Home / بلوچستان / ڏانئڻ ارڙي جي وبا: صحت کاتو موڪل تي
above article banner

ڏانئڻ ارڙي جي وبا: صحت کاتو موڪل تي

اها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته سنڌ سدائين ڀوڳيو آهي ۽ اهي ڀوڳنائون سدائين پنهجن کان کيس نصيب ٿيون آهن. ليڪن هن دفعي جڏهن کان پ.پ.پ حڪومت جون واڳون سنڀاليون ته سنڌ ڌرتي جي ڏکن ۾ ڪجهه وڌيڪ اضافو ٿيندي ڏسڻ ۾ آيو آهي. پوءِ ڇونه ڪراچي ۾ ڳولي سنڌي ماڻهن کي ننڌڻڪو ڪري مارڻ، ٻوڏن ۽ برساتن جي نالي تي سنڌ ڌرتي جي بنيادي ڍانچي جو ڏيوالو ڪڍڻ ۽ هاڻ وري سنڌ جي ايندڙ نسل معصوم ٻارڙن کي ارڙي جي وبا جي بهاني ختم ڪرڻ تائين….

سنڌ جي وڏي وزير لاءِ اهو مشهور آهي ته بابا خاموشي اختيار ڪيو ڪٿي ڀوتار ڪاوڙجي پيا ته منهنجي حڪومت جو ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته آءٌ هاڻ به ته پوڙهو ٿي چڪوآهيان ۽ ٻيهر مونکي وڏو وزير ڇا ٽڪيٽ به ڪونه ڏيندا سو مهرباني ڪري ماٺ ڪري وڃي ويهي رهو پوءِ ڀلي سمورو نسل تباهه ٿي وڃيو…….

اسان سڀني کي خبر آهي ته سڻڀا قلمدان سدائين ڀوتارن کي ملندا آهن جن ۾ صحت کاتو پڻ شامل آهي. جيڪو سدائين سائين جن وٽ رهيو آهي. تن جو ڇا وڃي سنڌ جي ٻهراڙي جي صحت مرڪزن جي حالت سان ڇاڪاڻ ته اهي ڪڏهن به انهن جي ترجيح ڪونه رهيا آهن. ٻهراڙين ۾ ته غريب عوام رهي ٿو جنهن سدائين پنهنجو ووٽ بغير سوچ ۽ سمجهه جي تير کي ڏنو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته بدلي ۾ تير سندن ئي پٺ ۾ هنيا ويا آهن.

سنڌ جا مارو ماڻهو سدائين ڀوڳيندا اچن پيا 2012 جي آخري مهيني ۽ 2013 سال جي پهرين مهيني شروع ٿيندي ئي سندن جيءَ کي جهوري وڌو آهي ڇاڪاڻ ته سندن لخت جگر سندن ئي اڳيان تڙپندي ساهه ڌڻي تعالي حوالي ڪندا رهيا، پوءِ ڇونه ڪنهن جو پهريون اولاد هجي…..

سنڌ حڪومت جو صحت کاتو جنهن جو سيڪريٽري صاحب سدائين حقيقت جي ابتڙ انگ اکر ظاهر ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته بابا اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي اهو ميڊيا وارا اجايو عوام کي پريشان ڪن پيا اسان ارڙي جي بيماري تي ضابطو آڻي چڪا آهيون فقط 50 کن ٻار متاثر ٿيا آهن اهڙي ڳالهه ناهين…..

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جيڪا سنڌ حڪومت جي صحت کاتي سان گڏجي ڪم ڪندي آهي تنهنجي هڪ نمائندي مطابق سنڌ ۾ هيل تائين 300 کان مٿي ٻار پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن ۽ اڄ تائين روزانو 10 کان 12 ٻار روزانو جي حساب سان هن موذي مرض جي ذريعي مري رهيا آهن… هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ حڪومت جو صحت وارو کاتو ڪارڪردگي جي لحاظ سان ڪيڏو نه بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن کاتي جو وزير سدائين ڀوتارن جي پارٽي جو ٿيندو آهي جيڪو بظاهر ته هڪ ڊاڪٽر آهي مگر کيس ڪجهه به خبر ناهي ته سنڌ جي ٻهراڙي جو غريب عوام ڪهڙي عذاب ۾ زندگي گذاري رهي آهي ڇو ته هي موصوف ڪڏهن به ڪنهن بنيادي صحت جي مرڪز ۾ ڪونه ويو آهي، اتي ويڪسين ته ڇا پر جيڪڏهن ڪنهن غريب کي فقط بخار جي ڪا ٽڪي به ملي ويئي ته اها وڏي ڳالهه ٿيندي……..

ارڙيءَ جي مرض ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ضلعو دادو آهي جتي 50 کان مٿي ٻار پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن. دادو کان علاوه جيڪب آباد، ڪشمور، گهوٽڪي، حيدرآباد پڻ شامل آهن… هاڻ انسان هجڻ جي ناتي اسان سڀني جي ذهنن کي جهنجهوڙيندڙ سوال هي ٿو اڀري ته شايد هي معصوم ڪنهنجي پهرين اولاد هجي، ڪنهن جو پهرين نياڻي يا پٽ هجي تن جا ته سمورا ارمان مٽياميل ٿي ويا سنڌ حڪومت يا وس وارن جو ڪهڙو نقصان ٿيو…………….دنيا ته انهن متاثرين جي تباهه ٿي ويئي……

ڏٺو وڃي ته گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ صوبي اندر مختلف بين الاقوامي ادار جهڙوڪه يونيسيف، يو.اين.ايف.پي.اي، ڊبليو.ايڇ.او وغيره پنهنجي وسيلن اندر رهندي حڪومت سنڌ جي صحت واري کاتي سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن تنهن هوندي به ڪا واضح ۽ ڏسڻ ۾ تبديلي ڪا نه اچي سگهي آهي………. تنهن جو وڏو سبب سنڌ حڪومت جي صحت واري کاتي جي عدم دلچسپي ۽ پياري ڪرپشن آهي جيڪا پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي جو مقدر بڻجي چڪي آهي……….

اسان جي صوبي، ملڪ ڇا مگر دنيا جي مڙني اسرندڙ ملڪن ۾ اهڙي قسم جون بيماريون وقتن فوقتن ڪر کڻنديون رهنديون آهن ليڪن اهي تمام سهڻي نموني ۽ جامع منصوبي سازي سان بغير ڪنهن وڏي جاني نقصان جي منهن ڏيندا اچن پيا. ………..

جيڪڏهن پوليو جي وبا جي ڳالهه ڪجي ته اسان جي ملڪ ۾ اڄ به پوليو جا قطرا پياريندڙ کي موت جو کاڄ بڻايو ٿو وڃي ۽ ٻئي طرف اسان جي ئي پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ ايتري ته بهترين نموني سان پوليو مهم هلائي ٿي وڃي جو هاڻ هندستان دنيا جو هڪ ٻيو ملڪ آهي جنهن کي پوليو کان پاڪ قرار ڏنو ويو آهي اها آهي سچائي پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان ۽ اسان وري اهڙن حڪومت هلائيندڙن مان اميدون رکون ٿا جيڪي سدائين مئي جو پيالو پي نشي ۾ گم رهندا آهن………….. تن کي ڀلا قوم جو ڪهڙو غم…….

ڇوته اهي عمر جي ان حصي ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ کين پڪ آهي ته ٻيهر کين وارو ڪونه ملندو سو جيترو ٿي سگهي ٻهاري وٺجي. ۽ هنن پنجن سالن ۾ سندن ڪوشش فقط اها رهي ته ڪٿي ڀوتار نه ڪاوڙجي پون ۽ سندن حڪومت کي ڪو نقصان نه پهچي حالانڪه انهن جي ڪاوڙجڻ سان سندن حڪومت کي ڪو خطرو ڪونه هو تنهن هوندي به اهي سدائين ان ڪوشش ۾ رهيا ته ڪٿي ڀائي جان ڪاوڙجي نه پئي ۽ اسان رلي نه وڃون…….. خير اهو ته وقت ٻڌائيندو ته سائين جن قوم جي ڪهڙي خدمت ڪئي ۽ سرخرو رهيا….

ارڙي جي بيماري جي ذريعي جيڪڏهن سوين ٻار مرن ٿا ته اميرن يا وس وارن جي مٿي ۾ ته جونءَ به نه ٿي چري ڇاڪاڻ ته سندن اولاد جيڪو شهزادن جيئن پلجي پيوتنهن جو انهن تي ڪهڙو اثر ٿيندو…… ۽ اهو به سچ چيو آهي ڪنهن شاعر ته……..

ڄمي به امير ۽ مري به امير

غريب ته هن دنيا ۾ نه ڄائو چڱو آ………………

اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته صحت وارو وزير صاحب ميڊيا جي ڇتي تنقيد ٿيڻ بعد ڪجهه ڪامورن کي معطل ڪري ويهي رهيو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سنڌ حڪومت جو صحت وارو کاتو ٻين کاتن جيان پنهنجي ڪم ۾ مصروف عمل آهي…… ڪو سمجهي يا نه……

وزير صاحب ته پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو هاڻ اسان پنهنجي سنڌي ڊاڪٽرن ۽ صحت کاتي جي عملي کان اهو پڇڻ جو حق رکون ٿا ته ڇا اهي پنهنجي وس آهر به پنهنجي مارو۽ غريب ماڻهن جي مدد نه ٿا ڪري سگهن توڙي جو پاڻ پيغمبري پيشي سان وابسطه آهن…… ڪري سگهن ٿا مگر ڳالهه وري به ساڳي سامهون ايندي ته ابااسان جو ڇا وڃي جڏهن حڪومت ئي ساٿ نٿي ڏي پوءِ اسان ڀلا ڇو پنهنجي جان کي جوکي ۾ وجهون ۽ ڪلوميٽرن جا ڪلوميٽر پنڌ ڪري وڃي ٻهراڙي جي اسپتالن ۾ خوار ٿيون…………

جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل رويا قائم رهيا ته اسان جا مارو ماڻهوائين ئي ارڙي جهڙي بيماري ۾ پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي تڙپندي ۽ مرندي ڏسندا بي يارو مددگار رهجي ويندا ۽ کين ورندو ڪجهه به ڪونه…………..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو