Home / افيئر / ڀنگ لاءِ اغوا ۽ قتل، ڊاڪٽر رستن تي
above article banner

ڀنگ لاءِ اغوا ۽ قتل، ڊاڪٽر رستن تي

16 آڪٽوبر جي شام جو اکين جي فلاحي اسپتال ايل آربي ٽي جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ۽ اکين جي ماهر ڊاڪٽر محمد سعيد خان کي اغوا ڪيو ويو. ايل آر بي ٽي ڪوئيٽا، مستونگ، پشين، سبي، گوادر، نوشڪي ۽ تربت اسپتالون بند ڪري ڇڏيون. ٻئي طرف وري پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن احتجاج طور سرڪاري اسپتالن ۾ اوپي ڊيز ۽ آپريشن ٿيئٽر بند ڪري ڇڏيا. ايل آر بي ٽي ۾ روزانو ٽي سئو کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ۽ 50 کان وڌيڪ آپريشن ٿيندا آهن. اسپتال بند ٿيڻ سبب هزارين مريض اکين جو علاج ڪرائڻ کان محروم ٿي ويا آهن، جڏهن ته ايل آر بي ٽي انتظاميا سٺ کن ملازمن کي پگهارون ڏيڻ کان لاچاري ظاهر ڪندي کين گهر ويهڻ جو مشورو ڏنو آهي. اغوا ۽ قتل جي لڳاتار وارداتن کانپوءِ ڊاڪٽرن سرڪاري اسپتالن ۾ هلندڙ احتجاج کي وڌائيندي ايمرجنسي سروس معطل ڪرڻ ۽ پرائيوٽ اسپتالون پڻ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊاڪٽرن گورنر هائوس ۽ وزير اعليٰ هائوس اڳيان احتجاج ڪيو ته ريڊ زون ۾ احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 70 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو.

پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن موجب گذريل پنجن سالن ۾ 27 ڊاڪٽر ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿيا آهن ۽ 16 ڊاڪٽر ڀنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا، ڪوئيٽا مان اغوا ٿيندڙ اکين جو ماهر ڊاڪٽر سعيد خان 44 ڏينهن کانپوءِ آزاد ٿي گهر پهتو، جنهن لاءِ سرعام اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ته هو تمام وڏي ڀنگ عيوض آزاد ٿيو آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر سعيد خان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به پي ايم اي بلوچستان ۾ ڊاڪٽرن جي هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيوآهي. ڊاڪٽر سعيد خان کي 16 آڪٽوبر تي اڻڄاتل ماڻهو سرياب روڊ تي موجود سندس ڪلينڪ تان پنهنجي گهر ويندي اغوا ڪري ويا هئا. فيملي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سعيد خيريت سان گهر اچي چڪو آهي. باقي اهي وڌيڪ تفصيل ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهن.

ڊاڪٽر سعيد خان جي اغوا خلاف ڊاڪٽر سرڪاري توري خانگي اسپتالن ۾ هڙتال تي آهن، ٻئي پاسي سعيد خان جي آزادي کانپوءِ به ڊاڪٽرن هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ايم اي بلوچستان جي صدر ڊاڪٽر سلطان ترين جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر سعيد جي آزادي ڀنگ ڀرڻ کانپوءِ ممڪن ٿي سگهي آهي. سندس آزادي ۾ حڪومت يا قانون لاڳو ڪندڙ ادرن جو ڪو ڪردار نه آهي، جنهن ڪري اسان هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پوليس ۽ ڊاڪٽرن جي تنظيم پي ايم اي بلوچستان موجب ڊاڪٽر سعيد خان کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو ۽ سندس آزاي لاءِ هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر سعيد خان جي اغوا کان ڪجهه عرصو اڳ بلوچستان جي ماهر نفسيات ڊاڪٽر غلام رسول کي پڻ اغوا ڪيو ويو هو. پوليس ۽ پي ايم اي بلوچستان موجب ڊاڪٽر غلام رسول کي پڻ هڪ ڪروڙ ڀنگ ڏيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو هو.جڏهن ته ان ئي عرصي دوران خضدار ۽ مستونگ جي علائقن ۾ ٻن ڊاڪٽرن کي قتل پڻ ڪوي ويو. اهڙي صورتحال سبب بلوچستان جا ڊاڪٽر هڙتال تي آهن.

ٻه هفتا اڳ جڏهن ڊاڪٽرن گرفتارين ۽ پوليس طرفان سندن جلوس تي شيلنگ خلاف مڪمل هڙتال جو اعلان ڪيو ته بلوچستان حڪومت طرفان فوجي ڊاڪٽرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون. هينئر تائين اسپتالن ۾ فوجي ڊاڪٽر مقرر ته نٿي سگهيا آهن ليڪن بلوچستان جي صحت واري سيڪريٽري عصمت الله ڪاڪڙ جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته اهو انتظام ڪوئيٽا سي ايم ايڇ اسپتال ۾ ٿي ويو آهي.، جتي سوين مريضن جي علاج لاءِ سموريون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. ليڪن سيڪيورٽي جي سخت انتظامن سبب عام ماڻهو جي ايستائين پهچ تمام ڏکي آهي.

سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون نه هجڻ سبب مريض اهي اسپتالون ڇڏڻ تي مجبور آهن. ايئن ڪوئيٽا جون ٻه وڏيون اسپتالون سنڊيمن سول اسپتال ۽ بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس اسپتال ۾ ويراني جو منظر آهي. سنڊيمن اسپتال جي آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ موجود هڪ مريض جي مائٽ عبدالمالڪ “ افيئر” کي ٻڌايو ته هن وارڊ ۾ هاڻي فقط ٻه ٽي مريض رهجي ويا آهن. هتي ڊاڪٽر نٿا اچن، جنهن ڪري مريض تڪليف ۾ مبتلا آهن. ٻاهران جيڪي مريض اچن ٿا تن کي داخل نٿو ڪيو وڃي جنهن ڪري ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ڪوئيٽا شهر جي ٻي وڏي اسپتال سنڊيمن جي مختلف وارڊن ۾ 750 مريضن جي داخلا لاءِ بسترا موجود آهن. هڪ نرس نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مريضن جو انگ وڌيڪ هجڻ سبب هتي اضافي بسترن جو انتظام ڪيو ويندو آهي. ايئن هڪ ئي وقت اسپتال ۾ هڪ هزار کان ٻارهن سو مريضن تائين مختلف وارڊن ۾ داخل رهندا آهن. ليڪن سنڊيمن سول اسپتال ۾ جڏهن هڪ ذميوار اهلڪار کان اتي موجود مريضن جي باري ۾ پڇيو ويو ته هن مختلف وارڊن ۾ موجود مريضن بابت ڳڻپ شروع ڪئي ته هو 20 کان وڌيڪ مريضن نه ڳڻي سگهيو.

شهر جي سڀ کان وڏي اسپتال بولان ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ بسترن جو انگ سنڊيمن اسپتال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ ٻنهي اسپتالن ڏانهن روزانو سوين مريض عارضي علاج لاءِ اچن ٿا. ڪوئيٽا ۾ چئن وڏين اسپتالن کان سواءِ ضلعي ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي 30 ضلعن ۾ تقريبا 11 عام اسپتالون، 27 دسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتالون، 79 ٻهراڙي جا صحت مرڪز، 554 بنيادي صحت مرڪز، ۽ 555 سول ڊسپينسريون آهن. هينئر تائين سرڪاري اسپتالن ۾ علاج جون سهولتون بحال نه ٿي سگهيون آهن. باقي 70 هڙتالي ڊاڪٽرن کي معطل ڪرڻ کان سواءِ سندن پگهارون بند ڪرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

سيڪريٽري صحت بلوچستان عصمت الله ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته جڏهن به ڪو سرڪاري ملازم ڪنهن ڏوهه ۾ گرفتار ٿيندو آهي ته اهو معطل سمجهيو ويندو آهي 73 کان وڌيڪ جيڪي ڊاڪٽر گرفتار ڪيا ويا آهن، اهي معطل ڪيا ويا آهن ۽ سندن پگهارون بند ڪرڻ جي سمري اڪائونٽنٽ جنرل کي موڪلي وئي آهي.

ٻئي طرف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي جنرل باڊي جي ڪوئيٽا ۾ٿيل اجلاس ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ويو ته اهي اسپتالن ۾ ايمرجنسي سروس بند ڪرڻ ۽ تالابندي خلاف آهن پر حڪومت به معاملن کي سنجيدگي سان سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري . ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته موجوده عدم تحفظ جي ماحول ۾ ڊاڪٽرن لاءِ پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ممڪن ئي نه آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو