Home / دنيا / تڪراري مڪاني نظام جي واپسي ۽ سياسي ترڪتاليون
above article banner

تڪراري مڪاني نظام جي واپسي ۽ سياسي ترڪتاليون

مختلف وقتن تي سياسي مفاهمت، مصلحتن ۽ تحريڪ جي نتيجي ۾ ٻه دفعا بحال ۽ ٽي دفعا رد ٿيل سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ اڃا سنڌ جي سياسي۽ انتظامي نڙيءَ ۾ مڇيءَ جي ڪنڊي جيان اٽڪيل آهي. ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي وحدت کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۽ سنڌ جي شهرن تي مڪمل حڪمراني لاءِ خواب جا سبب ته سمجهه ۾اچن ٿا پر پاڪستان پيپلزپارٽي جي دوستن پاران اڃا به ان نظام کي بهتر چوڻ ۽ وري “ڪنهن موڙ” تي بحال ڪرڻ وارا ڇسا ۽ کل جوڳا بيان سمجهه ۾ نٿا اچن. قوم جي ٻڌي ۽ ايڪتا، اجتماعي قومي شعور ۽ ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ “متو آهين مڇ” مثل وزير جڏهن قوم کي جاهل ۽ ڄٽ هجڻ جا طعنا ڏئي رهيا هئا ته مون کي سندن لهجي ۾ اها ئي نسل پرستيءَ واري ڌپ محسوس ٿي جيڪا سنڌين کي جاهل چوڻ وقت نسل پرست آمر جنرل پرويز مشرف جي بيان مان ايندي هئي.ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته انسان جي سڀ کان وڏي دشمن سندس زبان آهي پوءِ پوري قوم ڏٺو ته جن وزيرن سنڌين کي اهو بل / ايڪٽ سمجهڻ لاءِ تعليم وٺڻ، سنڌ جي فني ماهرن، دانشورن، اديبن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن کي بل / ايڪٽ کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻ جهڙا لطيفا ٿي ٻڌايا نيٺ انهن ئي وزيرن اهو بل واپس وٺي قوم آڏو شرمنده بڻيا.

عوامي ويساهه، مينڊيٽ ۽ اعتماد سان غداري ڪري، سنڌ جي وحدت،معاشي هيٺ ۽ سماجي تاڃي پيٽي کي نقصان ۽ بيانن وارو عمل هڪ ٻيو ناسور هو.

هاڻ جڏهن ايڪٽ اهو واپس ٿي چڪو ته سنڌ جي وحدت کي ايندڙ خطرن کان بچائڻ ۽ سنڌ ۾ رهندڙ مستقل آبادين وچ ۾ امن ۽ Co-existence وارو ماحول پيدا ڪرڻ سنڌ جي ساڃاهه جي بنيادي فرضن ۾ شامل ٿئي ٿو.

مثال طور جيئن ئي ڪمشنري نظام واپس ٿيو ته سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ دوستن جي هڪ وڏي انگ چئو ته سنڌي آخر اقتدار جي هيٺين سطح تائين منتقليءَ جي خلاف ڇو آهن. عام تاثر اهو آهي ته اسين ڄڻ لوڪل گورنمينٽ سسٽم جي خلاف آهيون ۽ انگريز سامراج جي دقيانوسي ۽ عوام دشمن بيورو ڪريٽڪس ڪمشنريت نظام جي حق ۾ آهيون. هن وقت ان تاثر کي جواب ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ اهو تاثر هٿرادو ٺاهيو ويو پر اسين جيڪڏهن متبادل ۽ اهڙو طاقت جي توازن(blance of power) وارو فارمولو پڌرو ڪيون ٿا ته اهو غير ضروري بحث به ختم ٿي ويندو. ان ڏس ۾ اڳ ۾ ئي هڪ نظام تي سنڌ جو اهڙو واضح، دليل سان ٽمٽار ۽ سائنسي نقط نگاهه وارو موقف سوين مضمونن، ايڊيٽورليز ۽ تجزين ۾ اچي چڪو آهي جو هاڻ ضرورت رڳو هڪ اهڙي دستاويز جي آهي جيڪو سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ توازن پيدا ڪرڻ واري لوڪل گورنمينٽ سسٽم کي متعارف ڪرائي. اهو ايڪٽ سنڌ اسيمبلي مان واپس ٿيندي ئي جيڪي فون ڪالز ۽ نياپا آيا انهن ۾ ڪيترن ئي انگريزي اخبارن جي ايڊيٽوريل صفحن جي دوستن به رابطا ڪيا.

آءُ ذاتي طور تي سمجهان ٿو ته ايڏي وڏي تاريخي قومي ٻڌي ۽ ان جي نتيجي ۾ مسلسل فتح هڪ غير معمولي عمل. سنڌ جو عوام ان کي روڊن، رستن جي تحريڪ ۽ جدوجهد ۾ سيمينارن ۽ ڪچهرين ۾، احتجاجن ۽ دليلن سان ايئن رد ڪري. تنهنڪري اسين جيڪي سمجهون ٿا ته سنڌ اسان جو ملڪ آهي ان جو تحفظ اسان جي اخلاقي، فڪري ذميواري آهي، ته اسين ان نظام بابت ڪو متبادل ڊرافٽ پيش ڪيون ۽ ثابت ڪيون ته اسان وٽ ئي اهو فهم – ڏاهپ ۽ دانش آهي ته اسين ننڍن ۽ خسيس سياسي مفاهمتن مٿڀرا ٿي سنڌ جي وحدت تي پروٽيڪٽ ڪرڻ ۽ گڏوگڏ سنڌ ۾ رهندڙ سمورين آبادين کي گڏ کڻي هلڻ واري حڪمت عملي تي يقين رکون ٿا.

ڌرتي ڌڻي هجڻ ڪري وطن تي حق حاڪميت ۽ مالي حق اسان جو دائمي ۽ بين الاقوامي قانونن هيٺ طئي ٿيل حق آهي باقي ٻين اقليتن ۽ گروهن جي حق جو ائين تحفظ ٿيندو جيئن مهذب دنيا ۾ ٿي رهيو آهي.

اڄ سنڌ اندر فزيڪل انفراسٽريڪچر، انساني ترقي، روڊ رستا، صحت گهر، ٽرانسپورٽ جون سهولتون، صفائي سٿرائي، اسٽريٽ لائيٽس ۽ ميونسپل سان لاڳاپيل ڪيترن ئي شعبن جي بربادي اکين اڳيان آهي.

سنڌ جو تعارف قبل مسيح جي ڪنهن رياست جهڙو بنجندو پيو وڃي. اقتدار ۽ طاقت جي مرڪزيت جيترو سنڌ کي نقصان رسايو آهي شايد ئي ڪنهن ٻي وفاقي ڪر اڪائي سايو هجي تنهن ڪري سنڌ ڪنهن به دور ۾ اقتدار جي مرڪزيت يا ڪمشنري نظام ذريعي نور شاهي جي حڪمراني جي حق ۾ ناهي رهي.

سنڌ ۾ هن وقت هڪ شفاف، نسل پرستي ۽ لساني ڊزائين کان آجي ۽ متحرڪ لوڪل گورنمينٽ نظام جي سخت ضرورت آهي.

پاڻ 2010ع کان 2012ع تائين سيلابن، ٻوڏ ۽ طوفانن ۾ سنڌ جي بربادي ڏٺي آهي تنهنڪري جيترو جلد ٿي سگهي پاڻ هڪ اهڙي متبادل ۽ توازن واري نظام جو ڪو ڊرافٽ يا ڊزائين اڳيان آڻيون ۽ پوءِ هر پر امن طريقي سان حڪومتن کي مجبور ڪيون ته هو ان نظام کي سنڌ اندر نسلي ۽ لساني سياست کي هٿي وٺرائڻ بدران سنڌ جي وحدت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وقتي مفادن تي ويساهه رکندڙ ڪُند ذهن پارٽيون آهن ۽ تاريخ جي اثر کان اڻ واقف – نه ته کين اهڙو زبردست موقعو مليو هو ته هو سنڌ اندر سياسي توازن کي بهتر بنائيڻ ۽ سنڌ کي سماجي ۽ معاشي طور هڪ طاقتور سماج بنائڻ لاءِ اُپاءُ وٺي پئي سگهيا نتيجي ۾ سنڌ پاڪستان کي ليڊ ڪري پئي سگهي پر مٿن تاريخ جو ڏمر ۽ ڪاوڙ آهي جو هو ايڏو هيوي مينڊيٽ هوندي به بدبخت ثابت ٿيا ۽ وطن کي وطن ۾ رهندڙ ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ بدران غدارن ۽ ڪائرن جي لسٽ ۾ بيٺا. تاريخ جي بي رحمي کين اڃا سبق سيکاريندي.

سنڌ هن وقت وڏن خطرن ۾ آهي ۽ منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڏو خطرو سنڌ جي جاگرافيائي ۽ معاشي طاقت آهي. اها جيستائين ڦرجي لٽجي نٿي وڃي تيستائين سنڌ ۾ لساني ۽ نسلي تفاوت ۽ تضاد برقرار رهندا. اسلام آباد ۽ سموري اسٽيبلشمنٽ ڪڏهن به سنڌ اندر لساني توازن برقرار نه ٿيڻ ڏيندي ڇاڪاڻ ته پوءِ سنڌ – سنڌ واسين جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندي، تنهن ڪري اها ذميواري وري به انهن ساڃاهه وندن، ڏاهپ، سياسي مبصرن تي اچي ٿي جن جو نظرون اڳيان ڏسن ٿيون ۽ انهن جو ئي فرض آهي ته هو ان توازن کي طاقتور بنائين ۽ ان کان به پهرين ان توازن کي بچائڻ لاءِ ڪشاده دلي سان اڳيان اچي مخالفن جي فڪري رهنمائي ڪن . ان رهبري جو پهريون ٽيسٽ ڪيس لوڪل گورنمينٽ سسٽم تي متبادل نظام جو مواد آڻڻ آهي ۽ ائين ٿي ٿو وڃي ته اسان اجا اهي رهبر اڳيان هلي سمورن تضادن کي حل ڪرڻ جا جو متبادل ٻڌائي سنڌ کي اسٽيٽس ڪو مان ڪڍي سگهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو