Home / ڪئپيٽل افيئر / نگران حڪومت: 90 بدران 900 ڏينهن
above article banner

نگران حڪومت: 90 بدران 900 ڏينهن

ڪميٽي آڏو سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران پيش ٿيڻ کان انڪار، پارليامينٽرين جي ٽيڪسن بابت جاري ٿيل رپورٽ ، ڪراچي ۾ نين تڪبندين ۽ گهر گهر ووٽرن جي تصديق ، نيب چيئرمين پاران ملڪ ۾ رڪارڊ ڪرپشن جا بيان۽ موجوده اسميبلين جي مدي وارا معاملا گرم آهن.قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪيمٽين جي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪميٽين جا چيئرمين ذهني طور تي ان ڳالھه لاءِ تيار آهن ته هاڻي ڪنهن مهل به اسميبليون ختم ٿي سگهن ٿيون.هو اهڙو اظهار هاڻ کليل نموني ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ شروع ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس جي پهرين ڏينهن اجلاس جا معاملا طئه ڪرڻ لاءِ بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس ۾ پهرين ته اها ڳالھه سامهون آئي ته ڊسمبر وارو اجلاس آخري آهي.

چيف وهپ ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد شاھ چيو ته ٿي سگهيو ته هڪ اجلاس جنوري ۾ اڃا به ڪندا سين، ان ڪري هاڻي ان ڳالھه جي پڪ ٿيندي ٿي وڃي ته جنوري جي پهرين يا ٻئي هفتي ۾ قومي اسيمبلي جو آخري اجلاس ٿيندو، جنهن بعد قومي اسيمبلي ختم ڪري نئون نگران سيٽ اپ قائم ڪيو ويندو ،جيڪو 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائيندو. جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ايندڙ عام چونڊن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ،۽ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ نين تڪبندين ۽ گهر گهر ووٽرن جي تصديق بابت پريس ڪانفرنس ڪئي ان ڏينهن سيڪريٽري اشتياق احمد خان اها ڳالھه به ڪئي ته اليڪشن ڪميشن ۾ ايندڙ عام چونڊن لاءِ ڪائونٽ ڊائون شروع ٿي ويو آهي، پر هاڻي هتي اها ڳالھه به گهڻي بحث هيٺ آهي ته جيڪي نگران ايندا ڇا اهي 90 ڏينهن هوندا يا 900 ڏينهن ، وڏي عرصي تائين نگرانن جي ويهڻ بابت جيڪي ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون انهن ۾ به گهڻو وزن آهي، پر ٻئي پاسي جڏهن اسان زميني حالتن کي ڏسهي ٿو ته ان ڳالھه جي پڪ ٿئي ٿي ته چونڊون وقت تي ئي ٿينديون.

 

 

اسيمبلي جي ڪري آمريڪا پاڻ کي ڏکيو محسوس ڪيو آهي، جنهن جي لاءِ چند اهي مثال ئي ڪافي آهن ته آمريڪا چاهڻ جي باوجود به پاڪستان مٿان ايترو دٻاءَ برقرار نه رکي سگهيو جيڪو ٻين حڪومتن جي دورن۾ ٿيندو رهيو آهي. سلالا حملو، ايبٽ آباد آپريشن ۽ نيٽو سپلاءِ بند ڪرڻ جي پويان پارليامينٽ هئي، جنهن ڪري آمريڪا لاءِ اهي ڪي سٺا سنوڻ نه هئا، هاڻي جڏهن آمريڪا 2014ع ۾ افغانستان مان واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي ته هو هن خطي ۾ پنهنجي بالادستي برقرار رکڻ ۽ پنهنجي مرضي جا شرط رکڻ جي مڪمل موڊ ۾ آهي. جيتوڻيڪ ان ڳالھه جا چٽا امڪان آهن ته ايندڙ چونڊيل قومي اسيمبلي موجوده اسيمبلي کان به گهٽ طاقتور هوندي، پر آمريڪا يا ملڪي سالميت جي حوالي سان جيڪا به قومي اسيمبلي هوندي اها هڪ آوزا هوندي، تنهن ڪري آمريڪا جي اها خواهش هوندي ته هو اسيمبلي جي غير موجودگي ۾ پنهنجا معاملا 2014ع تائين ڪڍي وڃي، ان ڪري ان ڳالھه جا به چئو ٻول آهن ته نگرانن جي سيٽ اپ کي” صفائي“ جي نالي ۾ ڪجھه سالن لاءِ مستقل ڪيو وڃي، ته جيئن هن خطي ۾ آمريڪا جا مفاد سندس ايجنڊا تحت حل ٿي سگهن،

 

ٻئي طرف جيڪڏهن پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي نظر ڊوڙائجي ته هن وقت آصف علي زرداري جي صورت ۾ پاڪستان ۾هڪ اهڙو صدر موجود آهي جيڪو لبرل به آهي ته مڪمل طور تي سياسي به آهي، هن جي پويان هڪ وڏي سياسي جماعت آهي، جيڪا پاڪستان اندر موجود ٻين جماعتن جي ڀيٽ ۾ ڪافي وچٿري آهي، ان ڪري آمريڪا جي اها خواهش پنهنجي جاءِ تي ضرور موجود آهي ته زرداري صاحب نه رڳو ويٺل هجي، پر اڳتي به کيس ايوان صدر ۾ ويهاريو وڃي، ان ڪري جيڪڏهن زرداري صاحب مفاهمت جي ڪامياب فارمولا تحت آمريڪا کي سندس عهدي تي ٻيهر اچڻ جي شرط تي ايندڙ ڏينهن ۾ ڪجھه ضمانتون ڏئي ٿو وڃي ته پوءِ عام چونڊون وقت تي ٿي سگهن ٿيون.

 

هن وقت پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون ان ڳالھه تي متفق آهن ته عام چونڊن ۾ ڪنهن به صورت ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي ۽ نه ڪا رڪاوٽ اچڻ گهرجي، اهو ئي سبب آهي ته هاڻي جيڪڏهن اسمبيلون ختم به ٿين ٿيون ته ان ۾ ڪنهن به سياسي جماعت جو مطالبو شامل ناهي، پر حڪومت پاڻ اهو فيصلو ڪندي. ملڪ جون سياسي پارٽيون خاص ڪري حڪومت مخالف پارٽيون ان ڳالھه تي به اڻ اعلانيل طورتي متفق آهن ته موجوده اسيمبليون پنهنجو آئيني مدو پورو ڪن ته جيئن هڪ طرف بهتر روايت جو جنم ٿئي ته ٻئي طرف کين وقت به ملي سگهي ته هو ڀرپور طريقي سان چونڊن جي تياري ڪري وٺن،

 

اليڪشن ڪميشن چونڊن جي مڪمل تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کانسواءِ باقي سياسي پارٽين جي مطالبي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڪراچي ۾ نيون تڪ بنديون ۽ گهر گهر ووٽرن جي فوج ذريعي تصديق جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته فيبروي جي پڇاڙي تائين اهو مرحلو مڪمل ٿي ويندو، “ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ جي بورڊ آف روينيو ۾ ايم ڪيو ايم ۽ سرڪار جا ماڻهو ويٺل آهن ، تڪبنديون انهن جي مرضي کانسواءِ ٿي نه سگهنديون ته پوءِ اوهان ڇا ڪندو؟” جي سوال تي سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر سوني خان بلوچ چيو هو ته ان سلسلي ۾ تجويزون تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته جيئن سياسي پارٽين کي به ان ۾ شامل ڪري سگهجي“ افيئر” پاران جڏهن هن کان سوال ڪيو ويو ته درياھ ۾ ويهي واڳون سان وير رکڻ جي روايت جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو ؟جو جواب ڏيڻ مهل هو مڪمل طور تي هيسيل نظر آيو، هن صرف اهو چيو ته الله خير ڪندو، ٽن ڏينهن بعد سوني خان بلوچ کي سندس عهدي تان هٽايو ويو، منهنجو ذاتي طور تي اهو اندازو آهي ته اهو فيصلو سوني خان بلوچ جي چوڻ تي ئي اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ڪيو آهي، توڙي جو ادارتي سطح تي اها ڳالھه سامهون آندي وئي آهي ته سوني خان بلوچ کي سياسي پارٽين جي مطالبي تي هٽايو ويو آهي.

 

اليڪشن ڪيمشن ۽ فوج لاءِ بهرحال اهو چيلينج آهي ته هو ڪراچي ۾ گهر گهر وڃي ووٽرن جي تصديق ڪن، هن عمل جي جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم سخت مخالفت ڪري رهي آهي، ۽ عدليه خلاف ڳالھائڻ تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين مٿان توهين عدالت جونوٽيس به جاري ٿي ويو آهي، پر اهو خود فوج لاءِ به مسئلو بڻيل آهي ته ڇا هو ان عمل ۾ شامل ٿيندي يا نه؟ جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي کي ان سلسلي ۾ خط به لکي ڇڏيا آهن پر اڃا ڪو جواب نه آيو آهي. اهو سڀ ڪجھه ايترو سولو به ناهي، جيترو سمهجيو وڃي، ٿو ، فوج سوات ۾ امن قائم ڪرڻ وئي ته اتي اڃا تائين ڦاٿي پئي آهي، جيتوڻيڪ سوات ۽ ڪراچي جي صورتحال ۾ گهڻو فرق آهي، پر ڪراچي به هاڻي هڪ خاموش آتش فشان آهي، هي جيڪڏهن هڪ دفعو به ڦاٽي پيو ته پوءِ ان کي بهتر ٿيڻ ۾ ڪا خبر ناهي ته ڪيترا سال لڳن. ان ڪري فوج ان عمل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سوچي سمجهي فيصلو ڪندي. ڪجھه ڌرين جو اهو به خيال آهي ته هاڻي اصل ڌرين اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي افورڊ ڪرڻ مسئلو بڻيل آهي، ان ڪري هن جي ڪنڌ ،مان ڪلي ڪڍڻ ضروري آهي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم به لڳي ٿو ته مڪافات عمل ڏانهن سفر شروع ڪيو آهي، لنڊن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ ڦاٿل الطاف حسين ان پريشاني ۾ آهي ته جيڪڏهن ڳالھه ڦاٽي پئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان ڪري ايم آءِ 5 سان ويجهڙائي رکندڙ سنڌ جو وائسراءِ به هن دفعي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سان اڪيلائي ۾ اندر جون ڳالھيون نه ڪر ي سگهيو، ايم ڪيو ايم جي اندر ۾ اها ڳالھه به غور هيٺ آهي ته جيڪڏهن سندس رقيبن ووٽرن جي گهر گهر تصديق دوران ٻه چار جوانن کي ڪيرائي وڌو ته پوءِ ايم ڪيو ايم خلاف فوجي آپريشن کي ڪير به روڪي نه سگهندو. جيڪڏهن هو پاڻ به اهو ڪم ڪري ٿي ته به نتيجا ساڳيا ئي هوندا، ان ڪري هن وقت ايم ڪيو ايم ٻه طرفي ڦاٿل آهي، ۽ ان جا مختلف اشوز تي ايندڙ ردعمل سياسي نه پر جذباتي آهن.

اسلام آباد ۾ ٻيو وڏو اشو هن وقت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران پيش نه ٿيڻ آهي، سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار پرنسيپل اڪائونٽنگ آفيسر آهي، ان ڪري ارڙهين آئيني ترميم بعد سمورا ادارا پارليامينٽ آڏو جوابده آهن، ۽ کين بجيٽ جو حساب ڏيڻ لاءِ پابند ڪيو ويو آهي، پي اي سي ۾ گذريل ڪيترن سالن کان اهو مسئلو هلندو ٿو اچي، جن ڏينهن ۾ رجسٽرار پاران پيش ٿيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو انهن ڏينهن ۾ سيد يوسف رضا گيلاني جو سوئيز اختيارين کي خط لکڻ واري معاملي جو ڪيس هلندڙ هو، ان ڪري پي اي سي به ان مسئلي کي هٿ وٺي نه ڇيڙيو ته متان ان جو ٻيو تاثر ورتو وڃي، هاڻي نومبر جي ٻئي هفتي کان ڊسمبر جي ٻئي هفتي تائين اهو سڄو معاملو هڪ طرف ٿي چڪو آهي، پي اي سي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي هڪ ڀيرو ٻيهر خط لکيو ته هو ڪميٽي آڏو پيش ٿي حساب ڏئي،پر سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران پي اي سي کي هڪ ليٽر جاري ڪيو ويوته هو پيش ٿئي، پر هو نه آيو، جنهن کانپوءِ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاقِ راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ته رجسٽرار پاران ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪرڻ تي ان جي خلاف اسپيشل رپورٽ تيار ڪري پارليامينٽ کي موڪلي وڃي، اڄ جڏهن هي سٽون لکجن پيون ته اها رپورٽ اسپيڪر ڏانهن رواني ٿي چڪي هوندي، ڪميٽي جي چيئرمين نديم افضل چن جو چوڻ هو ته اسان پارليامينٽ کي گذراش ڪنداسين ته هو ان سلسلي ۾ ٻنهي ايوانن جو گڏيل اجلاس سڏائي ان ۾ فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ ملڪ جي سمورن ادارن کي بجيٽ ڏئي ٿي. سڀاڻي جيڪڏهن ايوان صدر ۽ وزير اعظم هائوس به چون ته اسان کي حساب ڏيڻ کان آجو ڪيو وڃي ته پوءِ ڇاٿيندو” ان ڪري اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي، باقي ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي.

ملڪ جي ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي ٽيڪس گوشوارن بابت شايع ٿيل رپورٽ تي ميمبر صاحبان گهڻا ناراض آهن، ان سلسلي ۾ پي اي سي جي چيئرمين ۽ بين پارليامينٽرين گهڻو ردعمل ڏيکاريو آهي. هنن جو چوڻ آهي ته هو ٽيڪس ڏيندا رهيا آهن پر هٿ وٺي کين بدنا م ڪيو ويوآهي. ايف بي آر مٿان ميمبر ان ڪري ڪاوڙيل آهن ته اها معلومات اتان کان ليڪ ٿي آهي، ان ڪري ايف بي آر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايف بي آر جي چيئرمين ارشد علي حڪيم جو چوڻ آهي ته ٽيڪس گوشوارن بابت معلومات جا نمبر ايف بي آر جي نمبرن سان مئچ نٿا ٿين، ان جي باوجود ايف بي آر ۾ ان معاملي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته پي اي سي جي چيئرمين نديم افضل جو چوڻ آهي ته اها سموري معلومات وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل جي آفيس مان فراهم ڪئي وئي آهي،

پارليامينٽرين ان ڳالھه ۾ به ڦاٿل آهن ته نيب جي چيئرمين پهرين هڪ مهيني ۾ 7 ارب رپين جي ڪرپشن ۽ بعد ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪري ان جو انگ وڌائي 15 ارب رپيا مهينو تائين پهچائڻ واري ڳالھه ڪري حڪومت جا لاھ ڪڍي ڇڏيا آهن. حڪومت پاڻ پريشان آهن ته جيڪڏهن ايتري انگ ۾ ڪرپشن ٿي ته پوءِ کيس ” نظر“ ڇو نٿا اچن؟ جيتوڻيڪ نيب چيئرمين ڳالھه ته گهڻي ڪري ويو آهي، پر ان جا انگ اکر تفصيلي پيش نه ڪري سگهيو آهي. نيب چيئرمين لاءِ اهو مشهور آهي ته هو ملڪ رياض جو ماڻهو آهي، ۽ ان جي ئي سفارش تي کيس مقرر به ڪيو ويو هو، پر ڇا به هجي، فصيح بخاري کي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ڪرپشن نظر اچڻ تي گهڻن کي حيرت ٿي آهي!

Email:razak.khatti@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو