي، ايس، ايس ۾ پاس نه ٿي سگهيو هو ڇو ته هو مڪمل طور ڪشميري ڇوڪري نرگس جي عشق ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. پر 1971ع ۾ هن جو ايل ايل بي جو ڪم به هلندو رهيو ۽ ٻيهر سي ايس ايس ۾ ويٺو ۽ ٽاپ ۾ پاس ڪيائين. سڄي پاڪستان ۾ صرف هن کان اٺ ماڻهو وڌيڪ مارڪون کڻي سگهيا هئا. هو هاڻي انڪم ٽيڪس آفيسر مقرر ٿي آيو. سندس پهرين پوسٽنگ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم هو، لاڙڪاڻو هن جو جنم ڀومي هئي ۽ ماجد جو پيءُ عبدالغفور ڀرڳڙي ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي حريف هو. پوءِ دير سان 1976ع ۾ عبدالغفور ڀرڳڙي کي ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي ۾ وٺي آيو ۽ پوءِ ان ۾ ئي رهيو. ان ڪري پهرئين هن لنوايو، پر پوءِ هو اتي مقرر ٿيو. پر چارسال هو اتي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن خبر پئي ته ماجد انتهائي ايماندار آفيسر آهي ته پوءِ هن ڪجهه ڪارڪنن جي خواهش جي باوجود هن کي بدلي نه ڪرايو بلڪه هو اتي ڪيترو ئي عرصو رهيو. ضياءُ الحق جي دور ۾ هن کي محسوس ٿيو ته هن کي هاڻي هتي نه رهڻ گهرجي ۽ هن پرڏيهه وڃڻ جون تياريون ڪيون. هن ان دور ۾ ايم اي به ڪري ڇڏي هئي، پر جيئن ته هو رشوت نه وٺندو هو ان ڪري هن کي معاشي تنگدستي به ٿي ۽ ضياءُ الحق جي ڪاري دور هن کي ذهني طور وڏو ڌچڪو هنيو. هن آمريڪا جي Arizona tucsan يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ ٽن سالن جي موڪل تي روانو ٿي ويو.
جڏهن هو ڌرتي ڇڏي چڪو:
هن اتي M B A جي ڊگري مئي 1985ع ۾ وٺي ڇڏي ۽ ٻيهر واپس پاڪستان آيو پر هن سروس جوائن نه ڪئي. ان وقت ان ڊگري جي هتي ڪابه اهميت نه هئي. جيئن ته هن جي ايل، ايل، بي ڪيل هئي، ان ڪري هن انڪم ٽيڪس جي وڪالت جو ڪم شروع ڪيو، اتي به هن کي مزو ڪونه آيو. لاهور مان ڪنهن دوست جي چوڻ تي Desktop Publication جو ڌنڌو شروع ڪيائين.هن هڪ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ورتو، حالانڪه هن کي “ ڪمپيوٽر آپريٽ ڪرڻ به نه ايندو هو ، پر پوءِ به هن سکيو. هن ڏٺو ته اردو ڪمپوزنگ ٿئي پئي پر سنڌي زبان ڪمپوز ڪانه پئي ٿي، پوءِ هن تبديليون ڪيون. بقول هن ته هن جي ڪم ۾ هن جي پٽ وڏي مدد ڪئي. ڪافي ڪمپيوٽر پرگرامن ۾ تبديلي کان پوءِ 1987ع جي آخري حصي ۾ هو سنڌي زبان کي ڪمپوز ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
تاريخي ڏاڪو
ڏسو ته ارتقا ۽ ضرورت ڪيئن ماڻهو کان وڏا ڪم سرانجام ٿي ڏياري. هڪڙو اهڙو ماڻهو جنهن جي فيملي ۾ سياست عام هجي پر هو سياست ۾ نه وڃي ۽ وڃي آفيسر شاهي ۾ شامل ٿئي. اهڙي آفيسر شاهي جنهن لاءِ ماڻهو سڪندا ۽ تڙپندا هجن پر هو اتي به راشي نه هجڻ سبب اڻ فٽ ٿي ويو ۽ وري دنيا جي سپرپاور آمريڪا مان M B A ڪئي هجي. ان کي هتي ڪوبه روزگار نه ملي ۽ هو وري ڪمپيوٽر جي دنيا ڏانهن وڃي حالتن جي جبر ڪري هن سنڌي ڪمپوزنگ ايجاد ڪئي ان سان سنڌي قوم کي ته فائدو ٿيو پر ان فرد جي زندگي تي ضرور رحم اچي ٿو، پر فطرت جي اصولن کي ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي. شايد فطرت کي اهو ڪم ماجد ڀرڳڙي کان ڪرائڻو هو. هن ڪم کي سنڌ جي وڏي اديب سراج ميمڻ ۽ علي احمد بروهي ڏاڍو ساراهيو. پهريون مضمون انعام شيخ جو روزاني “ هلال پاڪستان” ۾ سنڌي ڪمپيوٽر تي آندو ويو. انعام شيخ ان دور ۾ “ ڪک پن” جي عنوان سان ڪالم لکندو هو. هو پوءِ ان ڪم ۾ جنبي ويو ۽ ٻيهر ڊسمبر 1987ع ۾ آمريڪا ويو ۽ ڪجهه ٽول (Tool) خريد ڪيائين ته جيئن سنڌي ڪمپيوٽر کي وڌيڪ سڌارجي. پوءِ هن ان ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون. هن کان پوءِ “ڪنهن ڪمپني سمورا حق ۽ واسطا خريد ڪيا. ان کانپوءِ اهڙن ڪمپيوٽرن کي اخبار “ هلال پاڪستان ، عبرت ۽ ٻين خريد ڪيو ۽ ايئن سنڌي ڪمپيوٽر تي شيون ڇپجڻ شروع ٿيون. هن چيو ته پوءِ اياز شاهه اهو واڌارو ڪيو جو 1995ع ۾ ان کي P C تي آندو. پوءِ ماجد ڪوشش ڪئي ته اڃا به سنڌي ڪمپيوٽر کي ترقي ڏيارڻ ۽ يونيورسل ڪوڊ ڏيارڻ لاءِ ڪمپيوٽر جي وڏي ڪمپني جي پال نيلسن سان ملاقات ڪئي ۽ ان هن سنڌي زبان جي مارڪيٽ بابت ٻڌايو، ان ڪري هن جي ڪوشش سان 2001 ۾ اهو سسٽم به رکيو ويو. اڄ جيڪو سنڌي قوم سنڌي ڪمپيوٽر جي ڪري پنهنجي زبان ۽ تهذيب بچائي ۽ مقابلو ڪري رهي آهي ان ۾ ماجد ڀرڳڙي جو ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو. هن جي ايماندار روش ۽ ڪجهه نه ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جي جستجو جي ڪري هو ڪنهن هڪ هنڌ نه رهي سگهيو ۽ نتيجي ۾ هن جو اولاد گهڻو پڙهي نه سگهيو. ماجد ڳالهه ٻولهه ۾ بار باراهڙو اظهار ڪندو رهيو، هن وقت آمريڪا ۾ هن جي پٽن سان گڏ رهائش آهي. ايڊريس هي آهي.washington State 7622- 232, nd Street 5E Woodinvelle, W A 98072 ،هن کي موسيقي ۾ محمد جمن ۽ محمد يوسف وڻن ٿا. ليکڪن ۾ حسام الدين راشدي ۽ علي محمد راشدي کان متاثر آهي.
ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جي ايم سيد هن جا پسنديده سياستدان آهن هن هڪ صوفي شيخ سيد احمد ابن مصطفيٰ ال ، الوي جي مناجات کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب جو نالو intimate آهي هو سنڌي زبان جو اهڙو سپاهي آهي، جنهن پنهنجي ٻولي کي جديد رنگ ڏئي اَمر بنائي ڇڏيو آهي. سنڌي ڪمپيوٽر جو جڏهن به ذڪر ٿيندو هن جو نالو زنده رهندو.ڪٿي به هجي ڪيڏي مرتبي تي ڇو نه هجي، ڪهڙي به هنڌ رهندو هجي پر سنڌ لاءِ هو سنڌي ٻولي جو بچاءُ ڪندڙ اڳين صف جو اهو سپاهي آهي، جنهن کي سنڌ ڪڏهن به نه وساري سگهندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو