Home / افيئر / ڇا الطاف حسين عدالت ۾ پيش ٿيندو
above article banner

ڇا الطاف حسين عدالت ۾ پيش ٿيندو

14 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ متحده قومي موومنٽ جي سربراهه الطاف حسين کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪندي7 جنوري 2013 تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏي ٿي. هي نوٽيس الطاف حسين جي 2 ڊسمبر واري تقرير جي خلاف آهي جنهن ۾ هن عدليا ۽ ججن خلاف اهڙي ٻولي استعمال ڪئي جيڪا ڪنهن به لحاظ کان هڪ پارٽي سربراهه کي زيب نٿي ڏي. هن کان اڳ هن کي کوڙ ساريون اهڙيون تقريرون ڦٻي ويون آهن الطاف حسين، سيد يوسف رضا گيلاني ۽ وزيراعظم راجا پرويز اشرف کان پوءِ ٽيون ليڊر آهي جنهن کي موجوده عدليه توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو آهي. جيڪڏهن مُلڪ جا وزير اعظم عدالت جي ڪٽهڙي ۾ حاضر ٿي سگهن ٿا ته متحده جو سربراهه ڇو نه ؟ وزارت خارجه جي معرفت الطاف کي هڪ عدد نوٽيس فاروق ستار جي ڪراچي واري عزيزآباد ايڊريس تي به اُماڻيو ويو آهي. انهيءَ ڏينهن سُپريم ڪورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان به جواب طلب ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان خونريزي ڇو وڌي آهي ۽ عام ماڻهو جي جان مال لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا ويا آهن. سنڌ حڪومت کان اهو به پُڇاڻو ڪيو ويو آهي ته 13 سپٽمبر 2012 کان پوءِ قتل ٿيندرن جا تفصيل به مهيا ڪيا وڃن.

 

ملڪ جون وڏيون ۽ ننڍيون سياسي جماعتون متحده کي هٿيار بند ونگ واري تنظيم قرار ڏيڻ کان پوءِ به کيس اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻائڻ تي مجبور آهن. انهي مجبوري جي پويان متحده جي ڪراچي مان کڻيل ڪجهه قومي اسيمبلي جون سيٽون آهن ۽ متحده جي سڄي طاقت جو دارومدار انهن ئي چند سيٽن تي آهي جن کي هاڻ سپريم ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ متحده پنهنجن هٿن مان ويندي ٿي محسوس ڪري. هونئن ته متحده 12 مئي 2007 کان چيف جسٽس افتخار چوڌري سان ڪونه ٺهي، پر گذريل سال ڪراچي بدامني ڪيس کان پوءِ ته متحده چيف جسٽس تي ڪاوڙيل آهي. وري مٿان Delimitation ۽ ووٽر لسٽن ۾ هيراڦيري جهڙن معاملن کي جڏهن سپريم ڪورٽ سنجيدگي سان ورتو ته متحده اڻ سڌي طرح اهو چوڻ ۽ سمجهڻ تي مجبور ٿي وئي آهي ته چيف جسٽس صاحب 12 مئي جو پلاند ٿو وٺي. وري جو توهين عدالت جو نوٽيس نڪتو ته متحده جا اڳواڻ سپريم ڪورٽ جي هر قدم کي تعصب تي مبني سمجهندي باقاعده ميدان تي لهي آيا آهن. جيڪڏهن چيف جسٽس جا فيصلا واقعي ئي تعصب تي ٻڌل هجن ها ته هن کان اڳ ئي موجوده سيٽ اپ ۾ ويٺل ڪيترن ئي متحده اڳواڻن جا پرچا ڪٽجي چُڪا هجن ٿا ۽ اهو به ممڪن هو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي يعني پيپلز پارٽي پنهنجي چونڊيل وزير اعظمن کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏي ها. ايئن به ممڪن هو ته لکين ماڻهو اسلام آباد جو رُخ ڪن ها ۽ انتهائي ڳنڀيرصورتحال به پيدا ٿي سگهي پئي پر ايئن نه ٿيو.

الطاف حسين وري ٽيليفونڪ خطاب ڪيو، ڪارڪنن کي تنبيهه ڪيائين ته هو پنهنجي جذبات تي ڪنٽرول ڪن ۽ ڪنهن به قسم جي سخت رد عمل جو اظهار نه ڪن، بس پوءِ ڇا ٿيو؟ شهر جي مختلف علائقن ۾ “ اهليان ڪراچي” روڊن ۽ مارڪيٽن ۾ بندوقون کڻي نڪري آيا، سڄو شهر ڏسندي ڏسندي بند ٿي ويو، ايستائين جو بوٽ بيسن ۾ به ڪو ريڙهي وارو به نظر نه آيو، جتي عمومن هڙتال جو اثر ناهي ٿيندو، سڄي شهر ۾ سناٽي کان پوءِ متحده طرفان اهو چيو ويو ته انهيءَ پويان متحده ناهي ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جن قانون هٿ ۾ کنيو آهي، ڇنڇر ڏينهن سڀ کان وڌيڪ صورتحال خراب وچ شهر ۾ هئي، يعني صدر، بولٽن مارڪيٽ وغيره جا علائقا بظاهر ته صبح 8 لڳي کان 12 لڳي تائين ڪو به هٿيار بند روڊ تي نه آيو پر اهو پيغام هر دڪاندار وٽ پهچي چڪو هو ته دڪان کلڻ جو نتيجو ڇا ٿيندو، لياري، ڪياماڙي، سلطان آباد ۽ پٺاڻن جي علائقن کان سواءِ سڄي شهر ۾ اڻ اعلانيل هڙتال هئي، سهراب ڳوٺ ۽ قائد آباد کان ويندڙ سمورن رستن تي زندگي روان دوان هئي، انهي ڏينهن سڄو ڏينهن شهر جا مختلف علائقا گهمڻ بعد اهو لڳو ته هي جماعت ڪراچي جا ڪافي علائقا وڃائي چڪي آهي. گذريل ڪجهه عرقي کان CNG جي حڪومت طرفان لوڊشيڊنگ ۽ CNG مالڪن طرفان بندش ڪري يا ته ماڻهو گاڏي کڻي نڪرن ڪو نه يا ته CNG جو سلينڊر تي ڀروسو هجين ته ڪٿي کٽندو ڪو نه، پر انهيءَ ڏينهن فوجي علائقي ۾ به CNG اسٽيشن ۽ پيٽرول پمپ بند هئا! جنهن ڪري سياسي جماعتن کي ووٽ ڏيندڙ شهر ۾ خوار ٿيندي نظرآيا ڪٿي به ڪو اڻ وڻندڙ واقعو رونما نه ٿيو پر بي انتها خوف هو. جيتوڻيڪ اهو جهيڙو هڪ اداري يا انهيءَ اعليٰ رتبي تي ويٺل شخص سان هو پر هڪ عام ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ ٿي سمجهيو، ڪٿي ڪٿي رينجرز نظر آئي ٿي، پر اها به هميشه جيان حڪمن ملڻ جي انتظار ۾ هئي. پوليس جو ته ڪم ڪراچي جا رهواسي چڱي ريت ڄاڻن. ڪراچي ۾ جيڪو خوف جو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي ان جو اندازو انهي ڏينهن بخوبي لڳو ته سڄو شهر صرف چند فائرنگ جي واقعن تي بند ٿي ويو.

ڪراچي ۾ حالتون اڳ به خراب رهيون آهن، پر مسلسل نه 2008ع کانپوءِ هن شهر ۾ علائقن جي بندر بانٽ ٿي، جنهن به پارٽي يا گروپ جو ڪنهن خاص علائقي ۾ اثر رسوخ هو ته اهو علائقو انهي جي حوالي ڪيو ويو.ايئن جيئن مختلف ڊپارٽمينٽ وزيرن ۽ مشيرن کي ڏنا ويا آهن ته جيئن وڻين تيئن ڪن! هاڻ هڪ علائقي جو ماڻهو ٻي علائقي ۾ بنا ڪنهن سبب ۽ واسطي جي نٿو ڪري يا “معززين” سان ٺاهي رکي ٿو. “ آئون گذريل اڍائي سالن کان پنهنجي علائقي کان ٻاهر نه نڪتو آهيان” اهي لفظ انهيءَ نوجوان جا آهن جنهن جي عمرصر ف 22 سال آهي. هن جو نالو فيصل آهي ۽ هو هڪ بهترين دڪاندار سان گڏوگڏ فرمانبردار پٽ به آهي، منهنجا والدين چاهين ٿا ته آئون هنن جي جنازي کي ڪلهو ڏيان” هن جا لفظ ڪنڊن جيان محسوس ٿيا، هن پاڻ سان ٿيندڙ ڦرن جا ڪيئي واقعا بيان ڪيا ۽ چيائين ته هن جو دڪان گولي جي هڪ ٺڪاءُ تي بند ٿي ويندو آهي. “آئون نٿو چاهيان ته ڪو جاني يا مالي نقصان ٿئي” فيصل جيان جنيد به پنهنجي سيني ۾ ڪيئي، داستان ۽ واقعا سانڍيو ويٺو آهي.

اهڙي عالم ۾ متحده جو ڪنهن به معاملي تي رد عمل هن شهر کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين به بند ڪرائي سگهي ٿو. هي خوف جي عالم ۾ رهندڙ نسل ڪهڙو Progressive ڪم ڪندو هوندو. انهيءَ جي باري ۾ معاشي يا نفسياتي ماهر ئي ٻڌائي سگهن ٿا. ستم ظريفي ته اها آهي ته ساٿ ڏيندڙ ئي وڌيڪ لوڙين ٿا. يعني جتان جتان متحده کٽي ٿي اُتي اُتي زندگي بلڪل مفلوج بڻجيو وڃي، ڇنڇر واري ڏينهن اوچتو لنڊن مان هڪ بيان جاري ٿيو ته شهري پنهنجا جذبات قابو ۾ رکن ۽ پر امن مظاهرا ڪن. بس پوءِ ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽائر ساڙي جيڪا زبان عام ڪارڪن استعمال ڪئي اها لکي نٿي سگهجي. شام جو وري شهر جا مختلف علائقا کلڻ شروع ٿي ويا، ڇا شهر کليو به پاڻ ته بند به پاڻ ٿيو!

ڇنڇر جو شام تائين زندگي معمول تي اچڻ کان پوءِ آچر ڏينهن متحده جا سوين ڪارڪن ڪراچي پريس ڪلب جي سامهون گڏ ٿيا، جتي 21 سيپٽمبر جيان هڪ دفعو ٻيهر پريس ڪلب کي يرغمال بڻايو ويو، انتهائي شرمناڪ ٻولي استعمال ڪئي ويئي، جيڪا ڪنهن به ريت ڪنهن سياسي جماعت جي نٿي ٿي سگهي. پتلا ساڙيا ويا ۽ چوڙيون ڏيکاريون ويون، متحده جي ٽاپ ليڊر شپ رپورٽرن کي تنبيهه ڪئي هئي ته هر شي on air ڪرائين، فيصل سبزواري، وسيم آفتاب کان فاروق ستار تائين انتهائي خالص اردو ۾ تاريخي حوالن سان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ تمام وڏي غلطي ڪئي آهي ۽ 5 ڪروڙ ماڻهن جي دل ڏکوئي آهي انهي ڪري نه صرف اهو نوٽيس واپس ورتو وڃي بلڪه معافي به ورتي وڃي، متحده جي اڳواڻن چيو ته “ الطاف حسين جي اڳيان جسٽس چوڌري جي حيثيت انتهائي معمولي آهي” جنهن واڙائپ جو مظاهرو ڪيو ويو انهيءَ مان قطعي اهو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ته هن پارٽي جي عام ڪارڪن وٽ سياسي سوچ هوندي، انهن تقريرن مان لڳو ته ڪراچي بدامني ڪيس، حلقا بندي، ۽ ووٽر لسٽن جو مامرو ۽ توهين عدالت نوٽيس کان پوءِ متحده ٻه ٽنگي ڦاٿي آهي. متحده جي اڳواڻن اعلان ڪيو آهي ته ڪنهن به صورت ۾ سندن قائد عدالت ۾ پيش نه ٿيندو بلڪه “ اهليان ڪراچي” انهي ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ حاضر ٿيندا. سياسي معاملن جا جواب سياسي ۽ انتظامي معاملن جا حل انتظامي هئڻ گهرجن. هي ملڪ جي سڀ کان معتبر اداري جو مسئلو آهي، ڪا ذاتي جنگ ناهي جو ڪنهن هڪ فرد کي نشانو بڻايو وڃي، ذوالفقار مرزا جي خلاف مظاهرا ناهن جو مٿان ڌپ اچي ۽ سڀ ڪجهه سيٽ ٿي وڃي. قانوني ماهرن مطابق سپريم ڪورٽ کي صرف Order ڏيڻا پوندا ۽ حڪومت کي انهي تي عمل ڪرائڻو پوندو. ٿي سگهي ٿو ائين ممڪن هجي ته هزارين ڪارڪنن جيڪا زبان استعمال ڪئي آهي انهي تي ڪو ايڪشن نه کڄي پر جيڪي پنج تقريرون ڪيو ويون انهن تي ته ڪو ايڪشن کڻي پيو سگهجي. هڪ ٻي ڳالهه حيران ڪندڙ اها رهي ته، 14 کان 16 ڊسمبر تائين جيڪو ڪجهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهر ۾ ڪيو ويو انهي تي حڪومت وقت ۽ انتظاميه بلڪل خاموش نظر آئي، اڳ ته اهڙا بيان جاري ڪيا ويندا آهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سخت قدم کنيا ويندا پوءِ هن ڀيري ٺلها بيان به جاري نه ٿيا ! پوليس جي ڪارڪردگي زيرو رهي جڏهن ته رينجرز پنهنجي عزت بچائڻ خاطر 28 ڄڻن کي گرفتار ڪيو.

مظاهري کان تقريبن چار ڪلاڪ پوءِ صدر آصف علي زرداري ۽ الطاف حسين جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ مفاهمتي پاليسي جاري رکڻ جو هڪ ڀيرو وري عزم ڪيو ويو ۽ انهيءَ کان ڪجهه دير پهرين سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد به بلاول هائوس ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ٻئي پارٽيون اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ هڪئٻي لاءِ ضروري آهن، پپيلز پارٽي کي شهر ۾ اليڪشن کان اڳ شهر ۾ امن گهرجي، ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي به ته جيئن ٻي حڪومت به اتحادين سان گڏجي ٺاهي سگهي ۽ جيڪڏهن حلقا بندين جو مسئلو ڪر کڻي ٿو ته انهي جو ڪنهن حد تائين متحده کي ئي فائدو ڏجي، جڏهن ته متحده کي پيپلز پارتي کان سواءِ ٻيو ڪير به قبول نه ڪندو جو هر پارٽي بشمول مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ا عليٰ عدليه سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿي. هن ڀيري به جيڪڏهن شهر ۾ سڀ کان طاقتور ڌر کي ٻنجو نه ڏنو ويو ته پوءِ اهو ڪڏهن به شايد ممڪن نه ٿئي ته هن شهر ۾ ڪو Balanced Power جڙي سگهي. نه صرف متحده بلڪ ٻين سياسي ۽ مذهبي جماعتن لاءِ به امتحان آهي ته هو عدليه جي فيصلن کي دل سان قبول ڪن. جيڪي ڌريون جمهوريت جي ڳالهه ٿيون ڪن انهن کي به گهرجي ته ادارن سان ٽڪراءُ بجاءِ پنهنجا قبلا درست ڪن، پيپلز پارٽي سميت هر جماعت کي متحده تي اهو دٻاءُ وجهڻو پوندو ته هو گهڻي دير تائين شهر کي يرغمال بڻائي نه رکن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو