Home / دنيا / پ پ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون
above article banner

پ پ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساهه گهاتيون

1997ع کان 2008 وارن ڏهن يارهن سالن جي سول ۽ فوجي آمريت جي ڏاڍ، جبر ۽ ڏهڪاءَ واري قهري دور ۾ سنڌي ماڻهن انهن آسن، اميدن ۽ امنگن کي سانڍي رکيو هو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ ايندي ته عيد ٿي ويندي ۽ ڏهن ورهين جا ڏک سور هڪ لحظي ۾ لهي ويندا پر محترمه بينظيرڀٽو جي شهادت کان پوءِ پ پ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي نه رڳو ڀينگ ٿي وئي آهي. پر سندن ڏک سور به ٻيڻا ٿي ويا آهن. شهيد محترمه جي تڪراري وصيعت جي ٽيڪ تي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ پ پ جي قيادت سنڌ دشمن ڌارين جي ساٿاري ٿي سنڌ جي وجود تي وار ڪرڻ جو هڪ اڻکٽ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

شهيد محترمه جي نالي تي سنڌين جي ووٽن تي چونڊ کٽڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ زرداري صاحب پنهنجن خاص ماڻهن سان گڏ سنڌ خلاف سازشن جي ڳڙهه نائين زيرو تي حاضري ڀري.لساني ڌر جي ماڻهن سان ٽوپيون مٽائي، معافيون وٺي سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو. سندن کان حساب ڪتاب وٺڻ بدران هنن آڏو غير مشروط گوڏا ٽيڪي سنڌ جي مئنڊيٽ جي توهين ڪئي وئي.

 

ان کان هڪدم پوءِ وري آصف زرداري پنهنجي ساٿين سان 1992ع کان 1979ع تائين دهشتگردن خلاف ڪيل آپريشن ۾ مارجي ويلن ۽ سنڌي نياڻين جون لڄون لٽيندڙن جي قبرن تي حاضري ڀري، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل بي گناهه معصوم سنڌي ڳڀرو جوانن، ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن جو خون لوڙهي شهيدن جي روح کي رنجايو.

 

پ پ لساني ڌر کان سنڌين سان ڏاڍ جو حساب وٺڻ بدران مورڳو سندن شرطن تي هنن سان اتحاد ڪري اقتدار جون واڳون سنڀاليون.لساني ڌر سان ڪيل هڪ طرفي ٺاهه هيٺ سنڌ سرڪار جي ڪار وهنوار جا ڪل اختيار کين سونپي ڌرتي ڌڻين جي اميدن ۽ آسن کي هڪ ڀوائتي خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ايئن انهن وک وک تي سورن جي ساڙيل ڌرتي ڌڻين سان ويساهه گهاتي ڪري ظلم ۽ غداري جي هڪ انوکي تاريخ جوڙي آهي.

انتها تي پهتل رشوت، خراب حڪمراني ته هڪ پاسي پر سنڌ ۾ ئي سنڌين کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ ۾ به هاڻوڪي پ پ قيادت پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي ان سلسلي ۾:

· ذوالفقارآباد جهڙي سنڌ دشمن رٿا جوڙي ان جو ڪار وهنوار هلائڻ جو ذمو غير سنڌين جي حوالي ڪيو ويو آهي. انهن ڌارين کي تمام وڏيون پگهاريون ۽ بي انداز رعايتون ڏنيون ويون آهن. ان سنڌ دشمن رٿا تي هيل تائين مسڪين سنڌين جي رت ۽ پگهر جي پورهئي مان گڏ ڪيل محصولن مان سورنهن ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. ان رٿا هيٺ سوين سالن کان آباد مقامي ماڻهن جاڳوٺ ۽ گهر مسمار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهن جي سروي زمين جا کاتا مٽائي ڌرتي ڌڻين کي ڌرتي ڌڪاڻا ڪري مسڪين مارو ماڻهن کي دربدر ڪيو پيو وڃي. ان رٿا جو مقصد سامونڊي پٽي تي ڌارين کي آباد ڪرڻ ۽ مقامي ماڻهن کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ آهي.

· بئنڪ آف پنجاب جي طرز تي سنڌ ۾ به سنڌ بئنڪ قائم ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ هونئن ته ڪابه خرابي ناهي پر ان بئنڪ ۾ مٿين عهدن تي ڪو سنڌي ڳولهيو به نه ملندو. بئنڪ جي C,E, O (چيف ايگزيڪيوٽوآفيسر) کان وٺي اهم عهدن تائين غير سنڌي ڀرتي ڪيا ويا آهن.

· ڪراچي ۾ سوين سالن کان آباد قديم ڳوٺ آهن جن تي ڌارين قبضا خورن جون اکيون کتل آهن. سٽي گورنمينٽ جي دور ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن کي بلڊوز ڪري مسمار ڪيو ويو هو. ڪراچي جي مارو ماڻهن کي اميد هئي ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي انهن قديم ڳوٺن کي پڪو ڪندي. هنن جي اجهن کي تحفظ ڏيندي پر هاڻوڪي پ پ قيادت سنڌين جي سوين سالن کان آباد قديم ڳوٺن کي پڪو ڪرڻ بدران مورڳو، ملير ضلعي سميت ٻين ضلعن ۾ سرڪاري زمين کي جڙتو ۽ هٿ ٺوڪيا ڳوٺ قرار ڏئي لساني ڌر ۾ مفت ورهائي ڇڏيو آهي. سنڌين جا ڳوٺ اڃا به پڪا نه ٿيا آهن.

· هاڻوڪي حڪومت ته ڪراچي ۾ سٽي گورنمينٽ پاران جوڙيل ڪميونٽي پوليس کي ٻيهر فعال ڪري قانوني شڪل ڏني وئي آهي ۽ ان ۾ هزارن جي تعداد ۾ لساني ڌر جي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌي نوجوان روزگار لاءِ در در جا ڌڪا کائي رهيا آهن.

· پ پ جا وزير ۽ مشير سنڌ جي دولت کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ ڦرڻ سان گڏ نوڪريون به پئسن تي وڪرو ڪري رهيا آهن. حد ته اها آهي ته خود پ پ پ جي جيالن کي به نٿو بخشيو وڃي، جن کان به نوڪري لاءِ پئسا ورتا پيا وڃن.

· سنڌ سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم ڪري ، سنڌ صوبي جي انتظامي ڍانچي کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي. ان ترميم موجب هاڻي استاد، تپيدار، ڪلارڪ به ايس ايس پي ، ڊي سي جي عهدي تي مقرر ٿي سگهي ٿو.

· هاڻوڪي پ پ ماڻهن کي اٽو ۽ اجهو ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪرڻ بدران مورڳو دريا جي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن ۾ پنهنجي اَجهن ۽ روزگار کان محروم ٿيل ماڻهن جي نالي تي مليل بين الااقوامي امداد مان وزيرن، مشيرن، ميمبرن ۽ ڪامورن پنهنجا ڀڀ ڀريا ۽ متاثر ماڻهو اڄ به ايترو عرصو گذرڻ کان پوءِ کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺا آهن. ڪير انهن جي واهر ڪرڻ وارو به ناهي. هنن جي ٻيهر آبادڪاري ته پري جي ڳالهه آهي شهرن ڏانهن آيل ٻوڏ متاثرن کي لساني ڌر پ پ جي مدد سان تڙي ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪنهن داد فرياد به نه ٻڌو. ڪراچي ۾ افغاني پناهه گيرن، برمين، هدستانين، ۽ سوات جي متاثرن لاءِ ته جاءِ آهي پر ڌرتي ڌڻي پنهنجن شهرن ۾ به آباد نٿا ٿي سگهن.

· تازو آڊيٽر جنرل جي پڌري ڪيل رپورٽ موجب بندن جي اڏاوت ۽ مرمت لاءِ رکيل اربين رپين جو ڪو حساب ڪتاب ئي ڪونهي. قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ ڪڏهن اهڙي غريب ۽ مسڪين نه رهي آهي جيڏي هنن گذريل پنجن سالن ۾ رهي آهي. بي پناهه غربت، بي روزگاري ۽ ويساهه گهاتين جا ماريل سنڌي دانهن ڏين به ته ڪنهن کي. هيءَ سڄي ويڌن پنهنجن جي ئي ته ڪيل آهي.

· آئين ۾ ڪيل ارڙهين ترميم کان پوءِ صدر جا اختيار وزير اعظم کي منتقل ٿي ويا آهن، ساڳي ريت صوبن جي اڻ چونڊيل گورنر کي آمريت جي دور ۾ مليل اختيار صوبن جي وڏن وزيرن کي منتقل ٿي ويا آهن. فيڊريشن جي ٽن صوبن ۾ ته آئيني تقاضائن موجب سمورا انتظامي اختيار وڏن وزيرن جي حوالي ٿي ويا آهن پر سنڌ ۾ اڄ به صوبي جا سمورا انتظامي اختيار لساني ڌر جي گورنر جي ئي حوالي ٿيل آهن. پ پ جي رضامندي ۽ آشيرواد سان اڄ يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جا انتظامي اختيار گورنر وٽ آهن، جڏهن ته ارڙهين ترميم کان پوءِ اهي اختيار هاڻي وڏي وزير جا آهن، پر پوءِ به انهن اختيارن تي غير آئيني ۽ غير قانوني قبضو گورنر جو ئي آهي. ڳالهه رڳو اتي ختم نٿي ٿئي پر امن امان وارا مامرا به غير آئيني ۽ غير قانوني طور تي گورنر هائوس ۾ نبيرجن ٿا. سنڌ ۾ وڏو وزير گورنر ۽ صدر زرداري جي هڪ ويجهي مائٽ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي باقي هن جي ڪابه انتظامي حيثيت نه آهي. آخر پ پ لساني ڌر کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيتري حد تائين ويندي، ڇا ڪا انتها به آهي يا نه ؟

اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ۽ سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جا انتظامي اختيار ۽ امن امان جا مامرا گورنر جي حوالي ڪرڻ کان پوءِ به پ پ جي وزيرن ۽ مشيرن جي تسلي نه ٿي آهي جو هنن لساني ڌر پاران ٺاهيل سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 وارو سنڌ دشمن ڪارو قانون لاڳو ڪري، سنڌ جيجل جو عملي ورهاڱو ڪري، ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان ڌار ڪري حمله آور عربن، ارغونن، ترخانن ۽ سنڌ جي وڏن وڏن غدارن جو ڪنڌ به شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.

لساني ڌر جي ڪٽرنسل پرست قانوندانن ۽ رٽائرڊ ڪامورن سنڌ دشمني تي ٻڌل اهو قانون اهڙي ته حرفت، چالاڪيءَ، مڪاري ۽ بدنيتي سان ويهي ٺاهيو آهي جو سنڌ جا ڌرتي ڌڻي مستقل بنيادن تي اقليتي لساني ڌر جا محڪوم ۽ غلام بنجي ويا آهن. ان تڪراري قانون آڻڻ پٺيان سندن انتهائي خطرناڪ ۽ ڳجها منصوبا لڪل آهن. ان سان مذڪوره ڌر هيٺيان مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿي.

·ڌرتي ڌڻين جي ڪراچي حيدرآباد، سکر ۽ ميرپور خاص ۾ لڏپلاڻ کي مستقل بنيادن تي روڪڻ.

·شهرن ۾ آباد سنڌين کي شهرن مان تڙي ٻاهر ڪڍڻ.

·ڌرتي ڌڻين لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تعليم ۽ روزگار جا دروازا مستقل بنيادن تي بند ڪرڻ.

·سنڌين جي تعليم کي تباهه ڪري هنن کي ڄٽ ۽ جاهل بنائي رکڻ.

·سنڌ جي شهرن تي مڪمل طور دائمي قبضو ڄمائي رکڻ .

مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هنن پ پ سان گڏجي وڏي چالاڪي ۽ مڪاريءَ سان ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ٽائون ميونسپل ڪائونسلن، تعلقي ڪائونسلن ۽ يونين ڪائونسلن جي اهڙي ريت جوڙجڪ ڪئي آهي جو اها سنڌ کي ڀاڱن ۾ ورهائڻ لاءِ هڪ مضبوط هٿيار جو ڪم ڪري سگهندي .ان تڪراري قانون جي شق 8 سان لساني ڌر پنهنجا آهي مقصد حاصل ڪيا آهن جن جو خواب هنن جي اڳواڻن ماضيءَ ۾ ڏٺو هو.

سنڌ دشمن تڪراري قانون جي شق اٺ هيٺ سنڌ جي ڪراچي ڊويزن حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر، ميرپورخاص ۽ خيرپور ضلعن کي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو آهي. جن جو سربراهه اڻ سڌي طرح فراڊ وارين چونڊن وسيلي ٿاڦيل ميئر هوندو ۽ باقي رهيل ضلعن ۾ وري ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون جوڙيون ويون آهن، جن جو سربراهه چيئرمين هوندو. ان جي چونڊ به ساڳي فراڊ هيٺ ٿيندي.

شق 8 جي پڄاڻي کان پوءِ شروع ٿيندڙ پئرا ۾ وضاحتي نوٽ ڏيئي لساني ڌر پنهنجي اصل سازش کي عملي روپ ڏنو آهي. ان وضاحت وسيلي ڪراچي ڊويزن جي سنڌي اڪثريت واري ضلعي ملير ۽ سنڌي ۽ بلوچ اڪثريت واري ضلعي سائوٿ سميت ڪراچي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن کي هڪ ضلعي جي حيثيت ڏئي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ ڪراچي جي ميئر کي غير آئيني ۽ غير قانوني طور وڏي وزير کان به وڌيڪ بااختيار ۽ طاقتور بنايو ويو آهي.

·ٻئي طرف وري سنڌ جي باقي چئن ڊويزنن: حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص جي صرف ڊويزنل هيڊڪوارٽرس واري هڪ ضلعي کي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز بنايو ويو آهي.

· سکر ڊويزن سان وري اها ويڌن ڪئي وئي آهي ته اتي سڏ پنڌ تي ڊويزن جي ضلعي خيرپور کي به الڳ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته سکر ڊويزن جي باقي ضلعن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ؟ سکر ڊويزن جي سمورن ضلعن کي ملائي هڪ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڇو نه بنايو ويو آهي ؟ ساڳيو اصول حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور خاص سان به لاڳو ٿيڻ گهرجي ها.

· سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي پراڻي گهر هئي ته آمر مشرف جي غير آئيني حڪومت پاران ٽڪرن ۾ ورهايل تاريخي حيدر آباد ضلعي کي اصلوڪي شڪل ۾ بحال ڪيو وڃي.شهيد محترمه بينظير ڀٽو به وڏي واڪي وچن ڏنو هو ته حيدرآباد ضلعي جي تاريخي حيثيت کي بحال ڪيو ويندو. اهو وچن پيپلز پارٽي جي منشور ۾ به ورجايو ويو آهي پر شهيد محترمه جي وچن کي بي مانائتو ڪندي هاڻوڪي پ پ قيادت حيدر آباد ضلعي کي اصلوڪي شڪل ۾ ته بحال نه ڪيو پر نئين مڪاني نظام ۾ ٽنڊي محمد خان، ٽنڊو الهيار ۽ مٽياري ضلعن تي ٻڌل ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن به قائم نه ڪئي جڏهن ته اهي شهر حيدرآباد کان ڪجهه ئي ڪلوميٽرن جي وڇوٽي تي آهن. جيئن ڪراچي جي پنجن ئي ضلعن کي ملائي هڪ ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ڏنو ويو آهي تيئن حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي الهيار ۽ مٽياري ضلعن کي ملائي هڪ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو درجو ڏيڻ کپي ها. سنڌ جي ماڻهن جو اهو جائز سوال آهي ته ڪراچي جي ميئر کي ڪراچي جا پنج ئي ضلعا ڏيج ۾ ڪهڙي حساب ۾ ڏنا ويا آهن ۽ حيدرآباد سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو ڪيو ويو آهي ؟ اهو سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل رٿابندي هيٺ ڪيو ويو آهي ته جيئن سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کان اباڻا ڪک ڇڏائڻ جو پڪو بندوبست ٿي سگهي. ڌرتي ڌڻين جا ڳوٺ، قبرستان ۽ وٿاڻ مسمار ڪري کين ڪراچي ۽ حيدرآباد مان تڙي ڌرتي ڌڪاڻا بنجڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

· ان تڪراري قانون لاڳو ڪرڻ جو واحد مقصد ڌرتي ڌڻين جي اڪثريت کي جڙتو، هٿ ٺوڪيل قانونن، چالاڪين، مڪارين ۽ چال بازين سان حڪمراني جي حق کان محروم ڪري ٻاهران آيل ڌارين جي اقليت جي تابع رکي لساني ڌر جو محڪوم بنائڻ آهي.

· اهو سنڌ دشمن قانون بدنيتي تي ٻڌل آهي، ان جو مقصد ماڻهن کي شهري سهولتون ڏيڻ هرگز ناهي، جيڪو ڪم سڄي دنيا جا مڪاني ادارا هڪ مڃيل اصول ۽ برابري، متڀيد کان آجي قانون هيٺ ڪندا آهن.

· ڪاري قانون جو مقصد صرف ۽ صرف سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي غيرن جو غلام بڻائي رکڻ ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم ڪرڻ آهي.

· محترمه جي شهادت تي سنڌي ماڻهن پيپلز پارٽي کي غير مشروط ووٽ ڏئي اقتدار جي تخت تي ويهاريو پر پيپلز پارٽي پنهنجي شهيد اڳواڻ جي وچن ۽ منشور موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سنڌي ماڻهن مٿان طاقت جي زور تي ٿاڦيل غير آئيني ۽ غير فطري جاگرافيائي حدبندين کي ختم ڪرن بدران مورڳو سڄي سنڌ کي ئي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ ورهائي ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ وسندڙ سنڌين کي بگهڙن اڳيان اڇلائي ڇڏيو آهي. باقي بچيل ٽڪرا جاگير ڪري غدار وڏيرن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

· جيئن ته هي تڪراري قانون سنڌ اسيمبلي پاس ڪيو آهي ان کي ختم به سنڌ اسيمبلي ئي ڪري سگهي ٿي. پ پ جيڪا لساني ڌر جي اتحادي آهي سا اهو قانون ڪنهن به قيمت تي واپس نه وٺندي، نه ڪو اهڙو اختيار يا همت ان کي آهي.

· ان ڪري اچو ته وچن ڪيون ته ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي مفاد پرست قيادت کي شڪست ڏئي سنڌ دوست ڌرين کي وڌ ۾ وڌ ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري ، هن تڪراري قانون جو ڳٺ لاهي ڦٽو ڪيون، نه ته سنڌ ۾ ڌرتي ڌڻي ننڌڻڪا بڻجي پنهنجن گهرن ۽ ڌنڌي داڙي کان به محروم ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته تڪراري قانون ۾ ميئر کي C r p.c جي قلم 145 هيٺ مليل اختيار هيٺ اهڙو ته خطرناڪ ۽ موتمار هٿيار ڏنو ويو آهي، جنهن سان ميئر ڪنهن به شهري کي پنهنجي گهر، دڪان، پراپرٽي ۽ ملڪيت کان محروم ڪري بي گهر ڪري سگهي ٿو. ڇو ته ان قلم هيٺ ميئر کي اهو اختيار ملي ويو آهي ته هو گهر، پلاٽ يا ٻي ڪا به ملڪيت يا بئنڪ اڪائونٽ جي مالڪيءَ تي تڪرار جي صورت ۾ تڪرار واري گهر، پلاٽ، ملڪيت، ڪارخاني يا بئنڪ اڪائونٽ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.اها ته هر ماڻهو کي ڪَل آهي ته اهو هٿيار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪنهن جي خلاف استعمال ٿيندو .لساني ڌر جو ميئر ڪو به هٿرادو ۽ هٿ ٺوڪيو تڪرار پيدا ڪرائي ڌرتي ڌڻين کي ڪنگال بڻائي شهر ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندو.

· پ پ سنڌ سان ايڏي ڪربلا ڪرڻ کان پوءِ سنڌ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي وئي آهي، ان مان جند ڇڏائڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونهي، ٻي صورت ۾ سنڌي پنهنجي ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن جي تباهي ۽ بربادي جا پاڻ ئي ذميوار هوندا. هاڻ سنڌين جو پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيڻ نشي وانگر آهي، ڀنگ ۽ چرس جي ان نشي مان جان ڇڏائڻي پوندي.

shoromushtaq@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو