Home / دنيا / سياسي اتحادن جي موسم ڪٿي دنگ ڪندي
above article banner
سياسي اتحادن جي موسم ڪٿي دنگ ڪندي

سياسي اتحادن جي موسم ڪٿي دنگ ڪندي

ايندڙ اقتدار جي حاصلات لاءِ اتحاد ٺاهڻ  جي موسم شروع آهي. سچ ته اهو آهي ته اتحادن ۽ پارٽين ۾ شموليت جي آڙ ۾ “لوٽا ڪريسي” چوٽ چڙهيل آهي. سياسي وفاداريون، نظريا، اصول ۽ سياسي پارٽيءَ سان وابستگي بي معني بڻجي ويا آهن.سنڌ ۾ پيرپاڳاري جي اڳواڻي ۾ 22 جماعتن جو گرينڊالائنس ٺهي چڪو آهي. پر ڏٺو وڃي ته هي اتحاد پنهنجي شروعاتي دور ۾ ئي ڪمزور، اختلافن جو شڪار ۽ وڻ وڻجي ڪاٺي نظر پيو اچي، مثال اتحاد ۾ بظاهر 22 سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽيون آهن پر اصل اجلاسن ۾ صرف 10 پارٽيون شريڪ ٿينديون آهن.

Review Overview

User Rating: Be the first one !
0

ايندڙ اقتدار جي حاصلات لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي موسم شروع آهي. سچ ته اهو آهي ته اتحادن ۽ پارٽين ۾ شموليت جي آڙ ۾ “لوٽا ڪريسي” چوٽ چڙهيل آهي.سياسي وفاداريون، نظريا، اصول ۽ سياسي پارٽيءَ سان وابستگي بي معني بڻجي ويا آهن.سنڌ ۾ پيرپاڳاري جي اڳواڻي ۾ 22 جماعتن جو گرينڊالائنس ٺهي چڪو آهي. پر ڏٺو وڃي ته هي اتحاد پنهنجي شروعاتي دور ۾ ئي ڪمزور، اختلافن جو شڪار ۽ وڻ وڻجي ڪاٺي نظر پيو اچي، مثال اتحاد ۾ بظاهر 22 سياسي، مذهبي ۽ قومپرست پارٽيون آهن پر اصل اجلاسن ۾ صرف 10 پارٽيون شريڪ ٿينديون آهن.اهي 10پارٽيون جيڪي ايندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ واريون آهن. انهن ڏهن پارٽين تي ٻڌل هڪ پارلياماني بورڊ جوڙيو ويو آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي ته سنڌ ۾ هو سيٽ تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم سان ون ٽو ون مقابلو ڪيو وڃي. اتحاد ۾ شامل جماعتن جو صرف هڪ اميدوار هجي. گرينڊ الائنس ۾ شامل 10 اليڪشني جماعتن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جماعت اسلامي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جميعت علماءِ اسلام، قومي عوامي تحريڪ، جميعت علماءِ پاڪستان، سني تحريڪ، مسلم ليگ (ن) ۽ نيشنل پيپلز پارٽي شامل آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ پيرپاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيل 22 جماعتن جي سربراهي اجلاس کانپوءِ اهو اعلان ڪيو ويو هيو ته 22 ئي جماعتون گڏيل اميدوار آڻڻ تي متفق آهن. پر اطلاع آهن اڪثر قومپرست پارٽين هن اتحاد ۾ اليڪشن وڙهڻ جي مخالفت ڪندي چيو هئو ته ڇا اسان کي صرف ايندڙ اليڪشن ۽ اقتدار لاءِ پنهنجا ڪلها استعمال ڪرڻ لاءِ ڏيڻا پوندا. پير پاڳاري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين قومپرستن سخت موقف اختيار ڪيو هيو. اجلاس هلندڙ هيو پير پاڳاري جي گهر جي ٻاهران اسين ٽن ڪلاڪن تائين بريفنگ جو انتظار ڪندا رهيا سين. ان دوران مون کي ڪجهه قومپرست اڳواڻن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن ۾ اهي قومپرست جماعتون جيڪي سنڌوديش ۽ جي ايم سيد جي فڪر تي يقين رکن ٿيون اهي اتحاد کان الڳ ٿي وينديون. سنڌ بچايو ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ هو اهو موقف اختيار ڪنديون ته سنڌ بچايو ڪميٽي کي اليڪشن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. هن قسم جو موقف اختيار ڪندڙن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جو صنعان قريشي، جيئي سنڌ محاذ جو رياض چانڊيو، جيئي سنڌ تحريڪ جو ڊاڪٽر صفدر سرڪي، قمر ڀٽي، الاهي بخش چاچڙ، سنڌ نيشنل موومينٽ جو علي حسن چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.

اهڙي ريت پير پاڳاري جي قيادت ۾ ٺهيل اتحاد ٻن حصن ۾ هينئر ئي ورهايل آهي. هڪ اهي جيڪي 10 جماعتي پارلياماني پارٽيون ۽ ٻيون ان کان الڳ، هي سڀ جماعتون ساڳي وقت سنڌ بچايو ڪميٽي ۾ به شامل آهن. سنڌ بچايو ڪميٽي چونڊ اتحاد ناهي. ان ڪري خبر ناهي ته اهو ڪيئن ٿيو جو اهو اعلان جاري ٿيو ته 22 جماعتن اليڪشن ۾ گڏيل اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سياسي اتحادن جي هن “کچڻي” ۾ وري مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف سان رڳو پير پاڳاري پاڻ سان گڏ اين پي پي جي اتحاد جو اعلان ڪيو جڏهن ته قومپرستن مان وري نواز شريف سان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ الڳ اتحاد جو اعلان ڪيو. تازو مراد علي شاهه جي خلاف ننڍي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي لياقت جتوئي جو حمايت يافيه الڳ الڳ اميدوار بيٺا. يعني ذهني طور اڃا تائين هن اتحاد کي قبول نه ڪيو ويو، ٻئي طرف سنڌ گرينڊ الائنس ۾ شامل جماعتن جو ان ڳالهه تي اتفاق ناهي ته سڀ ڌريون الائنس جي جهنڊي هيٺ يا هڪ چونڊ نشان تي ايندڙ عام چونڊ ۾ حصو وٺن. ڏهن جماعتن مان اڪثر جماعتن جو اهو خيال آهي ته هو پنهنجي پارٽيءَ جي پليٽ فارم، منشور ۽ پنهنجي پارٽيءَ جي چونڊ نشان تي چونڊ وڙهن. ڇو ته هن اتحاد ۾ جماعت اسلامي به آهي ته جميعت علماءِ اسلام، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ٻئي هڪ هجن. قومپرست وڌ ۾ وڌ فنڪشنل ليگ سان گڏ ٿي سگهن ٿا. سو اتحاد ۾ سيٽ ايڊجسٽمنٽ جي حد تائين. ڪراچيءَ ۾ وري مذهبي جماعتن جي اميدوارن جي حمايت ٿيندي. سو عملي طور پيرپاڳاري جي اڳواڻيءَ ۾ ٺهندڙ هن سياسي اتحاد کي چونڊ اتحاد نه ٿو چئي سگهجي. بلڪه هي هڪ اهڙو “چاٽ مصالحو” آهي جنهن ۾ هر قسم جي ٽيسٽ موجود آهي. سياسي اتحادن جي ڪهاڻي ان وقت تائين هلندي رهندي جيستائين چونڊن جو شيڊيول منظر عام تي نه ٿو اچي. ٻئي طرف وري حڪمران اتحاد ۾ شامل جماعتون آهن.

پيپلز پارٽي ۾ ايم ڪيو ايم جي رسڻ پرچڻ بابت خورشيد شاهه جو جملو مزيدار آهي. سندس چوڻ هيو ته ايم ڪيو ايم پيپلزپارٽي جو رسڻ پرچڻ ائين ئي آهي جيئن “زال مڙس جو رسڻ پرچڻ. اسين هڪ ٻئي سان رسنداسين پرچنداسين. هڪ ٻئي سان کلنداسين ۽ روئينداسين به، اهو هڪ گهر جو مامرو آهي”. جيتوڻيڪ خورشيد شاهه اهو نه ٻڌايو ته ٻنهي پارٽين مان زال ڪير آهي ۽ مڙس ڪير آهي. پر گذريل پنجن سالن ۾ ايم ڪيو ايم بار بار رسندي رهي ۽ پيپلزپارٽي بار بار ميڙ کڻي ان کي پرچائيندي رهي. آخري ڀيرو رحمان ملڪ لنڊن ياترا ڪري آيو آهي. ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ به آهي سندس گورنر به واپس اچي ويو. سندس وزير جون استعيفائون به منظور ٿيون آهن پر سندن مخالف ڌر جو اڳواڻ به مقرر ٿي رهيو آهي. ان مان ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اندر هڪ اڻ اعلانيل اتحاد موجود آهي. اهو اتحاد جاري رکڻ صدر آصف علي زرداريءَ جي سڀ کان وڏي خواهش آهي پر اصل ۾ ايم ڪيو ايم جو گورنر کي جاري رکڻ “آمريڪي سرڪار” جي وڏي خواهش آهي.

خبر ناهي ته ايندڙ راند ۾ ڪنهن کان ڪهڙو ڪم ورتو ويندو پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي وچ ۾ اتحاد برقرار آهي. پر ظاهري طور ايندڙ عام چونڊن ۾ هي هڪ ٻئي جي خلاف هونديون. ڇو ته ايم ڪيو ايم پاڻ لاءِ اها گنجائش ڇڏڻ چاهي ٿي ته ايندڙ سرڪار جيڪڏهن نواز شريف جي ٺهي ته فنڪشنل ليگ ذريعي ان سرڪار جو به حصو بڻجي. “افيئر” طرفان پيرپاڳاري ۽نواز شريف کان الڳ الڳ وقتن تي مستقبل ۾ ايم ڪيو ايم سان اتحاد جي باري ۾ سوال پڇيا ويا پر ان جو ڪو ٺوس جواب نه مليو. جيتوڻيڪ پيرپاڳاري جو موقف سخت گير آهي. هو سمجهي ٿو ته ايم ڪيو ايم حڪمران اتحاد جو حصو آهي ان ڪري ئي فنڪنشل ليگ جي نصرت سحر عباسي کي اپوزيشن ليڊر بڻايو وڃي پر نواز شريف جو هميشه اهو جواب رهيو ته ان سوال جو هينئر ڪو جواب نه ٿو ڏئي سگهجي. پيرپاڳاري جي اڳواڻي ۾ ٺهندڙ اتحاد ۾ سموريون جماعتون ايم ڪيو ايم مخالف آهن ۽ سندن ذهنن ۾ اهو سوال ضرور آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ نواز شريف جي حڪومت آئي ته پوءِ ايم ايم حڪومت ۾ هوندي يا نه اگر هوند ي ته پوءِ هنن جماعتن جي اتحاد جو ڇاٿيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو