Home / افيئر / هينئڙو- اوٺي وڳ جيئن
above article banner

هينئڙو- اوٺي وڳ جيئن

جيئن اٺ بي پتي ذات آهي ايئن وري سوار بهـ بي پتو ٿئي ٿو، جي سوار پنهنجي تي اچي تـ اهڙو ٺاهي ڇڏي جو هڪ ساهي ۾ رات پيٽ ۾ رڻ اڪاري ۽ جي سوار جي ڪل ٿڙي ۽ ڏڻي سان ورچي پئي هڪڙي سراڙي ۾ هڻي اٺ کي اهڙو ڦٽائي ڇڏي جو وري ڪهڙو بـه سنوار هجي اٺ کي ٺاهي ڪونـ سگهي. ڀلي ڪيترا هيلا بهانا ڪري پر جي ٺهيل اٺ ڦٽو تـه ٽڪو لهي هڪڙو. سوار تـه سوار آهي نـ اهو تـ اٺ جي پير وڄت مان ئي سهي ڪري وٺندو تـ اٺ رلي ۾ پيو وڃي يا من ۾ آهي يا سراڙي ۾ ،بس سوار پير جو آواز ٻڌي سهي ڪري ويندو ، تـه اٺ ڦلاڻي هلڻي ۾ پيو هلي. ڀلا جي اٺ کي سوار سختي ڏيندو تـ ايئن ڪندو جو هن کي هڪ ساهي ۾ وڏي ۾ وڏي منزل هڪليندو بس ساهي ڪونـ ڏيندو سانپڙ جو زيپٽ هوندو . ڪٿي جهٽ ساهي پٽائي حرام جي ويساهين ڏي. بس سوار جو سانپڙ جي زيپٽ سان گڏ هڪڙو تـ ترهي وارو پٽڪو پيو لڏندو، اهو سوار جو ماه مرڪ آهي، سوار ڪڏهن بـ اگهاڙي مٿي اٺ تي بنا پٽڪي جي سواري ڪونـ ڪندو. جي ڀلا هوندو سوار تـ پوءِ ٽوپي بـه ڪونـه پائيندو، اٺ تي چڙهڻ کان پهرئين پٽڪو ضرور ٻڌندو. بس ٻئي ٽنگون پيون لڏنديون اڙي هڻندو ويندو.تيلو اٺ سنوار جو پسنديده اٺ آهي، جي سوار کي تيلي رنگ جو اٺ ملي وڃي تـه ٻيو ڇا کپيس. اٺ جي پنهنجي چرکي آهي گهوڙي جي وري پنهنجي چرکي آهي، اٺ سوار مهار تي نچائيندو تـ نچندو بيٺو سوار جو هٿيار مهار آهي. اٺ جي هڪڙي مهار ٺهڻ جي تـ ٻي وري ڦٽائڻ جي آهي. جي اٺ ساڄي مهار تي ٺهيل آهي انهي کي ڦٽائڻو آهي تـه رڳو کاٻي هٿ جي مهار کي جهٻيون ٻه چار ڏي پاڻهين ٺهيل اٺ ڦٽي ويندو. ٻن سالن جي محنت پاڻي ۾، رڳو جهٻي سان سڄا انگ وساري ڇڏيندو.ساڄي هٿ جي مهار کي اوڏي مهل ڍر ڏبي. بس اهو سوار تڏهن ڪندا آهن جڏهن هنن کي پنهنجي مذوري سهي ناهي ملندي يا اٺ جي ڌڻي سان ڪنهن ڳالهـ تـ اڻبڻت ٿيندي آهي. هونئن تـ هر سوار جي پنهنجي مهار آهي ڪنهن جي ساڄي ڪنهن جي کاٻي پر ڪي ڪي وري اٺ کي سوار جهڳيندا آهن ٻئي مهارون پيون هلنديون آهن. بس اهي وک کان وٺي ڇيڙي تائين جهڳيندا ويندا آهن.ڪي ساڄي هٿ جي اشاري تي وڃي ڇيڙو ڪندا آهن ڪي کاٻي هٿ تي وڃي ڇيڙو ڪندا آهن.. بس سوار جي ڀلا ڪو ٻيو اٺ تي ويٺو تـ اٺ اوڏي مهل مهار ڏيندو تـ هو ڪهڙي مهار تي ٺهيل آهي اهو صرف سوار ئي سهي ڪري سگهي ٿو، تو مون جهڙو ڪو اٺ تي ويٺو تـ ٺهيل اٺ خراب ڪري ڏيندو. جيئن تيلو اٺ سوار جو پسنديده اٺ آهي، ايئن وري تورو اٺ ڪنهن ڪم جو ناهي. اٺ نڍڙو هوندو تڏهن کان سوار هن تي ڪم شروع ڪندو چوڳو ٿيو تـ ڪنهن ڪم جو ناهي هڏ پڪا ڪري ويندو. هن تي ڪهڙو بـ ڪاريگر سوار محنت ڪري جي هلندو تڏهن بـ گهڻي ۾ گهڻو هليو تـ بـ هلندو من ۽ وک بس ٻيو ٿيو خير.مٿي سراڙو کڻي ويندو تـ ڪونـ ٺاهيندو. جي اٺ ڪڏندو تـ انهي کي ڊبل سيلهو هڻبو آهي، سوار اٺ کي ٺاهڻ ۾ ٻـ سال لڳائي ڇڏيندا آهن .اهو ايئن جو سوار اٺ کي سياري جي چئن مهينن ۾ ئي ٺاهيندو . هن سياري ۾ چار مهينا ٺاهڻ ۾ لڳايائين تـ هوري ڇڏي ڏيندو، چار مهينا اڳئين سياري جا، انهي وچ ۾ اٺ کي هٿ بـه ڏيندو. نـ وري انهي وچ ۾ ڌڻي انهي تي ڪو بار کڻي نـه پاڻي پکا ڀريندو . نـه ڪاٺين جو لڏ کڻندو.. معنيٰ تـ اٺ کان ڪوبـ ڪم ڪونـ وٺندو. اٺ ڀلو هوندو تـ هڪڙي ساهي ۾ ٽيهـ ڪلوميٽر جو پنڌ ڪڍي ويندو. جيڪو اٺ ڦيڻ ڪڍندو ويندو اهو ٿڪبو قطعي ڪونـ، ڦيڻ معنيٰ رڙندو ويندو ۽ وات مان گگ ڪڍندو ويندو.جڙي اٺ کي جهلي هن جا گوڏا ٻڌي هن کي سيلها هڻبا آهن . سڀ کان پهرئين جڙي اٺ جي مهار پٺيان ويهي ڪوتل جهلبي چار کان پنج ميل ڪوتل جهلي هلائبو پوءِ ڪوتل ڇڏائبي . انهي کانپوءِ آهستي آهستي پٺيان وک ۾ شروع ڪبو.مهينو وک پڪي ڪرائبي پوءِ جڏهن ڏسبوته هاڻ وک پڪي ڪري ويو آهي تـ پوءِ ٿيڙ ڏئي قدم من ۾ هڻڻو پوندو. اهي سڀ هلڻين جا نالا آهن.. وک ۾ سوار کي لوڏو ڪو نـه ايندو، ڀلي مهنجا راڻا کير جي چئونري تري ٿي رکي کڻي پيو وڃ. ٽي مهينا من يا قدم پڪا ڪرائبا، چٽا وارا چار مهينن کان اٺ کي کڻائبا، سيکاربو سياري ۾ انهي ڪري آهي جو اونهاري ۾ اٺ ٻه وارا بـ ڪونـ کڻي سگهندو.. سوار اٺ کي تيار ڪندا آهن تـه روز ٻـه ڪلو ٻاجهر رڌي کارائيندا آهن.اڌ پاءُ ڦٽڪي، اڌ ڪلو ڳڙ روز کارائيندا آهن.صبح جو پنج بجي کانپوءِ گوار جي ڪٽي بـ کارائبي . بس چار پنج ميل جا ور ڏئي اٺ کي ڇڏي ڏبو. بس جيڪو اٺ ٺهڻ لاءِ سوار وٽ هوندو آهي انهي تي باق سڀ ڪم معاف هوندا آهن.

 

 

پاڻياٺو اٺ لٺ تـ ٺهيو ڪپڙو بـ ڪونـ سهندو، اهو ٺهيو چڙهي ويٺين تـ ڪپڙو ٺاهڻ بـ ڪونـ ڏيندو بس واءِ مينهن ڪندو ويندو.ٿڌو اٺ لٺ جي ڀري پيو مار، حرام جي وک بـ کڻي.پاڻياٺ اٺ هلندي هلندي ويهي رهندا آهن،کوٽا ٿيندا آهن.انهي کي بـ ڌڪ ڪونـ هڻبو . بس رڳو انهي جون اکيون ٻڌي ڇڏبيون ڌتاري اٿاربو ۽ آهستي آهستي روان ڪبو.. ميلي لاءِ ٺهيل اٺ جي ٻاهين وٺيو اچي تـ واه واه بلي بلي ٿي ويندي پر جي وچ وٺي آيو تـ پوٰءِ ناڪام آهي. گهمايل ڀلو اٺ چار لک رپيا ڪندو آهي. سوار وک ڪونـ سنڀاليندو من سنڀاليندو آهي.سوار تـ وک ڀريندا بـ آهن تـ ڪيترا پيري وک آهي. وڌ ۾ وڌ اٺ جي وک ٻاويهه کان ٽيويهـ پير وک هوندي آهي ويهه پيرن کان گهٽ وک ڪم جي ناهي.اٺ کي پس ڏيڻو آهي پوءِ ميل تي ڏي يا ڏيڍ تي پر ايتري تي پس ويساهين ضرور ڏي.ڪي اٺ وري اهڙا بـ هوندا آهن جن جا سيلا گرم ٿي ويندا آهن وري مهار انهي مان ڪڍي نئون سيلو هڻي انهي ۾ مهار وجهبي..

پاڻ واري ملڪ ٿر ۾ هڪڙي اٺ ٺاهڻ واري سوار کي ڏه هزار روڪڙا ۽ هڪڙي سُئا ٻڪري ڏيندا آهن مذوري ۾، باقي ميلي جي گهور سوار جي . جي سوار هوشيار هوندو تـ انهي جو گهمايل اٺ ڪهڙو بـ سوار هجي گهمائي سگهي ٿو باقي اڀري سوار جو گهمايل اٺ هرڪوئي سوار نٿو گهمائي سگهي. جي ٻيو سوار چڙهيو تـ ساڳيا انگ ڪونـ ڏيندو.اٺ ڀرجي پوندو . ٿڪجي پوندو تـ واٽ ڇڏي ڏيندو، انهي جي اکين تي پٽي ٻڌي عادت ڇڏائبي .ڪڏهن ڪڏهن ڪاري انڌاري رات ۾ بـ سوار اٺ تي محنت ڪندو آهي.اٺ لاءِ سختي منزل آهي. جي سوار اٺ کي ڀائيندو آهي تـ ٽي ٽي ڏينهن پاءُ گيهـ يا ترن جو تيل ڏيندو آهي.. ميلي کان اڳ ۾ سيلها نوان بـ هڻندا آهن . پراڻي سيلهي تي ڀلي ٻار اٺ تي چڙهيو ويٺو هجي اٺ انگ ڪونـ ڇڏيندو.هرڻ اٺ کي ڏسي ڪونـ ڀڄندو . اٺ چون ٿا تـ جن غيبات جو ڀاڙي آهي، سيڙه ڪڍي بيهـي رهندو.چون ٿا اٺ بي پتي ذات آهي انهي مان ڪا وفا ڪونـ ٿيندي.. جيڪو اٺ ڏينهن جو ناهي هلندو انهي کي رات جو ٺاهيندا آهن ڪجهـ هلڻ جهڙو ٿيندو آهي، پوءِ وري ڏينهن تي وٺي ايندا آهن.. سوار اٺ کي گهمائڻ لاءِ خاص پٽي رستو ٺاهيندا آهن انهي تي ئي اٺ کي هلڻ سيکاريندا آهن.گهمايل اٺ کي ڇاهوڙ مهار وجهندا آهن جنهن ۾ ڇهـ سرون هونديون آهن.اهي سخت هونديون آهن انهن ۾ چار آڱر گوتو بـ هوندو آهي.گوتي ۾ وري ٻگسو ٻـ آڱر جو هوندو آهي جيئن مهار ڳري ٿئي اٺ لڏي هلي. ڀلو اٺ اهو جنهن جو ڪنڌ مٿي هجي. پويون حصو هيٺ هڻي هلي ۽ اڳيون حصو جسم جو مٿي هجيس. جيڪو اٺ ڪڏندو آهي انهي کي مهار سهاري سان ڌڪو ڏيندا آهن جيئن ڪڏڻ ڇڏي وڃي. هڪ ٻـن ڌڪن کانپوءِ ڪڏڻ ڇڏي ويندو.. نـ مڃيندڙ کي ڦٽڪي ۽ ڳڙ ڪونـ ڏبو، وڏي منزل هڻائبي ڪڏڻ ڇڏي ويندو.. بس منهنجا سائين سوار ۽ اٺن جون ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن . انهن جو تـ ڇيهـ آهي ئي ڪونـ پاڻ واري ٿر ۾ اڃا ايترا روڊ ڪون ٺهيا آهن سو گهڻي تڻي سواري آهي ئي اٺن جي سو اڃا سوارن ۽ اٺن جو پاڻ واري ٿر ۾ مان آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو