Home / دنيا / سنڌ جي وحدت مٿان ڊرون حملو
above article banner

سنڌ جي وحدت مٿان ڊرون حملو

متحده قومي مومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين لنڊن مان جيڪو سياسي ڊرون حملو ڪيو آهي ان ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي برطانوي شهريت جي اوٽ ۾ اصل سڌو سنئون وار ته هُن هڪ ڀيرو وري به سنڌ ڌرتي جي وحدت مٿان ئي ڪيو آهي. الطاف حسين سنڌي قوم پرستن کي کليل لفظن ۾ وارننگ ڏني آهيته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ طرفان 2012 S P L G O واري تڪراري قانون ذريعي سنڌ جي سڀني وڏن شهرن جا جيترا به اختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن حوالي ڪيا ويا آهن تن جي مخالفت ڪندو ته ايم ڪيو يم جا “ مهاجر قوم پرست وري ڌار صوبي يعني سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ورجائيندا.

 

جيستائين سنڌ جي ورهاڱي يا ٻين لفظن ۾ سنڌ جي ترقي يافته وڏن شهرن ۽ اسان جي سون ورني سامونڊي پٽي تي ناجائز قبضي جو سوال آهي ته اها مشق يا پاڪستان ٺهڻ شرط ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري عمل ۾ آندي هئي. ان کان ستت ئي پوءِ پاڪستان جي سمورين قومن مٿان ون يونٽ جو قهري نظام مڙهي، اسان جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي دفن ڪرڻ جا جتن ڪيا ويا پر سنڌي ماڻهن پنهنجن بنگالين، بلوچن ۽ پٺاڻ ڀائرن سان گڏجي سالن جا سال ڊگهي پرامن سياسي جدوجهد ذريعي پنهنجي وجود جي سچائي کي مڃرايو ۽ قابض ٽولن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ سنڌ جي ورهاڱي لاءِ ڀرپور تياريون جنرل ضياءَ الحق جي سرپرستي ۾ ايم ڪيو ايم ٺاهي، ٻيهر شروع ڪيون ويون، خود الطاف حسين 1986کان وٺي پنهنجن پوئلڳن کي جلسن ۽ بيانن ذريعي ٽيليويزن ، فرج، وي سي آر ۽ گهرجا ٻيا ٽپڙ وڪڻي موتمار هٿيار خريد ڪرڻ جو درس ڏيندو رهيو ۽ سندس حڪم تي باقائدي عمل ڪيو ويو. ان زماني ۾ ئي حيدرآباد، ڪراچي، سکر، ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ۽ ٻين شهرن ۾ پهريون ڀيرو پرائيويٽ هٿيار بند جٿن کي ايم ڪيو ايم جي جلسن ۾ متعارف ڪرايو ويو. آٽوميٽڪ هٿيار جي طاقت سان هر حڪومت ۾ پنهنجن جائز توڙي ناجائز مطالبن جي مڃتا لاءِ رتوڇاڻ واريون هڙتالون ڪرائڻ جو اهڙو نئونطريقو متعارف ڪرايو ويو جنهن کان سنڌي عوام ته ڇا سڄو پاڪستان اڳ۾ اڻواقف هو، پڙهندڙن کي ياد هوندو ته هن ملڪ ۾ وڏي پئماني ته جنرل ضيا واري جبري حاڪميت ۾ پاڻ کي مليل ٽن زهريلين شين، يعني ڪلاشنڪوف ڪلچر، هيروئن ۽ لکين افغاني پناهگيرن گذريل 25 سالن اندر پشاور کان ڪراچي تائين لکين حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن. خبر ناهي ته اڃا ڪهڙو حشر نشر ٿيندو.مذڪوره لساني ڌر جي هٿياربند جٿن جي وارداتن، ظلمن ۽ جُرمن ڪري ئي بينظير ڀٽو کي پنهنجي پهرئين ۽ تمام ڪمزور حڪومت ۾ 1990 ڌاري حيدرآباد ۾ پڪي قلعي وارو آپريشن ڪرڻو پيو، اعتزاز احسن ان زماني ۾ رحمان ملڪ جي جاءِ تي وزير داخلا هو، انهي آپريشن کان فقط ٽي مهينا اڳ ڊسمبر 1989 ۾ مون کي حيدرآباد ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڪم ڪندڙ وطن دوست سنڌي ڪلارڪ اداري جي تڏهوڪي تعصبي سربراهه مسٽر تسنيم صديقي طرفان ايم ڪيو ايم جي چيئرمين ڏانهن اماڻيل خفيه خط جي فوٽو ڪاپي پهچائي، جنهن ۾ لکيل هو ته “ مهاجرن لاءِ ڌار صوبو ٺاهڻ جي ڪوشش کي اڳتي وڌائيندي، هن ڄامشوري ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ويجهو ايڇ ڊي اي پاران خدا جي بستي نالي بنگلاديش مان لڏي آيل بهارين واسطي هزارين سستا گهر اڏڻ جي تمام وڏي اسڪيم رٿي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جو گهيرو تنگ ڪرڻ خاطر مقامي زميندار جن ۾ شورا، پالاري ۽ ٻيا شامل آهن تن کان سپرهاءِ وي تي وڌ ۾ وڌ زمينون خريد ڪرڻ لاءِ پڻ ڪامياب ڳالهه ٻولهه ڪري ڇڏي آهي. هاڻي وڌيڪ جيڪو به حڪم ايم ڪيو ايم جي قيادت ڏيندي ، ان تي عمل ڪرڻ لاءِ آئون حاضر آهيان”

 

اهو خط پڙهڻ شرط منهنجو رت ٽهڪي پيو هو. فقط ڇهه مهينا اڳ تڏهوڪي وزير اعظم بينظير ڀٽو مون کي روزاني هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو هو، خطرناڪ رٿابندي وارو هيءُ سازشي خط ملڻ شرط مون پنهنجي باءِ لائين سان هلال پاڪستان ۾ سپرليڊ لڳائي ۽ خط جوعڪس پڻ ڇاپيم جيڪو تسنيم صديقي جو لکيل هو، ايڇ ڊي اي جي سنڌ دشمن ڊائريڪٽر جنرل مٿس لڳايل سنڌ جي ورهاڱي واري هن ڇرڪائيندڙ الزام جي ترديد نه ڪئي ۽ پاڻ پنهنجي آفيس مان گُم ٿي ويو. ڪيئي مهينا ڏسڻ ۾ ئي نه آيو، ظاهر آهي ته کيس ايم ڪيو ايم وارن سرپرستن پنهنجي پناهه ۾ رکيو هوندو. انهيءَ خبر ڇاپڻ کان ۾ نه مون محترم بينظير يا بيگم نصرت ڀٽو کان اجازت ورتي ۽ نه ئي ڪنهن صوبائي وزير سان صلاح ڪيم. پيپلز پارٽي جي حڪومت 13 مهينا اڳ 2 ڊسمبر 1988 تي قائم ٿي هئي ۽ جن ڏينهن ۾ مون کي هن سنڌ دشمن خط جي ڪاپي هٿ آئي ان کان ٻه مهينا اڳ 25 آڪٽوبر 1989 تي ايم ڪيو ايم وارا پيپلز پارٽي سان اتحاد ختم ڪري ميان نواز شريف پاران پ پ حڪومت خلاف قومي اسيمبلي ۾ آندل بي اعتمادي جي رٿ ۾ شامل ٿي چڪا هئا. جيتوڻيڪ اها تحريڪ عدم اعتماد جي تاريخي چال ناڪام ٿي وئي هئي پر صدر غلام اسحاق خان، آرمي چيف جنرل اسلم بيگ، پنجاب جو وڏو وزير نواز شريف ۽ سندن ساٿي بينظير حڪومت کي ڊاهڻ لاءِ ڏينهن رات گهاٽ گهڙي رهيا هئا. انهي مقصد خاطر هو ڪرپشن جا ڪيس ۽ شگر ملن لاءِ قومي بنئڪن کان ناجائز نموني ورتل قرضن جا تفصيل حاصل ڪري چڪا هئا، ٻئي پاسي ڪراچي ۾ هڙتالون ۽ حيدرآباد ۾ سنڌين کي چونڊي چونڊي مارڻ جا واقعا به زور پيا ٿيندا هئا جنهن تي سنڌي ماڻهن ۾ بينظير حڪومت جي بيوسي تي ڏاڍو ڏک پکڙجي ويو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن ڪجهه سينيئر صحافين بيگم نصر ڀٽو کان سوال پڇيو ته آخر پ پ حڪومت بيگناهه ماڻهن جي حفاظت ڇو نٿي ڪري سگهي ته ورندي ڏنائين، “ اسان جا هٿ رسيءَ سان بڌل آهن، انتظامي ادارا چيو نٿا مڃين”

حقيقت به اها ئي هئي ته جڏهن سنڌي ماڻهن جي قتلام ۽ معصوم ماڻهن کي ڏنڀ ڏيڻ وارن هانءَ ڏاريندڙ واقعن تي خود پيپلز پارٽي جا جيالا به دانهون ڪرڻ لڳا ته پ پ حڪومت قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي نيت سان تڏهوڪي ايس ايس پي حيدآباد مسٽر دين محمد بلوچ جي اڳواڻي ۾ پڪي قلعي اندر لِڪل دهشتگردن خلاف گهرگهر جهڙتي شروع ڪئي جنهن کي اردو ميڊيا پڪا قلعه آپريشن جو نالو ڏئي هڪڙو نئون ۽ صفا ڪوڙو “ ظلم جو داستان ” گهڙيو ايم ڪيو ايم جو ساٿاري اسلم بيگ پڻ کين بچائڻ خاطر حرڪت ۾ آيو ۽ حيدرآباد جي ملٽري ڪمانڊر حڪم ڏنائين ته هڪدم پڪي قلعي اندرفوجي اماڻيا وڃن ۽ پوليس کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي، ان ڏينهن آئون اسلام آباد ۾ هئس ۽ وزير داخلا اعتزاز احسن کان جڏهن پڇاڪيم ته سنڌي عوام جي مطالبي تي مَس مَس پوليس ايڪشن شروع ته ٿيو پر بنا نتيجي ڪيئن ختم ٿيو ۽ گرفتار ٿيل دهشتگرن کي سٽي ٿاڻي تان ڪنهن ڇڏايو ته وراڻيائين“ سواءِ دفاعي اداري جي ٻيو ڀلاڪير ايڏو طاقتور آهي جيڪو هن نيڪ ڪم ۾ ڄنگهه اڙائيندو !”

پڪا قلعي آپريشن جو هيئن ڪلاڪن اندر بند ٿيڻ ۽ پڪڙيل دهشتگردن جو ٿاڻي مان ڇُٽي وڃڻ، چونڊيل حڪومت واسطي وڏو سياسي جهٽڪو هو. سون تي سُهاڳو وري نام نهاد قومي ميڊيا پاران حڪومت جي هن ايڪشن کي مهاجرن سان ظلم ۽ ڏاڍائي ٺهرائي روڄ پٽڪو ڪرڻ هو ته جيئن دنيا ۾ جمهوري حڪومتجي بدناموسي ٿئي. بهرحال هن واقعي جي ٽن چئن مهينن کانپوءِ جنرل اسلم بيگ جي چوڻ تي جڏهن صدرغلام اسحاق خان 6 آگسٽ 1990 تي چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪيو ته ڪرپشن جي الزامن سان گڏوگڏ مهاجرن جي قتلام جو اهو ڪوڙو الزام پڻ بينظير حڪومت تي ٿاڦيو ويو.

اصل موضوع ڏانهن اچون ٿا. هلال پاڪستان ۾ تسنيم صديقي جو خط ڇاپڻ مان منهنجو مقصد اهوئي هو ته سنڌ جي عوام کي خبردار ڪرڻ سان گڏوگڏ پ پ حڪومت کي به هوشيار ڪريان ته ايم ڪيو ايم سان اتحاد ختم ٿيڻ کي ٻه اڍائي مهينا گذري ويا آهن پر تڏهن به حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين اهم ادارن تي ايم ڪيو جا سفارشي آفيسر اڃا قابض ڇو آهن، جيڪي نه رڳو پ پ سرڪار پر سنڌي عوام خلاف پڻ سازشون سٽيندا پيا اچن. خبر ڇپجڻ کانپوءِ ايڇ ڊي اي جو سربراهه پنهنجي آفيس مان انهي ڊپ وچان ڀڄي ويو ته ڪٿي سنڌيونيورسٽي جا شاگرد سندس آفيس جو گهيرو ڪري ڪٽڪو نه ڏئي وجهن، جيڪڏهن تسنيم صديقي سنڌ جي ورهاڱي واري انهي رٿا جو مجرم نه هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اردو ميڊيا آڏو پريس ڪانفرنس وسيلي ترديد يا وضاحت ڪري پئي سگهيو ته پڪڙيل خط جو نقل سندس لکيل ناهي يا سندس هينڊراٽنگ ۽ خط واري لکت ۾ فرق آهي.

هي واقعو ڊسمبر 1989 ۾ ٿيو جنهن کان ٽي چار مهينا پوءِ پڪي قلعي ۾ ناڪام پوليس ڪارروايئي ٿي ۽ ٻن اڍائي مهينن اندر کان بينظيرحڪومت کي گهر اماڻيو ويو. تسنيم صديقي ۽ سندس ساٿارين خلاف نه ان دور ۾ ڪو قدم کنيو ويو ۽ نه ئي بعد ۾ آيل حڪومتن اهڙي تڪليف گوارا ڪئي. تانجو جنرل مشرف جو دور آيو جنهن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ساڳيو تعصبي ڪامورو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سٽي گورنمينٽ وارو بلدياتي قانون منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ آبادي واري حيدرآباد ضلعي کي چئن ٽڪرن ۾ ورهائي ايم ڪيو ايم جي شهري حڪومت ٺاهي وئي ۽ ڪراچي جي ڪروڙ کان مٿي آبادي وارن پنجن ضلعن کي ختم ڪري شهري حڪومت قائم ڪئي وئي جنهن کان سواءِ ايم ڪيو ايم جسافي حال آهي بهرحال سنڌ جا مومن عوام ساڳئي منافق هٿان ساڳي سوراخ مان ٻيو ڀيرو به ڏنگجي ويا پر الطاف حسينڌارين کي سنڌ جي وحدت مٿان باربار ڊرون حملا ڪرن تي ڪهڙي ميار ڏيون جڏهن اسان جا پنهنجا چونڊيل نمائندا، صدر پاڪستان کان وٺي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪرتائين سڀ جا سڀ، هٿ ادب جا ٻڌي ڌارين جا تابعدار بڻجي رڳو ڪجهه مهينا ٻيا به حڪمراني ڪرڻ خاطر سنڌ جي ورهاڱي جو ٻٽو نظام پنجن منٽن ۾ پاس ڪرايو ڇڏين. سوال آهي ته آخر هيڏي وڏي بربادي کانپوءِ به ڇا سنڌي ماڻهو وري به ساڳين ئي وطن وڪرو ڪندڙ سوداگر سياستدانن کي ووٽ ڏيندا ؟ اعتبار ته نٿو اچي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو